; سنڌي شخصيتون: August 2011

18 August, 2011

سيد سليمان شاهه - ڪمال ڄامڙو

سيد سليمان شاهه
سنڌ جو منفرد لوڪ راڳي
ڪمال ڄامڙو
پرائمري تعليم پاس، سيد سليمان شاهه ۲۰ جولاءِ ۱۹۳۳ع ۾ ضلعي ٺٽي جي جاتي واري شهر ۾ سيد عبدالله شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ۲۰۰ کان وڌيڪ گيت ڳائيندڙ هن جو استاد بچو شيخ هو، جنهن کيس راڳ ۽ رقص جي سکيا ڏني.

06 August, 2011

مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رح [ 1865ع – 1937ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حضرت ابوبڪر صديق رضه جي نسبي سلسلي مان، رڪن الدين عرف مخدوم بصرالدين ولد مخدوم احمد صديقي رح، 29 رمضان المبارڪ 1282هه مطابق 17 سيپٽمبر 1865ع تي سيوهڻ شريف ۾ تولد ٿيو. سندس ڏاڏو مخدوم محمد وڏو عارف ۽ ڪامل بزرگ هو؛ جنهن جو سلسله- عمل ۽ فضل دور دراز زماني تائين هشت پشت ۾ مسلسل قائم رهيو.
مخدوم بصرالدين شروعات ۾ دينيات ۽ عربيءَ جا ڪتاب پنهنجي شفيق ڏاڏي وٽان پڙهيو؛ ۽ باقي درس (ڪتابن جي تڪميل) پنهنجي سوٽ، شيخ الوقت حضرت عارف باالله، مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي رحه (وفات 1339هه = 1920ع) وٽان ورتائين. سندس والد بزرگوار سرڪاري عهدي تي فائز هو؛ جنهن هن نينگر کي انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ ڇڏيو، جتان خداداد لياقت ۽ پنهنجي اورچائيءَ سان قانون جي سند وٺي، دنيا کان قطع تعلقات ڪري، هميشہ لاءِ گوشهء- نشين رهيو.

مخدوم احمد يار خان مهر - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم احمد يار خان مهر [ 1841ع – 1922ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مشهور موجد، محدث، فقيه نقشبندي، صوفي متوڪل بزرگ ۽ علم قرات جو ماهر، مخدوم احمد يار خان ولد عبدالغفار خان مهر، تعلقي گهوٽڪي (سکر) جي ڳوٺ خانڳڙهه شريف جو ويٺل هو. سندس ولادت 13 شوال 1257هه مطابق 3 مارچ 1841ع تي ٿي هئي. سندس والد نهايت مسڪين ۽ سپتيو انسان هو. سندس جد- امجد جو عربي نسل سان تعلق رهيو آهي.

مخدوم ابوالحسن ٺٽوي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم ابوالحسن ٺٽوي رح [ 1661ع – 1751ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌي علم ادب جو بنياد وجهندڙ، مخدوم (1) ابوالحسن ولد مولوي محمد مبين صديقي، 1073هه مطابق 1661ع ڌاري پيدا ٿيو هو. زندگيءَ جو ڳچ حصو ٺٽي ۾ گذاريائين. وڏو عالم، ڪامل ۽ پڪو سني مسلمان هو. شرعي احڪامن متعلق ڪي پيڙهيون سندس قائل آهن. عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪافي ڪتاب قلمبند ڪيائين. نماز ۽ وضويءَ بابت، سنڌي زبان ۾ 1700ع ۾ ”مقدمتہ الصلوات“ نالي نظم ۾ پڻ ڪتاب لکيائين، جيڪو ”ابوالحسن جي سنڌي“ نالي سان مشهور آهي. هم قافته مصرعن سان ”الف اشباع“ جي سٽاءَ ۾ جڙيل آهي. منجهس غسل، تيمم توڙ: ميت جي وهنجارڻ (غسل) بابت پڻ واضح شرعي احڪام بيان ٿيل آهن. نثر جي سلسلي ۾ به وسان ڪين گهٽايو اٿس.

محمد حسن ”بيڪس“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


محمد حسن ”بيڪس“ [ 1859ع – 1882ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

محمد حسن ”بيڪس“ ولد فقير قادر بخش ”بيدل“ قريشي، 26 جمادي الثاني 1275هه مطابق 4 آگسٽ 1859ع تي روهڙي شريف ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ”سڪندر نامه“ سان آخوند عبدالله وٽان حاصل ڪيائين.
عموماً هر انسان تي پنهنجي ماحول جو اثر رهي ٿو. سندس والد، جيڪو سنڌي شاعريءَ جو ”هيرو“ هو؛ ۽ ساڳئي وقت وٽس صوفين شاعرن ۽ عقيدتمندن جي اچ وڃ سببان هن نينگر تي به سندس صحبت جو رنگ چڙهيو؛ جنهن ڪري والد جي وٽ ۾ ويهي رندن جا راز ۽ رمزون پروڙيندي، حق جي هدايت حاصل ڪيائين. چوڏهن ورهين جي عمر ۾ راڳ جو شوق ٿيس. انهيءَ سلسلي ۾ جهوڪ ميرانپور جي شاه عنايت جي درگاه تي به ويو هو. شادي ڪيائين، مگر اولاد ڪونه ٿيس. ڦوه جوانيءَ ۾، 12 محرم الحرام 1299هه مطابق 15 جون 1882ع تي وفات ڪيائين. کيس سندس والد بزرگوار جي ڀرسان روهڙيءَ ۾ ئي دفنايو ويو.

محمد عثمان ڏيپلائي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


محمد عثمان ڏيپلائي [ ولادت 1326هه = 1908ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ٿر جي ٿڌي ٿانئري مٽيءَ ۾ پيدا ٿيل سنڌي علم ادب جو خدمتگار ۽ گهڻن ڪتابن جو مصنف، محمد عثمان ”شائق“ ولد حبيب الله ميمڻ، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي (1) ۾ 1326هه مطابق 1908ع ۾ ڄائو آهي. ننڍپڻ کان ذهانت سندس ساٿ ڏنو؛ جنهن ڪري ٻاراڻي درجي ۾ ئي پنجين درجي جا ڪتاب نس پڙهي ويندو هو. وقت جا استاد به کانئس متاثر هئا. سندس والد ننڍڙو واپاري هو. کيس ستن نياڻين تي هي پٽڙو پيدا ٿيو هو؛ جنهن کي پيار وچان پاڻ کان پل به پري ڪري نه سگهندو هو. اُن وقت ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه پڙهي ويندي هئي؛ جنهن ڪري چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ”مٺيءَ“ پڙهڻ جي سگهه نه ساري، مجبوراً ڳوٺ ۾ ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڻج واپار ۾ پيءُ جو ٻانهن ٻيلي بڻيو.

محمد عثمان چاڪي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


محمد عثمان چاڪي رح [ 1875ع – 1918ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

لاڙڪاڻي جو لعل، حاجي محمد عثمان ولد حاجي محمد سهتل چاڪي وڏو درويش ۽ عالم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 18 صفرالمظفر 1292هه مطابق 8 فيبروري 1875ع تي ٿي آهي. سندس جد- امجد عربستان کان آيل هئا. پاڻ علم جي تحصيل لاءِ ابتدائي درس پنهنجي ڏاڏي، حاجي احمد وٽان ورتائين. پوءِ باقي تعليم سنڌ جي مختلف مدرسن مان حاصل ڪندي، آخر ”مدرسه صديقه شهدادڪوٽ“ مان، عمدت العلماءُ ميان غلام صديق ميڪڻ رح (1844ع – 1918ع) جن وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پوري ڪري، دستار- فضيلت ٻڌائين. پوءِ استاد کان موڪلائي ڪنهن روحاني رهبر جي ڳولها ۾ گهمندي ڦرندي، لواري شريف وڃي نڪتو، جتان خرقه- خلافت ڍڪيائين (1) پاڻ پڪو سني مسلمان هو. سندس وعظ ۽ نصيحت عام هئي. سندس لاءِ هو پڻ چوڻ ۾ اچي ٿو، ته پاڻ پيرين پيادو ست حج ڪيا هئائين. پنهنجي ٻڍڙي ماءُ کي ٽوڪريءَ ۾ مٿي تي کڻي، هڪ حج به ڪرايو هئائينس. والده جي دعا سان، اڄ مٿس لاڙڪاڻي شهر اندر، شاهي بازار جي منهن ۾، لوهرن جي مسجد لڳ هڪ وڏو زيارت گاه بڻيل آهي، جتي ڪيئي سوالي روزانو اچن ٿا.

محمد صديق ”مسافر“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


محمد صديق ”مسافر“ [ 1879ع – 1961ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي ادب جو يگانو گوهر، محمد صديق ”مسافر“ ولد گلاب خان شيدي، (1) تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي حيدرآباد ۾ 13 شعبان 1297هه مطابق پهرين اپريل 1879ع تي ڄائو هو. سندس وڏا اصل زنجبار (تنزانيه) جا رهاڪو هئا. سندس پيءُ ”غلام“ بڻجي، پهريائين مسقط (عمان) پهتو، جتان داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ کيس ٺٽي (سنڌ) کڻي آئي. ڪجهه وقت اُتي رهي، آخر ٽنڊي باگي ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين؛ ۽ ٻاهتر سالن جي عمر ۾، 12 ڊسمبر 9-18ع تي وفات ڪيائين. وفات کان ٻه مهينا ڏهه ڏينهن اڳ کيس فرزند ڄائو؛ جنهن جو نالو ”محمد صديق“ رکيائين، جيڪو اڳتي هلي سنڌي زبان جو چوٽيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

محمد حسن ”مسڪين“ سومرو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


محمد حسن ”مسڪين“ سومرو [ 1904ع – 1976ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي محمد ڄام بن آخوند محمد دائود سومرو 1323هه مطابق 12 مئي 1904ع تي ضلعي شڪارپور، تعلقي خانپور جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلهوڙو“ ۾ ڄائو هو. سندس مؤرث اعليٰ پنهنجي وقت ۾ اهل الله، ڪامل درويش ۽ صاحب- ڪشف ٿي گذريو آهي، جيڪو پهريائين ”موٽاڻي مهر“ (مهرن جي پنڊي)، تعلقو پنو عاقل (سکر) جو ويٺل هو؛ ۽ 1722ع ۾ درياه جي پائيندڙ سببان هجرت ڪري، حاجي خان ڪلهوري ۾ مراجعت ڪئي هئائين. سندس فرزند مولوي محمد ڄام پنهنجي دؤر جو جيد عالم ۽ خدا رسيدو بزرگ هو؛ ۽ شيخ الهند مولانا محمود الحسن جو شاگرد رشيد هو. (1) اهڙي ئي ڀلي ٻج مان محمد حسن ”مسڪين“ جو سلو سائو ٿيو.

محمد بخش ”واصف“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي


محمد بخش ”واصف“
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
’فخرالشعراءُ‘ محمد بخش ”واصف“ ولد محمد عثمان لوهار، هڪ عمدو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ناناڻن ۾ 18 شعبان 1310هه مطابق 12 جولاءِ 1892ع تي، ضلعي نواب شاه، تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ ”راضي جتوئيءَ“ ۾ ٿي. سندس والد حيدرآباد ۾ ملازم هو؛ جنهن ڪري هن نينگر جي پالنا حيدرآباد ۾ ٿي. اڃا ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ ئي مس هو، ته سندس والد 1911ع ۾ وفات ڪري ويو. پوءِ ته پيءُ پڄاڻان، عيال جو سمورو بوجهه مٿس پئجي ويو؛ جنهن ڪري مجبوراً روزگار جي تلاش ۾، تعليم کي ترڪ ڪرڻو پيس، مگر هن زنده دل انسان انگريزيءَ طرف وڌڻ بجاءِ مشرقي ٻولين ۾ واڌارو آڻيندي، اديب، عالم ۽ فاضل تائين پڙهيو. (1)
ابتدائي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪندي، آخوند خير محمد ميمڻ وٽان قرآن پاڪ ناظران پڙهيائين. علم کان وڌيڪ سندس ذهانت هئي؛ جنهن ڪري عربي، فارسي، سنڌي، هندي، سنسڪرت، اردو ۽ انگريزي زبانن تي ڪافي دسترس حاصل هيس. ازانسواءِ يوناني فلسفي ۽ تصوف جي خاصي معلومات پئي رکيائين. اهڙيءَ طرح ديني علم کان به پوريءَ ريت باخبر هو.