; سنڌي شخصيتون: September 2015

30 September, 2015

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي - پروفيسر الله ڏنو ابڙو

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ سندس فلسفو
پروفيسر الله ڏنو ابڙو
سنڌ ڌرتي صدين کان صوفين، بزرگن، عالمن، اديبن، دانشورن ۽ مفڪرن کي جنم ڏيندي آئي آهي. هن ڌرتي جي مٽيءَ هر دور ۾ هزارين اهڙا املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڪردار، عمل ۽ جستجو سان نه صرف سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ساک مٿي ڪئي آهي، پر سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي به محفوظ ڪيو آهي. سومرن جو دور هجي يا سمن جو، مغل، ارغون، ترخانن جو دور هجي يا ڪلهوڙن جو، ٽالپرن جو دور هجي يا انگريزن جو، مطلب ته مهراڻ واديءَ هر دور ۾ سچل، سامي، بيدل، بيڪس، سانگي، قادري، قليچ، عنايت، منصور، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جھڙا بزرگ، شاعر، اديب ۽ محب وطن پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي سموري زندگي سنڌو ماٿريءَ جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. اهڙن عظيم انسانن جي صف ۾ موجوده دور جو جيئرو جاڳندو اديب، شاعر، مفڪر، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به نمايان نظر اچي ٿو.

22 September, 2015

هاسي ٻائي نماڻو فقير - حسيب ناياب منگي

هاسي ٻائي نماڻو فقير
حسيب ناياب منگي
سنڌ ڌرتيءَ جي جن عورتن علم ۽ ادب ۾ پنهنجو نانءُ پنهنجي علمي ادبي ڪاوشن سان مٿانهون ڪيو، انهن مان هاسي ٻائي نماڻو فقير به هڪ ٿي گذري آهي. هاسي ٻائي جو ڪلام انهن ڏينهن جو چيل آهي جن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪي ٿورڙيون عورتون شعر چونديون هيون. سندس ڪلام سادو ۽ مٿس حضرت سچل سرمست جو اثر نظر اچي ٿو. هن صرف شعر ئي ناهي چيو پر سچل سائين جو ڪلام به گڏ ڪري ڇپرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار ادا ٿيل آهي.

شهيد تاج محمد جوکيو - پروفيسر لطافت علي ’جوهر‘

شهيد تاج محمد جوکيو
لاڙ جو لعل
پروفيسر لطافت علي ’جوهر‘
سنڌ جي لاڙ واري علائقي ضلعي ٺٽي ۾ سياسي ڏاهپ، انسان دوستي سماجي شعور، حب الوطني، آزادي، اَمن، اتحاد، ڀائيچارو، پيار پاٻوهه ۽ ماڻهپي جهڙن اعلى انساني قدرن کي روشناس ڪرائڻ ۾ جن باشعور ساڃاهه وند سياسي اڳواڻن، سوشل ريفارمرز، سماج سڌارڪ ۽ تاريخ اڏيندڙ آدرشي انسانن حق جو آواز بلند ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندي هر ڏاڍ ظلم ۽ جبر جو مقابلو جنهن همت، دليري ۽ جوان مردي سان ڪيو، ان جو مثال ملڻ ڏاڍو مشڪل آهن.

محمد حسين ’ڪاشف‘


محمد حسين ”ڪاشف“
شهنشاهه لطيف جو پورهيت ٽئين ورسيءَ جي مناسبت سان
سليم العارف
محمد حسين ”ڪاشف“ لطيفيات تي ۱۹۵۲ع ۾ ڪم جي شروعات ڪئي، شاهه سائين جي فڪر و فهم، شعور ۽ وجدان جي اعليٰ مقام کي محمد حسين ”ڪاشف“ وقت، حالات، انساني فڪر جي اوسر، سماجي معروضات، تاريخي حقائق، ثقافتي روين ۽ تصوف جي حرڪياتي نظريه وحدت الوجود جي روشني ۾ انساني جذبات ۽ ان جي فطري روين ۽ تقاضائن سان گڏ انساني نفسيات ۽ احساس جي پيرهن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطيف سرڪار تي سندس لکيل مقالن تي مشتمل پهريون ڪتاب ”ڪنڌي ڪونئر ٽڙن“ لطيف سرڪارجي ۳۰۰ ساله جشن ولادت جي موقعي تي مارچ ۱۹۹۰ع ۾ مقصود پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرائي پڌرو ڪيو.

جمن ڊي بلوچ - مٺل جسڪاڻي

جمن ڊي بلوچ
پٽڪي وارو ماستر، شاعر، راڄائتو شخص ۽ ننڍو آبادگار
مٺل جسڪاڻي
ٽنڊوالهه يار جي ڳوٺ نما شهر مسو بوزدار ۾ 8 سيپٽمبر 1959ع تي جنم وٺندڙ جمن ڊي بلوچ جيتوڻيڪ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم اي آهي، پاڻ پي ٽي سي ۽ سي ٽي ڪورس به ڪيائين. سندس اطلاع موجب هي مسو بوزدار جو پهريون بي ايڊ ۽ پهريون ايڇ ايس ٽي آهي. بنيادي طور ڳوٺاڻو هجڻ ڪري ۽ استاد مقرر ٿيو ته اڪثر ڳوٺاڻن اسڪولن ۾ ئي ذميواريون نڀائيندو رهيو، ان دوران سندس ٺيٺ ڳوٺاڻو لباس پٽڪي سان عام رهيو، ان ڪري پٽڪي وارو ماستر مشهور آهي! جڏهن ته مختلف عرصن دوران پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر به رهي چڪو آهي.

ولي محمد وفا پلي - نور محمد سمون

ولي محمد وفا پلي
ڪنڊائتو ٿي ويل ھڪ بھترين سنڌي شاعر
نور محمد سمون
ناري جي هڪ وڏي زميندار خاندان سان واسطو رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي هن شاعر ولي محمد وفا پليءَ جو جيءُ سال 1991ع ۾ تڏهن جُهري پيو هو جڏهن سندس 2 وڏا ڀائر، مشهور شاعر ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن واري تڏهوڪي گڏيل صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان 2 ڀيرا چونڊيل ايم پي اي عبدالڪريم پلي ۽ مشهور محقق ۽ اديب راڄ محمد پلي صرف 40 ڏينهن جي وقفي سان ڦوھ جواني ۾ راھ رباني اختيار ڪيائون، اهو ڏينهن اڄوڪي گهڙي، چوٿائي صدي گذري وئي پر انهن ڀائرن جو هي لاڏلو ننڍو ڀاءُ ۽ حساس شاعر ان صدمي مان اڄ تائين ٻاهر ناهي نڪري سگهيو ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ لڳاتار ڊگهي اڪيلائيءَ جي حوالي ڪري ويٺو آهي.

ڀرپو وفا - ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي

ڀرپو وفا
شخصيت ۽ شاعري
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
پرڀو ڇڳاڻي وفا (17.12.2012-19.9.1915) هند خواھ سنڌ جي شاعريءَ ۾ هڪ مانائتو نالو آهي، هن جي شاعريءَ جو سفر لڳ ڀڳ مني صديءَ جو رهيو. پڇاڙي تائين هن جي ڪلڪ جي مس نه سڪي، هو موجوده دؤر جو هڪ سينئر موسٽ شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ سلاست، موسيقيت، دلسوزي، گهرائي، تکُ ۽ ميٺاج جهجهو آهي.جڏهن به سنڌيءَ ۾ سنگيتميه شاعريءَ جو ذڪر نڪري ٿو، ته پرڀو وفا جو نالو ازخود چپن تي تريو ٿو اچي. ترنم واري شاعريءَ سبب، هو عام ۾ بيحد لوڪ پريه بڻيو. هن کي سنگيت ورثي ۾ مليو هو؛ ڇو ته هنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جو ان طرف گهرو لڳاءُ هو.

استاد منظور علي خان - آصف نظاماڻي

استاد منظور علي خان
سنڌ جو املهه راڳي
آصف نظاماڻي
سنڌي ڪلاسيڪل موسيقيءَ کي ڪيترن ئي نامور فنڪار پنهنجي سُريلي آوازَ ۾ ڳايو آهي ان ۾ استاد منظور علي خانَ جو  نالو راڳَ جي دنيا ۾ آسمانَ چلڪندڙ ڪنهن ستاري جيان آهي. سنڌ جي هن نام ڪٺئي گويي استاد منظور علي خان  جو اصل نالو محمد خان هو. سندس مرشد سائين مهدي سرڪار (جهانيان) واري پيارَ مان سندس نالو منظور علي رکيو. سائين مهدي سرڪار راڳَ جا وڏا پارکو هُئا ۽ سريلو راڳُ ڳائڻَ وارن سان محبت واري نظر رکندا هُئا ۽  استاد منظور علي خان، مهدي سائينءَ جن جا طالب هُئا. سندس تعلق ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي مايه ناز گهراڻي ”گواليار“ سان هو. گواليار گهراڻي سان تعلق هُجڻ ڪري کيس موسيقيءَ سان وڏو چاههُ هو. سنڌي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو هي شهنشاهه 1926ع تي، شڪارپور ۾ استاد جمال خان عرف جمالي خانَ جي گهرَ ۾ پيدا ٿيو.  استاد منظور علي خان ـــ سڀ کان پهرين اٺن سالن جي عُمر ۾ پنهنجي فن جو کليل مظاهرو ڪيو. 1940ع ۾ ڏهن سالن جي ڄمارَ ۾ هن شڪارپور ۾ ٿيندڙ موسيقيءَ جي مقابلي ۾ حصو ورتو، ۽ ڪاميابي ماڻيائين. اهڙيءَ طرح 15 سالن جي ڄمار ۾ ئي سندس شُمار ناميارن موسيقارن ۾ ٿيڻ لڳو. مهاراجا رنجيت سنگهه جي دؤر ۾ هيءُ گهراڻو پنجاب جي ضلعي گڙداس پور، فتح پور چوڙيان ۾  اچي آباد ٿيو، جتان بعد ۾ خيرپور جي والي مير مراد علي خان جي خواهش تي، استاد منظور علي خان جو پڙڏاڏو استاد شادي خان سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ اچي آباد ٿيو، استاد منظور علي خان، 16 سالن جو هو ته سندس والدين شڪارپور کي هميشه هميشه لاءِ الوداع چئي، ٽنڊي آدم  ۾ اچي رهائش پذير ٿيا ۽ پوءِ استاد سڄي زندگي شڪارپور مان لڏي اچي ٽنڊي آدم ۾ ئي گهاري.

02 September, 2015

سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان


سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان
مخلص محمد بخش خاصخيلي
دنيا جو عظيم ڏاهو، سنڌ جو لاڏلو ۽ سنڌي ٻولي جو وينجهار ”مرشد لطيف سائين“ جنهن جو رسالو هونئن ته سڄو ئي هيرن جي کاڻ آهي پر شاهه سائين پنهنجي رسالي جي سُر رامڪلي ۽ سر کاهوڙي ۾ جن جوڳين کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏئي گنجي ٽڪر ذريعي هنگلاج هليو ويو هو. انهن جوڳين، سامين ۽ سناسين جي پريم ۾ پَٻَ جا اوکا پهاڙ سسئي جيان سر ڪيا هئا، اُهي گيڙو رتا گودڙيا ڪي رمتا جوڳي به نه هئا. هي ته اُهي ئي وحدت ۾ ڪثرت پسندڙ ويراڳي هئا.

01 September, 2015

رئيس علي نواز انڙ - مولائي ملاح

رئيس علي نواز انڙ
غريبن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ
مولائي ملاح
ماڻهوءَ کي جڏهن دولت جو نشو چڙهندو آهي، ته اهو پنهنجي اوڙي پاڙي کان وٺي سڄو تر تپائي ڇڏيندو آهي ۽ ڪنهن به مسڪين ماڻهوءَ جو احساس نه ڪندو آهي. اهو به جيڪڏهن ڪو وڏيرڪو ٻار هجي پوءِ ته ڇٽيون ڳالهون ..! سنڌ  ۾ اسان کي سونن چمچن سان کاڌو کائڻ وارا اهڙا ڪيترا ئي وڏيرا ۽ امير ڪبير ملندا جن جا شوق اهڙا رهيا آهن، جن جي شوق جو ٻارڻ غريب عوام جون زندگيون رهيون آهن. اهڙن وڏيرن جا شوق ۽ شڪار به پنهنجي مزاج مطابق رهيا آهن، سندن جيئڻ جو مقصد به ڪنهن کي آزارڻ ئي رهيو آهي. وڏيرڪي سماج ۾ اوڙي پاڙي جي غريب تي دل کولي سخاوت ڪرڻ جهڙا تمام گھٽ ماڻهو ملندا، پر اهڙا انسان دوست وڏيرا آهن ضرور، جن جي ڪري هن جڳ جو چرخو هلي پيو. شاهه چواڻي ته: ”اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“ اهڙن انسان دوست شخصيتن مان قاضي احمد جي هردل عزيز شخصيت الحاج رئيس علي نواز خان انڙ به هڪ هيو، جنهن اجتماعي طور تي غريب عوام جو مستقبل سنوارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي ملڪيت وقف ڪري ادارا قائم ڪيا.