; سنڌي شخصيتون: May 2011

29 May, 2011

مير حاجي محمد بخش ٽالپر - مير شير محمد ٽالپر


مير حاجي محمد بخش ٽالپر
هڪ عوامي شخصيت
مير شير محمد ٽالپر 
مير حاجي محمد بخش ٽالپر جي اڄ 26 ورسي آهي، ان مناسبت سان ڪجهه يادون ۽ سندس شخصيت متعلق ڪجهه حقيقتون ۽ واقعا، سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ علمي، ادبي ۽ تاريخي خدمتن تي روشني وجهون ٿا. مير صاحب، واليء سنڌ مير شير محمد ٽالپر جي پوٽي مير عبدالله جو ٻيون نمبر فرزند هو. سياست، سماجيات، معاشيات، حيوانيات، وضع قطع، تصوف ۽ طريقت ۾، پنهنجي حال خيال ۾، علم و حلم ۾، ادب و تاريخ ۾، تاريخ جي تعبير ۽ تفسير ۾، ان جي مطالعي جو هڪ مخصوص نقطهء نظر هو، علم انسان، علم اقوام، علم آثار قديمه، تاريخي روايات و حڪايات کي جانچڻ ۽ پرکڻ جو سنڌ جي مڙني محققن، دانشورن کان هڪ جدا، نرالو ۽ پنهنجو هڪ منفرد ۽ مثالي زاويه نگاهه هو. خصوصي طرح هن مير دور جا آثار، قلعا، قبا ۽ واسطيدار مخصوص ماڻهو ڳولي وڃي لڌا. انهن جي حال و احوال ۽ روايات کي قلم بند به ڪيائين. سندس حاضر دماغي ڪمال جي هئي، پيڙهين جون پيڙهيون ٻڌائي ويندو هو. پنهنجي وڏي ڀاءُ الحاج مير احمد خان ٽالپر جڏهن سياست مان رٽائر ڪيو ته مير حاجي محمد بخش ٽالپر ميدان ۾ نڪري نروار ٿيو. اوائل ۾ مير صاحب هر تحريڪ ۾ حصو ورتو، خلافت، احرار، خاڪسار .... مير صاحب جي عملي سياست جي شروعات 1942ع کان ٿي، ان وقت جي سنڌ جي ينگ بلوچ پارٽي جو سيڪريٽري رهيو، جنهن ۾ ان وقت غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، مير امام بخش ۽ مير سليم وڪيل جهڙا مشهور ڪارڪن شامل هئا. 1944ع ۾ ضلعي ايجوڪيشن ڪميٽي جو ميمبر چونڊجي آيو. سال 1955ع ۾ تعلقي ننگر پارڪر مان ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ سال 1956ع ۾ ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جو صدر چونڊيو. 1956ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر مان مير حاجي محمد بخش ٽالپر ايم پي اي ٿيو. 1962ع ۾ ٻيهر ضلعي ٿرپارڪر مان اليڪشن کٽيائين. صوبائي اسيمبلي ۾ سڀني ميمبرن کان وڌيڪ سوال پڇي سوالن جو بادشاهه جو خطاب ماڻيائين. سوال گهڻو ڪري عوامي مسئلن ۽ سماجي براين متعلق هوندا هئا. سوالن جو تعلق جيئن ته ڪامورا شاهي جي اختيارن ۽ انهن جي صحيح نفاذ ۽ ڪارڪردگي عيان ڪرڻ سان هوندو هو، ۽ انهن جي ڪرپشن ۽ عوام سان زيادتين بابت متعلق کاتي جي وزير کي جواب ڏيڻو هوندو هو ۽ انهن کاتن جي سڄي بيوروڪريسي الرٽ رهندي هئي.
مير حاجي محمد بخش ٽالپر ننگر پارڪر ۾ هاءِ اسڪول، ۽ ڪيترائي پرائمري اسڪول کولرايائين، ڳوٺن ۾ کوهه ۽ تلاءَ ٺهرايائين. ننگر پارڪر جي تعلقي ۾ جهالت دور ڪرڻ لاءِ زوري تعليم جو قانون منظور ڪرايائين. ايوب جي دور ۾ جڏهن هڪ آرڊر ذريعي ٻڪرين پالڻ تي بندش جو اعلان ٿيو، جنهن جي مير حاجي محمد بخش ٽالپر اسيمبلي ۾ سخت مخالفت ڪري اهو آرڊر واپس ڪرايو، بعد ۾ مير صاحب اسيمبلي اندر ٽي ڏينهن بک هڙتال ڪري ٿر جي باراني زمينن تي مالڪاڻو (ٿر جي ڍل کي) 25 رپيا في ٻني تان گهٽ ڪري 15 رپيا ڪرايائين. سندس دور ۾ ٿر جي اڻ سروي ٿيل زمين جي سروي ٿي، ٿر مان پوليس ۽  رينجرس جي ناانصافين کي ختم ڪرايو ويو. ضلعي ڪائونسل جي چيئرميني دوران ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ضلعي ڪائونسل مان يڪراءِ قرارداد پاس ڪرايائين. سڀ کان اهم ۽ يادگار ڳالهه اها آهي ته پهريون دفعو 67ع ۽ 68ع ۾ ڀالوا ڳوٺ ۾ مارئي جا ميلا لڳرايائين.
مير حاجي محمد بخش ٽالپر سنڌ ۽ پنجاب جي ڪافي سياحت ڪئي، آثار قديمه، تاريخي ماڳ مڪان ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هئس، هن تاريخي تحقيقي مضمون ۽ مقالا به لکيا. هن هڪ علمي ڪتاب به تصنيف ڪيائين، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي دور ۽  انگريزن سان حيدرآباد جي ميرن جي ڪيل سياسي معاهدن سبب انگريزن سان ٺاهه ۾ ڪيل مير نصير خان جي نرمي سبب آيل سنڌين کي شڪست ۽ هوشو شيديءَ جي بهادرانه ڪردار تي روشني وڌل آهي. مير حاجي محمد بخش ٽالپر دل ۽ ذيابيطس جي بيماري سبب 29 مئي 1985ع تي لاڏاڻو ڪيو.

19 May, 2011

عبدالحسين ساريو اداڪار - رفيق عيساڻي ميمڻ

عبدالحسين ساريو
سنڌ جو سهڻو اداڪار
رفيق عيساڻي ميمڻ
سنڌ جي مقدس مٽيءَ هر دؤر ۾ اهڙن انمول ۽ عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي همت، بهادري، علم، ڏاهپ ۽ فنڪارانه صلاحيتن جي بدولت پنهنجو ۽ پنهنجي سوُنهاري سرزمين سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي باصلاحيتن ۽ انمول انسانن ۾ هڪ نالو ڀلوڙ ۽ بهترين اداڪار لالا عبدالحسين ساريو جو آهي.
عبدالحسين ساريو، موهن جي دڙي واري مٽيءَ ويجهو، باڊهه شهر جي ننڍڙي ڳوٺ گُند شريف ۾ 17 سيپٽمبر 1968ع ۾ عبدالغفور ساريو جي گهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪري، ميٽرڪ باڊهه هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين، اڳتي هلي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي اڪنامڪس ۾ ڪيائين. هن کي ننڍي هوندي کان ئي ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪرڻ جو وڏو شوق هو. سندس پهريون اسٽيج ناٽڪ باڊهه ۾ پيش ٿيو، جنهن ۾ هن کي اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو. کيس اسٽيج جي دنيا ۾ آڻڻ وارو استاد شهنشاهه عباسي هو. عبدالحسين اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني کان وٺي ڊرامن سان گڏ قومپرست سياست ۾ پڻ سرگرم هوندو هو. هو سائين جي ايم سيد جو شيدائي هو، جنهن ڪري سندس پارٽيءَ کي سٺو سمجهندو هو پر سندس گهڻي کان گهڻي دلچسپي اسٽيج ڊرامن سان هئي. هو هر وقت ڪٿي نه ڪٿي ڊراما ڪرائيندو رهندو هو. باڊهه، ڏوڪري، نصير آباد، لاڙڪاڻو ته ٺهيو پر سڄي اَپر سنڌ ۾ اسٽيج ڊرامن جي جان بڻجي ويو. پوءِ دوستن هن کي پيار مان ”لالا“ جو خطاب ڏنو. بعد ۾ ”لالا عبدالحسين ساريو“ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن سرڪاري نوڪري لاءِ وڏا جتن ڪيا پر سرڪار سڳوريءَ وٽ اهڙي اک ڪٿي جو ڪنهن ٽيلينٽيڊ نوجوان جو قدر ڪري. ايم اي پاس هوندي به کيس نوڪري نه ملي. هن جي صلاحيت کان ڪير انڪار ڪندو، هڪ سٺو اسٽيج ڊراما رائيٽر، بهترين مقرر، ڀلوڙ اداڪار، ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن، جنهن کي لطيف سرڪار جا سوين بيت ياد هوندا هئا. جهڙو موضوع تهڙو بيت پيش ڪندو هو. يارن جو يار، هر ڪنهن سان مُرڪي ملندو هو. قدآور شخصيت، دل جو صاف، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، جنهن به سيٽ تي ملندو هو، سڄي سنگت کي ساڻ کڻي هلندو هو. جنهن رڪارڊنگ ۾ عبدالحسين هجي اتي ميلا متل هوندا هئا. سوين ته کيس لطيفا ياد هوندا هيا. مطلب ته سندس موجودگي ٽهڪن ۽ خوشين جو اهڃاڻ هوندي هئي. اسان جي دوستي کي ڏهه سال ٿيا، مون هن کي تمام ويجهو کان ڏٺو هو. گهڻ-رخي شخصيت جو مالڪ هو. هن ۾ بي پناهه صلاحيت هئي پر زندگي ۾ سندس قدر نه ڪيو ويو. هن وڏي ليول جو اداڪار هو پر پي ٽي وي سميت ٻين چئنلز تي هن کي خاص موقعو نه ملي سگهيو. هن پنهنجو مقام حاصل ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي. نظرانداز ڪرڻ باوجود به همت نه هاريائين. عبدالحسين ساريو کي وڌ کان وڌ ڪي ٽي اين تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. جتي هن کي پير امداد شاهه راشدي، ظهير ميرجت، رئوف ڪنڌر ۽ عزيز سانگيءَ جهڙا بهترين دوست مليا، جن جي ساٿ سان کيس ”اوکا پنڌ“، ”درد ونديءَ جو ديس“، ”سنگرام“، ”سهارو“، ”وڪوڙيل وجود“ ۽ ”پٿر دنيا“ جهڙن مشهور ڊراما سيريلز ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ان کانسواءِ ڪجهه ٽيلي فلمون جهڙوڪ ”ڍولڻ جاني“، ”وطن يا ڪفن“، ”آزادي“ وغيره  ۾ به ڪم ڪيائين. ڪي ٽي اين تان هڪ ڊرامو پنهنجي ڊائريڪشن ۾ پڻ ڪيائين، جنهن ۾ سينئر اداڪار شهباز دراني، حنا گل کي ڪاسٽ ڪيائين. پاڻ ان ڊرامي ۾ٽانگي واري جو اهم رول ڪيائين.
مطلب ته سوين اسٽيج ڊراما، ٽيلي فلمون، ٽي وي ڊراما ۽ مختلف پروگرام ڪري، هڪ خاص مقام تي مس پهتو ته خطرناڪ بيماريءَ جو مٿس حملو ٿيو، جنهن سندس طبيعت کي وڏو ڌڪ هنيو. ڪينسر جهڙي بيماريءَ جي لاءِ ته حاتم طائيءَ جي مال ملڪيت گهرجي. ڪٿان اچن لکين، ڪروڙين روپيا! تنھن ھوندي به سلام آهي سندس ڀاءُ علي شير ساريو کي جنهن گهر جا سون، زيور، زمين کپائي پنهنجي ڀاءُ جو علاج ڪرايو.
هي پهريون سنڌي آرٽسٽ هيو جنهن جي ڪينسر جو ٻڌي سوين، اداڪار ۽ اداڪارائن، پريس ڪلب ڪراچي جي اڳيان ٽن ڏينهن تائين مسلسل بک هڙتال ڪري ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت کي مجبور ڪيو، جنهن سندس علاج جي لاءِ پنجويهه هزار مان وڌائي پنج لک جو اعلان ڪيو. ٻن سالن تائين علاج ڪيو ويو. مائٽن ۽ دوستن تقريبن ٽيهه چاليهه لکن تائين خرچ ڪيو پر پئسا ناڪافي هئڻ جي ڪري علاج مڪمل نه ٿي سگهيو. عبدالحسين ساريو جي قرب ۾ هڪ خاص قسم جي ڪشش ھئي. جڏهن هو بيمار ٿيو ته سندس علاج لاءِ سڄي سنڌ جي آرٽسٽن ڀرپور احتجاج ڪيو ۽ هاسپيٽل ۾ گهڻي کان گهڻا اداڪار ساڻس ملڻ ايندا هئا. جڏهن هو ۹ اپريل ۲۰۱۱ع تي هميشه لاءِ جدا ٿيو ته سنڌ جو هي پهريون اداڪار هو جنهن جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن سان گڏ سوين اداڪارن، ڪيترن ئي ڊائريڪٽرن، رائيٽرن ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ھو هڪ اهڙو فنڪار هو جنهن سان زندگي ۾ ته شو بزنس سان واسطو رکندڙ آرٽسٽ گڏ هئا پر وفات جي موقعي تي پڻ شرڪت ڪري سندس پونئيرن سان ڏک ۾ شامل ٿيا. کيس سنڌ جي ماڻهن زندگيءَ ۾ ته مان مرتبو ڏنو پر وفات کانپوءِ به سندس فن ۽ فڪر کي هميشه ياد ڪندا.

18 May, 2011

لعل بن يوسف - پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي


لعل بن يوسف
ننڍي کنڊ جو برک خاڪسار سياسي ۽ سماجي ڪارڪن
پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي
ننڍي کنڊ جي برک علمي سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۾ لعل بن يوسف تمام وڏو نالو آهي. سنڌ ماءُ جي ڪک هميشه سورهيه ۽ سچار  ماڻهن کي جنم ڏئي هن مٽي جو مان مٿانهون ڪيو آهي.

محمد خان جوڻيجو - نور سنڌي


محمد خان جوڻيجو
هر دلعزيز ۽ عوام دوست شخصيت
نور سنڌي
ملڪ جو مشهور ۽ هر دلعزيز عوام دوست سياستدان محمد خان جوڻيجو هن وقت تائين ملڪ جي ٿيندڙ وزيراعظمن ۾ نرالو ۽ منفرد ڪردار رکندڙ وزيراعظم هو.پاڻ ملڪ جو انتهائي شريف فقيراڻي طبيعت وارو، سدابهار ۽ عوام دوست وزيراعظم طور مڃيو وڃي ٿو. سندس وزيراعظم وارو دور هڪ سونهري دور مڃيو وڃي ٿو. جنهن دوران ملڪ ۾ 5 نڪاتي پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ اسڪول، اسپتالون، روڊ، رستا، بجلي، فون ۽ بي گهر غريبن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي شروعات ٿي. ان دور جون ٺهيل اسڪولن، اسپتالن، زرعي کاتي جون شاندار بلڊنگون اڄ نه سندس يادگار آهن. محمد خان جوڻيجو انتهائي ذهين، شريف، باضمير عوام جي خدمت ڪرڻ وارو جذبو رکندڙ اصول پرست شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ آگسٽ 1934ع ۾ سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ دين محمد جوڻيجي ۾ پنهنجي دور جي برک زميندار ۽ سياسي سماجي شخصيت خانصاحب دين محمد جوڻيجي جي گهر ۾ جنم ورتو. دين محمد جوڻيجو کي شرافت عوامي خدمتن تي انگريز سرڪار خانصاحب ۽ بهادر جو لقب ڏنو هو. سندس 2 شاديون هيون. شادي ڪرڻ کان پوءِ ڊگهي عرصي کان پوءِ محمد خان جو جنم ٿيو جڏهن  وڏو شادمانو ڪيو ويو. 1946ع ۾ خانصاحب دين محمد خان جوڻيجو وصال ڪري ويو ان وقت محمد خان جوڻيجو جي 14 سال عمر هئي. کيس علائقي ۽ راڄ وارن والد جي پڳ ٻڌارائي ننڍي عمر ۾ راڄ ڀاڳ ۽ زمينداري سنڀالڻ جو بار سندس ڪلهي تي اچي ويو.
محمد خان جوڻيجي پرائمري تعليم سنڌڙي ۾ حاصل ڪئي. ان وقت حر تحريڪ عروج تي هئي ٻهراڙين ۾ مارشل لا لڳي چڪي هئي جنهن ڪري هن جي والد رهائش ميرپورخاص ۾ اختيار ڪئي ۽  محمد خان جوڻيجو ميرپورخاص ۾ مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. انٽر ڪراچي جي مشهور تعليمي اداري سينٽ پيٽرڪس اسڪول مان جڏهن ته اعليٰ تعليم برطانيه يونيورسٽي مان سينئر ڪيمبرج جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ايگريڪلچر ۽ ڊپلومه هيگ يونيورسٽي انگلينڊ مان حاصل ڪئي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد باقاعده سياست ۾ داخل ٿيو ان وقت سندس عمر 22 سال مس هئي. ان وقت سانگهڙ ضلع ٺهڻ بعد کيس ضلع صدر چونڊيو ويو. جولاءِ 1963ع ۾ کيس صوبائي ڪابينه جو وزير بنايو ويو. کيس لوڪل باڊيز، ليبر، ڪو آپريٽو، ورڪس ۽ ڪميونيڪيشن جا قلمدان ڏنا ويا. 1965ع واري چونڊن ۾ ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪئي کيس ٻيهر ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويوپاڻ بهترين صوبائي وزير ثابت ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو، صدر ايوب خان کان الڳ جڏهن جمهوريت لاءِ تحريڪ هلائي ان نتيجي ۾ پهريون ڀيرو 1970ع ۾ عام چونڊ ۾ پهريون ڀيرو مشهور شخصيتون اليڪشن هارائي ويون. جڏهن جنرل ضياءَ ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ محمد خان جوڻيجو کي ريلوي جو وفاقي وزير بنايو ويو. ريلوي ۾ محمد خان جوڻيجو جي ڪارڪردگي قابل تعريف رهي. 1983ع وارين غير جماعتي چونڊن ۾ محمد خان جوڻيجو کپري مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو. سندس ذهانت ، عوام دوستي وارو ڪردار ڏسي کيس ملڪ جو وزيراعظم بنايو ويو. کيس چونڊ ۾ ڪامياب ڪرڻ وزير اعظم ڪرائڻ ۾ جناب پير صاحب پاڳارو جون مهربانيون به شامل هيون. 23 مارچ 1985ع تي هن وزيراعظم جي عهدي جو حلف کنيو ۽ اهو ڪنهن جي خواب ۾ به نه هو ته ڪو محمد خان جوڻيجو ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو.
جنرل ضياءَ محمد خان جوڻيجو جي سادگي فقيراڻي طبيعت ڏسي اهو پئي سمجهيو ته هي منهنجي اشارن تي هلندو ليڪن جنرل ضياءَ جو اهڙو اندازو غلط ثابت ٿيو ۽ محمد خان جوڻيجو  جو پهريون قوم کي خطاب ۾ هن صاف لفظن ۾ چيو ته مارشل لا ۽ جمهوريت گڏ نه هلي سگهندا. اهڙن جرئتمندانه لفظن جنرل ضياءَ کي ڇرڪائي ڇڏيو. جنرل ضياءَ جي خواب خيالن۾ به نه هو ته محمد خان جوڻيجو مارشل لا جي مخالفت ڪندو. ان بعد محمد خان جوڻيجو ملڪ مان مارشل لا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هر فورم تي ان جي مخالفت ڪئي. سندس اهڙي جدوجهد ، صاف گو تقريرون ڪري سڄي دنيا ۾ مارشل لا جي مخالفت ٿيڻ لڳي. اهڙي صورتحال ۾ 3 مارچ 1985ع ۾ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس کي آئين تحفظ ڏيڻ جو شرط رکيو ويو جنهن تحت 5 جولاءِ کان مارشل لا وارا جائز ناجائز سمورا احڪام محفوظ ٿي ويا. ان تي محمد خان جوڻيجو صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو ليڪن بعد ۾ سينٽ جي چيئرمين غلام اسحاق خان جي زور ڀرڻ تي ان شرط تي قبول ڪيو ته بعد ۾ اهو ختم ڪرايو ويندو ليڪن واعدي موجب جڏهن ختم نه ڪرايو ويو ته محمد خان جوڻيجو ان جي هر طرح سان ان جي مخالفت ڪرڻ لڳو. اهڙي صورتحال ۾ جنرل ضياءَ کيس بار بار منٿ ميڙ به ڪرڻ لڳو ته اکيون به ڏيکارڻ لڳو پر هن سنڌ ڌرتي جو باضمير، نمڪ حلال فرزند وارو ڪردار ادا ڪندي انڪار ڪري ڇڏيو. محمد خان جوڻيجو کي جنرل ضياءَ اک ۾ ڪنڊو محسوس ڪندي 29 مئي 1988ع ۾ جڏهن محمد خان جوڻيجو فلپائن جي دوري تي هو ته هن سندس چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو. پاڻ وزيراعظم ٿيڻ جي باوجود اها ئي سادگي، اها ئي فقيراڻي طبيعت وارو پاڻ روايتي وزيراعظم ٿيڻ بجاءِ عوامي وزيراعظم وارو ڪردار ادا ڪيو. عوام جا مسئلا ٻڌڻ حل ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ جلسا کيل ڪچهريون ڪيون. هر مهيني پنهنجي ڳوٺ ايندو هو ۽ عوام سان کليل طور ملاقاتون ڪندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي دور بعد جوڻيجو جي دور ۾ سندس ذاتي ڪوششڻ سان سنڌ واسين کي وڏي پئماني تي سرڪاري نوڪريون مليون ۽ نوڪرين سان لڳل اهي لکين سنڌ واسي کيس دعائون ڪن ٿا.
پاڻ ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ نيو ويو پر پاڻ 18 مارچ 1993ع تي هن فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ سندس 18 ورسي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ملهائي پئي وڃي. کيس 5 نياڻيون۽ هڪ پٽ اسد خان جوڻيجو آهي. اسد خان جوڻيجو به والد جي نقش قدم تي هلي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سندس نياڻيون صغره جوڻيجو ۽ فضا جوڻيجو به سياست ۾ سرگرم آهن ۽ عوام جي خدمت ڪري رهيون آهن.

15 May, 2011

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - رضوان گل


ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
مهين جي دڙي جو ماڻهو
رضوان گل
ڪي انسان پنهنجي سوچ، فڪر ۽ عمل سان تاريخ جا رخ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، اهڙا ماڻهو پنهنجي اندر اهڙا ادارا هجن ٿا جتان ڪيترائي طالب علم پنهنجي شعور جون شمعون جلائي سموري جڳ کي علم ۽ آگهيءَ جي روشي ارپين ٿا. تمام وڏا فلسفي، دانشور ۽ سياسي ليڊر پنهنجي مفادن خاطر سماجي ڀلائي وارين سرگرمين تان هٿ کڻي پنهنجيون وفاداريون مَٽائي آرامده زندگيءَ جي نئين دنيا ۾ پهچي ويندا آهن، جتان کين وڏي کان وڏو ظلم ۽ زيادتي به ڪو تماشو ڀاسندي آهي ۽ هونئن به اهڙن مفاد پرستن لاءِ ٻين ماڻهن جو ڏک تماشو ئي هوندو آهي!

ساڌو هيرانند - حسن پنهور


ساڌو هيرانند 
سچو خدمتگار
حسن پنهور
سنڌ جي خدمتگارن تي نظر وجهنداسين ته اهڙا کوڙ اڻ ٿڪ انسان اسانکي ملندا جن پنهنجي پنهنجي وقت اندر انسانذات جي بنا ڪنهن  فرق، بنا ڪنهن اوچ نيچ، بنا ڪنهن نسل، بنا ڪنهن مذهب ۽ بغير ڪنهن لالچ جي نمايان خدمتون ڪري وڏو نالو ڪمايو آهي. اهڙن تي انسانن سان لڳاءَ رکندڙ انسانن مان ساڌو هيرانند جو نالو پهرين قطار ۾ لکيل نظر ايندو.
ساڌو هيرانند 22 مارچ  1863ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو، ان وقت انگريز سرڪار هئي ۽ سندس وڏڙا اصل ضلعي دادو جي ڳوٺ خداآباد ۾ رهندا هئا جيڪي بعد ۾ لڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيا جتي ماءُ هيرانند جو والد ديوان شوقيرام سرڪاري نوڪري ۾ اچي لڳو. ساڌو هيرانند فارسي جو بي انتها ڄاڻو هو ۽ ننڍپڻ کان ئي ذهين بهادر، ايماندار هئڻ سان گڏوگڏ سچ ڳالهائڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايائين. ساڌو هيرانند حيدرآباد مان تعليم ورتي بعد ۾ مائٽن کيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرائڻ لاءِ ڪلڪتي موڪليو جتان هن بي اي جو امتحان ٽاپ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. ان وقت سندس ڄمار 20 سال هئي.  ساڌو هندي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي سادو يا انتهائي سادڙو ۽ ساڌو هيرانند سچ ۾ انتهائي سادگي سان رهندو هو ۽ هو ننڍي هوندي کان ئي سادگي پسند هو ان ڪري مائٽ کيس پيار مان ساڌو ڪري سڏيندا هئا. ساڌو حيدرآباد کان پوءِ ڪراچي ۾ اچي رهيو جتي هن اچي 2 مشهور اخبارن ”سنڌ سڌار“ ۽ ”سنڌ ٽائيمس“ جو پهريون ايڊيٽر مقرر ٿيو. ساڌو اخبارن ۾ ايڊيٽري ڪرڻ کان پوءِ جلدي واپس حيدرآباد آيو جتي هن عام ماڻهن جي ڀلائي وارن ڪمن ۾ ڪاهي پيو ۽ مسڪين ماڻهن جي حقن جو جاکوڙي بڻجي ويو. حيدرآباد ۾ ساڌو ڳچ وقت تائين نول راءِ هيرانند اڪيڊمي(موجوده ماڊل اسڪول) جو پرنسپال به رهيو. ساڌو هيرانند عام طرح اها به پرچار ڪندو هو ته بتن جي پوڄا نه ڪجي فقط هڪ خدا جي ئي عبادت ڪجي.
سال 1892ع ۾ حيدرآباد سميت آسپاس ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪالرا نالي ڇتي ۽ خوفناڪ بيماري اچي پئي، جنهن ۾ سوين بلڪه هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي رهيا هئا. ا ن دوران ساڌو هيرانند رات ڏينهن پنهنجو تن جي پرواهه نه ڪندي، پنهنجون ننڊون ڦٽائيندي به ان خوفناڪ بيماري ۾ مبتلا ڪيترن ئي انسانن جي وڏي جفاڪشي سان خدمت ڪئي جنهن ڪري کيس خدمتگار جي نالي سان پڻ سڏيو ويندو هو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ حيدرآباد پاران ڇپيل هڪ ڪتاب جيڪو مئي 1971ع ۾ ڇپيو. جنهن ڪتاب ۾ ساڌو هيرانند جي بابت ڪالرا جي خوفناڪ بيماري متعلق لکيو ويو آهي جنهن ۾ شايع ٿيل آهي ته 1892ع ۾ واري خطرناڪ بيماري واري ڪشمڪشان واري دور ۾ جتي موت جا لامارا هئا ۽ سنڌ ۾ بيمارن جا انبار لڳل هئا ۽ خدمتگارن جي انتهائي اڻاٺ هئي. ان دوران هڪ رات تمام دير سان ساڌو هيرانند ڪن مريضن کي ڏسي گهر موٽيو ۽ ماني اڳيان مس رکيائون ته وري سڏ ٿيس سو اها ماني ڇڏي وري انهن مريضن ڏانهن وڃڻ لڳو ته ٻانهن جهليندي سندس ڀاءُ ديوان نول راءِ چيس ته ادا ماني کائي پوءِ ڀلي مريضن جي وڃي خدمت ڪيو. مگر ساڌو انڪار ڪندي ڀاءُ کي وراڻيو ته متان  منهنجي ٿورڙي دير جي ڪري ڪنهن انسان جي املهه حياتي هلي وڃي ان لاءِ مونکي ماني کان وڌيڪ منهنجي فرض شناسي آهي. اهڙا کوڙ مثال ساڌو هيرانند جا آهن جنهن پنهنجي جان جوکي ۾ رکي به انسان ذات جي خدمت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هئي. ساڌو پنهنجي ساري حياتي ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏي هو اهڙو نيڪ ۽ ٻاجهارو هو، جو کيس چوندائي ساڌو هئا. انسان ذات جو هي سچو خدمتگار هندستان جي شهر شهر بانڪيپور شهر ۾ 14 جولاءِ 1894ع ۾ مدي جي بخار سبب ديهانت ڪري ويو ان وقت سندس ڄمار فقط 30 سال هئي.سندس علم، سماجي ڀلائي ۽ انسان ذات لاءِ ڪيل خدمتن جا نقش اڄ به حيدرآباد جي دلين تي، رستن تي اڪريل نظر اچن ٿا.