; سنڌي شخصيتون: December 2012

31 December, 2012

ڊاڪٽر اڪبر حسيني - ڊاڪٽر اسلم آزاد


ڊاڪٽر اڪبر حسيني

ڊاڪٽر اسلم آزاد /سجاول
هڪ دفعي ڪنهن صحافيءَ جي پڇيل سوال جي جواب ۾، اهو بلڪل چيو هئم ته، آئون ڪڏهن به غمگين ۽ اداس نه ٿيندو آهيان. پر خبر ناهي ڇو گذريل هڪ هفتي کان، جڏهن منهنجي دلبر دوست، ڊاڪٽر اڪبر علي خواجا جو وڇوڙو ٿيو آهي، تڏهن کان منهجي دل ۾ هڪ غم ۽ درد گَهر ڪري ويهي رهيو آهي.
پنجيتاليھ ۴۵ سالن جي ڄمار جو ڊاڪٽر اڪبر، گذريل هفتي ڪينسر جهڙي مرض سان مقابلو ڪندي، زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. هو نه صرف هڪ ڊاڪٽر، پر ان سان گڏ شاعر ۽ سماجي ورڪر به هو.  اهو ئي سبب آهي جو سندس جنازي ۾ شامل بيشمار ماڻهن جون اکيون آليون هيون.

لعل پشپ


لعل پشپ
سنڌي ٻوليءَ جو جديد ناول نويس

ضلعي لاڙڪاڻي جو هڪ بنهه ننڍڙو ڳوٺ ماهوٽا، جنهنجي چئني پاسي، زيتونن جا باغ ۽ انهن باغن ۾ پڪل زيتون جن جي ناماچاري دنيا تائين پهتل آهي. هونئن لارڪاڻو ڪيترن ئي حوالن سان جڳ مشهرو ضرور آهي. هيءُ ننڍڙو ڳوٺ ماهوٽا ننڍي کنڊ ۾ جڏهن به ياد رکيو ويندو ته فقط سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ليکڪ لعل پشپ جي نالي سان، هيءُ اهو ننڍڙو ۽ منهنجي لاءِ عقيدت جي حد جي مڃتا رکندڙ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ پهرين جنوري اوڻيهه سؤ ڇٽيهن تي لعل پشپ جنم ورتو. پهرين تاريخ سندس جنم آهي ۽ مون کي پڪ آهي، اسان جون اخبارون ۽ رسالا ننڍي کنڊ جي هن وڏي ليکڪ بابت هڪ ننڍڙي خبر به نه شايع ڪري سگهندون، ڇاڪاڻ ته اهي اڻ ڄاڻ هونديون. انهن کي اها خبر ئي نه هوندي ته سنڌي ٻوليءَ جو پهريون جديد ناول لعل پشپ جو لکيل آهي، جنهن جو نالو آهي. ”هُن جي آتم جو موت“ ۽ هيءُ اهو ناول آهي، جنهن کي اڄ تائين ڪو به سنڌي ناول اورانگهي نه سگهيو آهي.

ڪلا پرڪاش

ڪلا پرڪاش

ساهتي پرڳڻي جي سڃاڻپ بڻيل


 

ساهتي پرڳڻي کي اهو اعزاز رهيو آهي ته هُن زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پيدا ڪيون آهن. ايئن سنڌي ادب ۾ پڻ ساهتي پرڳڻي جو اهم حصو رهيو آهي. هڪ اهڙو حصو، جنهن کي الڳ ڪرڻ سان سنڌي ادب ۾ گهڻي ڪمي رهجي ويندي.

ائين سنڌي ادب جو ذڪر ڪرڻ وقت ساهتي پرڳڻي جي نهايت علمي ادبي شهرنما ڳوٺ خانواهڻ ۾ ٻه جنوري اوڻيهه سؤ چوٽيهن تي جنم وٺندڙ، سنڌ توڻي هنڌ ۾ هڪ جيتري ادبي مڃتا رکندڙ، ڪلا پرڪاش کي ذڪر هيٺ نه آڻبو ته اهو تذڪرو پڻ اڻ پورو رهجي ويندو. سنڌي ادب کي درجن کان وڌيڪ ناول ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ هڪ روح ۾ گهاءُ ڪندڙ سفرنامو ڏيندڙ ڪلا پرڪاش، اڄ ڪلهه سنڌين جي اڏيل شهر آديپور جي ملير ڪالونيءَ ۾ پنهنجي ليکڪ ۽ بيحد خوبصورت شخص ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان زندگي گذاري رهي آهي.

30 December, 2012

مولانا غلام محمد گرامي

مولانا غلام محمد گرامي

ڏات ۽ ڏاهپ جو ڏيئو

امتياز عادل سومرو/ ميهڙ



سنڌ ڌرتيءَ هر دور ۾، ڪيترا ئي ڏاها، عالم، مُفڪر، شاعر ۽ ڏات ڌڻي پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڏات جي آڌار تي اعليٰ مقام ماڻيو آهي ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. ميهڙ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، عالم، سيد علي اڪبر شاهه، سيد علي اصغر شاهه، محمد نواز محزون، اسحاق راهي، شيخ سنڌي، غلام حسين ڏيپر ۽ صرير پنهور تائين، اهڙا اَڻ ڳڻيا انسان آهن، جن جي ڏات ۽ ڏانءُ اڄ به انهن جي سڃاڻپ کي برقرار رکيو ۽ ميهڙ جي مٽيءَ کي سنسار ۾ سُرخرو ۽ ساراهه جي لائق بنائڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو آهي.

29 December, 2012

الطاف سومرو - عائشه جمالي


الطاف سومرو
ٽي وي، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جو فنڪار چوي ٿو
انٽرويو: عائشه جمالي
فن ۽ ثقافت جي جنم ڀومي واري مهراڻ جي خوبصورت شهر حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ سينيئر اداڪار، صداڪار، ڊرامه نگار ۽ هدايتڪار الطاف سومرو پنهنجي فني سفر جو آغاز اسٽيج ڊرامن کان شروع ڪيو. اسٽيج جي دنيا ۾ هن نه رڳو ڊرامن ۾ مختلف ڪردار بخوبي ادا ڪيا پر ساڳئي وقت هن موضوعاتي اسڪرپٽ پڻ لکيا ۽ ڊائريڪٽ به ڪيا. هن شاهه جي سورمين تي پڻ ڊراما لکيا، جن ۾ عمر مارئي، ليلا چنيسر ۽ مومل راڻو کي ڪاميابي سان اسٽيج ڪيو ۽ داد ماڻيو.

جنرل جان جيڪب

جنرل جان جيڪب

جيڪب آباد جو باني

امينه جمالي



جنرل جان جيڪب، ۱۱ جنوري ۱۸۱۲ع تي انگلينڊ جي سمرسٽ نالي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ پادري ”اسٽيفن لانگ جيڪب“ جو پٽ هو. هن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ قومي مرڪز ”ايڊس ڪومب اسڪول“ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ، نوڪري ڪرڻ لاءِ پابند هوندا هئا. هن ۱۶ سالن جي عمر ۾، ۱۱ جنوري ۱۸۲۸ع تي، ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي عهدي تي، هندستان جي صوبي گجرات ۾، پنهنجون ذميواريون سنڀاليون.

جيجي درشهوار - عبدالمجيد عمراڻي


جيجي درشهوار
قومي شعور ۾ لازوال ڪردار ادا ڪندڙ
عبدالمجيد عمراڻي
سائين جي ايم سيد جي نياڻي، پهرين مسلمان سنڌي عورت، جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايڊنبرا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. سندن شمار، سنڌي ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽ يونيورسٽي جي ماهر تعليم ۾ ٿئي ٿو. کين سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي زبان تي عبور حاصل هو. جڏهن سنڌ جي تعليم تمام گهڻي پٺ-ڀرائين ھئي يا ائين چئجي ته نه هئڻ برابر هئي، تڏهن ماڻهو نياڻين کي تعليم ڏيارڻ کي عيب سمجهندا هئا. تڏهن سائين جي ايم سيد ۵۰ سال اڳ، پنهنجي نياڻي جيجي درشهوار کي پڙهايو، پر ان کي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن پڻ موڪليو هو. تڏهن سائين جي ايم سيد پنهنجي نياڻي کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته؛ تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگيءَ جي مشن جي سرانجاميءَ ۾ واڌارو آهي. وري سائين جي ايم سيد ٻئي هنڌ لکي ٿو ته؛ ڌيءُ تنهنجي ٿيسز ڊگري وٺڻ واري ڪا نه ٿي گهرجي، تو سنڌ جي پنج هزار ورهين جي پيغام جي کوجنا ڪئي آهي. ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد جي نياڻين جي تعليم کي ڪيتري اهميت هئي ۽ سائين جي ايم سيد جي هرطرف کان ڏسبو ته هُن جدوجهد ڪري پنهنجي سنڌ وطن لاءِ پنهنجي ماروئڙن لاءِ آخري دم تائين وڙهندو رهيو ۽ جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسون ته جيجي درشهوار جڏهن به سن ايندي هئي ته شهر جي عورتن کان تعليم جي بابت پڇا ڪندي هئي ۽ انهن کي تنبيهه سان نياڻين کي پڙهائڻ جو چوندي هئي ۽ جيجي جي ڪوششن ۽ سائين جي ايم سيد جي دلچسپيءَ سان سن جون ڪيتريون ئي غريب نياڻيون پڙهي نڪتيون ۽ اڄ اهي اعليٰ مقامن تي فائض آهن ۽ ان جي ڪمي ته محسوس ٿئي ٿي، پر جيجي جي مشن کي سندس ڀائيٽيو ڊاڪٽر ضياءُ الحق شاهه پنهنجي هٿ کڻي علم جي لاٽ کي عام ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ آهي، سائين جي ايم سيد پنهنجي خواب کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ پنهنجي نياڻي کي اهل سمجهيو ۽ ان کي شاهه عبداللطيف تي پي ايڇ ڊي ڪرائي، پهرين عورت جي پي ايڇ ڊي جو اعزاز ڏياريو، ان جو اصل ڪارڻ اهو هو ته شاهه لطيف جو پيغام امن، پيار، محبت ۽ انسانيت جو سبق آهي. سنڌ جي صوفي ڪلچر جي تبليغ ڪرڻ آهي، ان لاءِ جيجي درشهوار شاهه لطيف کي ان جي پيغام جي ئي تشريح ۽ پرچار ڪئي، پر ان کان اڳ جيڪو شاهه لطيف تي لکيو ويو هو، ان ۾ مسلمان ۽ هندو ڪلچر جي اثرات کي نظر ۾ رکندي لکيو ويو هو.

28 December, 2012

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

سنڌي ٻولي ۽ ادب کي پاڻ ارپيندڙ شخصيت

پروفيسر عبدالله ملاح



سنڌ ۾ جيڏا وڏا جبل، رڻ ۽ دريا آهن، ماڻهو به ايڏا وڏا پيدا ٿيا آهن. جن ماڻهن جي ڳالهين ۽ عملن جي بهارن سنڌ جي زندگيءَ جي باغن کي سانڍيو، نپايو ۽ سلامت رکيو آهي. قومن جون تهذيبون، قومن جا وقار، قومن جون عزتون، قومن جون حياتون، تقدس رڳو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڦر لٽ کي جائز قرار ڏيندڙ سرڪارن ۽ درٻارن سان قائم نه رهندا  آهن، پر ڪي دليون هونديون آهن، ڪي دماغ هوندا آهن، ڪي ضمير هوندا آهن، ڪي تاريخ جي حسن جهڙا لڄائتا بي مثال انسان هوندا آهن، جن جي وجود جي لازوال منور تبسم سان قومن جي حياتي، تاريخي وقار ۽ سونهن سلامت هوندي آهي.

25 December, 2012

مشتاق جسڪاڻي مصطفيٰ ملاح

مشتاق جسڪاڻي
ورسٽائيل اداڪار
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
نامياري اداڪار مرحوم نور محمد لاشاريءَ کان ويندي انور سولنگيءَ تائين، سنڌي فنڪارن جو قدر نه ڪيو ويو آهي. مرحوم اداڪار مشتاق جسڪاڻي، جيڪو هڪ ورسٽائيل آرٽسٽ هو، هن پنهنجي پوري زندگي فن کي ڏئي ڇڏي پر ان جي بدلي هن کي ڪجهه به نه  مليو.

23 December, 2012

صوفي محمد فقير کٽياڻ - احمد خيام


صوفي محمد فقير کٽياڻ
نانگا مليا ناٿ کي....
احمد خيام
الصوفي لامذهب هڪ مشهور عربي قول آهي. هِن دنيا جي عارضي ڪارخاني ۾، مذهبن جي نالن تي ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ قتل عام ڪيا ويا آهن. ”پاڪ جنگين (Holy Wars) کان سلجوقين جي لڙاين، صليبي جنگين کان ويندي هٽلر جي ”يهودي مار حملن“ تائين ۽ ان کان اڄ ڏينهن جي عالمي دهشتگردي، خودڪش حملن، ڌماڪن، فرقيوارانه فسادن ۽ ٻين لاتعداد روز جي معاملن ۾، عقيدن جي نالي ۾ ڪيل تباهه ڪارين جا زندهه سلامت ثبوت ملن ٿا، پر فطرت ۽ قانون خداوندي هڪ طرفو نه هوندو آهي. ڪاري ڀرسان اڇو، رات جي پويان ڏينهن، ظلم جي سامهون امن ۽ انتهاپسنديءَ جي خلاف ڀائيچاري، محبت، اخوت ۽ هڪجهڙائيءَ جا پيغام به گڏوگڏ ئي هلندا آهن. صوفين جو اهو ئي مسلڪ، رنگ، اهڃاڻ ۽ انداز زندگي آهي، جنهن ۾ نه ڪو رنگ، نه نسل، نه عقيدو نه اير نه ڀير... سڀڪا پسي پرينءَ کي. ان واٽ تي هلندي صوفين کي نه ڊڄ نه ڊپ، نه دشمني نه ويڙهه نه بغض ۽ ڪينو... تنهن ڪري کين چيو ويو الصوفي لامذهب (صوفيءَ جو ڪو مذهب ناهي)

پرڀو وفا - ابو رافع


پرڀو وفا
بزرگ شاعر جي وڇوڙي تي
ابو رافع
فصل بھار جي آ وفا آخري گھڙي
مٿيون شعر ان وفا جو آهي، جنهن کان ممڪن آهي ته متاثر ٿي ڪيترائي شاعر وفا سڏائڻ ۾ فخر ڪندا هجن، هونئن وفا لفظ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ دلربا لفظ آهي ۽ سنڌي ادب ۾ جنهن به ان تخلص سان لکيو، انهن سنڌي شاعريءَ کي اوج ڏنو، ان ۾ ٻه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، مثال طور ٻه نالا وفا پلي، وفا ناٿن شاهي.
انهن ۽ ٻين ڪيترن ئي وفا نالي سان لکندڙن ۾ پهريون نالو پرڀو وفا آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ کي اهو اوج ڏنو، جيڪو سندس نالي سان ئي سڃاپجندو، هن نالي سنڌي شاعريءَ سان ستانوي سال مسلسل وفا ڪئي ۽ ان وفا جي عشق ۾ هن سنسار سان ڪيترن ئي ڪمن ۾ بيوفايون ڪيون هونديون، اهو ممڪن آهي.

22 December, 2012

MANZOOR KOHYAR منظور ڪوھيار پروفائيل


MANZOOR KOHYAR
PERSONAL PROFILE
Name:                     Manzoor Hussain
Father’s Name            Willayat Khan
Pen name:                 Manzoor Kohyar
Date of Birth:             2nd June, 1955.
Place of Birth:            Lahori Muhalla, Larkano
Permanent Address:      House No.C-597, Lahori  Muhalla, Larkano
Present Address:          A 3056 Gulshan Hadeed Phase – 2, Karachi
Cell number:              0343 3629448

افضل قادري

افضل قادري

محنت ڪش ۽ معزز دوست

منظور ڪوهيار



شاعر يا اديب لاءِ هڪ رويو اهو به جڙيل آهي ته شاعر يا اديب نڪمو يا غير ذميوار ٿئي ٿو ۽ شاعري انسان کي ڇڙواڳ بڻائي ٿي. ٻيو رويو اهو آهي ته شاعر يا اديب ماڻهن کي ناواقفيت جي ننڊ مان بيدار ڪري ٿو.

واجد - منظور ڪوهيار

واجد
جا پيڙ هئي پرواني ۾
منظور ڪوهيار
واجد مرحوم سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي ته مون ٽي ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون. هڪ ته هو خوشخط آهي. ٻيو  ڦڻي ڦوڪاري جو شوقين ۽ ٽيون سندس لفظن جي ادائيگي زبردست هئي.
واجد سان منهنجي ڇتڙن جي ياري ته ڪونه هئي. پر پنهنجي، ”عليڪ سليڪ“ ادبي ميڙاڪن ۾ ٿي، ۱۹۷۵ع ۾. ڪجهه ويجهڙائپ وڌي ته چار چونڪ گيان باغ جي نام نهاد ليڊيز پارڪ ۾ ويهي ڪٽيندا هياسي. انهيءَ دؤران مون کيس انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ واجد مون کي شاعريءَ جو بحر وزن سمجهائڻ جي. ٻئي ناڪام وياسي.

لقمان حڪيم کوکر

لقمان حڪيم

نمڪين طبعيت ۽ برجستو

منظور ڪوهيار



چيو وڃي ٿو ته، ته مزاح زندگيءَ جي رڻ پٽ ۾، ڪنهن نخلستان جي مثل آهي.مزاح ٿڪل ۽ مايوس ذهن کي ترو تازگي بخشي ٿي. جنهن ماڻهو ۾ مزاح جي حس ناهي، اُهو پٿر دل آهي. بقول مولانا غلام محمد گرامي: ’مزاح جي حوالي سان ٽن شين جو هجڻ لازمي آهي. پهريون برجستگي، ٻيو نمڪيني ۽ ٽيون شوخي.‘

هري دلگير - منظور ڪوهيار


هري دلگير
ڀٽائيءَ جو هنج
منظور ڪوهيار
هري دلگير سان پنهنجي سنئين سڌي ملاقات ته ڪونه هئي. پر ڪيترن ئي حوالن سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ناتو آهي.
اڻ سڌي طرح هڪ حوالو آهي، مرحوم قلندر بخش بدويءَ جو ، جنهن لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ بزم شهباز جو بنياد رکيو، جيڪو منهنجي لاءِ پهريون ادبي مڪتب هيو. بدويءَ صاحب ڏاڍا خوبصورت گيت سرجيندو هيو. سندس گيتن ۾ بلا جي رواني هوندي هئي. جنهن به کائنس پڇيو ته سندس گيتن ۾ ايڏي رواني ۽ بي ساختگي ڇو آهي؟ ته وراڻيندو هيو، ’اُستاد ڪامل هري دلگير جو شاگرد آهيان.‘
ٻيو حوالو آهي، ڊاڪٽر اياز قادري جو. سائين جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هيو ته سندس ئي اوطاق تي ڀرپور ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون.

قلندر بخش بدوي - منظور ڪوهيار


قلندر بخش بدوي
رڃ پار ڪرائيندڙ
منظور ڪوهيار
سدائين ٻهڪندڙ چهرو، بردباري ۽ انڪساريءَ جو دلاويز مرڪب، مٺڙو اهڙو، ڄڻ ملائڪن سندس مٽيءَ کي ماکي وجھي ڳوهيو هو. چيٽ ڪتيءَ هڪ جهڙي طبيعت ــ اهڙو هو، سائين قلندر بخش بدوي. مون پنهنجي پهرين ادبي ڪاوش، ڪهاڻي ”سرڳواسي طوطا رام“ بزمِ شهباز ۾ پڙهي، ڀانيان ٿو اهو ۱۹۷۴ع وارو سال هو. بزمِ شهباز جو ڪرتا ڌرتا سائين قلندر بخش بدوي هو. ادبي گڏجاڻيون سندس ئي وڏي اوطاق تي لاهوري محلي ۾ ٿينديون هيون. انهن ادبي گڏجاڻين ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جهڙو ٻوليءَ جو ڄاڻو ۽ پارکو، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جهڙو کوجنائي اسڪالر، سائين مولوي نورالدين نور جهڙو بحر وزن جو ڀرجھلو شاعر، محترم اختر جانوريءَ جهڙو خوش مزاج ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس شامل پيا ٿيندا هئا.

محمد حسين مڪاني عرف فقير غلام حسين - منظور ڪوهيار


محمد حسين مڪاني عرف فقير غلام حسين
وساريل کاهوڙي
منظور ڪوهيار
شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي گنج ۾ سر کاهوڙي جو پهريون بيت آهي:
”مون سين ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي

رهي اچجي راتڙي، تن جُنگن سندي جاءِ
تنين جي ساڃاءِ، تُرهو ٿيندو تار ۾.


متفق راءِ سان چيو ويندو آهي ته اِهو بيت ڀٽ ڌڻي عمومن سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان لنواري وارن جي باري ۾ چيو آهي. ڪافي عقيدتمندن ۽ صوفي دوستن خاص ڪري ڊاڪٽر ساغر ابڙي جي تحقيق آهي، ته سُر کاهوڙي آهي ئي خواجه محمد زمان ۽ سندس جماعت جي باري ۾ـ

ميان علي محمد قادري - منظور ڪوهيار

ميان علي محمد قادري
چراغِ شهر
منظور ڪوهيار
لاڙڪاڻي جي قادري خاندان جي اها خوشنصيبي آهي ته ۱۸ صدي عيسويءَ ۾ تصوف ۽ ادب جو جيڪو چراغ ميان محمد صالح، پنهنجي مرشد حضرت قبله عبدالحق درازيءَ جي حڪم تي لاڙڪاڻي ۾ اچي روشن ڪيو، ان چراغ مان چراغ  ٻرندا اچن ٿا.
اهڙن روشن چراغن مان ميان علي محمد ”قادري“ به هڪ آهي. جنهن نه صرف ”ميان جي ڳڙهي “ يا ”لاڙڪاڻي“ کي منور ڪيو. پر ان روشنيءَ کي سڄي سنڌ ۾ ڦهلايو. جنهن جا معترف نه صرف سندس هم عصر آهن پر علم ۽ ادب جا سڀئي پار کو پڻ آهن.

بدر اڄڻ - منظور ڪوهيار


بدر اڄڻ
پهريون ۽ آخري تاثر
منظور ڪوهيار
چوندا آهن ته شخصيت جو پهريون تاثر، آخري تاثر هوندو آهي. پر منهنجي مشاهدي مطابق ائين ناهي، ڪن ماڻهن جو پهريون تاثر تمام ڀلو ۽ پوءِ ڍلو ٿي پوندو آهي. ڪن ماڻهن جو پهريون تاثر تمام خراب ۽ پويون تاثر تمام  سٺو ٿي ويندو آهي. ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن جو پهريون ۽ آخري تاثر ساڳيو هوندو آهي.
بدر الدين اڄڻ جو غائبانه تعارف ته ٿيل هو پر ڪنهن سانگ سبب دعا سلام اڃان ڪونه ٿي هئي. هڪڙي ڏينهن سنڌي ڪهاڻي  ۽ ناول جي سٺي سرجڻهار، غلام نبي مغل جيڪو لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ ٿي آيو هو. تنهن ٻانهن کان وٺي اٿاري چيو ”هل ته بدر اڄڻ ڏي هلون.“ اتان اٿي، بدر اڄڻ صاحب جي آفيس پهتاسين، بدر اڄڻ صاحب ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڪمشنر روينيو هو. ۽ اهو سال هيو ۱۹۹۵ع جو. غلام بني مغل اسان ٻنهيءَ جو مختصر پر جامع تعارف ڪرايو.

ڪامريڊ جمال الدين بخاري

ڪامريڊ جمال الدين بخاري
ٻري جن ٻاري
منظور ڪوهيار
مٿي تي فليٽ ڪيپ، هٿ ۾ ڇڙي، لينن ڪٽ ڏاڙهي، مڙس هلڪي قد جو، وڌ ۾ وڌ سوا پنج فوٽ، پر ڏيا ڏهه فوٽي، شعله بيان، واٽ سان جيڪو به مليو، تنهن سان ڪچهري شروع. عجيب مردِ قلندر هيو، ڪامريڊ جمال الدين بخاري. جيئن مون ڏٺو،محفل ۾، مذاڪرن ۾، ادبي گڏجاڻين ۾، دهل تي ڏونڪي مثل.
۱۹۷۶ع جي ڳالهه آهي. ڪامريڊ هڪڙي دفعي نيشنل سينٽر لاڙڪاڻي (جناح باغ اندر ٽائون هال جي عمارت) ٻاهران ڏاڪڻين تي هڪ مولوي سان بحث ۾ مصروف هيو. ٻنهي جي ڀرسان لنگھندي ائين ڦاسي پيس، جيئن اُبت ڪنڊڻيءَ ۾ ڪنهن واٽهڙو جو دامن ڦاسي پئي. ٻنهي ڄڻن بحث کي ٻڌڻ لاءِ روڪي منصف ڪري ڇڏيو،مولوي ٻيو ڪونه هيو،منهنجي اسڪول جي زماني ۾، عربي جو استاد ۽ پاڙيسري سائين مولوي نورالدين چانڊيو صاحب ۽ ٻئي طرف ڪامريڊ جمال الدين بخاري. پهريون دفعو انگريزيءَ جو اِهو محاورو سمجهه ۾ آيو ته Between fire and water ڇاکي چئبو آهي.

21 December, 2012

ڊاڪٽر اياز قادري - منظور ڪوهيار


ڊاڪٽر اياز قادري
هڪ ڪهاڻيءَ جي بهترين پڄاڻي
منظور ڪوهيار
هر انسان جي زندگي به ته هڪ ڪهاڻي آهي. ڪنهن جو منڍ ڇرڪائيندڙ ته ڪنهن جي پڇاڙي، ڪا معنى ته ڪا بي معنى، ڪا خوشي ۽ سرور جو سنگم ته ڪا پيڙا ۽ درد جو امتزاج.
اياز حسين  قادري به هڪ دؤر، هڪ شهر، هڪ خاندان ۽ هڪ شخص جي ڪهاڻي آهي. هن جو جنم ۱۹ جنوري ۱۹۲۷ع  ڌاري ميان جي ڳڙهي (قادري پاڙي) لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد غلام سرور ”فقير“ تعليم کاتي ۾ آفيسر هو. ساڍن پنجن ورهين جو ٿيو ته سندس والد بزرگوار راهه رباني ورتي. والده کيس يتيمي جو احساس نه ڏياريو. سندس چوڻ هو، ”هڪ ته ماءُ ايڏي شفقت ڏني جو، والد جي ڪمي محسوس ئي نه ٿي ۽ ٻيو ته فقيري اثر ڪري، مون ڪڏهن والد کي مئل نه سمجهيو. ڇو ته اسان وٽ هي جهان دارالفنا ۽ ايندڙ دارالبقا آهي.“

سائين محمد بخش لاشاري - منظور ڪوهيار

سائين محمد بخش لاشاري
پرٻيڻ استاد
منظور ڪوهيار
اڄ به اکين اڳيان اهي منظر ڦرن ٿا. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فيڪلٽي آف آرٽس واري عمارت. ٻه ماڙ تي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڪنڊ وارو ڪمرو. سائين محمد بخش لاشاري Principle of sociology سبجيڪٽ پڙهائي رهيو آهي. پڇي ٿو:
”هاڻي فرق سمجهه ۾ آيو ثقافت ۽ تهذيب ۾!؟“
”نه سائين!........“اسان شاگرد جواب ڏيون ٿا.

جي ايم مهڪري - منظور ڪوهيار

جي ايم مهڪري
مها پُــرش
منظور ڪوهيار
واقعي ڪن شخصيتن جي تاثر کي بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن لکڻ ويهان ٿو ته يادن جي يلغار منجھايو وجھي ته ڪٿان شروع ڪيان، ڪٿي ختم ڪيان ...؟ ڪهڙي ڳالهه ڪيان، ڪهڙي ڳالهه رهايان!؟
پوءِ به حال سارو، ڪجهه نه ڪجهه بيان ڪرڻ ضروري سمجھان ٿو ته من سندس  يادن جي مهڪ، جيڪا اڄ به گلاب ۽ موتئي جي خوشبوءِ جيان ذهن ۾ تازي آهي، سا ڪنهن علم جي پانڌيئڙي سان ونڊي ورهائي سگھجي.

حضرت مصري شاهه امام رضوي - ڊاڪٽر لاڌو رام بي ڪرمچنداڻي


حضرت مصري شاهه امام رضوي
ڪافين جو بادشاهه
ڊاڪٽر لاڌو رام بي ڪرمچنداڻي
جُڳن کان جيئندڙ جيجل سنڌ، هيرن، موتين، ماڻڪن، لعلن ۽ جواهرن جي اڻ کٽ کاڻ آهي. هيءَ سڳوري ۽ سُونهاري سنڌ، عظيم ۽ قديم آهي. هن جي مٽي مُلهه مهانگي ۽ مهان آهي. هن جي خاڪ ۽ خمير ۾، اُها سڳنڌ ۽ سرهاڻ آهي، جنهن جو مُلهه ڪٿڻ بنهه ڪٺن ۽ ناممڪن آهي. هيءَ ڌرتي صوفين، سنتن، منتن، رشين، مُنين، سامين، سنياسين، جوڳين، پيرن، فقيرن، ولين، درويشن، الله لوڪن، عارفن، دودن، دليرن، ڏهيسرن ۽ شهيدن جي سنڌ ڌرتي آهي، جن زندگيءَ جي هر ميدان ۽ هر موڙ تي پنهنجو مٽ پاڻ ثابت ڪري ملهايو آهي. سنڌ جي سڀيتا سڀني کان سرس، سوائي ۽ آڳاٽي رهندي آئي آهي.

سردار رسول بخش خان انڙ

سردار رسول بخش خان انڙ

سنڌ جو سخي مرد

قادر بخش راهو



رئيس رسول بخش خان انڙ ۱۹۰۱ع ڌاري، سردار خان صاحب محمد خان انڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد سڄي سنڌ ۾ سخاوت جي حوالي سان به مشهور هو. هن خاندان جو لاڳاپو ۽ شجرو، سنڌ جي سما خاندان سان ملي ٿو، جيڪي سنڌ جا حاڪم هئا. پهرئين سمي حاڪم ڄام انڙ جو اولاد هئا. انهن جي تعلق جي ڪري، سردار رسول بخش انڙ جي خاندان جي، سنڌ جي سما خاندان ۾ نمايان حيثيت رهي آهي ۽ کين سما خاندان جو وڏو گهر سڏيو ويندو آهي. رئيس رسول بخش انڙ سنڌ جي بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ جي پهرئين اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ان کان پهريائين ۱۹۳۳ع ۾ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو پريزيڊنٽ پڻ رهيو.

16 December, 2012

پوپٽي ھيراننداڻي - ابو رافع

پوپٽي ھيراننداڻي
سنڌي ٻوليءَ جي ويڙھاڪ ليکڪا
ابو رافع
حيدرآباد، سنڌ جو علمي ۽ ادبي شهر، اسان جي جديد علم ۽ تهذيب جي هڪ نئين سڃاڻپ رکندڙ شهر، جنهن سنڌ جي علم ۽ ادب ۾ نهايت معتبر حيثيت رکندڙ عالم ۽ اديب پيدا ڪيا. جنهن شهر جي شام جون هوائون پنهنجي خاص سڃاڻپ رکنديون هيون، جيڪي اڳتي هلي ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ رت هاڻيون ٿي ويون ۽ حيدرآباد شهر لساني گروپن ۾ ورهائجي ويو. ڌرتيءَ ڌڻي ڌرتيءَ ڌڪاڻا بڻجي ويا ۽ هن سنڌ جي سدا بهار شهر ۾ پناهه وٺندڙ ان جي وارثيءَ جي دعوا ڪرڻ لڳا. ڪيئي طوفان آيا، ڪيئي قتل ٿيا. اڻ ڳڻيون گوليون هليون پر هن شهر جي علمي ادبي اهميت اڄ به اها ساڳي آهي، جيڪا ٻن اڍائي سون سالن کان هئي.

حڪيم نذير احمد شيخ

حڪيم نذير احمد شيخ

حڪيم نذير احمد شيخ جو انٽرويو

ڳالهه ٻولهه: ڊي ايم ميگهواڙ



حڪيم نذير احمد شيخ ۱۹۹۲ع کان روزاني عبرت ۾ صحت بابت عوام ۾ آگاهي لاءِ ڪالم لکي رهيو آهي. حڪيم صاحب جو خاندان ابن ڏاڏن کان طب جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو آهي. حڪيم نذير احمد شيخ به گذريل ۵۰ سالن کان هن شعبي سان لاڳاپيل آهي. ان سلسلي ۾ روازاني عبرت پاران ڪيل ڳالهه ٻولهه، پڙهندڙ لاءِ پيش آهي.

عبرت: توهان ڪيتري عرصي کان حڪمت جي پيشي سان وابسته آهيو؟

حڪيم نذير: اهو اسان جو ڏاڏي ۽ پڙ ڏاڏي کان پيشو آهي ۽ آئون ۴۰-۴۵ سالن کان حڪمت ڪري رهيو آهيان.

عبرت: حڪمت مان ڪيترو مريضن ۽ ضروتمندن کي فائدو پهچي ٿو. جڏهن ته اڄڪلهه انگريزي دوائن جو دور آهي.

حڪيم نذير: هربل جي علاج ۾ ڪو به سائڊ افيڪٽ نه هوندو آهي. جڏهن ته ايلوپيٿي ۾ جلد فائدو ته ٿي ويندو آهي پر اڳتي هلي انهي جا خطرناڪ اثر سامهون ايندا آهن. هربل ۾ هڪ ته ڪو نقصان نه آهي ٻيو وري اهو آهستي آهستي اثر ڪندو آهي ۽ مرض کي پاڙ کان پٽي ڇڏيندو آهي.