شيخ اياز
تعارف- تو ڳاتا گيت
بغاوت جا
شيخ اياز سنڌ جو
مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام
حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي
سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس ۳ مارچ ۱۹۲۸ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول
نمبر ۳ ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾
داخل ٿيو جتان ۳۱ مارچ ۱۹۳۴ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. ۳۱ مارچ ۱۹۳۹ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري ۱۱ اپريل ۱۹۳۹ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو
۽ اپريل ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ ۱۹۴۵ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين.
۴۸-۱۹۴۷ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. پهريائين هاءِ ڪورٽ ۾ عبدالحئي قريشي ۽ جمال صديقي
سان ۽ بعد ۾ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان وڪالت ڪئي. ان کانپوءِ سکر ۾ پريڪٽس ڪرڻ
لڳو. اياز هڪ ذهين نوجوان ٿي اڀريو. سندس اسڪول ۾ انقلابي خيال اسريا. سندس ويهن
سالن جي ڄمار ۾ اشتراڪيت مطالعي جو خاص موضوع رهي. اسڪول ۾ استاد کيئلداس فاني
سندس سوچ ۽ شاعراڻي فن کي اوج ڏنو. هن شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي. هن جو
پهريون غزل شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”سدرشن“ جي جنوري-فيبروري ۱۹۳۸ واري شماري ۾ شايع ٿيو. سندس تخليق جو عنوان
”مرد خدا“ هو.
اياز هڪ وڪيل جي
حيثيت سان زندگيءَ جي ڪارزار ۾ گهڙيو. وڪالت سان گڏ سندس شاعريءَ جو دور به ڏينهون
ڏينهن سنڌ ۾ نمايان نظر اچڻ لڳو. ٽه ماهي مهراڻ -۱۹۵۵ع ۾ سندس ٽيهارو کن بيتن شايع ڪري هڪ شاعر
کي اثرائتو بڻايو ۽ هو شاعر جي حيثيت ۾ ايترو اڀري آيو جو مڃجي ويو ۽ رجعت پسند ڌرين
کي صدمو رسيو. اياز ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ڇپجڻ سان هڪ وڏي شاعر واري مڃتا حاصل ڪئي. ۱۹۶۵ع ڌاري ڌرتي جي حقن جي حاصلات واري جاکوڙ جي
ڏوهه ۾ کيس خطرناڪ قرار ڏئي گرفتار ڪيو ويو ۽ سکر جيل ۾ رکيو ويو. ۱۹۶۸ع ۾ ساهيوال جيل ۾ رکيو ويو ۽ ايوب جي حڪومت
ختم ٿيڻ تائين قيد ۾ رهيو. ۱۹۷۰ع ۾ هي شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو. شيخ
مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش ٺهڻ تائين اياز کي جيل ۾ رکيو ويو.
اياز جي پهرين شادي
بيگم زرينا سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ ۳ ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي ڄايون. هن ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪئي، جنهن
مان کيس ۳ ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايا. ۱۹۶۵ع ڌاري وراثت ۽ ٻين ڳالهين ڪري اياز ۽ بيگم
اقبال ۾ جدائي ٿي وئي. ۱۹۷۶ع ۾ اياز کي ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر
مقرر ڪيو ويو ۽ هن پنهنجو مدو چئن سالن تائين پورو ڪيو. انهن چئن سالن ۾ اياز کان ڪيترائي
دوست رسي ويا. انهي دوران ڪن کي گهربل نوڪريون مليون ۽ ڪن وري داٻو ڏئي ورتيون. ۱۹۶۲ع ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي
پاتم ڪينرو، ۱۹۶۳ ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ۱۹۶۳، ۱۹۶۴ع ۽ ۱۹۶۸ ۾ آمرن پاران ضبط ڪيا ويا.
۱۹۸۰ع ۾ وائيس چانسلري جو مدو مڪمل ڪرڻ بعد اياز سکر ويو. ۱۹۸۰ع ۾ سندس شعري مجموعو ”لڙيو سج لڪن“ ۾ ڇپيو
جنهن ۾ سندس طبع تي مايوسي، قنوطيت ۽ موت ڏي توجهه نمايان آهي. هن جواني وارن ڏينهن
۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم کي آجپي جو ذريعو ڄاتو پئي پر آخري عمر ۾ هن جي خيالن ۾ ڦيرو
آيو ۽ هن دعائون چوڻ شروع ڪيون. ان جو اهو به سبب ٿي سگهي ٿو جو سوويت يونين قائم
نه رهڻ ڪري هيڏي وڏي تبديليءَ اياز جي سوچ تي اثر وڌو. اياز زندگي جو گهڻو عرصو
سکر ۾ رهيو. آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ رهيو. دل جي بيماري ۽ ٻين عارضن
سان جنگ ڪندو رهيو. هي علاج لاءِ لنڊن به ويو، پر اتان موٽڻ بعد به مڪمل طور
صحتياب نه ٿيو. ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين ۽ ۲۹ ڊسمبر تي کيس ڀٽ شاهه تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. اياز سنڌ جي جديد شاعري
جو باني آهي. هي بيت، دوها، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، هائيڪا ڏيڊ سٽا، ڪهاڻين
سميت نثر جا بيمثال نمونا ڇڏي ويو آهي. انهن جو ادبي ۡڪٿ اياز جي جي وڃڻ بعد ساڻس
پيار ڪرڻ وارن لاءِ وڏو آٿت آهي. اياز کي سندس لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا
آهن.
شيخ اياز
مهان ڪوي
ارشاد ڪاغذي
قلم تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي،
جيڪڌهن توهان پاڙهو ۽ ڪتابن سان عشق ڪيو ٿا ته پوءِ اوهان کي ڄاڻ هوندي ۽ پڪ سان
چئي سگھو ٿا ته اها بلڪل صداقت آهي ته قلم زَبرو آهي. تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور
۽ اثر و رسوخ رکندڙ فرد مصنف آهن، جيڪي گھڻو ڪري ادب، تاريخ، فلسفو ۽ دانش جي
روشني سان جڳ کي جرڪائيندا آهن. قلمڪار انساني تاريخ جا تخليقڪار آهن، جن علم و
ادب، سياست، سماجي علم، شاعري. لوڪ قصا ۽ ڪهاڻيون، سماج جي سڌاري، واڌاري ۽ ارتقا
۾ پنهنجي پگھر جي پورهئي ۽ رت ست کي ملائي اهم واقعن جو بنياد وڌو ۽ دنيا جي ثقافت
تي پنهنجا نقش چٽي اردگرد جي ماحول کي بدلائي ڇڏيو. ڪيئي ڏات ڌڻي صبح سويري باک ڦُٽيءَ
مهل اٿي ڪري پنهنجي ڪم ۽ ڪرت ۾ جنبي ويندا آهن. ڪي وري رات جو ۽ ڪي اڌ رات جو قلم
سان نُور نچوئي ٻين لاءِ سوجهرو ڦهلائيندا آهن. جڏهن جهان وارا سمهيل هوندا آهن ته
اهي تخليقڪار ۽ اديب هوندا آهن، جيڪي راتين ۾ غور ۽ ويچار ڪري شاهڪار شاهپارا
تخليق ڪندا آهن. انهن عظيم انسانن کي ڪا پرواهه نه هوندي آهي ته سندن حوصلا افزائي
ٿئي ٿي يا نه! بنا لوڀ لالچ جي سماج جي تعمير ۾ پنهنجو سڦل ڪردار نڀائين ٿا.
شاعر ۽ اديب امن جا پيامبر آهن
۽ پنهنجي پيار جي پيغام کي پري پري تائين پهچائڻ جا جتن ڪندا رهن ٿا، بنا ڪنهن غرض
جي ته موٽ ۾ ڪو وڏي ننڍي بخشش بخشي ٿو، ڪجهه ڏئي ٿو، کين ڪا پرواهه ناهي هوندي ته ڪو
وڏو يا ننڍو سندس شعر کي داد ڏئي ۽ تعريف ڪري. عاشقن وانگر پنهنجي ڌنڌي سان لڳل -
عشق جو سفر اڻانگو آهي پر عاشق سر تريءَ تي رکي ڪسڻ قبوليو آهي! اديب، شاعر ۽ فنڪارن
ڪيئي صعوبتون برداشت ڪيون - جيل ڦاهيون، ڦٽڪا، جلاوطني! پر ڪڏهن به پنهنجي قلم کي
داغدار نه ڪيو ۽ پنهنجي ڏات کي سموري ڏيهه واسين ۽ ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. بيماري
سيماري، تڪليف، جيل يا سوريءَ جي سزا ۾ رهندي به سورن کي پاسيرو رکي ڏينهن رات
لکندا رهيا ۽ هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويا! اها ڏات، قوت ۽ شڪتي ... ظاهر
آهي ته شعور ئي اها سگھه ۽ ٻل فراهم ڪري ٿو... اها انوکي ڏات ۽ ڏانءُ آهي، جيڪو ڪوٽن
۽ ڪرنگن تي حملا ڪري بادشاهن جي ڪنگرن کي ڌوڏي ۽ لوڏي ٿو:
مون ڏات انوکي آندي آ، ٿي تند وڙهي
تلوارن سان،
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن ٿو
آنءُ سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن تون هيڻو
آ هٿيارن سا. - شيخ اياز
شيخ اياز (۲ مارچ ۱۹۲۳ع - ۲۸
ڊسمبر ۱۹۹۷ع) شڪارپور،
سنڌ، هند ۽ دنيا جو مهان ڪوي، جيڪو نه فقط ڪلاسيڪل ادب ۽ شاعري جو ترجمان آهي پر
جديد ادب ۽ شاعري جو اڏيندڙ پڻ آهي. سنڌي شاعري ۽ ادب کي نواڻ، ترقي پسند، ۽ جِهَت
جي جهان جي جُهدَ جو سرموڙ جوان آهي. سنڌي ادب کي فارسي جي تَقلِيدَ کان پاسيرو ڪيو
۽ جند ڇڏائي نج، نبار، سڌو سنئون، صاف ۽ شفاف بڻايو. سنڌ ۽ سنڌيت جي ثقافتي،
سماجي، علمي ۽ ادبي کيتر کي رنگ برنگي عالمي ادبي اصولن، روشن خيالي جي گلن سان مهڪايو.
سنڌي ادب ۽ شاعري جي سموري سٽاءُ، سنسار ۽ لقاءَ کي نئون نڪورو ڪيو. سنڌي ادب جي
عمارت کي نئين سر تعمير ڪري، پراڻي ڍانچي ۾ تبديلي آڻي جديد اڏاوت جو بنياد وڌو.
پراڻي ۽ دقيانوسي خيال، سوچ، عمل، فارسي زده سنڌي جي قالب ۽ قلب کي فارسي جي ڪوڙهه
جي مرض مان ڪڍي صحتياب ۽ نوبنو ڪيو. شيخ اياز قدرت جو ڪمال آهي يا ڌرتي جو پڙلاءُ
آهي. شڪارپور جي شهر جي تهذيب جو ورثو آهي يا وري سنڌين جي ڪوڪ ۽ آواز آهي. شيخ
اياز شاعري ڇو ڪئي؟ ڇا لاءِ ڪئي؟ ڪهڙي شڪتي ۽ قوت هئي جنهن هن کان لکڻ جو ڪم ورتو.
اهي اهڙا سوال آهن جن جا جواب هُن پاڻ ڏنا آهن.
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين،
ستي ساهه جاڳي، وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين جا سوين قافلا، رهگزر ۾،
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
ازل کان ابد تائين سک جون
باراتون،
جڏهن موٽ کائون، سوين ساز
آهيون،
سوين چنڊ چاهيون، ستارا تڳايون،
انهن سان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون،
اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون، پرين،
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين.
لاشڪ! هو مهان ڪوي آهي! اياز سنڌ
جو قومي شاعر ۽ هيرو آهي! هُو قومي ورثو آهي، هُو سنڌي قوم جو آواز آهي. ماريل، پيڙهيل
۽ مظلومن جو ڀرجهلو آهي. هُو شاعر جي روپ ۾ قدرت جو ڪرشمو آهي، هُو باهه، شعلو ۽ ڀنڀٽ
آهي ۽ مچ مچائي ٿو. شيخ اياز ايترو لکيو آهي جو ان جو ڪاٿو لڳائي نٿو سگھجي. هو
وهندڙ درياهه آهي. سنڌو وانگر موجن سان ڀريل ۽ بحر بي ڪنار! هُو انقلاب، آزادي،
فطرت، حسن، عشق ۽ ماڻهپي جو شاعر آهي.
“منهنجو فطري لڳاءُ شاعريءَ سان
آهي. مان محسوس ڪندو آهيان ته قدرت مون کي انساني جامي ۾ آندو ئي ان واسطي آهي ته
مان پنهنجا پراوا انساني ڏکڙا ڳايان، ڳوڙهن کي ڳالهڙين ۾ ڦيرايان، ٻوليءَ جي ڦلواڙيءَ
مان رنگ برنگي گل ڇنان، گلدستا ٺاهيان، گلدان سجايان! گيت ئي منهنجي جيت آهن: انهن
کان سواءِ منهنجي زندگي بي معنيٰ آهي- انهن کان سواءِ مان انهيءَ سوال کان ڪڏهن به
پيڇو نه ڇڏائي سگھندس ته مان زنده ڇو آهيان.” (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي. - شيخ اياز)
شيخ اياز شڪارپور جهڙي تهذيب
يافتا شهر ۾ اک کولي، هن جا وڏا علم و ادب جا شيدائي هئا. شڪارپور جي علمي، تعليمي
۽ ادبي درسگاهن مان علم ۽ ادب جون سرڪيون پي جوان ٿيو ۽ پنهنجي شهر ۽ سنڌ وطن جو
نالو هنڌين ماڳين، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اوچو ڪيو. شيخ اياز پنهنجي ديس ۽ سنڌي ادب
لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو ۽ ديس واسين جي دلين ۾ نئون جوش ۽ جذبو جاڳايو. اياز نفرت،
تعصب، تڪرار، ڪٽرپڻي جي سخت مخالفت ڪندي، برابري، جمهوريت، رواداري ۽ آزاديءَ جا
گيت ڳائي چوڏس چمڪيو ۽ روشني ڦهلائي. نئين لاٽ ۽ انوکي ڏات سان جڳ جرڪايو.
سوچئين تون متان مُون مٿان
مقبرو!
چنڊُ، تارا، ڪتيون،
سج جون مشعلون
مون مٿان روز ٻرنديون پيون
هي خدائي مجاور جيان،
روز مون تي ڪندا سوجهرو!
هن شڪارپور ۾ پيدا ٿيڻ، پڙهڻ،
جواني جي مستي ۾ عشق ۽ خمار ۾ گذاريل ڏينهن، راتيون ۽ لمحا ۽ يادگيرون، اُن وقت ۽
تڏهوڪي دور کي هُوبهو بيان ڪيو آهي ۽ اهي سڀ واقعا ۽ ڳالهيون جيئن جو تيئن پني تي
اُتاري پيش ڪيون آهن. هُن پنهنجي خاندان، ابي ڏاڏي، مٽن مائٽن، دوستن، يارن ۽
سنگت، هم ڪلاسي شاگردن، استادن، محبوبائن، حسين نارين ۽ واقعن کي کلي طرح اظهاريو
آهي. پنهنجي وارتا کي ساهه جي احساس ۾ سمائي اهي شاهڪار سِٽون تخليق ڪيون آهن، جيڪي
شهر، شخصيتن ۽ واقعن جي لاڳاپن جي هڳاءُ ۾ واسجي ويا آهن. هتي هيٺ چند نقش جيڪي
شيخ اياز پنهنجي قلم جي برش سان چٽيا آهن سي منهنجي ڊائري ۾ محفوظ هئا، ڇاڪاڻ ته
اهي مون کي پسند آهن تن کي اوهان آڏو ونڊي رهيو آهيان.
“مون شڪارپور ۾ ڪوه قاف جي پرين
جهڙا چهرا ڏٺا. جو به اُنهن جي سڏ تي ويو، وري نه موٽيو. شڪارپور جي ڌرتي پيار جي
اَمر ڪهاڻي آهي، جا کُٽِي نه کُٽڻي آهي. اُن جي کُنڀ تي روحَ اڇا اُجرا ٿي نڪرندا
هئا ۽ کوه جي تازي پاڻيءَ وانگر لڳندا هئا” (ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر - ۴، شيخ اياز)
زرينا هاڻي ڪنڀ ۽ ڪراچيءَ مان ڪڪ
ٿي پيا آهيون. اچ ته ٻي ڪنهن جاءِ تان، هن جک کان گھڻو پري چڪر هڻي اچون ۽ پوءِ موٽي
شڪارپور اچون. دائودپوٽن جي شڪارپور، ڪلهوڙن جي شڪارپور، ميرن جي شڪارپور، دُرانين
جي شڪارپور، آئي وئي لاءِ شڪارگاهه، جنهن جي پڪن رستن تي مان ايترو گھميو آهيان،
جو ان جي مَرُ منهنجي پيرن ۾ پيهجي چڪي آهي. ڪٿي نه ڀڃبو (ٿڪ مسافر، حصو ٻيون)
اياز به پرکنڊين پڌرو آهي. اياز
۽ شڪارپور جي عظمت وسارڻ جوڳي ناهي ۽ اهي ٻئي هميشه يادگار رهندا. مرنداسين ته مٽيءَ
مان پنهنجي، ڦٽندا سرخ گلاب،
کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنهنجا، بسنت
رُت جا خواب.
سنڌ اياز نه مرڻي آ
استاد لغاري
آئون هن کان اڳ ۾، ڪنهن
ليک ۾ لکي آيو آهيان، ته ڊسمبر وڇوڙن جو مهينو آهي. جنهن اسان کان، اسان جا عظيم
ليڊر، رهبر ۽ رهنما کسيا آهن. انهن ۾ شاعر، عالم، اديب، اسڪالر، سگھڙ، فنڪار ۽ قلمڪار
شامل آهن. شيخ اياز به اهڙن عظيم انسانن مان هڪ هيو، جيڪو اسان کان ڊسمبر مهيني ۾
جدا ٿي ويو.
مبارڪ علي عرف شيخ
اياز ولد غلام حسين ذات شيخ (جنم ۰۲ مارچ ۱۹۲۳ع وفات ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع) شڪارپور ۾ جنم ورتو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان
پوءِ، وڪالت شروع ڪيائين. جڏهن شاعري لکيائين، ته ماڻهو هن ڏانهن متوجه ٿيا. جڏهن ڪهاڻيون
لکيائين، ته ماڻهو هن ڏانهن ڏسڻ لڳا. ليڪن جڏهن هن جو پهريون ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي”
(خطن جو مجموعو) شايع ٿيو، ته ماڻهن جون ننڊون اُڏامي ويون. جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ۾
هڪ هنڌ لکيائين، ته “پيٽ انسان جي روح کان زياده اهم آهي. انهيءَ سبب انسان چوري، ٺڳي،
ڀڙوت، مارڌاڙ، رتوڇاڻ ڇاڇا نه ٿو ڪري! آدرش، اخلاق ۽ انسانيت، سڀ ان پيٽ جي تنور ۾
جلي رک ٿي وڃن ٿا. ڍءُ آهي ته ڍول به آهي، نه ته هر اُڪنڊ ۽ اُڪير مان مون کي ڪرسي
ٿي اچي. گرجا جو گھنڊ، مڙهيءَ جو سنک ۽ مسجد جي بانگ، سڀ آنڊري جي آنڌ مانڌ ۾
اجنبي ٿا لڳن. اها حقيقت اهو محسوس ڪري سگھندو، جنهن بک ڪڍي آهي. انهيءَ کي معلوم
هوندو، ته اِها ڄڀيءَ جيون جي هر اَمُلھ وٿ کي ڪيئن ڄرڪائي ٿي ڇڏي؟ ڍوڍي ۽ ٿوم جي
بُوءِ، روح جي هر خوشبوءِ کان زياده پياري آهي. چُلھ ۽ تئو، محراب ۽ ممبر کان
زياده مقدس آهي”. جڏهن اهي الفاظ رجعت پسند ماڻهن پڙهيا، ته انهن ۾ ٿرٿلو پئجي
ويو. هنن ڏٺو ته هاڻي انسانيت جو علم اوچو ٿيندو ٿو وڃي، ته اسان جي رهبانيت جو
الاءِ ڇا ٿيندو؟ شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو ته: “منهنجو فطري لڳاءُ شاعريءَ سان آهي،
مان محسوس ڪندو آهيان، ته قدرت مون کي انساني جامي ۾ آندو ئي ان ڪري آهي، ته مان پنهنجا
۽ پراوا ڏکڙا ڳايان، ڳوڙهن کي ڳالهڙين ۾ ڦيرايان، ٻوليءَ جي ڦلواڙيءَ مان رنگ
برنگي گل ڇنان، گلدستا ٺاهيان ۽ گلدان سجايان. گيت ئي منهنجي جيت آهن، انهن کان
سواءِ، منهنجي زندگي هار آهي، انهن کان سواءِ، منهنجي زندگي بي معنيٰ آهي، انهن
کان سواءِ، مان انهيءَ سوال کان ڪڏهن به پيڇو ڇڏائي نه سگھندس، ته مان زنده ڇو
آهيان؟”.
۽ پوءِ هڪ
دور اهڙو به آيو، جو هن جي ڪتابن تي پابنديون لڳڻ شروع ٿيون. سندس شاعريءَ کي ريڊيو
تي وڄائڻ لاءِ روڪ وڌي ويئي. فقير عبدالغفور جي آواز ۾، ريڊيو تي هڪ ڪلام وڄندو
هيو، “سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو؟ سهندو ڪير ميار وو يار!؟ جھول جھلي جنهن وقت ڀٽائي،
ڪِرندا ڪنڌ هزار وو يار!”. ون يونٽ جو دور آيو، ته سندس هڪ بيت تمام گھڻو مشهور ٿي
ويو.“ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نارا نينهن جا، سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين، پر
مُرڪندي”. آخرڪار هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جو کيس هٿڪڙيون لڳيون ۽ وڃي جيلن جون
کوليون آباد ڪيائين. جيل جي اندران ويهي لکيائين،“ اي آڪاش! مان تنهنجو ٿورائتو
آهيان، جو هن قيد ۾ به مون تي تنهنجا ڏيئڙا ٽمڪن ٿا ۽ تنهنجو چنڊ مون کي پنهنجي ٻيڙيءَ
۾ کڻي، ٻئي پار اُڪاري ٿو. جتي دک نه آهي، دولاب نه آهي، درد نه آهي، وڇوڙو نه آهي
۽ ماڻهوءَ جو نيچپڻو نه آهي. جتي ماڻهو ماڻهوءَ جي رت جو پياسو نه آهي. جتي مان روڪ
ٽوڪ کان سواءِ، پنهنجا سُپنا اُڻي سگھان ٿو ۽ اُنهيءَ ايندڙ وقت جو آڌرڀاءُ ڪيان ٿو،
جيڪو اڄوڪي سچ جو روپوش ساٿي آهي. اي جندڙي! مان تنهنجا به ڳڻ ڳايان ٿو، تون جو
دمِ غنيمت آهين، تو مٽيءَ کي مڻيا بخشي آهي، تو مون کي اُهي گيت ڏنا آهن، جي ڏاڍي
کان ڏاڍو به مون کان کسي نه ٿو سگھي. هن سنسار ۾ سڀڪجھ اَبناسي آهي. گيت موت کان ڏاڍو
آهي، ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگھي”.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي
رحه سان گڏوگڏ، شيخ اياز به منهنجو پسنديده شاعر رهيو آهي. مون شيخ اياز کي ايئن
سمجھيو آهي، جيئن شايد ئي ڪنهن ٻئي سمجھيو هجي! توڙي جو شيخ اياز عوامي شاعر نه
آهي، هو هڪ خاص لکيل پڙهيل طبقي جو شاعر آهي، پر پوءِ به جنهن ماڻهوءَ جو مطالعو
وسيع هوندو، جنهن هند، سنڌ، ايشيا، آفريڪا، آمريڪا ۽ يورپ جو ادب پڙهيو هوندو، ته
شيخ اياز کي اهو ئي ماڻهو، سڀ کان وڌيڪ سمجھي سگھندو. “هو ٻوليءَ جو وينجھر آهي،
ماڻڪن ۽ موتين جهڙا لفظ جڙيندو رهيو آهي. زندگيءَ جي زلفِ بام ۾، گلاب جا گل اٽڪائيندو
رهيو آهي. هو لفظن جو اهو بُتگر آهي، جنهن حسين ترين لفظ ڇلي، گھڙي، انهن مان عجيب
و غريب صنم خانو بڻايو آهي. هن جي دنيا حسين دنيا آهي، هن جي تخليق حُسن جي تخليق
آهي”. هن جو نثر توڙي نظم، ايترو ڀاري آهي، جو ان کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي لاءِ صديون
کپن. “دنيا ڏاڍي ننڍڙي آهي، ڄڻ ڪا وھُ جي ڳنڍڙي آهي. ڪن کي رنگ ورهايو آهي، ڪن کي
نسل ڀري نفرت سان، آپس ۾ اٽڪايو آهي.(شيخ اياز)” اديبن جا اديبن تي حملا، جُلهون،
اُلرون، ٻين جا تختا ڪڍڻ، ٻين کي ناحق چور ثابت ڪرڻ، جلاد، بگھڙ، واگھ ۽ واڳون ته
انهن جي مقابلي ۾ بلڪل ننڍڙا ۽ بي ضرر آهن. هڪ اديب اگر ڪنهن ٻئي اديب جو رقيب ۽
حاسد ٿي پوي، ته وڏن وڏن ظالمن کي به پوئتي ڇڏي وڃي ٿو. سائين جي ايم سيد جي خلاف
به هڪ منظم تحرڪ هلائي ويئي. ان جي ڪتابن کي آڏو رکي، ان جي خلاف هڪ سڄو سارو ڪتاب
شايع ڪيو ويو، جنهن جو نالو هيو “ جي ايم سيد ڪِي ڪهانِي”. اهڙيءَ ريت، شيخ اياز
جي خلاف، جڏهن رجعت پرست اديبن ڪاتيون اُڀيون ڪيون، ته ان جي خلاف به هڪ عدد ڪتاب
شايع ڪري ورتائون، جنهن جو نالو هيو“ادب ڪِي آڙ ۾”. ساڳي وانگر، اگر منهنجي خلاف
به ڪو ڪتاب شايع ڪيو ويو، ته مون کي خوشيءَ ٿيندي. ڇو جو انهيءَ عمل سان، آئون
سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز جي حلقي ۾ ضرور شامل ٿي بيهندس.
مون کي ڇڏي ڏيو ته
اڄ آئون ڍءُ ڪري لکان، ايترو لکان، اهڙو لکان، جو ٻنا ۽ ٻارا سڀ ٻوڙي ڇڏيان. “ترس
اي حُسنِ ازل! اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نه ٿو. ترس، تو مان ڪجھ ته ڍراپن، هاءِ!
هي اکڙيون ڀنل، اڄ ته منهنجو روح رڄجي ئي نه ٿو”. “ڪيئن ڪريان مان؟ ڪنهن به ريت،
منهنجي من کي چين ناهي. هاءِ! ڪهڙي رات آهي؟ چنڊ منهنجو ناھِ مِيت. هار ڪائي هار
ناهي، جيت ڪائي ناهي جيت. تون ڪٿي آهين پرين!؟ آهي ڪٿي اڄ تنهنجي پريت؟ منهنجي من
کي چين ناهي” . “اي سچ! تون چنڊ جو پاڻيءَ ۾ پاڇو آهين، تو کي ڪائي ضرب ڀڃي ڀورا
نه ٿي ڪري سگھي.(شيخ اياز)”. ۽ پوءِ جڏهن آئون رجعت پرست دقيانوسي اديبن جي پرواھ
نه ڪندي، ڪيئي ڪتاب لکي ورتا، ته مون کي ڪنهن به شاباس ڪو نه ڏني، ليڪن لعنت ڏيڻ
جي لاءِ، هر ڪنهن کي ڏاڍي تڪڙ هئي. “هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نه مرڻي
آ. آخر هي رات گذرڻي آ، تو ڇو گھٻرايو آ پيارا!؟ هي سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏس ڪو
ئي آيو آ پيارا!”.
شيخ اياز ادبي دنيا
جو، اُهو اُونهو اوڙاھ عميق سمونڊر آهي، جنهن کي سمجھڻ ۽ تري ڇُهڻ جي لاءِ، سامونڊري
سُونهان، اُونهي جا آگاھ ۽ ڪُنن جا ڪوڏيا گھرجن. مون مَئي مَتي مهراڻ جي ساحل تي
ويهي، ڪُجھ ڇوليون ڇڇوليون آهن، جھڳيون جھيرڻي سان جھيڙيون آهن ۽ پاڻيءَ جو منڌاڻيون
ويهي ولوڙيون آهن. منهنجي پيار جي پورهئي کي، پڙهندڙ پهريان پڙهي، پوءِ پڪ ڪري ٻڌائين،
ته انهن لهرين ۾ لعلون ۽ هيري ڪڻيون هٿيڪيون آهن، يا مورڳو ئي آهن سانگوٽا ۽
سُتيون؟
ڊيلي جيجل، سنڌ ڌرتي
۽ هلال پاڪستان جمعو ۲۸ ڊسمبر ۲۰۱۸ ع جي ٿورن سان.
شيخ اياز
کيس پنهنجي جنم ڀومي ۾
به پذيرائي ملڻ گهرجي!
نسيم بخاري
ننڍي کنڊ جي وڏي
شاعر شيخ اياز کي اسان کان وڇڙي ۲۱ ورھيه گذري ويا آهن. انهن ۲۱ ورهين ۾ سندس جنم ڏڻ يا ورسيءَ جي مناسبت
سان سنڌ جي وڏن شهرن ڪراچي يا حيدرآباد ۾ ته گهڻ رخا پروگرام منعقد ٿيندا آيا آهن،
پر جنهن سطح جو هو شاعر هو، ان سطح تي شايان شان ڪو پروگرام سندس جنم ڀومي شڪارپور
۾ نه ٿي سگهيو آهي. اها الڳ ڳالھ آھي ته سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پنهنجي وس ۽
وت آهر کيس ياد ڪندي رهندي آهي ۽ ڪڏھن به سندس جنم ڏينهن يا ورسيءَ جي موقعي تي
وساريو ناهي.
حيدرآباد جي ’خانه
بدوش‘ ۾ گذريل سال جيان هن سال به جڏهن ’شيخ اياز ميلو‘ ملهايو ويو ته منهنجي ذهن
۾ اهو خيال آيو ته آخر شيخ اياز ميلي جو انعقاد شڪارپور ۾ ڇو ڪونه ممڪن بڻجي سگهيو
آهي؟ اها شڪارپور جتي شيخ اياز زميندار ۽ شاعر غلام حسين شيخ جي گهر شيخ محلا ۾ جنم
ورتو، اها شڪارپور جنھن جي جماڻي حال پرائمري اسڪول ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين.
هن موجوده قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول ۾ مڊل جو امتحان ڏنو ۽ مئٽرڪ موجوده هاءِ اسڪول
۲ مان ڪيائين. شيخ اياز شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ پڙهيو. هو اڪثر
شاعري ڪرڻ شاهي باغ ويندو هو. هن پنهنجي شاعري ۾ به پنهنجي شهر ۽ شهر جي مختلف علائقن
۾ توڙي شاهي باغ ۽ سنڌ واھ کي ساراهيو آهي. ۽ عشق به شڪارپور ۾ ڪيو ۽ پنهنجي تدفين
جي حوالي سان وصيت به الف شاھ شهيد واري قبرستان جي حوالي سان ڪئي هئائين. هو شڪارپور
کي هڪ شهر نه پر ڪيفيت سمجهندو هو. هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ سنڌ واھ جي رونقن بابت جيڪو
لکيو آهي، تنهن کي پڙهي دل ۾ هڪڙي حسرت جنم وٺندي آهي ته اسان جو جنم به جيڪر انهن
ڏينھن ۾ ٿئي ها، جڏهن شڪارپور سچ پچ به سنڌ جو پئرس هئي. جڏهن شيخ اياز جي لفظن ۾
شڪارپور ۾ ڪو ايجوڪيشن سسٽم هوندو هو، ڇوڪرا ڇوڪريون سائيڪلن تي چڙهي سي اينڊ ايس ڪاليج
ايندا هئا ۽ جڏهن ڪو فنڪشن ٿيندو هو ته رات جو دير سان بنا ڪنهن خوف جي سائيڪلن تي
گهر موٽندا هئا. هندو- مسلم هڪ ٻئي جي ڏکن سکن ۽ خوشيءَ وارن ڏهاڙن ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي
ھوندا ھئا. اهي خوشيون ۽ غميون گڏجي ملهائيندا هئا. شڪارپور جي شاهي باغ ۾ دنيا جو
هر گل ۽ ٻوٽو هوندو هو. سنڌ واھ تي مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ سوئمنگ پول هوندا
هئا. صبح شام روڊن تي ٻهاريون اينديون هيون ۽ ڇڻڪار ڪيا ويندا هئا. شيخ اياز شڪارپور
۾ موسيقي جي هانڊن جو ذڪر به زبردست نموني سان ڪيو آهي. هن شڪارپور ۾ پنهنجن استادن
جي تربيت جي به زبردست ساراهه ڪئي آهي، همعصر دوستن ۽ شاعرن کي به نه وساريو آهي.
جهڙيءَ ريت سنڌ ۽
هند جي شعور ۽ شاعريءَ، قومي سجاڳيءَ توڙي ڪاروبار ۾ اياز جي جنم ڀوميءَ جو تمام وڏو
ڪردار آهي. اهڙيءَ ريت سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاعريءَ ۾ شيخ اياز سڀ کان نرالو ڪردار
ادا ڪيو آهي، پر افسوس اهو آهي ته ان جي جنم ڀومي ۾ کيس ڀرپور طريقي سان ڀيٽا ڏيڻ
لاءِ ڪا به سرگرمي سامهون نه آئي آهي.
ڪجھ سال اڳ شڪارپور
جي اديبن، شاعرن ۽ سڄاڻ ماڻھن شيخ اياز جي نالي سان يونيورسٽي قائم ڪرائڻ لاءِ
جدوجهد ڪئي، جيڪا اڄ حقيقت جو روپ ڌاري چڪي آهي. اها هتي جي ماڻهن جي پنهنجي عظيم
شاعر سان محبت جي اظهار کانسواءِ ٻين شهرن جي ماڻهن لاءِ پنهنجي پنهنجي عظيم هستين
جي حوالي سان ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ ۽ ادارا ٺاهڻ واري واٽ به آهي.
گذريل سال سنڌي
ادبي سنگت شاخ شڪارپور سيڪريٽري ۽ جديد غزل جي حوالي سان مشهور شاعر سجاد مهر جي اڳواڻي
۾ اجرڪ ڪلب شڪارپور ۾ ڀرپور نموني سان شيخ اياز جي ورسي ملهائي هئي. جنھن ۾ بيدل
مسرور سچ وڏو ڏوهاري ٻڌائي وڏو داد حاصل ڪيو هو پر هن ڀيري اهو اجرڪ ڪلب هڪ ڪاموري
جي قبضي هيٺ آهي. ان انياءَ خلاف شڪارپور جي سياسي، سماجي ۽ حڪومتي ڌرين ڪک ڀڃي ٻيڻو
نه ڪيو آهي، ان ڏس ۾ ڪڏهن اديبن آواز اٿاريو ته انھن کي به قيد ڪرايو ويو ۽ ادبي
سرگرمين تي پابنديون لڳايون ويون. شڪارپور انتظاميا جي اهڙي عمل تي ڀل ته گهڻ رخي
خاموشي ڏٺي وئي هجي پر تاريخ اهڙي عمل کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
هن ڀيري جڏهن سڄي
سنڌ ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو، تڏھن ماضيءَ جي پئرس شڪارپور جو اجرڪ ڪلب ماٺو رهيو ۽
حيرت جهڙي ڳالھ اها آهي ته ڪنهن به اخبار ۽ ٽي وي چينل ان ماٺاڻ کي نروار ڪرڻ جي
ضرورت محسوس نه ڪئي. اديبن جي احتجاج کانپوءِ ڊي سي شڪارپور ٽن مهينن اندر آرٽس ڪائونسل
ٺاھڻ وارو نوٽيفڪيشن ته جاري ڪيو پر نون مهينن کان به وڌيڪ عرصي گذرڻ باوجود به
عملي طور تي ڪجھ نه ٿي سگهيو آهي. آرٽس ڪائونسل جي ميمبر سازي ۽ باڊي ٺاهڻ ته
پنهنجي جاءِ تي پر آرٽس ڪائونسل جي ڪميٽي جي ميمبرن جي اڄ ڏينهن تائين ڪا گڏجاڻي
نه ٿي سگھي آهي. نه رڳو ايترو پر ڪاميٽي ۾ ميمبر ڄاڻايلن کي نوٽيفڪيشن جي ڪاپي به
نه ڏني وئي آهي، کين فون ذريعي به اطلاع نه مليو آهي، ان سڄي صورتحال تي جيترو
ماتم ڪجي اهو گهٽ آهي ۽ اها بيان ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري محسوس ڪئي وئي آهي ته پڙهندڙ
اندازو لڳائي سگهن ته شيخ اياز جي جنم ڀوميءَ جي ضلعي انتظاميا ڪيتري ادب دوست
آهي!؟ اِهو اُنهن جي روين جو ئي عمل دخل آهي جو اڄ شڪارپور انتهاپسنديءَ جو ڳڙھ
تصور ڪيو پيو وڃي ۽ شڪارپور ۾ ۵ بم ڌماڪا ٿي چڪا آهن. قبيلائي دهشتگرديءَ بعد شڪارپور ۾
جڏهن کان تعصب پرستي تقويت ورتي آهي تڏهن کان ان جو تعارف ئي تبديل ٿي ويو آهي. ھاڻ
ته ساوڻ ۾ اهي مينهن به نٿا پون جن جي پسمنظر ۾ شيخ اياز لکيو هو ته:
سرتا شاهي باغ ۾
انبن جي هيٺيان،
او شل ٻڌان مان، ٽپ
ٽپ سانوڻ مينھن جي.
شيخ اياز شڪارپور
جي دل لَکيدر جي پسمنظر ۾ اهو بيت چيو آهي ته:
ڌرتي تي ڌرڻو ڪري
تيسين شال ترسان،
جيسين ڏسان ميڙاڪا
لَکيدر ڀرسان.
ڇڳل ڪَنڍين جان، جيڪي
ڇڙ ڇڙ ٿي ويا.
هن شڪارپور جي گهٽي
کي به ڏاڍي پاٻوھ سان اظهاريو آهي، جنهن جي جيڪا نسبت آهي سا شيخ اياز لاءِ وڏي
اهم ڳالھ آھي، اهو ئي سبب آهي ته اهو علائقو اياز کي سدائين ياد رهيو آهي ۽ هن
لکيو آهي ته:
جنھن مان رستو ٿي
ويو، تنهنجي گهر تائين،
ڪاري نهائين وسري-
وسري ڪينڪي.
شيخ اياز سنڌ جي
ماضيءَ جو ماضي ۽ مستقبل جو مستقبل آهي. هو سامي جي سلوڪن جو سرواڻ آهي ۽ سچل جي
صدا جو آواز آهي، لطيف الوهي آواز جو پڙلاءُ آهي. سچ پچ ته شيخ اياز سنڌ جي صوفي
صدا آهي، ان لکيو آهي ته،
تون جو مونکان
پوءِ، ڪنهنجو ٿيندين ڪينرا.
واڪا ڪندي ووءِ،
صديون تو لئي سنڌڙي.
حقيقت اها آهي ته وڏن
شهرن ۾ وڏا ادارا به آهن ۽ سوچ سمجھ به گهڻي آهي. ان ڪري انهن شهرن ۾ عظيم شخصيتن
جي حوالي سان ٿيندڙ پروگرام شهرين جي سجاڳي جي ساک ته ڏين ٿا، پر ڪن انقلابي
تبديلين جي پڪار ثابت نٿا ٿين، جڏهن ته ننڍن شهرن ۾ ان قسم جون تقريبون سڄو ماحول
جيڪڏهن بدلائي نه به سگهن، تڏهن به تبديليءَ جي تمنا کي يقيني ضرور بڻائن ٿيون.
تنهن ڪري اسان کي
به گهرجي ته پنهنجي قومي محسن شيخ اياز جي جنم ڀومي ۾ ان جي پيغام ۽ فڪر کي ڦهلائڻ
جي ڀرپور ڪوشش ڪيون ته جيئن انتهاپسندي، جهالت، قبيلائي دهشتگردي ۽ ڪارو ڪاريءَ جهڙن
واقعن ۽ المين مان سماج کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي. ان ڏس ۾ ضروري اهو آهي ته هر سطح تي اياز شناسي وارو احساس پنهنجي
پوري شدت سان نه رڳو محسوس ڪيو وڃي پر اهو ٻين کي محسوس ڪرائڻ جي ڪامياب ڪوشش به ڪري
ڏسجي. ان ۾ ئي معاشري جي بهتري آهي ۽ ان عمل سان ئي سمورن انسان دشمن منفي لاڙن کي
مات ڏئي سگهجي ٿي.
پاڻ جيڪڏهن ايندڙ
بهار جي مارچ کان شڪارپور ۾ شيخ اياز ميلي جي انعقاد جو اهتمام ڪرڻ وارو ارادو ڪيون
۽ سندس جنم ڏينهن ٻه مارچ کان هڪ هفتي تائين مختلف تقريبن جو انتظام ڪيون ته اهڙو
انتظام ۽ اهتمام نه رڳو سماج تي سٺا اثر وجهي سگهي ٿو پر سنيها به ٺاهوڪا ڏئي سگهي
ٿو. جن جن ادارن ۾ شيخ اياز تعليم پرائي آهي، انهن سمورن ادارن ۾ شيخ اياز جي
شاگرد دوستن ۽ همعصر ساٿين کي گڏ ڪري مختلف موضوعن سان پروگرام منعقد ڪري سگهجن ٿا.
هڪڙي تقريب شاهي باغ ۾ ڪوٺائي سگهجي ٿي، هڪڙو پروگرام شيخ محلا ۾ به ٿي سگهي ٿو.
اهي سڀ جو سڀ سرگرميون جيڪڏهن شروع ڪيون وڃن ته پرائمري سطح کان ڪاليج سطح تائين
شاگردن ۾ نه رڳو اياز شناسي واري آگاهي اچي ويندي پر اهي خود به اياز جي واٽ تي
هلندي مستقبل جا اياز ٿي سگهندا. اهڙي طرح سان شيخ اياز جي پاڙي ۽ جنم ڀومي ۾
وقتائتا پروگرام ڪري ماڻهن ۾ خود اياز واري واٽ کي نه رڳو متعارف ڪرائي سگھجي پر
انهن کي شيخ اياز جي ڪارڪردگين واري دڳ تي به لائي سگهجي ٿو.
سنڌ ثقافت کاتو ڊويزنل
يا ضلعي انتظاميا توڙي ادبي سنگت ڀل ته ننڊ ستل هجن پر گهٽ ۾ گهٽ شيخ اياز جي شھر
جون سڄاڻ ڌريون ته ڪا مهم هلائن.
شيخ اياز کي
پذيرائي جي ڪا ضرورت نه آهي پر اياز جو فڪر اسان جي ضرورت ضرور آهي. ڇو ته ان سان
انسان جي ارمانن واري دنيا لاڳاپيل آهي. سک، سلامتي ۽ خوشي لاڳاپيل آهي. سڀ کان وڏي
ڳالھ ته ماڻهپو لاڳاپيل آهي ۽ اڄ جي ماحول ۾ سڀ کان گهڻي کوٽ ماڻهپي جي آهي.
شڪارپور ۾ جيڪڏھن
شيخ اياز ريسرچ انسٽيٽيوٽ قائم ٿي پئي ته اهو سنڌ جي اُتر وارن سمورن ضلعن ۾ ادبي
سرگرمين توڙي تحقيق جي حوالي سان ڪيترائي نوان رستا کولي سگهي ٿو.
شيخ اياز اهو بلڪل
درست لکيو هو ته صدين کانپوءِ هن جي فن فڪر جي مڪمل تڪ تور ڪرڻ وارا پيدا ٿيندا.
شيخ اياز جي اها ڳالهه پنهنجي دور جي حالتن جي پسمنظر ۾ ڪيل هئي، جنھن ۾ ڀرپور
مايوسيءَ جو اظهار به محسوس ڪري سگهجي ٿو. ان لڪيل مايوسيءَ کي پاڻ ڪنهن نئين اميد
۾ تبديل نٿا ڪري سگهون.
شيخ اياز
مهان شاعر جو وڇوڙو
ابراهيم لاشاري
سونهاري سنڌ علم
ادب جو اهو خطو آهي جتي صدين کان هيرا، ماڻڪ موتي مڻيادار انسانن پئي جنم ورتو آهي،
انهن منجهه بزرگ، ولي، عالم، اديب، صحافي، شاعر، سگهڙ، وقت به وقت سنڌي ادب منجهه
پنهنجو نالو نروار ڪرائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي، جڏهن شاعرن جي صف ۽ موتين جي مالها کي
ڏسبو ته ته ڪيترائي ماڻڪ ان مالها جي زينت بڻيل نظر ايندا. اهڙن شاعرن منجهان سڄي ڌرتي
سان پيار ڪندڙ ڌرتي جو وڏي مان وڏي عظيم شاعر جو نالو اسين فخر سان وٺنداسون ته لڄادار
لطيف سائين سڀني شاعرن کان اعلي ۽اتم درجي جو نظر پيو ايندو. مڱر ويهين صدي تي نظر
ڪبي ته لطيف سائين جو سڪون وري شيخ اياز پيو لاهڻ ۾ چٽو پٽو نظر پيو ايندو. اڄ کان
۱ ۲ سال اڳ
تاريخ ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع آچر ڏينهن سنڌي ادب ۽ جديد شاعري جو مهان شاعر سموري
سنڌي ادب کي سوڳ ۾ ڇڏي راهه رباني ٿيو مڱر ڪافي عرصو گذري وڃڻ باوجو هن جي گيتن جي
گونج ۽ شاعري جو لفظ لفظ اڄ به سماج جي
ترجماني پيو ڪري، اڄ به ان ئي زماني جيان سندس شاعري گونجي ٿي جئين پاڻ پنهنجي
زباني چئي ويو ته:
ڇني گل گلاب جا، ڪيئي
ڌارو ڌار،
اڙي موت ميار، ايڏو
ساڙ سڳنڌ سان.
سنڌ جو هي مهان
شاعر سنڌ جي سهڻي، قديم ۽ تاريخي شهر شڪارپور جي بنگل پاڙي جي معزز شخصيت محترم
شيخ غلام حسين ولد شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ جي گهر پرهه ڦٽي مهل ۲ مارچ ۱۹۲۳ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن پهريون ساهه کڻي هن
رنگارنگي جهان ۾ پيدا ٿيو سندس تربيت علمي، ادبي گهراڻي منجهه ٿيڻ سبب ننڍي هوندي
کان کيس الله تعالي وڏي ڏات سان نوازيو هو
پڙهڻ جي لائق بڻيو ته سندس والدين ڦرهي هٿ ۾ ڏئي شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ شڪارپور جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان بنيادي تعليم پرائي وڌيڪ انٽر جي تعليم شڪارپور
جي مشهور ڪاليج جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان ۱۹۴۲ع ڌاري حاصل ڪيائين وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڪراچي جو رخ ڪيائين
۱۹۴۴ع ڏاري ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان گريجوئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين تنهن بعد
سندس کي قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو
شوق جاڳيو پاڻ ان زماني ۾ ايل ايل بي سال ۱۹۵۰ع ڌاري ايس ايم لا ڪاليج منجهان حاصل ڪري وڪالت جي ڪرت ڪرڻ
شروع ڪيان ڪجهه عرصو ڪراچي شهر ۾ وڪالت ڪرڻ بعد سکر شهر اچي وسايائين ۽ اتي وڪالت ڪرڻ
۾ مصروف ٿي ويو. هن ننڍي هوندي کان ئي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي جڏهن ڇوٿون درجو پڙهندو
هو ته هڪ رسالي ۾ سندس جو (نظم) ڇپيو هو مڱر باقائده طور سال ۱۹۴۶ع کان ادبي دنيا ۾ لکڻ شروع ڪيائين سندس ڇٺي
جو نالو (شيخ مبارڪ علي) جي نالي سان ڪوٺيو ويو مگر جڏهن شاعري ڪيائين ته علمي ۽
ادبي دنيا جي رنگ ۾ وري (شيخ اياز) جي نالي سان پاڻ کي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايائين
جيڪو نالو اڄ تائين هزارين ماڻهن جي دلين زنده ۽ جاويد آهي ۽ سڃاڻپ پڻ آهي سنڌ جي
هن مهان شاعر شعر و شاعري جي شروعات (کيئلداس فاني) جي اثر هيٺ ڪئي. جيڪا سال ۱۹۴۷ع کان وٺي ۱۹۹۷ع تائين جاري ساري رهي ، هو ڪڏهن به نه ٿڪيو.
سندس شاعري جو پهريون مجموعو سڀ کان اول اردو (شعرن) جو ننڍڙو مجموعو (بوئي گل
نالئه دل) سال ۱۹۵۴ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو. تنهن بعد سال ۱۹۶۲ع ڌاري سندس شاعري پهريون سنڌي زبان منجهه
مجموعو (ڀونئر ڀري آڪاس) پاڪستان رائيٽرز گلڊ ڪراچي ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. شيخ اياز
کي الله تعالي شاعري جي اهڙي ته ڏات عطا ڪئي هئي جو سنڌي ادب جي سڀني صنفن کي
پنهنجي ڏات سان جرڪائي نروار ڪرايو پوءِ اهو غزل، هجي يا وائي دهو هجي يا نظم،
آزاد نظم هجي يا نثراڻو نظم گيت هجي يا لوڪ گيت ٽيڙو هجي يا بيت سڀئي صنفون سندس
محتاج نظر اچن ٿيون سندس سڀني ادبي رنگن ، صنفن تي وڏي دسترس حاصل هئي. شيخ اياز
سنڌي ادب جي سمورين وصفن تي قلم کڻي جهجي انداز سان لکيو آ سندس خاص موضوع سونهن، ڏک،
درد، عشق، پيار، امن، سلامتي، وصل، وڇوڙو، ڌرتي جا مسئلا، ڌرتي سان پيار پنهنجي
اندر جو آواز هڪ سهڻي سليڪي سان ظاهر ڪيو آ سندس شاعري ۾ موضوع رڳو سنڌ ڌرتي ناهي
هن جي شاعري منجهان مظلوم قومن جي ڳالهه ظاهر آهي شيخ اياز وٽ انسانيت سڀني کان
اتم ۽ اعلي ۽ اهم آهي شيخ اياز محبوب جي هر انداز کي پنهنجي ڏات سان ظاهر ڪري بيان
ڪري ٿو.
ڪنهن ڪاري چڳ تي
رات کٽي، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽي،
ائين وقت ڪٽيو،
ائين عمر لٽي، سڀ سانگ سجايو آ پيارا.
شيخ اياز پرين جا
پير ڏسي ماڳ جو رستو منجهيو ٿو پوي ۽ پنهنجي من اندر جي ڳالهه هن طرح ظاهر ڪري ٻڌائي
ٿو ته؛
چمڪي وڄ وجود ۾، ڏٺم
پرين جا پير،
اونده ۾ اوير
منجهايو هو ماڳ کي
شيخ اياز جي شاعري
رومانيت جي پهلو سان ٽم ٽار لکي پئي آهي سندس رومانيت واري پهلو ۾ لفظن جو سٽاءَ
موتين جي مالها جيان چٽيو اٿس، سندس لفظن
جي چونڊ به اعلي درجي جي آهي شيخ اياز جي گيت واري صنف به نهايت اعلي درجي آ هو
گيت جي صنف ۾ مومل جي واتان راڻي کي انتظار ۾ پنهنجي زباني چوائي ٿو ته:
رات آئي وئي تون نه
آئين ڪهي،
ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ
روئندي رهي
شيخ اياز سنڌي زبان
جو محبوب شاعر هو سندس شاعري سنڌ جي هر طبقي جي دل جي ڌڙڪن آهي شيخ اياز هڪ بهترين
اعلي درجي جو نثر نويس به هو جنهن جي نثر جي سٽ سٽ، لفظ لفظ سهڻي ۽ لاجواب آهي
سندس نثر وسيع مطالعي ۽ گهري فڪر جو اولڙو آهي شيخ اياز ٻولي جو بادشاهه ۽ سنڌي لفظن
جو لغت جو رهبر آهي شيخ اياز جي نثري صنفن ۾ سفرنامه، تقريرون، آتم ڪهاڻي، نوٽ بوڪ،
ٽڪرا، ادبي خط، افسانا ڪهاڻيون، ڊائري ۽ انٽرويو تمام اعلي نموني جا آهن، شيخ اياز
جي شخصيت ۽ سندس تخليقي فن ڪنهن به رسمي تعارف جا محتاج ناهن شيخ اياز کي عالمگير
شهرت حاصل هئي شيخ اياز سنڌي ادب جي پنهنجي پورهي سان جهول ڀري ويو آهي سندس وفات
مهل تائين ۶۵ ڪتاب مختلف زبانن ۾ ڇپجي چڪا هئا ۽ ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب
پڻ ڇڏي ويو ، شيخ اياز کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري ڪيترين ئي ٻولين ۾
ترجمو ٿي چڪي آهي جن ۾ اردو، انگريزي، سرائيڪي، جرمني، گريڪ، روسي، وغيره شيخ اياز
کي اهيو به اعزاز حاصل آهي ته هن ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح جي رسالي جو اردو ۾ مڪمل منظوم ترجمو پڻ ڪيو آهي، شيخ اياز شاهه عبداللطيف ڀٽائي
گهوٽ کي نهايت عظمت وارو درجو ڏيندڙ هو شيخ اياز پاڻ کي لطيف سائين جي پيرن جي پڻي
سڏيو آهي ،لطيف سرڪار کان علاوه حضرت سچل سرمتؒ ۽ سامي کي ۾ مڃتا ڏئي پنهنجي شاعري واري زبان ۾
چوي ٿو ته :
سچل سامي ڀٽ ڌڻي
جنهن ۾ ڀي ڪا قرب ڪڻي
آءُ انهي جي پير پڻي
ڇو ته اهو هي ڌرتي
آ
ڇو ته ڇپر مان ڇاٽ ڇڻي
هونئن ته مون ۾ آءُ
گهڻي
هونئن ته مون ۾ آءُ
گهڻي
شيخ اياز جي شاعري
۽ نثري ڪتاب لڳاتا ڇپجندا رهيا آهن جن ۾
ڀونر ڀري آڪاس، جي ڪاڪ
ڪڪوريا ڪاپڙين، ڪلهي پاتم ڪينرو، اڪ جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني، پتڻ ٿو پور ڪري، ڪي جو ٻيجل
ٻوليو، ڪپر ٿو ڪن ڪري، جڳ مڙي سپنو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهن ٿا شيخ اياز مڃتا
طور ڪيترا ئي اعزاز ۽ ايوارڊ مليا جن منجهه ۲۳ مارچ ۱۹۹۴ع تي پاڪستان سرڪار پاران ملڪ جو سڀ کان وڏو
ادبي اعزاز (هلال پاڪستان ۽ ۱۶ آڪٽوبر ۱۹۹۴ع تي (فيض احمد فيض) ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو شيخ اياز
جو فن ۽ فڪر انهن سڀني اعزازن کان تمام گهڻو مٿانهون آهي شيخ اياز پنهنجي زندگي ۾ ٻه
شاديون ڪيو جن منجهان چار پٽ ۽ چار ڻياڻين جي اولاد اٿس هي دنيا بي بقا آهي ڪهڙا
به من موهيندڙ انسان هجن مڱر آخر سندن خاڪي پتلو مٽي ۾ ملڻو آهي شيخ اياز به ۷۴ سال ۹ مهينا ۲۶ ڏينهن زندگي جا گذاري اسر ويل ۴ وڳي ڌاري ڪراچي جي مڊليسٽ اسپتال منجهه دل
بيهي وڃڻ سبب هميشه لاءِ ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع آچر ڏينهن سڀئي ادبي مصروفيتون ڇڏي پنهنجي
ڏاڏڻي ڏيهه واري سفر تي روانو ٿي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، سنڌ جي هن مهان اديب، شاعر
شخصيت جي ميت کي هزارين اديبن جي سڏڪن ۽ لڙڪن سان ڀٽ شاهه تي آڻي دفن ڪيو ويو. سندس
آخري آرم گاهه ڀٽائي سڳوري جي پاڙي ڪرار ڍنڍ جي ڪنڌي تي ڀٽ شاهه ۾ آهي سندس جنازي
جي نماز ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي پنهل فقير ادا ڪرائي سندس اڄ ۲۱ ورسي ۲۸ ڊسمبر ۲۰۱۸ع ملهائي ويندي ورسي جي موقعي تي
سنڌ جا اديب، ڏات ڌڻي مختلف شهرن ۾ سندس
فن ۽ فڪر تي روشني وجهندا ۽ لفظن جي ڀيٽا پڻ پيش ڪندا. شيخ اياز اڄ به سنڌي ماڻهن
جي دلين ۾ زنده آهي هو شاعري واري زبان سان پاڻ ڳالهائي چوي ٿو ته
مرڻو آهي سڀ کي،
مرندو هت هر ڪو،
گنگا جي گود ۾ ڪو،
سنڌ ڀر ڪو،
اهڙو ڪم ڪر ڪو، جيڪو
ماري موت کي.
شيخ
اياز
صديءَ
جو عظيم شاعر
طارق عزيز شيخ
سنڌي شاعريءَ جو
صدين کان مان مرتبو اعليٰ رهندو اچي پيو، اهڙا شاعر جن کي صدين کان وٺي نمايان طور
اوليت ۾ ڳڻيو ويو آهي، اهي تاريخ جي سونهري ورقن ۾ بار بار ورجايا ٿا وڃن، اهڙن
صدين جي شاعرن ۾ شيخ اياز به شمار ٿئي ٿو، جيڪو گذريل صديءَ جو وڏو شاعر بڻجي اڀريو.اياز
ورهاڱي کانپوءِ باقي اڌ صديءَ جي دور ۾ علم ۽ ڏاهپ جي کيتر ۾ راڄ ڪيو. هن جو تخيل،
فڪر، فلسفو ۽ رجحان ترقي پسند رهندو آيو. سنڌي شاعريءَ کي پروان چاڙهڻ ۾ شيخ اياز
کان وڌيڪ ڪو به شاعر نظر نٿو اچي، گذريل صديءَ ۾ اياز کان اڳي گذريل اڌ صديءَ جا
شاعر به اياز کان هيٺ نظر اچن ٿا.
شيخ اياز جي
شاعريءَ ۾ نواڻ سان گڏ ڪلاسيڪيت جو عنصر به پڌرو ملي ٿو، ڄڻ قديم ۽ جديد شاعريءَ
جو امتزاج هجي.
رات آئي وئي، تون
نه آئين ڪهي،
ماڪ ۾ مينڌرا، ڪاڪ
رئندي رهي.
مينهن موٽي ويا، ڏينهن
اُڀري لٿا،
تون نه آئين پرين،
وهه لڳي ٿي وهي،
سانورا تو سواءِ ڇانورا
ڇا ڪبا؟
لُوء تنهنجي لڌي،
لوَء لڳندي رهي.
شيخ اياز وٽ صنفن
جو به وڏو تعداد ملي ٿو، هن ڪيئي نوان تجربا ڪيا ۽ زماني جي قدم سان قدم ملائي
هليو، سچ کي سچ ۽ ڏوهه کي ڏوهه چيائين، مزاحمت کي موضوع بڻايائين ته مٿس ڪيئي ڪيس
بڻيا ۽ سندس چيل لفظن کي جرم بڻائي کيس قيد ڪيو ويو، هن ته حال جي حقيقت کي بيان ڪيو
هو پر ان جي پاداش ۾ ايترو سخت بدلو ملندو سو نه سوچيائين. هن جي اهڙي شاعري وري
عوام جي اندر ۾ سمائجي وئي، جڏهن سنڌ جون حالتون ٻرن ٿيون، باهه ڀڙڪي ٿي، ٻوليءَ
تي حرف اچي ٿو، لسانيت تي وار ٿئي ٿو، ڌارين جي لوڌ جو سنڌيت تي شور مچي ٿو ته
اياز جو ڪلام اهڙي وقت ۾ سنڌ جو شعور پيدا ڪري ٿو:
”ايندا ايندا
اوچتو، تولئه مڙس مڻيار،
سنڌڙي تنهنجي سار،
هُري پئي هانوَ ۾.“
شيخ اياز پنهنجي
زندگيءَ ۾ جيڪو مطالعو ڪيو، مشاهدو ڪيو ۽ عملي زندگيءَ ۾ ماڻيو، سو هن جي ”ڀونئر ڀري
آڪاس“ کان وٺي ”شاعري جو سجدو“ تائين اسان کي ڏنائين، هن جي تخليقي تحفي سنڌي ٻوليءَ
کي جلا بخشي ۽ سنڌي شاعريءَ کي اوج تي پهچايو، هن جڏهن به ڪو ڪلام چيو ته هڪ گونج
وانگر نمايان ٿيو ۽ سڀني جي ڪنن تائين آواز پهتو. اياز جي لفظن ۾ جيڪو دم ۽ وزن
آهي سو روح سان وڃي ٽڪرائجي ٿو، جيئن سندس چيل هي ڪلام لازوال ٿي ويو.
”سنڌڙيءَ تي
سر ڪير نه ڏيندو،
سهندو ڪير ميار او
يار؟
نيٺ ته ڊهندي ڪيسين
رهندي،
دوکي جي ديوار،
جھول جھلي، جنهن
وقت ڀٽائي،
ڪرندا ڪنڌ هزار،
سنڌڙي تي سر ڪير نه
ڏيندو؟“
شيخ اياز اهو شاعر
هو، جنهن جا گيت ۽ ڪلام ڳائي فنڪار پاڻ کي مشهور ڪرائيندا هئا يا پنهنجي فن کي
مقبوليت ڏيارڻ لاءِ اياز جي ڪلام جو سهارو وٺندا هئا، علڻ فقير ۽ زرينه بلوچ بلاشڪ
سنڌ جا عظيم فنڪار هئا پر سندن مقبوليت تڏهن وڌيڪ بلند ٿي، جڏهن شيخ اياز جو هي ڪلام
ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي نشر ٿيو:
”ٽڙي پوندا ٽارين،
جڏهن ڳاڙها گل،
تڏهن ملنداسين.
جڏهن ورنديون ڪونجڙيون
هر هر ڪري، ڀُل الو
ميان،
تڏهن ملنداسين،
ڳلن ڳوڙها ٽمندا،
جڏهن موتين ٽل الو
ميان
تڏهن ملنداسين،
وڇوڙي جا ڏينهنڙا، ڀورائي
جي ڀُل الوميان
تڏهن ملنداسين.“
شيخ اياز صديءَ جو
وڏو شاعر هو، هن جيڪو ڪلام چيو امر ٿيو ويو، جنهن ڳاتو سو مشهور ٿي ويو، هن وٽ
لفظن جو بيشمار ذخيرو هو، انهي ذخيري مان موتين جيان لفظ ڳولي شاعري ۾ چونڊڻ جو ڏانءُ
به کيس هو، وسيع مطالعي سبب هن کي عالمي توڙي سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ تاريخي ڄاڻ
هئي، دنيا جا وڏا شاعر، عالم ۽ فلسفي پڙهيا هئائين، پاڻ روشن خيال هو انهي ڪري
سمورن مذهبن جو به مطالعو چڱي ريت هئس.
نوي جي ڏهاڪي جي ڳالهه
آهي، جڏهن مون ۽ نامياري شاعر ۽ صحافي ڪرم علي شاهه ڪراچيءَ مان جاري ٿيندڙ ٻن سنڌي
اخبارن لاءِ گڏيل طور شيخ اياز کان انٽرويو ڪيو هو، هن تفصيل سان اسان کي دنيا جي
عالمن ۽ فلسفين جا دليل ۽ حوالا ڏيندي جواب ڏنا هئا، سوال علمي، ادبي ۽ سياسي هجڻ
باوجود اياز جي هر جواب ۾ دليل ۽ حوالا لازمي هئا، اها اياز واري انٽرويو واري آڊيو
ڪيسٽ اڄ به مون وٽ موجود آهي، جنهن ۾ ڪيترائي تڪراري سوال ۽ جواب اياز سان ڪيل
آهن.
سنڌ جو هي امر شاعر
پنهنجي شاعري ۽ نثر سان سنڌي ادب کي شاهوڪار بڻائي ويو، شيخ اياز جو ڪلام ۽ نثري
تحريرون انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿين ته هن کي عالمي پذيرائي به پاڪستان جي ٻين
شاعرن جي برابر ملي سگهي ٿي.
شيخ اياز
سنڌ جو مهان شاعر
ڪامريڊ ڪريم بلوچ
شيخ اياز سنڌ جو ڪارڊ
آهي. اياز ڪامريڊ سوڀي لاءِ چيو ته سوڀو اسان جو لعل قلندر آهي ۽ موهن جو دڙو جنهن
کي سيڪ ۽ سم چوطرف ويڙهي وئي آهي پر اسان ان جي حفاظت نه ڪري سگهيا آهيون. تيئن ئي
اياز شاعرن جو به لعل قلندر ۽ موهن جو دڙو آهي. اسان سندس فڪر ۽ شاعري عام ماڻهن
تائين نه پهچائي سگهيا آهيون. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري توڙي خانگي
اسڪولن جي درسي ڪتابن ۾ شيخ اياز جي شاعري شامل ناهي ڪئي وئي. شيخ اياز جي ٽهيءَ
جي شاعرن جي جيڪا شاعري درسي ڪتابن ۾ موجود آهي تنهن کان اياز جي شاعري وڌيڪ
سگهاري ۽ تعميري آهي.
شيخ اياز جي سموري
شاعري سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جو هڪ اعليٰ ڪرشمو آهي ۽ ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان
پوءِ ئي نروار ٿيندا آهن ۽ جڏهن ٿيندا آهن تڏهن اهي ٻولين سان گڏ پنهنجي پنهنجي
دور جا عڪس ۽ تاريخ ٿيندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي هن ڪرشمي پاڻ سان گڏ پنهنجي دور کي ٻيا
شاعر ۽ اديب به ڏنا آهن. اسان جي سنڌي شعر ۽ سنڌي ادب جو اڄ اهو ئي مقصد آهي ته
اسان جي هر مادياتي، روحاني ڪاوش جو سماجي ڪارج، جيئن اياز چٽي وڏي واڪي پنهنجي
شعرن ۾ چيو آهي ته، ” جيترو به انسان پنهنجو ماتا ڌرتيءَ سان پيار محنت عشق ڪندو
اوترو ئي تاريخ ان جاڳڻ ڳائيندي“
مرنداسين ته مٽي
مان، پنهنجا جڙندا ڪيئي جام
نوان نوان متوالا
ايندا، هڻندا تن جي هام. جيڪڏهن اياز جي سموري شاعريءَ جو اسان پوري دل سان مطالعو
۽ تحقيق ڪريون ته پوءِ اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ چوڻو پوندو ته ” اياز سنڌ
آهي ۽ سنڌ اياز آهي“ اسان ڪجهه تاريخي مطالعي ڏانهن ٿا اچون ته تاريخ ڇا ٿي چوي، جڏهن
به اسان ڪنهن زبان، ٻولي ۽ ادب جو گهرو مطالعو ۽ تحقيق ڪريون ٿا ته پوءِ اسان
پهريان ان جي روايتن، مزاج، ثقافت، سماجي قدرن، اقتصادي حالتن جو پوري نموني سان
جائزو وٺون، ڇا قوم جي معاشري يا سوسائٽيءَ جي مڪمل تاريخ لکيل آهي يا نه ؟ پوءِ
ان کي گهري نموني سان ان تاريخ کي پنهنجي آڏو رکون ڇا اها قوم ماڻهن جي چوگرد
تاريخ سان ڪهڙا ظلم ستم ۽ قهر ٿيل آهن.
اياز جي شاعري ڪهاڻيون،
ماضيءَ جي سياسي، سماجي، اقتصادي، نفسياتي حالتن جو پورو پورو عڪس آهن، ان جي
شاعريءَ کي پڙهڻ کان بعد اسان کي پوري سڌ پوندي ته ڪنهن خاص دور ۾ قوم جي نفسياتي
روحاني يا مذهبي ڪيفيتون ڪهڙيون هيون ۽ ماڻهن جو رجحان ڪهڙي طرف مائل هو، طاقتور قوتون
عوام ۽ رياست تي قابض ڌريون ۽ قابض گروپ ماڻهن جي نفسياتي نوعيت ڪهڙي هئي. اياز جي
شاعري پڙهڻ مان ماڻهن جو پوريءَ طرح مزاج، فطرت، رهڻي ڪهڻي تائين. پڙهندڙن کي پوري
طرح خبر پوندي جڏهن اسان ان جي شعر جو جائزو وٺندي ان نتيجي تي پهچي فيصلو ڪنداسين
ته گذريل ٻه سئو سالن ۾ شاهه لطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ ڪو به اهڙو شاعر سنڌ ۾ پئدا نه
ٿي سگهيو آهي جو وڏي اعليٰ درجي جي ۽ هر طرف کان پوري طرح عوام جي عڪاسي ڪري سگهي.
سچل، بيدل بيڪس
شاهه جو رستو ته ورتو ۽ ان پنڌ تي هلڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر هنن رڳو شاهه جي محاڪاتي
۽ افسانوي پسمنظر، محاورن، تشبيهن ۽ روحاني رمزن کي پنهنجي شعر جو موضوع بڻايو پر ڪا
به نئين شيءَ پيدا نه ڪري سگهيا. شاهه جي خيال ۽ زبان جي ندرت کي نه پهچي سگهيا. اهڙي
نموني پنهنجي سر هڪ مڪتبهء فڪر و ادب ٿي ويو. هن کان پوءِ جيڪي شاعر هن جي تقليد و
تتبه ڪندا رهيا ۽ پنهنجي فن ۾ ڪا به انقلابيت ۽ جدت پيدا ڪري نه سگهيا. اهو ئي سبب
آهي جو شاهه جي دور کان پوءِ جي شاعرن جي ڪلام ۾ اسان کي مشڪل سان ڪي سٽون ملن ٿيون
جي زنده رهڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، ورنه سندن سموريءَ جو سموري شاعري شاهه جو کوکلو
پڙاڏو آهي بلڪ جان آهي ۽ ڪنهن حد تائين بي معنيٰ پڻ آهي ، ان کان پوءِ سنڌي شاعريءَ
جي مسلسل جمود کي ٽوڙڻ لاءِ پهرين ڪوشش ”ڪشن بيوس“ ڪئي ۽ ڪامياب نظم لکي سنڌي
شاعريءَ ۾ نون لاڙن جي شروعات ڪئي. پر هي شاعر به تقليد کان بچي نه سگهيو. سندس ڪيترائي
شعر اردو شاعريءَ تان اڌارا ورتل آهن ۽ قافيه علامه اقبال جي ”بانگ درا“ تان بيوس
کان پوءِ جن شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن ۾ راج دکايل،
کيئل داس، فاني، هري درياڻي، دلگير جا نالا ڳڻڻ ۾ اچن ٿا پر اهي به شاعريءَ جو
جمود ٽوڙي نه سگهيا ۽ اياز شاعريءَ کي دائمي تحريڪ ۽ زندگي بخشي سندس گيتن جي ترنم
سنڌيءَ شاعريءَ جي ستل گرنار کي جاڳائي ڇڏيو، شاعري مجموعي طرح عوامي جذبن جو آواز
ٿئي ٿي ۽ ان جي شڪل ۽ فتح گمنام ماڻهن جو ذڪر، وطن تان جان گهورڻ وارن جو ذڪر، سنڌ
جي حب الوطنيءَ جو ذڪر به ملي ٿو. اياز جو جنم ۲۳ مارچ ۱۹۳۶ع شڪارپور ۾ ٿيو، جنم جو پورو نالو مبارڪ
علي، ادبي نالو ” شيخ اياز “ والد جو نالو غلام حسين، شروعاتي تعليم گورنمينٽ هاءِ
اسڪول شڪارپور ۽ انٽر تائين شڪارپور ۾ پڙهيو ۽ بي اي به اتان ئي ڪيائين پي ايڇ ڊي
جا ٻه ٽرم رکيل هئا. هن جو گائيڊ ڊاڪٽر گربخشاڻي گذاري ويو. ۱۹۴۷ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين ۽ وڪالت ۾ اول
جناب عبدالحئي قريشي ۽ جناب جمال صديقي سان پارٽنر ٿي رهيو ۽ سائين جي ايم سيد سان
متحده محاذ ۾ به پڻ رهيو. ۱۹۶۵ع ۾ جنگ جي دوران جيل به ويو ۽ ۱۹۶۸ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي، ولي خان ۽ ٻين ۱۱ ماڻهن سان گڏ ساڳي آرڊر هيٺ ساهيوال جيل ۾
به رهيو. ايوب خان جي حڪومت ۱۹۷۰ع ۾ شيخ مجيب سان گڏ عوامي ليگ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ ۾ به
رهيو. ان وقت اهو مشهور هيو ته ” اياز کي مجيب سنڌ جو گورنر بڻائڻ وارو آهي“ مجيب
جي گرفتاريءَ بعد هن کي ۸ مهينا سکر سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي هن کي سنڌ يونيورسٽي
جو وائيس چانسلر بڻايو جنهن وقت سندس شاعري سرد مهري ۾ رهي. شيخ اياز جڏهن ڏهن
ورهين جو هو ته شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. اياز فارسي، اردو جي تعليم پنهنجي والد
غلام حسين کان حاصل ڪئي. اياز جو شاعريءَ جو استاد کيئل داس هيو. اياز سنڌي زبان
جو بهتري شاعر ۽ عالمي ادب جو اسڪار آهي. سندس شاعريءَ جا ۴۴ ڪتاب، نثر جا ۱۴ ڪتاب آهن. اردو جو سٺو شاعر هو سندس ٻه ڪتاب
اردو شاعريءَ ۾ آهن. اياز شاهه لطيف جي رسالي جو اردو ترجمو پڻ ڪيو. شاهه لطيف پراڻي
سنڌي ٻولي کي محفوظ ۽ زنده رکيو آهي. شيخ اياز سنڌي ٻولي جي گم ٿيل لفظن کي ڳولهي
هٿ ڪري نئين سر جيئاري ڇڏيو آهي. اياز جڏهن هندستان ويو ته اتي هڪ محفل ۾ موهن ڪلپنا
اياز کي چيو ته ” تنهنجي ڪويتا ٻڌي مون کي راڻو پرتاب جي زندگي جو هڪ واقعو ياد ٿو
اچي، راڻو پرتاب ڪنهن مهم تي ويل هيو. ڪنهن کي معلوم نه هيو ته هو چتور جي قلعي ۾
واپس موٽي آيو آهي ۽ اوچتو ڪنهن پوڙهي راجپوت پنهنجي پٽ کي چيو ته راڻو موٽي آيو
آهي ۽ قلعي ۾ آهي. هن جي پٽ حيرت مان کانئس پڇيو ابا توکي ڪيئن معلوم ٿيو ته راڻو
قلعي ۾ موٽي آيو آهي. جنهن تي پيءُ وراڻيو ته تون تلوار جا ساندهه ست زپڪا ٻڌا جڏهن
هن جي پٽ هائو ڪندي ڪنڌ ڌوڻيو تڏهن هن جي پيءُ چيو ته سانده ست ڀيرا ايتري زور سان
تلوار جا زپڪا فقط راڻو ئي ڪري سگهندو آهي.“ اياز ايتري رواني ۽ جوش سان سانده ست ڀيرا
نظم فقط تون ئي پڙهي سگهندو آهين. اياز جواب ڏنو ته منهنجي شاعري ڪلا ۾ خوبصورت تشڪيل
ڪنهن ڪو نه ڏٺي آهي. اياز جي چواڻيءَ موجب
ته ابراهيم جويو مون سان ٺٽي ۾ گڏ هو. ان محفل ۾ جمعيت الشعراءَ وارا به ويٺل هئا،
اتي شيخ اياز انهن کي چيو ته ” توهان سڀ جَکَ ٿا هڻو ۽ اجايو وقت ٿا وڃايو.“ اتي وڏا
وڏا نالي وارا جيڪي جفادري شاعر هئا، کين اياز چٽيءَ طرح چيو ته ” دنيا جو ادب ڇاهي؟
توهان ته بلڪل اڻپڙهيل ڄَٽ ماڻهو آهيو. توهان ڇا ڄاڻو شاعري مان ۽ توهان ته رڳو
رديف ۽ قافيه ڪڍي انهن تي غزل پيا ٿا لکو. شاعري اها ته نه ٿيندي آهي ۽ انهيءَ وقت
کان وٺي سنڌي شاعرن خاص ڪري غزل گو شاعرن سانگي کان وٺي هن مهل تائين سڀ اڻپڙهيل شاعر
هوندا هئا، ڇڙو ٿوري ڪا ۽ انڌي منڊي شاعري پڙهي هئائون، فارسيءَ تي پورو عبور هئڻ
ئي ڪو نه مان انهي دور کي اڻپڙهيل شاعرن جو دور سمجهان ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ هينئر
جيڪا نواڻ آئي آهي سا بيوس جي شاعريءَ جو اثر آهي. جمعيت الشعراءَ وارا غزل جي طرح
ڏيندا هئا. مثال طور هڪڙي طرح ڏيندا هئا ان ۾ قافيه به ڏيندا هئا جيئن” اندام،
مندام گلفام“ وغيره ۽ ٻيا شاعر ڄڻ ان جوڙ جڪ (ڪيلڪيوليشن) کي حل ڪندا هئا، شاعر
وري اردو اديبن جي ديوانن تان قافيه کڻندا هئا ۽ قافين جي سڄي لسٽ ٺاهي غزل لکندا
هئا ان بابت مون کي غلام محمد گرامي صاحب سڀ ڪجهه ٻڌايو ته اياز سائين هاڻي منهنجو
ان ڏينهن کان ئي وٺي شاعريءَ تان ارواح کڄي ويو هو.“
اياز نوبل پرائيز
بابت هن طرح ٻڌايو آهي ته جيڪي ادبي ترجما ٿيل آهن جهڙوڪ، فرينچ، اٽالين،
سوئيزرلينڊ، روسي زبان هجي يا انگلش ۾ منهنجو ڪو به ڪتاب انگلش ۾ ترجمو ٿيل ڪو نه
آهي، جيئن ته ٽئگور کي ييٽس ترجمو ڪيو جيڪو انگلينڊ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو، انهي
سبب ڪري ٽئگور کي نوبل پرائيز انعام مليو، فيض احمد فيض جو به ترجمو انگريزي ۾ ٿيو
پر ان کي نوبل پرائيز نه مليو. علامه اقبال کي نڪلسن ترجمو ڪيو پر اهو وڏو شاعر نه
هيو انهيءَ جي ڪري هن کي نوبل پرائيز نه مليو، برصغير مان ته صرف ٽئگور کي نوبل
پرائيز مليو آهي ۽ انهيءَ جا سبب هئا ائين ڪو نه هو ته ٽئگور پاڻ انگريزي ۾ نه
لکندو هو. ٽئگور جيڪو انگريزي ۾ لکيو هو اهو ايڏو وڏو نه آهي پر ٽئگور کي جنهن
ترجمو ڪيو هو پاڻ تمام وڏي پائي جو شاعر هو ييٽس ۱۹ صديءَ جي تمام وڏن شاعرن مان هو. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ” ڀونر ڀري آڪاس“ جي مهاڳ
۾ لکي ٿو ته ۱۹۴۷ع کان اڳ جو اڻ ڇپيل ڪلام منهنجي زهر آلود تبسم جي آڳ ۾ جلي ويو ان جي
ذميوار اها بي انتها مايوسي جي اکر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام واري ڪيفيت هئي.
جنهن جو تفصيل فقط منهنجي زندگيءَ جي ڪنهن زخم بناهن کي تازو ڪندو. باقي ڪنهن خاص
دلچسپيءَ جو باعث نه ٿيندو“ شاعر جي سياسي وابستگي شاعريءَ جو انت ثابت ٿئي ٿي.
اسان پنهنجي ڌرتيءَ ۽ تعليم سان گڏ زبان جي بقا ۽ بچاءُ جي اڃا جنگ جوٽي به ناهي
جو سموري سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ جي پاڙ آهستي آهستي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تيز ڪئي
وئي آهي. پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي بنهه پڙهائي نه ٿي وڃي. اڃا تائين سنڌ جا سمورا
ادبي ادارا ۽ رياستي ادارا ان تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. متان ائين نه ٿئي جو فقط
” سنڌي زبان ۽ سنڌ جو نالو وڃي بچي“ ڇا هي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ماڊلازم آهي؟
اچو ته شاعري ڏانهن هلون. شاعر پنهنجي حسن ۽ تخليق کي ابديت بخشي ته اها انسان ذات
لاءِ آجپي جو ذريعو ۽ فرحت بخش بڻبي ۽ دنيا جي هر رنج و صحت لاءِ ڇپر ڇانوءِ ٿيندي
ته جيئن هو تازه دم ٿي اڳتي وڌي.
اياز هميشه لاءِ
سوچيو هو ته شاعر سماج جو ذميوار فرد آهي ۽ شاعريءَ جي ذميواري کان ڪڏهن به انڪار
نه ڪيو. پر اياز وسيع نموني سان انسان ذات سان محبت ۽ عشق ڪيو. اياز چوي ٿو ته ”
مان عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منهنجي سسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي ۽ هاڻ پٺتي
موٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، پر ڇا منهنجي تقدير بدران ائين ٿيڻ نه گهربي هئي
۽ پنهنجي ديس جي تقدير ڦيرائڻ لاءِ ڦيٽ نه کاوان ها ته منهنجي شاعريءَ کي اها جلا ڪٿان
ملي ها؟ جا ٻول کي امرتا ڏيندي آهي. سنڌ ۾ ماڻهو سمجهن ٿا ته سڀ ڪجهه پيسو آهي.
پيسو ماڻهن لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. نتيجو اهو آهي ته ماڻهو پئسي لاءِ ڪجهه به ڪري
ٿو سگهي، جڏهن ماڻهوءَ وٽ پئسو گڏ ٿئي ٿو ته انسانيت جي آپي مان نڪري وڃن ٿا.
انقلابي جڏهن شرابي ڪبابي ٿين ٿا ته هنن ۾ خلوص نه ٿو رهي فقط فلوس رهي ٿو. ملان
پلاٽن پر مٽن جي ڪڍ دربدر آهن. اهو وساري ڇڏين ٿا ته هو رڳو چار فوٽ يا ڇهه فوٽ قبر
تي جنازي نماز پڙهائين ٿا. پارسي ۾ ڪنهن جو شعر آهي ان جو ترجمو هيٺين ريت آهي
ته:” اسان جا دعا مهل هٿ کڻڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته خدا جي اڳيان جيڪو هٿ اسان
جي شفاعت ڪندو سو خالي آهي“ سائين جي ايم سيد جي زباني موجب ڀري ڀري پيءُ جيسين
جيئن گهڙي گهڙيءَ جو جام، وري نه هي مئخانو ملندو، هي مئه ناهي مدام.
هاءِ ڄڻ اياز حافظ
کي پيو ورجائي اياز جي نظر ذرا وڌي ويل آهي تصوير جو ٻيو رخ به ڏسڻ ۾ پئي آيس، جي
زندگي ڪيتري نه حسين آهي، ڪيتري نه پياري آهي، امنگن جو جهول آهي، آرزوئن جي ڦلواڙي
آهي، هي چنڊ ستارا، هي بادل، هي برساتون، هي گل هي باغيچا هي مٺڙا ماڻهو، هي وسندڙ
وستيون هي سڀ زندگيءَ جون دوستيون آهن. اي موت تون هڪ تکي انداز نشاني وانگر ڪان ڪڇي
بيٺو آهين، جنهن سيني ۾مسرت جو واسو آهي. ان ۾ پنهنجو تير چڀائي ٿو ڇڏين، اياز ته
بنيادي طرح هي ساڳيو رند آهي پر شاهه لطيف جي اثر هيٺ اچي جذبي کان سلوڪ طرف لاڙو ڏيکاري
ٿو.
تنهنجا پير چمان، ڌرتي
منهنجي مائڙي
ڀاڪر پيان ڀاؤ، مان
ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،
آءُ نه ٻيو ڄاڻان
مذهب منهنجو ماڻهپو،
اچو ته اياز جو
خيال ڏسو ته ڇا ٿو چوي،
شال وسين او سنڌڙي
تنهنجا کيت وسن،
واهونديءَ جي واءَ
۾ مارو شال ملن،
جن جي ڪوٽ ڪڙن
جهوريو منهنجي جيءَ کي
سائين جي ايم سيد
جي زباني موجب ته هي محب وطن بي تعصب ترقي پسند ۽ آزاد خيال شاعر ۽ نثر نويس آهي.
مغربي دنيا ۾ جيڪي به اهڙن خيالن جا ماڻهو آهن جن جي خيال تي نقطه چيني ۽ مخالفت
هروڀرو نه ٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهي ذهني ارتقا جي اهڙي درجي تي پهتا آهن جت اهڙا
خيال سوين سال اڳ کان ظاهر پئي ٿيا.
شيخ اياز جي سموري
شاعري سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ انصافين، آزادي ۽ آزادي جي پانڌيئڙن سان ٿيندڙ
وار تائين بابت ڄاڻ هجڻ سان گڏ انقلابي واٽ وٺندڙن لاءِ مشعل راهه آهي. اياز سنڌ
جي حالت زار، سنڌين سان ٿيندڙ ڪلور ۽ ويل وهندي ڏٺو تنهن سندس دل کي ڦٽي ڇڏيو، ان
خون مان قلم ڀري هن سنڌ ڌرتيءَ جي امرتا ۽ ان کي بچائڻ لاءِ ايترو ته گهڻو ڪجهه
لکيو آهي جنهن جو مٽ ڳولڻ مشڪل آهي. اياز جهڙا بيباڪ دلير ۽ مهان شاعر سنڌ ۾ ورلي
پيدا ٿيندا جيڪڏهن شيخ اياز کي عالمي مفڪر اعظم جي حيثيت سان ياد ڪجي ته هوند وڌاءُ
نه ٿيندو.
شيخ صاحب
سدائين گڏ
نصير مرزا
شيخ اياز کي پويون ڀيرو
مون ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۹۷ع تي ڏٺو، هنڌ، پرنس ڪامپليڪس واري اها لائبريري جتي هو ايندڙن ويندڙن جي
آئو ڀڳت ڪندو هو، ۽ بلڪل ئي نٿي لڳو ته هاڻي هو ڪن ٻن مهينن جو مهمان آهي. بلڪل
هشاش بشاش. ڳالهه ڳالهه تي مُرڪ، سبب بي سبب ٽهڪ. لڳو ڪوئي اڇو اجرو هنج آهي، جيڪو
تلاءَ ۾ کنڀ کنڊيري تري پيو.
نٿو چوان ته ٻيا هن
سان هجائتا نه هوندا! هوندا.... بلڪل هوندا.... پر آئون، به ساڻس ڪو گهٽ هجائتو ڪونه
هوس. ياد اٿم، جڏهن جڏهن مون هن کي ڀاڪر ۾ ڀريو، هن ڪڏهن مون کي نه چيو. هي وري
مان کي ڇا پيو ٿو ڪرين نصير!؟ هٿ ڏيندو هو ته، جيستائين ان کي چُمي ورائي نه ڏيانس،
مون کي چين نه ايندو هو. موڪلائي موٽڻ وقت سندس قميص جو دامن کڻي، هر حالت ۾ اکين تي کڻي رکندو هوس ۽
ان عمل تي به، ڪڏهن نه چيائين: هي وري ڇا ٿو پيو ڪرين. ۽ ارڙهين آڪٽوبر کان اڳ، ان
ئي سال ريلوي ريسٽ هائوس ۾ مارچ مهيني ۾، يعقوب زرداري صاحب، هُن جي ڀري وڄائي،
سالگره جي تقريب ڪئي هئي. يا ان کان اڳي ڀيڻ ماهتاب محبوب جي سٽيزن سوسائٽي واري
هائوس وارمنگ پارٽي.... ۽ هو اُتي به ڄڻ محفل جو مور هئو.... ٻنهي گڏجاڻين ۾، ڊنر
لاءِ اُٿيو ته هن جي هٿ مان ”اِسٽڪ“ وٺي، سهاري لاءِ کيس مون ئي پنهنجو هٿ پيش ڪيو
هو، يڪدم چيائين، تون منهنجي ”لٺ“ ٿيڻ ٿو چاهين ڇا!؟ چيم. آءٌ توهان جي لٺ سان گڏ،
اوهاجو حافظ به ٿيڻ ٿو چاهيان. چيائين حافظ ته اڪثر پاڻ ئي انڌا هوندا آهن.
چيومانس. منهنجي اکين جي روشني توهان جي شاعري آهي! آءٌ اوهان جو ئي حافظ، ٿيڻ
چاهيان ٿو....
شيخ صاحب جي هڪ امر
سٽ آهي: ”منهنجي ڪوتا جاپ جڳن جا“. سندس اها سِٽ پڙهندي، اڄ به ڀاسندو اٿم، گهاٽي
وڻ جي هيٺان، ڪنهن يوڳي جوڳي وانگي، ڪلهي تي وڏو شاهي ڪماچ رکي پنهنجن چرندڙن چپن
سان مالا جپي هو چئي رهيو آهي:
شال ڌُئان مان پاپَ
جڳن جا،
جن گن من جا، جن گن
من جا.
مان ڀانئيان، ته
شيخ اياز هڪ شاعر ئي نه، ڪوئي ساحر ۽ مها جادوگر به هو، هو پنهنجي جان جسي ۽ بدن
بيهڪ ۾ بظاهر جيڪي به هو، سو ته هو هئو. پر هن جي گُهور ۽ نگاهه ۾ جيڪو اسرار،
پراسراريت ۽ ”طلسم“ هو، اهڙو مون کي هن جي ٻئي ڪنهن به هڪ جيڏي يا همعصر ۾ نظر نه ٿو
اچي. اگرچه عمر جي پڇاڙڪن سالن ۾، هو ”گوتم ٻُڌ وانگر“ نحيف ۽ ضعيف نظر ايندو هو
پر ان جي باوجود، هن جي اکين ۾ رُڪ جهڙي سختي نظر ايندي هئي ۽ اڄ تصور ۾ سندس ان
تيج ۽ تکاڻ کي جي ڏسڻ جي همت به ڪريان، ته نه ٿو ڪري سگهان. سٺ واري ڏهاڪي ۾، ”جشن
روح رهاڻ“، وارن ميلن سميلن ۽ مشاعرن ۾، مون کي شيخ اياز صاحب کي ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ جو ڪڏهن
به موقعو ڪونه مليو هو جو اهي ميلا جهميلا ظاهر آهي ته، منهنجي ادبي سانڀر کان اڳ
جا واقعا آهن: ها! ريڊيو حيدرآباد جي آواز خزاني ۾ اهڙن موقعن جي ريڪارڊنگس منجهان
سندس شعر پڙهڻ واري ريڪارڊنگ ضرور مون ڳولهي ٻڌي آهي، ۽ ان کي ٻُڌندي لڱ ڪانڊارجي
وڃڻ ته، ننڍڙي ڳالهه آهي. ان کي ٻڌندي ڀانئيندو آهيان، ڄڻ ڪنهن شيش محل تي، اياز
پنهنجن شعرن سان پٿراءُ پيو ڪري. ڀاسندو اٿم، ڄڻ ڌرتي ڌٻي پئي، ڄڻ جبل لرزن پيا، وڻ
پاڙان اکڙجي ڪِرن پيا، ڄڻ سڄي فضا، ڀونچال سان ڀرجي وئي آهي. خاص ڪري ان رڪارڊنگ ۾
اياز صاحب جي آواز ۾ سندس هي شعر ته ٻڌڻ وٽان آهي.
مون ڏات انوکي آند
آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن
سان
ٽڪرايان پنهنجا گيت
جڏهن
ٿو آءٌ سندءِ ديورن
سان،
ٿا تنهنجا ڀاري
بُرج لڏن
تون هيڻو آهن هٿيارن
سان
۽ ڪيڏي نه
عجيب سوچ آهي منهنجي! جنهن سان مون کي محبت هوندي آهي، ان جي گهر، گهر جي دروازي ۽
چانئٺ کي جيستائين آئُون اکين سان نه چُمان. مون کي سڪون ئي ناهي ملندو، مرزا قليچ
بيگ جو گهر ته خير آهي ئي منهنجي گهٽيءَ ۾ ۽ ان گهر در- جي زيارت ته هر وقت ئي
منهنجي نصيب ۾ لکيل آهي. تنوير عباسي صاحب جي سرمد واري گهر سان به مون کي جڏهن
پيار شروع ٿيو، ته منهنجا وڏا نصيب! مون کي ان گهر جي لان ۾ ڪاري گلاب جي ٻوٽي ڀرسان،
تنوير صاحب سان جام ٽڪرائڻ جو موقعو به هڪ ڏينهن ملي ئي ويو هو. شيخ صاحب سان قربت
وڌي، ته پراڻي سکر واري سندس گهر ۾، ساڻس جام ته مون ڪونه ٽڪرايو، البته جامِ
شيرين ضرور هن جي هٿن مان وٺي پيتو. الاس! اهي ٻئي عظيم گهر هاڻي نيلام ٿي چڪا آهن
۽ منهنجي عشق جا اهي ٻيئي آستان، هاڻ صفهءِ هستيءَ تان ميٽجي چڪا آهن ۽ انهن
لاءِ.... جيترو به ماتم ڪريان، گهٽ آهي.
ها! ڪڏهن ڪڏهن قليچ
صاحب جي گهر وانگر، انهن گهرن جي درن جي زيارت ڪرڻ چاهيندو آهيان ته تصور جي ڳلين
مان لنگهي، انهن گهرن جي چانئٺن تائين اک ڇنڀ ۾ ضرور وڃي پهچندو ۽ سجده ريز ٿيندو
آهيان ۽ آئون ڀانئيان ته شيخ اياز صاحب جي حلقئه! احباب ۾ ڪي ٿورائي دوست احباب ۽ مون
جهڙا مداح هوندا جن کي هن ڪڏهن خط لکيو، ڊائري ۾ آٽوگراف ڏنو يا خيريت لاءِ فون ڪيو
هوندو، ۽ اهڙن خوش نصيبن مان، هن وقت، جيڪي جيڪي به اهڙا دوست حال حيات آهن. آئون
به انهن مان هڪ خوش نصيب آهيان. شيخ صاحب مون کي ننڍا ننڍا ئي سهي، ڪي خط لکيا
ضرور جيڪي منهنجي فائلن ۾ اڄ به موجود آهن، منهنجي ڊائريءَ ۾ ته، پاڻ شوق ڪري، هٿ
مان وٺي جيڪو ڪجهه لکي ڏنائين، اهو سڄي جو سڄو، سندن باري ۾ سهيڙيل منهنجي ڪتاب:
”سامي سج وڙاءَ“ ۾ درج آهي، هتي اهو سمورو ته نه، صرف هي ڪي سِٽون لکان پيو.
”نصير مرزا!
توکي منهنجي نثر نظم مان، ڀلي ته ڊيٿ ٽيون، ٻڌڻ ۾ اچن. پر مان اڃا ايترو جلدي نه
مرندس. ۽ ان جو به يقين رک، ته جي منهنجي مِشن پوري نه ٿي ته مان وري ڌرتيءَ تي،
موٽي ايندس.“۽ اهي سِٽون، جنهن ڏينهن حيدرآباد ۾ هن مون کي لکي ڏنيون هيون. ان ڏينهن
جي شام جو CMH
جي فوٽ پاٿ تي، هن مون سان ڊگهي walk به ڪئي هئي ۽ ٻئي ڏينهن مون کي محمد ابراهيم
جويي صاحب جي گهران فون ڪري چيو هئائين: نصير! هاڻي حيدرآباد مان مان وڃان ٿو،
سدائين گڏ.
شيخ اياز صاحب ذات
جو شيخ هو، ۽ جنهن جي ذات شيخ هوندي آهي اُهي عموماً ۽ فطرتن ڪنجوس ضرور هوندا
آهن. سڀ چون ٿا، شيخ صاحب به ائين هو. ممڪن آهي ائين هجي! پر اهو آئون ڪيئن چوان!؟
مون کي ته، قسم پاڪ پروردگار جو، پنهنجي ذاتي چانهه جي ڪوپ مان به هن پورو اڌ ڪوپ،
آفر ڪيو هو، ۽ آگسٽ ۱۹۸۸ع ۾ دوست ادل سومري سان، پراڻي سکر واري هن جي گهر آئون ويو هوس، ته هو اندران
گهران جامِ شيرين، شربت جي پوري بوتل اسان لاءِ کڻي آيو هو. جنهن جا گلابي نشا اڃان
تائين منهنجي حواسن تي طاري آهن. شيخن لاءِ، ته اها ڳالهه به مشهور آهي ته پيار جو
اظهار به هو ڏاڍي ڪنجوسائيءَ سان ڪندا آهن. پر منهنجا ڀاڳ....منهنجا وڏا نصيب، جو
جڏهن جڏهن به، اياز صاحب سان آئون مليس، مون هن جي اکين ۾ پنهنجي لاءِ پيار جا
درياهه اٿلندي.... ڇوليون هڻندي ڏٺا. ۽ پوءِ هي معجزو به ان ئي سبب ظاهر ٿيو هئو،
جو، پاڻ حياتيءَ جي انت تي.... ڪراڙ ڪناري، پنهنجيءَ لحد ۾ ڪنهن ٻئي (even سڳن پٽن جي
هٿان به نه) منهنجي ئي هٿن ۽ منهنجي ئي جسم جي لمس ۽ منهنجي ئي پيار ڀرين ساهن جي
سهڪي سان، هيٺ ڌرتيءَ تي سمهڻ پسند ڪيو، ۽ يقين ڪريو.... فطرتن آئون ايڏو ته ڊڄڻو
آهيان جو ڪنهن جي به لاش کي ڪلهو به ناهيان ڏيندو ۽ هيڏانهن؟ شيخ اياز جي مون سان
ايڏي ته قربت ٿي وئي هئي، جو هڪ دم بهادر بنجي هن جي مڙهه سان گڏ سندس لحد ۾ لهي
پيو هوس ۽ آگاهه رهو، ته ۲۸هين ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي شيخ صاحب جي وصال ۽ ۲۹هين ڊسمبر تي، منهنجي هٿن سان لحد ۾ لهڻ ۽
قبر ۾ بند ٿي وڃڻ کان پوءِ، هن جي رنگارنگ ڏات تي برابر ته تحقيق ۽ هن جي ڪلام جي
سهيڙ متعلق گهڻو ئي ڪم ٿيڻ شروع ٿي چڪو آهي پر دل چاهي ٿي جيئن راڳي هن جي گيتن،
غزلن، نظمن ۽ واين کي تواتر سان ڳائڻ وڄائڻ لڳا آهن، هن جي شاعريءَ بابت اسان جي
مصورن.... چترڪارن ۽ خطاطن، کي به اياز صاحب جي شاعريءَ کي پئنٽ ڪرڻ گهرجي. بلڪل
ائين، جيئن غالب ۽ اقبال کي، عبدالرحمان چغتائي، آذر زوبيءَ، اسلم ڪمال ۽ صادقين
وغيره جهڙن آرٽسٽن، پئنٽ ڪري، انهن شاعرن جي شاعريءَ واري حسن ڪمال کي عيان ڪري ڏيکاريو
آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ هن وقت اسان وٽ به شاندار
آرٽسٽن جي کوٽ ٿوروئي آهي سائين علي نواز ڦلپوٽو، فتاح هاليپوٽو، محمدعلي ڀٽي،
رضوان عمراڻي، خدا بخش ابڙو، ساجد قريشي، احمد علي مڱڻهار، محمدعلي ٽالپر.... ۽
منهنجي هاڻي اڪثر، دل اهو به پئي چاهيندي آهي، ته انهن سڀني آرٽسٽن کي خط لکان....
ته يارو! وڌي اڳتي اچو، ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جي جادوگريءَ کي پنهنجن رنگن جي
ساحري سان ملائي، پاڻ کي مصوريءَ جي تاريخ ۾ امر ڪري ڏيکاريو.
۽ تڙ تڪڙ ۾
لکيل هنن رف پَنن جي آخر ۾، هي مزيدار حقيقت به پڙهو. ته شيخ اياز.... بطور عاشق
جي، ڀٽائي گهوٽ وانگي ڪنهن هڪ حسينا جي چيچ پڪڙي، مطمئن ٿي ويهي رهڻ جو قائل، بلڪل
ئي ڪونه هو. ۽ سکيءَ کي ڏجي ساهه گهوري اياز، مگر ڇا ڪجي جو پري ٿي پئي- چئي، وري ٻي
حسينا جي.... چيچ جي تلاش ۾ نڪري پوڻ جو قائل هو، ۽ ائين روبرو يا تصور ۾ ئي سهي
عورت کي گيڙڻ لاءِ هن جي وجود ۾ بي پناهه خواهش هر وقت موجود رهندي هئي (يقين نه
اچي، ته ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر، جا چار ئي واليوم پڙهي سگهو ٿا) هن بابت منهنجو ذاتي
مشاهدو هيءُ به هئو ته، هو نئين رابطي جي تازگي ماڻڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو هو،
خوشبوءِ نالي واري هڪ گيسو دراز ڇوڪري (جنهن جي گهنگهور گهٽائن سمان ڪارونڀار نڀور
وارن تي، منهنجو دوست طارق عالم به مفتون هوندو هو) اها خوشبوءِ منهنجو هڪ نياپو کڻي
شيخ اياز صاحب جي پرنس ڪامپليڪس واري فليٽ تي جڏهن پهتي هئي، ته شيخ صاحب يعني ستر
ساله عظيم شاعر.... هڪ سيکڙاٽ شاعره جي، خوشبوءِ خوشبوءِ ڄار ۾ ڀوري ڀئونر مثل ڦاسي
پيو پر اهو ته پوءِ شڪر ٿيو، جو زرينه ڀاڄائيءَ.... پرنس ڪامپليڪس جو دروازو
خوشبوءِ تي سدائين لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب، جنهن شاعر جي هوءَ ملڪيت هئي....
ان کي ئي.... امانت، باسلامت... موٽي واپس ملي وڃي.
شيخ اياز
مهان شاعر جو جنم ڏينهن
ابراهيم لاشاري
سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز سنڌ
جي سهڻي، قديم ۽ تاريخي شهر شڪارپور جي بنگل پاڙي جي معزز شخصيت محترم شيخ غلام
حسين ولد شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ جي گهر ۲ مارچ ۱۹۲۳ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن پهريون
ساهه کڻي هن رنگارنگي جهان ۾ پيدا ٿيو سندس تربيت علمي، ادبي گهراڻي منجهه ٿي، پڙهڻ
جي لائق بڻيو ته سندس والدين ڦرهي هٿ ۾ ڏئي شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شڪارپور
جي اسڪول ۾ داخل ڪرايس، جتان بنيادي تعليم پرائي وڌيڪ تعليم شڪارپور جي مشهور ڪاليج
سي ائيڊ ايس ڪاليج مان ۱۹۴۲ع ڌاري
حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڪراچيءَ جو رخ ڪيائين ۱۹۴۴ع ڏاري ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان گريجوئيٽ جو امتحان پاس ڪيائين. تنهن بعد
کيس قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو
پاڻ ان زماني ۾ ايل ايل بي سال ۱۹۵۰ع ڌاري
ايس ايم لا ڪاليج منجهان حاصل ڪري وڪالت جي ڪرت ڪرڻ شروع ڪيائين، ڪجهه عرصو ڪراچي
شهر ۾ وڪالت ڪرڻ بعد سکر شهر اچي وسايائين
۽ اتي وڪالت ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
هن ننڍي هوندي کان ئي شاعري ڪرڻ
شروع ڪئي جڏهن ڇوٿون درجو پڙهندو هو ته هڪ رسالي ۾ سندس (نظم) ڇپيو هو پر باقائده
طور سال ۱۹۴۶ع کان ادبي دنيا ۾ لکڻ شروع ڪيائين،
سندس ڇٺي جو نالو شيخ مبارڪ علي هو، جڏهن شاعري ڪيائين ته علمي ۽ ادبي دنيا جي رنگ
۾ وري (شيخ اياز) جي نالي سان پاڻ کي ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايائين جيڪو نالو اڄ
تائين هزارين ماڻهن جي دلين زنده ۽ جاويد آهي ۽ سڃاڻپ پڻ آهي، سنڌ جي هن مهان شاعر شعر و شاعري جي
شروعات (کيئلداس فاني) جي اثر هيٺ ڪئي. سندس شاعري جو پهريون مجموعو سڀ کان اول
اردو (شعرن) جو ننڍڙو مجموعو (بوئي گل نالئه دل)
سال ۱۹۵۴ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو تنهن بعد
سال ۱۹۶۲ع ڌاري سندس شاعري جو پهريون سنڌي
زبان منجهه مجموعو (ڀؤنر ڀري آڪاس) پاڪستان رائيٽرز گلڊ ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. شيخ
اياز کي الله تعالي شاعري جي اهڙي ته ڏات عطا ڪئي هئي جو سنڌي ادب جي سڀني صنفن کي
هن پنهنجي ڏات سان جرڪائي نروار ڪيو، سندس شاعري ۾ موضوع رڳو سنڌ ڌرتي ناهي هن جي
شاعري منجهه مظلوم قومن جي ڳالهه ظاهر آهي شيخ اياز وٽ انسانيت سڀني کان اتم ۽
اعلي ۽ اهم آهي.
شيخ اياز سنڌي زبان جو محبوب
شاعر هو سندس شاعري سنڌ جي هر طبقي جي دل جي ڌڙڪن آهي شيخ اياز هڪ اعلي درجي جو
نثر نويس به هو جنهن جي نثر جي سٽ، سٽ
لفظ، لفظ سهڻي ۽ لاجواب آهي سندس نثر وسيع مطالعي ۽ گهري فڪر جو اولڙو آهي
شيخ اياز ٻولي جو بادشاهه ۽ سنڌي لفظن جو لغت جو رهبر آهي شيخ اياز جي نثري صنفن ۾
سفرنامه، تقريرون، آتم ڪهاڻي، نوٽ بوڪ جا، ٽڪرا، ادبي خط، ڪهاڻيون، ڊائري ۽ انٽرويو
تمام اعلي نموني جا آهن، شيخ اياز جي شخصيت ۽ سندس تخليقي فن ڪنهن به رسمي تعارف
جا محتاج ناهن.
شيخ اياز کي عالمگير شهرت حاصل
هئي شيخ اياز سنڌي ادب جا پنهنجي پورهئي سان جهول ڀري ويو آهي سندس وفات مهل تائين
۶۵ ڪتاب
مختلف زبانن ۾ ڇپجي چڪا هئا ۽ ڪيترا ئي اڻ ڇپيل ڪتاب پڻ ڇڏي ويو، شيخ اياز کي اهو
به اعزاز حاصل آهي ته سندس شاعري ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي، شيخ اياز کي
اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن ڌرتيءَ جي هڪ وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
جي رسالي جو اردو منظوم ترجمو پڻ ڪيو آهي، شيخ اياز شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ کي
نهايت عظمت وارو درجو ڏيندڙ هو شيخ اياز پاڻ کي لطيف سائين جي پيرن جي پڻي سڏيو
آهي، لطيف سرڪار کان علاوه حضرت سچل سرمت رح ۽ سامي کي ۾ مڃتا ڏئي پنهنجي شاعري
واري زبان ۾ چوي ٿو ته
سچل سامي ڀٽ ڌڻي
جنهن ۾ ڀي ڪا قرب ڪڻي
آءُ انهي جي پير پڻي
شيخ اياز جي شاعري ۽ نثري جا ڪتاب
لڳاتا ڇپجندا رهيا آهن جن ۾
ڀونر ڀري آڪاس، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين،
ڪلهي پاتم ڪينرو، اڪ جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني، پتڻ ٿو پور ڪري، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڪپر ٿو ڪن ڪري، جڳ مڙئي سپنو ۽ ٻيا
ڪيترا ئي ڪتاب آهن، شيخ اياز مڃتا طور ڪيترا ئي اعزاز ۽ ايوارڊ مليا، شيخ اياز پنهنجي
زندگي ۾ ٻه شاديون ڪيو جن منجهان چار پٽ ۽ چار نياڻين جي اولاد اٿس هي دنيا بي بقا
آهي ڪهڙا به من موهيندڙ انسان هجن مڱر آخر سندن خاڪي پتلو مٽي ۾ ملڻو آهي شيخ اياز
به ۷۴ سال ۹ مهينا ۲۶ ڏينهن
زندگي جا گذاري اسر ويل ۴ وڳي ڌاري
ڪراچي جي مڊل ايسٽ اسپتال منجهه دل بيهي وڃڻ سبب هميشه لاءِ ۲۸
ڊسمبر ۱۹۹۷ع آچر ڏينهن
سڀئي ادبي مصروفيتون ڇڏي پنهنجي ڏاڏڻي ڏيهه
واري سفر تي روانو ٿي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، سنڌ جي هن مهان اديب، شاعر
شخصيت جي ميت کي هزارين اديبن جي سڏڪن ۽ لڙڪن
سان ڀٽ شاهه تي آڻي دفن ڪيو ويو سندس آخري آرم گاهه ڀٽائي سڳوري جي پاڙي ڪراڙ ڍنڍ
جي ڪنڌي تي ڀٽ شاهه ۾ آهي سندس جنازي جي نماز ڀٽ ڌڻي جي درگاهه تي پنهل فقير ادا ڪرائي
سندس اڄ ۲ مارچ ۲۰۱۸ع ۹۵ سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جا
اديب ، ڏات ڌڻي مختلف شهرن ۾ سندس فن ۽ فڪر
تي روشني وجهندا ۽ لفظن جي ڀيٽا پڻ پيش ڪندا.
اياز
شاھ لطيف جو ترجمان
عابده گهانگهرو
شيخ اياز جي شاھ لطيف ۽ سندس ڪلام
سان تمام گهڻي انسيت هئي. هن شاھ لطيف مان تمام گهڻو اتساھ حاصل ڪيو. سندس ڪتابن
جا اڪثر به شاھ لطيف جي ڪلام مان کنيل آهن. هن ڪيترن هنڌن تي شاھ سان عقيدت جو
اظھار به ڪيو آهي. جيئن “آءُ ڀٽائي آءُ، تنهنجي کي منهنجون اکيون”. هن شاھ صاحب جي
ڪلام جو اردوترجموپڻ ڪيو, جيڪو “رسالا شاھ عبداللطيف ڀٽائي” جي نالي سان مختلف
ادارن شايع ڪرايو آهي. شيخ اياز جي ان ترجمي بابت هن مضمون ۾ ويچار ونڊيا ويندا.
توڙي جو شاھ صاحب جي ڪلام جا ٻيا به ترجما
ٿي چڪا آھن پر اياز جوڪيل ترجمو ان سلسلي
۾ ھڪ جدا حيثيت رکي ٿو.
ترجمي نگاري هڪ فن آهي جنھن سان
صرف اُهو مُترجم توڙ نڀائي سگهي ٿو جيڪو اصل تخليق جي جوهر کي پنھنجي اندر ۾ محسوس
ڪري سگهي. شاهه ڀٽائيءَ سان سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي عقيدت ۽ احترام آهي. اها شاهه جي
شاعريءَ جي فني خوبي آهي جو پڙهندڙ اُن کي دل جي گھراين ۾ محسوس ڪندو آهي پر جيترو
شاهه جو ڪلام گھرائيءَ وارو آهي اُن کي ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ساڳئي معيار مطابق بيان
ڪرڻ لاءِ به اوترو ئي شعور، من جي سچائي، ذهن جي وُسعت ۽ سوچ جي گھرائي گهُربل
آهي. اياز شاهه جي فڪر کي اُن جي اصل اُونھاين ۾ محسوس ڪيو ۽ سمجهيو. اهو ئي سبب
آهي جو ان کي هڪ ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ مھل اُن کي اُن جي اصلي جوهر ۾ بيان ڪرڻ
۾ ڪامياب ويو آهي.
غیر محدود هے جلال اس
کا
دھر آئینه جمال اس کا
آپ رهبر هے آپ هی
راهی
ختم خود اس په هے کمال
اس کا
اس کا احساس هر جگه هر
وقت
که هم گیر هے خیال اس
کا
روح انساں میں جلوه
فرما هوا
پر تو حسنِ بے مثال اس
کا
(رساله شاه
عبداللطیف بھٹائیؒ، ص: ۱۱۳)
شاهه جي فڪري ڪيفيت کي محسوس ڪري
اياز اُن جي ڪلام کي ايتري خوبصورت انداز ۾ ان ڪري به بيان ڪري سگهيو جو هُو
بُنيادي طور پاڻ به هڪ شاعر هو. ٻيو ته هُن کي دُنيا جي ٻين ٻولين جي شاعري پڙهڻ/
سمجهڻ جي ڄاڻ هُئي ۽ ٽيون اِن ڪري به ته کيس اُردو ٻوليءَ تي دسترس هُئي. اياز نه
رُڳو سنڌي ٻوليءَ بلڪه اُردو ٻوليءَ جو به هڪ بھترين شاعر هو. سندس اُردو شاعريءَ
مُتعلق اُردو زبان جي ڏاهي احمد مقصود حميديءَ (جيڪو سنڌ جو اڳُوڻو چيف سيڪريٽري،
سکر جو ڊپٽي ڪمشنر، علم ادب جو قدردان ۽ موجُودهه دور جي قداور ادبي شخصيتن انور
مقصود ۽ فاطمه ثريا بجيا جو وڏو ڀاءُ هو.) جي پاران ٿيل تعريف جو ذڪر اياز پنھنجي
ساروڻين ۾ ڪيو آهي. واضح رهي ته احمد مقصود حميدي اياز جو سکر ۾ پاڙيسري به هو ۽ ٻيو
ته جنھن دور ۾ حميدي صاحب سکر ۾ ڊي سيءَ جي عُھدي تي هو تنھن وقت ڪنھن به ڊي سيءَ
جي اختيار ۾ علم ادب جي پذيرائيءَ ۽ حوصلي افزائيءَ لاءِ خاص بجيٽ پڻ هُوندي هُئي.
ان ڪري حميدي صاحب شيخ اياز جو ادبي فن پارن/ ڪتابن ڇپرائڻ وغيرهه ۾ سھڪاري به هو.
اهو اياز جو اُردو ٻوليءَ تي
عبور هو جو هُو اُن ۾ شاندار طريقي سان اظھار ڪري سگهيو ٿي. شاهه جي ڪلام جي ترجمي
دوران ان ڳالهه جو اندازو ٿي وڃي ٿو ته اياز کي سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ پائي جي ڳُوڙهي
فڪر کي اُردو ٻوليءَ جي معيارن مُطابق بيان ڪرڻ جو هڪ ڏانءٌ آهي. شاهه جو هيءُ بيت
ڏِسو!
پڙاڏو سو ئي سڏ، ور وائيءَ جو
جي لھين
هُئا اڳي ئي گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا
یه صدا اور باز گشتِ
صدا
اصل دونوں کی ایک جیسی
هے
اپنی آواز کی دوئی په
نه جا
یه سماعت فریب دیتی
هیں
(رساله شاه
عبداللطیف بھٹائیؒ، ص: ۱۱۳)
اُردو ٻولي ڪيترين ئي ٻولين خاص
ڪري عربيءَ، فارسيءَ، هنديءَ ۽ تُرڪيءَ جو سنگم آهي ۽ اِنهن ٻولين جي اثرن ڪري
اُردوءَ جا مُختلف اسلُوب ۽ انداز به آهن. اياز جي اُردو ٻوليءَ تي مھارت جو عالَم
آهي جو هُو هِن ترجمي دوران انهن مُختلف اسلوبن تي جُدا جُدا طبع آزمائي ڪري ٿو. ڪٿي
ان تي هندي گاڏڙ اُردوءَ جو اثر ٿو ملي جيئن:
وائی
اس پار سے جب وه آئیں
میں پگ پگ نین بچاؤں
ساجن کو بھول نه جاؤں
آشاؤں سے سپنوں سے
اپنے من کو بهلاؤں
ساجن کو بھول نه جاؤں
ترسائیں نه دن برھا کے
نینوں سے نین ملاؤں
ساجن کو بھول نه جاؤں
بیٹھی هوں آس لگائے
سکھ پیا ملن کے پاؤں
ساجن کو بھول نه جاؤں
(رساله شاه
عبداللطیف بھٹائیؒ، ص: ۳۴۳)
وري جڏهن فارسي اثر واري اسلوب
کي اپنائي ٿو ته تڏهن به لفظن جي چُونڊ ۽ بيان اعليٰ آهي:
آرزو، جستجو، خلش، تگ
و دو
بے بسی، درد، کرب، غم،
آزار
کوهساروں کے سلسلے،
توبه
سانس لینا بھی هو گیا
دشوار
دیدنی هے سسئی کی
بیتابی
جیسے بیم و رجا میں هو
تکرار
کون جانے ’لطیف‘ کب هو
سسئی
واصلِ خاک، آستانئه
یار
(رساله شاه عبداللطیف
بھٹائیؒ، ص: ۳۷۹)
۽ وري جڏهن سادي سلوڻي عام فھم ٻوليءَ
۾ اظھار ڪري ٿو تڏهن به بيت جي اصل رُوح کي مُتاثر نه ٿو ڪري:
بهت دن هو گئے هیں دکھ
اٹھاتے
کهیں ایسا نه هو دل
ٹوٹ جائے
کرو سکھیو! مرے ساجن
کی باتیں
که باتوں هی سے شاید
چین آئے
(رساله شاه
عبداللطیف بھٹائیؒ، ص: ۳۴۲)
اهو سمُورو ڪم اياز ڪو
سوَلائيءَ سان ڪونه ڪيو پر ان ترجمي دوران کيس پيش ايندڙ مُشڪلاتن جو ذڪر ڪندي
فھميده رياض هِن ڪتاب جي ديباچي ۾ لکي ٿي ته:
’’مغرب میں
تو پھر بھی ترجمه ایک مستند ذریعه ابلاغ هے اور مترجم کو متعدد سهولیتیں حاصل هوتی
هیں. ایک سے زائد ماهرین جو دونوں زبانوں کے ادب پر عبور رکھتے هوں، مترجم کی مدد
کے لئے میسر هوتے هیں لیکن شیخ ایاز کے پاس ماسوا لطیف سے عشق کے، کو ئی دوسری
قابلِ ذکر سهولت موجود نه تھی. یه کام کس قدر دشوار هو گا اس کا تصور کرنا محال
هے.‘‘
(رساله شاه
عبداللطیف بھٹائیؒ، ص: ۲۲)
اياز ڀٽائيءَ جي هر هڪ سٽ ۽ هر
هڪ ڪيفيت ۾ گُم ٿي ترجمو ڪيو آهي بلڪه ائين چئجي ته وڌيڪ بھتر ٿيندو ته هُن شاهه
جي فڪر کي پنھنجي لفظن ۾ تخليق ڪيو آهي. بس اياز ايترو ڪيو آهي جو هر بيت اُردو ٻوليءَ
۾ تخليق ڪرڻ مھل شاهه جي بيت جي اثر يا Limitations ۾ رهيو آهي يا ائين کڻي چئجي ته شاهه جي رهبريءَ ۽ هدايتن تي عمل ڪندو
شاهه جي بيتن مُطابق بيت تخليق ڪندو ويو آهي.
سمُورين اعليٰ خوبين جي باوجود
هِن رسالي ۾ هڪ وڏي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. اها کوٽ آهي هر ترجمي ٿيل بيت جي سامهون سنڌي
اصلي بيت جي. اهو ڪلام اُردو ٻوليءَ ۾ سمجهڻ لاءِ ته تمام بھترين آهي پر جيڪڏهن هر
بيت جي آڏو اصلي بيت به ڏنل هُجي ها ته سنڌي ٻوليءَ وارن کي اُردو ترجمي سمجهڻ
لاءِ ۽ شاهه جي ڪلام جي سنڌيءَ ۽ اُردوءَ ۾ بيان کي سمجهڻ ۾ سوَلائي ٿي پوي ها. جھڙيءَ
طرح شاهه جي ڪلام جي انگريزي ترجمن ۾ اصلي بيت به ڏنل هُوندا آهن ته جيئن انگريزي ٻوليءَ
وارن شاهه جي بيت کي سمجهڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ وارن لاءِ انگريزي ترجمو سمجهڻ لاءِ سوَلو
ٿي پوي. اهو سمجهڻ لاء ته هيءُ ترجمو اياز شاهه جي ڪھڙي بيت جو ڪيو آهي؟ شاهه جي
رسالي ۾ اُردو معنيٰ جي مُطابقت سان اُهو بيت ڳولڻو پوي ٿو ۽ جيئن ته هر بيت کي
اياز جيئن جو تيئن ترجمو به نه ڪيو آهي. يعني ڪيترين ئي جاين تي شاهه جي بيت جون
چار سٽون آهن پر اياز اُنهن کي ٽن سٽن ۾ بيان ڪيو آهي يا شاهه جو بيت ٽن سٽن ۾ آهي
پر اياز اُنهن کي ٻن سٽن ۾ بيان ڪيو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اياز بيتن لکڻ
مھل سٽن جي ترتيب شاهه واري نه رکي آهي. مثال طور هيٺيون بيت پڙهو!
کٹی آنکھوں میں جن کی
رات ساری
رها سبحان هی جن کی
زبان پر
یه اُن کی خاکِ در کا
مرتبه هے
جھُکے هیں سینکڑوں سر
آستاں پر
اصل بيت:
ساري رات سُبحان، جاڳي جن ياد ڪيو
اُن جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو
مان
ڪوڙين ڪن سلام، آڳھه اچيو اُن
جي
مٿيون بيت ته هڪ مشھُور بيت آهي
ان ڪر ان جو اُردو ترجمو پڙهي ڪو به سمجهي سگهي ٿو ته اصل بيت ڪھڙو هُوندو؟ پر
جيئن ته شاهه جا سڀ بيت ماڻهن کي ياد ناهن يا اهو اندازو نه آهي ته ڪھڙو بيت ڪھڙي
سُر يا داستان ۾ هُوندو. ان ڪري Accurate بيت ڳولڻ ۽
سمجهڻ ۾ ڏُکيائي پيش اچي ٿي. جيئن هيٺيون بيت آهي:
نهیں ارض و سما بھی ان
کی قیمت
نهاں اس بحر میں هیں
جتنے گوهر
جو روشن بخت هیں وه اس
کی ته سے
اڑا لائے نه جانے کتنے
گوهر
سوا اس بحر عرفان کے
کهیں اور
نه تجھ کو مل سکیں گے
اتنے گوهر
(رساله شاه
عبداللطیف بھٹائیؒ، ص: ۳۲۱)
اصل بيت:
سي پُوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو
جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لالون مان لھرن،
ڪانهي قيمت تن، مُلهه مھانگو
اُن جو.
(شاهه جو رسالو _ سُر سري راڳ،
داستان پھريون، بيت چوٿون)
ٻي ڳالهه ته جيئن ته شيخ اياز
ان ترجمي ڪرڻ مھل مُختلف رسالن کي سامهون رکيو هو ۽ هر رسالي ۾ بيتن جي ترتيب ۾ ڪو
نه ڪو فرق به آهي ۽ هر ماڻهوءَ وٽ شاهه جا سڀ يا اوترا رسالا مُيسر ٿيڻ ڏُکي ڳالهه
آهي ان ڪري به مُشڪل پيش اچي ٿي.
مٿي بيان ڪيل ڏُکيائين جي
باوجود اهو هڪ انتھائي اهم دستاويز ۽ ترجمي نگاريءَ جي لحاظ کان هڪ لازوال سر چشمو
آهي. شيخ اياز جي اِن ڪارنامي کي مڃيندي سنڌ جو ڏاهو عبدالحميد آخوند آغا سليم جي ڪيل
ترجمي واري ڪتاب ۾ لکي ٿو:
’’شاه صاحب
کے پورے کلام کا منظوم اردو ترجمه پهلی بار شیخ ایاز مرحوم نے کیا جو ادب میں ایک
سنگِ میل کی حیثیت رکھتا هے.‘‘ (عرضِ ناشر، رساله شاه عبداللطیف بھٹائیؒ، منظوم
اردو ترجمه، آغا سلیم، ص:۶)
هيءُ دور جيئن ته تحقيق ۽ تدوين
۾ نوان نوان تجربا ڪرڻ ۽ نيون روايتون قائم ڪرڻ جو دور آهي تنھن ڪري جيڪڏهن ڪو
نوجوان اڳتي اچي شيخ اياز جي اِن ترجمي جي اهميت کي سمجهندي نئين سري سان تحقيق ڪري
ان ڪم ۾ هڪ قدم اڳتي وڌائي ۽ اِن رسالي کي اصلي سنڌي بيتن سميت ٻيھر ترتيب ڏئي ته
اهو لطيف شناسي، اياز شناسي، سنڌي ادب توڙي اُردو ادب لاءِ هڪ لاڀائتو ڪم هُوندو.
شيخ اياز جو فڪر
ڊاڪٽر عابده
گهانگهرو
شاعر، اديب ۽ عالم پنهنجي ديس ۽
قوم جا رهبر هوندا آهن، هو پنهنجي مشاهدي سان پنهنجي موجوده وقت ۾ عملي ۽ ايندڙ
وقت لاءِ نظرياتي رهبري ڪندڙ هوندا آهن.
جيڪڏهن ڪو سوال ڪري ته آخر ڇو شاعر پراڻا ساڳيا سڳيا قصا/ ڪهاڻيون ورجائي
ورجائي بيان ڪندا آهن ته منهنجو خيال آهي ته جيئن معصوم ٻارن کي پنهنجو انتهائي
ويجهو ۽ مستقبل جو معمار سمجهي کين صحيح ۽ ڀرپور ڄاڻ ڏيڻ لاءِ حقيقي مثالن سان ڳالهيون
سمجهايون وينديون آهن، ايئن ئي شاعر پنهنجو پيغام قوم کي پهچائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ،
سماج ۾ اڳ کان ئي عام ٿيل قصن/ڪهاڻين ۽ داستانن جي تمثيل ذريعي عوام کي پنهنجي
مشاهدي مان حاصل ڪيل تصور، نظريا ۽ فڪر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
شاعر جو هڪ هڪ لفظ پنهنجي اندر
هڪ تمثيل رکندڙ هوندو آهي ۽ سندس لفظن جي روشني رهبريءَ جو رستو ٻڌائيندي ويندي
آهي، جنهن شاعر جو ناتو پنهنجي ديس جي ڌرتي عوام، تهذيب، تمدن ۽ ڌرتيءَ تي اُسرندڙ
هر ننڍڙي کان ننڍڙي ۽ وڏي کان وڏي قدرتي وکر توڙي سندن ريتن رسمن، هنرن، روين،
قدرن، احساسن، اُمنگن سان گڏوگڏ ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان جڙيل هر فطري توڙي عير
فطري مٿين ڳالهين سان ويجهو ۽ ڳنڍيل هوندو آهي، اهو ئي شاعر انهن تمثيلن ۾ انهن ماڻهن
توڙي ديس لاءِ ڪو حقيقي رنگ ڀري کين مٿين گس لائي سگهندو آهي، جيئن شيخ اياز دودي
سومري جي تمثيل ۾ چوي ٿو ته:.
جي تون وڙهندي ماريو ويندين،
هن وستيءَ تي واريو ويندين،
دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو،
ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته ماڻهوءَ جي سڀ کان وڏي گهرج پيٽ پالڻ ۽ سڀ کن اهميت
واري ڳالهه زندگيءَ جو بچاءُ هوندو آهي، سهل زندگي، آرام واري زندگي ۽ زندگيءَ جي
آسائشن لاءِ سڄي زندگي هو جاکوڙيندو رهندو
آهي. اياز کيس پنهنجي زندگيءَ جي بچاءَ لاءِ تڙپڻ کان وڌيڪ ڌرتيءَ جي قدرن ۽ ناموس
جي بچائڻ لاءِ اُڀاري تيار ڪري ٿو ۽ زندگيءَ جي آسائشن لاءِ ڏينهن رات تڙپندڙ
انسان کي سندس اصل جوهر “ويساهه” جي اهميت جو احساس ڏياري ٿو. اهو ويساهه جيڪو
موجوده دور ۾ اڻ لڀ ٿي ويو آهي. جيڪو ويساهه اسان جا عوامي نمائيندا، سياستدان ۽
پاڻ کي عوام جا ڀرجهلو سڏائيندڙ اڪابر وڃائي چڪا آهن.
تارازيءَ جي هڪ پلڙي ۾ هڪ ماڻهوءَ
جو ساهه آهي ۽ پلري ۾ سندس مردهه ويساهه آهي ۽ اهو به رڳو اڪيلو ناهي، ان
ويساهه جي ڳوٿرريءَ ۾ ڀريل سندس خوشيون،
سندن اکين جا سپنا ۽ چمڪ، چين جون مرڪون، رت ست، همت، جذبو، حوصلو، اعتماد ۽ سندس
آئيندو شامل آهن، جن جي حاصلات ۽ پورائي لاءِ هو هيڏي هوڏي واجهائيندو رهي ٿو،
اياز چوي ٿو:.
شاعر زندگيءَ جي رفتار جو
سونهون هوندو آهي ۽ پنهنجي مبهم انداز ۾ سياستدان کان اڳ تاريخ جا اهم موڙ ڏسي
سگهندو آهي. پنهنجي تقدير جي باري ۾ هن کي پروڻ پوندا آهن. (ڪپر ٿو ڪن ڪري، شيخ
اياز جي شاعري -۲ ص: ۶۷)
جيئن ته ڏيهي توڙي پرڏيهي تاريخ
جو ڄاڻو هو، عالمي مطالعو، شعور ۽ تري ئي وسعت نظرVision
رکندڙ
هو، جنهن به سندس ان vision کي سمجهيو، اهو سندن عاشق بڻجي ويو، انهن ۾ سندس همعصر دور سان
واسطو رکندڙ به هئا/ آهن ته اڄوڪي دور جا مداح پڻ آهن ۽ جن اياز ان ويساهه واري
تصور/ نظرئي کي پنهنجي محدود عقل جي فٽ پٽيءَ سان ماپي پنهنجون فتوائون گهڙي ٻڌايون
پر اياز جيئن ته ان فٽ پٽيءَ جي ماپ ڄاڻي چڪو هو ۽ کيس اهو اندازو هو ته هو فٽ پٽي
هڪ هٿ کان ٻئي هٿ تائين پٽي اُڇالجي، ان ڪري هن چيو ته “
“آئون سڀاڻي لاءِ لکان ٿو،
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي”
هت سڀاڻي رڳو ايندڙ وقت ناهي بلڪه
“سڀاڻي” مان مراد شعوري سوچ آهي، اياز کي يقين هو ته ايندڙ نسل وڌيڪ متحرڪ ۽ پريڪٽيڪل
هوندو، اهو ڪنهن اڳ ۾ جڙيل يا ٻڌايل فٽ پٽيءَ بدران اياز جي پيغام جي اصل روح
مطابق پنهنجا سماجي مسئلا سمجهندو ۽ انهن جا حل ڪڍي سگهندو.
اياز کي پنهنجي دور ۾ ماڻهن
مذهب جي آڙ ۾ لويو ۽ کيس ڪافر ۽ ملحد جهڙا
لقب ڏنا “ وري ڪڏهن عالمي نظريين ۽ رجحانن کان واقعن کان متاثر کيس فرائڊ ۽ ٻين
فلاسافرن جي غير فطري نظرين جو پوئلڳ قرار ڏنو. جڏهن ته اياز عقل، فهم، فڪر، ڏاهپ
توڙي ڏات ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
شيخ اياز جو عورت ڏانهن رومانوي
لاڙو هو ۽ ان جو اظهار هن پنهنجي شاعري توڙي نثر ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي، جيڪو
ڪٿي ڪٿي اڻ وڻندڙ به ۾محسوس ٿئي ٿو ۽ ان تي مون پنهنجي ڪتاب شيخ اياز صدين جو سرجڻهار
۾ وضاحت سان لکيو آهي پر سندس اهو لاڙو فطري ۽ انتهائي ذاتي نوعيت وارو هو. ان کان
هٽي ڏسبو ته هو عورت جي هر ڪردار ۽ عمل کي
مان ڏيندڙ آهي، هو اڄ جي عورت کي مضبوط، بهادر ۽ عقلمند سمجهي ٿو، تڏهن ته چوي ٿو
،
ڪائي گونگي گانءِ، ناهي اڄ جي
نينگري،
ڀوري ڀانءِ مران کي، ڏونگر ڏوري
ٿي وجهي،
جيستائين اياز جي ذاتي عملن ۽
عورتن سان عشق جو تعلق آهي ته اهي سندس حياتيءَ سان لاڳاپيل ڳالهيون هيون ۽ جن جو
ذڪر به هن کليل لفظن ۾ ڪيو آهي، هينئر اياز جمساني طور موجود ناهي پر هينئر اسان وٽ سندس فڪر ۽ پيغام آهي، جيڪو بنا ڪنهن وڌاو
جي آفاقي آهي ۽ قطعي طور تي هن نسل، ڌرتيءَ
۽ عوام جي نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ ان مان صحيح معنيٰ ۾ سجاڳي ۽ بيداري حاصل ڪرڻ هن
وقت جي ضرورت آهي، ان فڪر ۽ پيغام کي جاچڻ سان معلوم ٿيندو ته ان ۾ ڪنهن به اهڙي فڪر ،
پيغام، فلسفي يا نظرئي جي جهلڪ نه آهي، جيڪو سندس تهذيب، ڌرتيءَ يا عوامي/ قومي قدرن مطابق غير سماجي يا غير
فطري سمجهيو وڃي.
مان سمجهان ٿي ته اياز جي فڪر کي فرسودهه فٽ پٽيءَ تي ماپڻ
بدران سندس اصل جوهر سمجهڻ جي شديد ضرورت
آهي ۽ ان سلسسلي ۾ مختلف فطري پاسن مطابق تحقيق ڏانهن وک وڌائڻ گهرجي، اسان کي
سمجهڻ گهرجي ته جهڙيءَ ريت شاهه ڀٽائيءَ جو فڪر هن ڌرتيءَ جي عوام لاءِ سماجي سگهه
۽ تشخص جو ڪم ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح ان کان بعد واري دور شعور ۽ علم مطابق شيخ اياز
جو فڪر اسان کي سماجي سگهه ڏيندو . اڄ دنيا شاهه جي فڪر کان آگاهه ٿي چڪي آهي، توڙي
جو سندس فڪر جا ڪيترا ئي پنا اڃا به بند پيل آهن ۽ انهن کي جديد شعور ۽ Vision مطابق کولڻ جي ضرورت آهي
پر ان سان گڏوگڏ هيءُ وقت آهي ته شاهه کي سگهه بڻائڻ سان گڏوگڏ اسين اهو پڻ ثابت ڪيون
ته شاهه جي سگهه اسان وٽ ٻيا ڪهڙا ۽ ڪيترا مفڪر پيدا ڪيا؟ اسان پڻ انهن مان ڪيتري
۽ ڪهڙي سگهه حاصل ڪري سگهيا آهيون؟ ان
لاءِ اسان کي اياز جي فڪري گهرائي سان پڙهڻو پوندو. ان کي اڃان وڌيڪ سمجهڻو ۽ سمجهائڻو
پوندو. هن دور ۽ حالتن ۽ هڪ اهڙي رهبر جي موجودگيءَ جي ضرورت آهي، اياز جي نظرئي ۽
فڪر جا مداح ڪيترا ئي آهن ۽ ڪيئي استاد توڙي اديب جن اياز کي پنهنجي شوق ۽ عشق ۾ پڙهڻ
چاهيو ۽ سمجهيو آهي. انهن کي سندس فڪر تحريڪ جي صورت ۾ ڦهلائڻ لاءِ اڳڀرو ٿيڻ جي
ضرورت آهي.
بجاءِ ان جي جو اياز جي فڪر مان
غير فطري پاسن کي اجاگر ڪجي يا سندس عشق ۾ انتها تي پهچي غير حقيقي انداز ۾ اجايو
پڏايو وڃي، جهڙيءَ ريت تازو اياز ميلي ۾ شاهه ۽ اياز جي ڀيٽ ڪئي وئي يا اياز جو
شاهه سان مقابلو ڪرائي سندس قد بت طئه ڪيو وڃي، هينئر ضرورت آهي ته شاهه ۽ اياز جي
گڏيل سگهه سان اڳتي قدم وڌايو وڃي اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته شاهه ۽ اياز ٻئي
پنهنجو مٽ پاڻ آهن پوءِ به لطيف لطيف آهي، جنهن لاءِ اياز پاڻ ئي چيو آهي ته :
آءُ ڀٽائي آءُ، تنهنجي کِهه
منهنجون اکيون” (اياز)
شيخ اياز
سنڌ ۾شعور ۽ ڏات جو ڪوئي ڏڪار ڪو نه پوَندو
رکيل مورائي
ائين شيخ اياز چيو هُئو ۽ سچ پچ
سنڌي ادب ۾ ايئن چوڻ ۽ ان اعتماد سان چوڻ جو حق به اياز کي ئي هُئو، ڇاڪاڻ ته سنڌي
تخليقي ادب ۾ اياز ئي اهڙي سند هُئو ۽ آهي، جنهن جي راءِ مستند ترين، نه رڳو قبول ڪري
سگهجي ٿي پر ان جي روشنيءَ ۾ سنڌي ادب بابت لکيل نصابي تاريخن ۽ جائزن جو نئين
سِري کان اڀياس ڪري به سگهجي ٿو ۽ ڪو نئون تخليقي ۽ سجيندو اڀياس/تنقيد لکي به
سگهجي ٿي جنهن کي سنڌ ۽ ادب جي تاريخ چئجي.
ٻه مارچ اياز جو جنم ڏينهن آهي
۽ سال ۲۰۱۷ع جو جنم ڏينهن، سندس ٽيانوي
هين سالگره ٻڌائي ٿو. اياز جي لکڻ ۽ چوڻ موجب هُن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ پهريون شعر
لکيو ۽ اٺاويهين ڊسمبر اوڻيهه سؤ ستانوي تائين سندس قلم لڳ ڀڳ ساڳي رفتار سان
هلندو رهيو، سواءِ انهن سالن جي جن ۾ هو شانتي نڪيتن جو خواب کڻي ان جي ساڀيان
لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻيو هئو. انهن چئن سالن ۾ هُن جو فقط هڪ ڪتاب
“لڙيو سج لڪن ۾” شايع ٿيو. جيڪو اياز جي ان دور جي اڪيلائيءَ، اداسائيءَ ۽
مايوسيءَ کي ظاهر ڪري ٿو جنهن ۾ فقط وايون آهن ۽ انهن واين ۾ شايد آخري وائيءَ جي
آخري سِٽ آهي ته
واريءَ منجهه وڃائيا،
تنهنجا پيرا مون،
شام لٿي آهي.
۽ سچ پچ ته اسان ائين ئي ڀانيو
هُئو ته سنڌ اياز جي روپ ۾ پنهنجي تخليقي ادب جا، خاص طور شاعريءَ جا پيرا وڃائي
ويٺي آهي. اياز تان اهو دؤر ۽ اها ڪيفيت نهايت تيزيءَ سان گذري وئي، ان دور کي
اياز ڪيئن ڀوڳيو ان جو اظهار هُن پنهنجي آتم ڪٿا جي هڪ وڏي، شاندار هڪ هزار صفحن
تي پکڙيل ڪتاب “ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر” ۾ بار بار ڪيو آهي. هن ڪتاب جو نالو وري
اياز جي ان ڪيفيت جو اظهار آهي. جيڪا هن ڊگهي ڀوڳيل ذهني عذاب کانپوءِ حاصل ڪئي
هُئي. هيءُ اهو عذاب هُئو جيڪو اياز کي نه چاهيندي به ڀوڳڻو پيو هئو. هيءُ اهو
عذاب هُئو جيڪو سندس دشمنن/ مخالفن جي شڪست کانپوءِ کيس دوستن وٽان پلئِه پيو
هُئو. ۽ ان سان اياز ڪيئن منهن ڏنو ان لاءِ اسان کي اهي سڀ ڪتاب ڏسڻا پوندا. جن جي
شروعات اياز جي هڪ دلبر دوست ۽ سنڌ جي ذهين اديب شاعر ۽ صحافيءَ يوسف شاهين پاران ڇپايل
هڪ غير معمولي ڪتاب “پتڻ ٿو پور ڪري” سان ٿئي ٿي، جنهن کان جلد ئي پوءِ شاهين صاحب
اياز جي هائيڪن جو سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب ڇپايو جنهن جو نالو هئو “پن ڇڻ پڄاڻا” ۽
پن ڇڻ پڄاڻا ڇا ٿيو؟
اياز جي طبعيت ۽ تخليق تي اهڙي
بهار آئي، جنهن کي سنڌ ۾ ايندڙ ڪيترين صدين تائين پڙهيو ويندو ۽ ياد رکيو ويندو،
هُن ايترو نثر ۽ نظم ڏنو، جيترو اياز گذريل زندگيءَ ۾ نه ڏئي سگهيو هُئو. هُن رات ڏينهن
جي سنڌي کي مٽائي ڇڏيو، جڏهن ڌرتيءَ جي هن حصي تان سج لهڻ شروع ڪندو هُئو، تڏهن
اياز جي ڏات جو سج اڀرڻ شروع ڪندو هُئو. ۽ جڏهن وري پرهه پنهنجا پر ڦڙڪائڻ لڳندي
هئي. صبح جي سمنڊ کي چمي ايندڙ هير سندس فليٽ جي گيلريءَ اندر ڌوڪي ايندي هئي.۽
سندس فليٽ جي گيلريءَ ۾ جهرڪين جا مٺڙا آواز ٻُرڻ لڳندا هئا. ته اياز پنهنجي قلم
کي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيندو هُئو ۽ جيستائين اياز جو قلم ٿڪ ڀڃندو هُئو،
تيستائين اياز ننڊ توڻي جاڳ ۾ ان اوسيئڙي ۾ هوندو هُئو ته قلم کي وري ڪٿان شروع ڪري.
ڇاڪاڻ ته هو اهو فيصلو ته اڳي ئي ڪري چڪو هُئو، ته ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ!
۽ هن اهو ٿڪ اڻٽيهين ڊسمبر جي
رات پنهنجي مرشد جي اکين آڏو، ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي پنهنجي ماءُ مٽيءَ جي هنج ۾ وڃي ڀڳو.
اها مٽيءَ جنهن جي مان وڌائڻ، ان کي آجپو ڏيارڻ ۽ ان جي اولاد جي آزاديءَ لاءِ هن
سڄي عمر گيت لکيا، جيل ڏٺا، ڪافر ۽ ملحد جا مهڻا سَٺا ۽ دوستن جي بيوفائين کي ڀوڳيو.
هيءُ وقت اياز جي تخليقن جي اهڙي
سُڪار جو وقت هُئو، جنهن کي سنڌ جي نالي ڪندي هن مٿيون شعر لکيو هُئو ۽ ان ۾ هن
اهو فيصلو ڏنو/ڪيو هُئو ته:
سنڌ کي مون آڇيو ايڏو سُڪارُ
ڏات جو ڪوئي ڏڪارُ
ڪونه پوندو.
۽ سچ پچ اياز پنهنجي تخليقن
وسيلي سنڌ ۾ ايترو سُڪار آندو جو ايندڙ ڪيتريون ئي صديون سنڌ شايد وڌيڪ شاعريءَ جي
ضرورت محسوس نه ڪري ۽ اياز جي شاعريءَ تي قناعت ڪري. ڇاڪاڻ ته اياز جي شاعريءَ ۾
اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، جنهن جي سنڌ کي گهرج هئي، آهي ۽ رهندي.
تخليقي عمل رڪڻو نه آهي، پر ملڪ
۽ ڌرتيون جن تخليقن تي فخر ڪنديون آهن ۽ جيڪي تخليقون انهن ملڪن ۽ ڌرتين جي
تهذيبي، تمدني ۽ تاريخي سڃاڻپ بڻجنديون آهن، اياز سنڌ جو اهڙو تخليقڪار آهي.
پن ڇڻ پڄاڻان ڪتاب کان پوءِ
نهايت تيزيءَ سان اياز جا ڪتاب ايندا رهيا. پر اياز ڪتابن جي ڇپجڻ کان گهڻو گهڻو
تيز لکندو رهيو. ان دور ۾ لکيل سندس سڀ ڪتاب هن جي خاموشيءَ وارن گذريل سالن جي
مصروفيت جا شاهد بڻبا ويا ۽ خود انهن سوالن جا جواب پڻ! جيڪي ضيائي آمريت ۾ سندس
خاموشيءَ بابت کانئس سامهون، الڳ الڳ فورمن تان يا الڳ الڳ لکڻين ۾ پڇيا ويا. اياز
ڪوبه بيان جاري ڪونه ڪيو، ڪوبه جوابي مضمون ڪونه لکيو، سڀني ڳالهين جا جواب اياز
جي شاعريءَ ڏنا.
ماڻهو سڀ هڪجهڙا آهن
هر ماڻهوءَ کي بک لڳي ٿي،
هر ماڻهوءَ کي اُڃ لڳي ٿي،
پيار بنا ڄڻ هر ماڻهوءَ کي،
ساري دنيا سڃ لڳي ٿي،
هيءَ به حقيقت آهي ليڪن!
ڪي ماڻهوءَ جو روپ رکن ٿا،
سچ ته شڪاري ڪُتا آهن.
ڪارا توڙي اڇا تن کي،
هڪجهڙا ڪاڻيٺا آهن.
اڇا توڙي ڪارا ڪتا،
سارا پونجيءَ وارا ڪتا،
خاڪي ورديءَ وارا ڪتا،
هاها! سڀ هڪجهڙا آهن.
اياز جو هڪ ئي جواب ڪافي هُئو،
انهن سڀني سوالن ڪندڙن کي، جمهوريت، انساني آزادي، قومن ۽ طبقن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ
وارن لاءِ ۽ انهن لاءِ جيڪي اهي سڀ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ۽ ڪيترا ڀيرا ڪرڻ لاءِ، اڳواٽ
انهن خاڪي واريءَ وارن کان پڇي ايندا هُئا. جڏهن جمهوريت تي راتاهو هڻي، ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏني وئي ته اياز هڪ اهڙو
درد ناڪ نظم لکيو، جنهن کي جڏهن عابده پروين پنهنجو آواز ڏنو ته سڄي سنڌ کي اکين ۾
رت ڀرجي آيو.
واويلا وڻڪار
ماڻهو تنهنجي موت تي
رنا زارو زار.
اياز جي شاعريءَ جو سنڌ ۾ آيل سڪار
جيتوڻيڪ ڪو معجزو نه آهي. ان پويان اياز جي علم ۾ سنڌ جي پنج هزارن سالن جي
تهذيبي، تمدني ۽ تاريخي پيڙا به آهي ته ان پيڙا مان پرايل شعور به. اياز جي سِٽ سِٽ
مان سنڌ جي ڏک جو احساس ان جي ماڻهن جي بک جي شدت، پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪرڻ
لاءِ ڌارين سان جوٽيل جنگين ۾ بهادريءَ سان وڙهڻ واري سگهه، سندن وڍيل سرن مان وهندڙ
رت جي گرمي ۽ پوءِ سندن من ۾ سدائين لاءِ رهندڙ انسان ذات لاءِ ٻاجهه ۽ امن پسند
طبيعت جا عڪس ڏسڻ جهڙا آهن، جيڪي ايندڙ نسل شايد وڌيڪ چِٽائيءَ سان ڏسي سگهن، شايد
اهي نسل جن نسلن لاءِ اياز پنهنجي ڪتاب “لڙيو سج لڪن ۾” جي ارپنا ڪئي هئي ته:
“ماضيءَ ۽ مستقل جي نالي.”
ماضيءَ جو شعور اياز وٽ هُئو،
جيڪو هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏنو آهي. ان شعور مان پرائي، جيڪو اڄ جو نوجوان نسل حاصل
ڪندو، اهو سڀاڻي/ مستقبل ۾ ظاهر ٿيڻو آهي. ۽ جيڪو سڀاڻي اياز جي شاعريءَ مان ظاهر ٿيندو،
اهو اياز جو خواب هوندو. جيڪو هُن ورهايل ننڍي کنڊ کي اُپکنڊ ٿيڻ بابت ڏٺو هُئو ۽
جنهن جي ساڀيا لاءِ هُن پنهنجي شعور جي اکين کي ڪڏهن به ننڊ ڪرڻ نه ڏني. ۽ مسلسل
لکندو رهيو.
اڄ جڏهن دنيا ان خواب جي ساڀيان
ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن کي جديد ٻوليءَ ۾ مذهبي شدت پسندي/ مذهبي دهشتگرديءَ کان
پاڪ دنيا ٿو چيو وڃي، ان جي نشاندهي اياز ان وقت ڪئي هُئي جڏهن هي ننڍو کنڊ مذهبي
تنگ نظريءَ جي اڳ ۾ سڙي رهيو هُئو ۽ جاگرافيءَ طور ڇيهون ڇيهون ٿي رهيو هُئو.
ملان پنهنجي عمامي ۾،
لوچي ڏاڙهي نوچي،
سرمد ڇا ٿو سوچي؟!
هيءَ سِٽ سنڌي صوفي شاعريءَ ۾
اظهاريل انساني شدت پسنديءَ/ مذهبي برابريءَ کانپوءِ ڄڻ سنڌيءَ شاعريءَ جو هڪ اهڙو
اظهار آهي، جنهن جي ٻنهي سرحدن تي مذهب جي شدت پسنديءَ جي آگ جا شعلا آسمان سان ڳالهيون
ڪري رهيا هُئا. ساڳئي وقت عالمي سامراج جي آشيرواد سان آندل فوجي آمريتن جي سخت
ترين دورن ۾ اياز جو هيءَ نظم هڪ اهڙي سڏ جو پڙاڏو هُئو، جيڪو اڄ ايڪهين صديءَ جي ٻئي
ڏهاڪي ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي.
هي سنگرام،
سامهون آ،
نارائڻ شيام!
هن جا منهنجا قول به ساڳيا،
ٻول به ساڳيا،
هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر
منهنجا رنگ، تول به ساڳيا.
ڍٽ به ساڳيو، ڍول به ساڳيا
هانءُ به ساڳيو، هول به ساڳيا.
هُن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!
هُن کي گولي ڪيئن هڻان مان!
ڪيئن هڻان مان!
ڪيئن هڻان مان!
ڪيئن هڻان مان!
مان سمجهان ٿو ته پنهنجي زمان ۽
مڪان جي دائري اندر ننڍي کنڊ ۾ مذهب جي بنياد تي بڻايل هن ملڪ جي سرحدن ۾ هن نظم
کان وڌيڪ مذهبي شدت پسنديءَ/ مذهبي دهشتگرديءَ ۽ فوجي آمريت خلاف ڪنهن به ٻيءَ ٻوليءَ
۾ ڪوبه نظم گهٽ ملندو، جنهن نظم جي مليل اعزاز طور سنڌ جي تاريخ ۾ اڄ تائين اڪيلو
سنڌي شاعر اياز هئو، جنهن جيل ڀوڳيو ۽ انهن يادگيرين تي پنهنجو لازوال ڪتاب
“ساهيوال جيل جي ڊائري” لکيو.
تاريخ ان بابت اڃا ماٺ ۾ آهي
شايد سڀاڻي/ مستقبل ۾ اها ڳالهائي ڇاڪاڻ ته سڀاڻي/ مستقبل ۾ اها تخليق جي ان سُڪار
واري سنڌ جي تاريخ هوندي، جيڪو سُڪار اياز جي تخليقن اُن کي ارپيو آهي. سنڌ سڀاڳي ڌرتي
آهي جنهن اياز کي جنم ڏنو آهي ۽ ٻه مارچ جو ڏينهن هن ننڍڙي ديس لاءِ سڀاڳ جو ڏينهن
آهي جو اهو اياز جو جنم ڏينهن آهي.
اياز! جنهن سنڌ کي نئون شعور
پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڏنو، جيڪو شعور سڀاڻي واري سنڌ جي تحفظ جي ضمانت بڻبو۽ سڀاڻي
جڏهن به اٺاويهين ڊسمبر جو ڏينهن ايندو ته هڪ اڀاڳ جي علامت هوندو، سنڌ، سنڌي ٻولي
۽ سنڌي ادب لاءِ!.
شيخ اياز
سنڌ جي سُڀاڻي جو اُونو رکندڙ ۽ ادبي ميلو
ادل سولنگي
سنڌ ۾ صدين کان هي روايتي ميلا
لڳندا رهيا آهن، هي ميلا ماڻهن کي هڪ ٻئي
جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن پر گذريل ڪيترن ئي ورهين کان سنڌ جي
ساڃاهه وندن سنڌ جي ثقافت ۽ ادب جي حوالي سان ميلا مچائڻ شروع ڪيا آهن، جن مان سنڌ کي هڪ هنڌ گڏجڻ جو موقعو
ملي ٿو، علم، ادب، سياست، صحافت، سماجي سجاڳي، انساني حقن جي ادارن سان لاڳاپيل ماڻهو
هنن ميلن مچائڻ ۾ نهايت ئي اڳڀرا ٿيندا نظر اچن ٿا، جيڪا انتهائي خوشي جي ڳالهه
آهي.
حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ اڄ ٽيون “شيخ اياز ادبي ميلو “
شروع ٿيندو، خانه بدوش رائيٽرس فورم طرفان ۲۰ ڊسمبر کان ۲۵ ڊسمبر ۲۰۱۷ع تائين جاري رهندڙ هن اياز ادبي ميلي جو اڄ شام جو پنجين وڳي جڳ مشهور دانشور رسول بخش پليجو،
نورالهديٰ شاهه، مهتاب اڪبر راشدي، مونس اياز، روحي الطاف ۽ ٻيا اديب ميلي جو گڏيل
افتتاح ڪندا. خانه بدوش رائيٽرس فورم، شيخ اياز ادبي ميلي جي روايت قائم ڪري ان جي
تسلسل کي برقرار رکندي هيءُ ٽيون ڀيرو ادبي ميلو مچايو آهي، جنهن ۾ شيخ اياز جي شاعري، نيشنلزم، سيڪيولرزم،
روشن خيالي، سنڌ جي ادب، ثقافت، تاريخ بابت ويهڪون ڪرايون وينديون، خاص ڪري شيخ
اياز جي وطن دوستي ۽ سنڌ پرستيءَ کي اجاگر ڪيو ويندو ۽ ڇهه ڏينهن جاري رهندڙ هن
اياز ادبي ميلي ۾ ۵۰ کان وڌيڪ راڳي، شيخ اياز جي
شاعريءَ کي مختلف سُرن ۽ آلاپن جو روپ ڏئي سنڌ واسين کي ڀيٽا ڪندا، شيخ اياز ادبي
ميلي جون سموريون تياريون مڪمل ڄاڻائيندي ٻڌايو ويو آهي ته ۲۳
ڊسمبر تي اياز مشاعرو
نامياري شاعر امداد حسينيءَ جي صدارت ۾ سڏايو ويو آهي. اياز جي شاعريءَ تي
نرتڪار نرتڪي پيش ڪندا، جنهن ۾ ماني چائو ۽ سميرا علي نمايان نالا آهن. اياز ادبي
ميلي جي مختلف ويهڪن ۾ ۱۰۰ کان وڌيڪ سنڌ جا ناميارا اديب، دانشور، شيخ اياز جي ادبي ڪٿ/پرک ڪندا ۽
اياز جي شاعراڻي حيثيت بابت ويچار ونڊيندا. شيخ اياز جنهن چيو آهي ته؛.
ڳاءِ انقلاب ڳاءِ،
انقلاب، انقلاب ڳاءِ، انقلاب ڳاءِ.
سنڌ جي جديد ترقي پسند، روشن
خيال، وطن دوست سيڪيولر ۽ انسان دوست شاعر شيخ اياز جي مختلف ادبي پاسن کي اُجاگر ڪري
دنيا، خاص ڪري سنڌ جي نئين نسل کي شيخ اياز جي فڪري جدوجهد سان سلهاڙجڻ واري کنيل هن وک کي انتهائي احترام
لائق ڄاتو پيو وڃي، ڇاڪاڻ جو شيخ اياز جو ادبي ميلو لڳائي اسان جي مانوارن اديبن،
دانشورن پنهنجي مٿان ايندڙ قومي ذميواري نڀائڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي قومي سجاڳيءَ
جو تسلسل قائم رکيو آهي.
گذريل ٻن اياز ادبي ميلن ۾ سنڌ
جي نوجوانن هزارن جي انگ ۾ شريڪ ٿي، اياز ادبي ميلا مچايا آهن. اياز ادبي ميلي ۾
سوين ڪٽنبن جي شريڪ ٿيڻ سان، اياز ادبي ميلو نه رڳو ادب جو ميلو آهي پر هي سنڌ جي
نوجوان نسل جو پنهنجي ثقافت، تاريخ، ادب سان عشق جي انوکي اظهار جو نالو ۽ حوالو
آهي.
شيخ اياز جنهن سنڌي ادب کي
پنهنجي تخليقي ڏات ۽ ڏانءَ سان امرتا بخشي ڇڏي آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي محفوظ رکڻ
لاءِ کيس رڪ جي ديوار ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي ڪو به هلڪو واءُ لوڏي ۽ ڌوڏي نٿو سگهي.
اياز صدين جون صدائون کڻي، سنڌ وطن جو اهڙو واهرو
رهيو آهي، جنهن جي لفظن ۾ شعور جون مشعلون ٻرندي محسوس ٿينديون آهن، جنهن
جي شاعريءَ ۾ نه رڳو سنڌ جي تاريخ مرڪندي نظر اچي ٿي پر دنيا جي تاريخ پڻ ڇوليون هڻندي
نظر اچي ٿي. شيخ اياز جنهن چيو آهي ته:.
رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.
جل، جل، مشعل جل.
اڄ ڳاڙهن ٻيرن جي رُت اچي وئي
آهي ۽ ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ اياز جي شاعريءَ جون ٻريل مشعلون کڻي
ميدان تي نڪري آيا آهن. شيخ اياز جي فڪري جدوجهد سان سلهاڙجي، هڪ نئين سگهه سان ڌرتيءَ
تي نروار ٿيا آهن، جن لاءِ اياز چيو آهي ته:.
ڳاڙها ڳڀرو، سنڌ جا تون ئي
منهنجو خواب،
تون ئي آنهه جواب، صدين جي سوال
جو.
صدين جي محرومين مان نڪري سنڌ
جو نوجوان سنڌ جي روشن مستقبل ڏانهن وکون کڻندي اياز جي هنن سٽن کي معنيٰ ڏئي رهيو
آهي ته:
اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي،
متان ايئن سمجهين مئا مور سارا
.
شيخ اياز جنهن چيو هئو ته سنڌ ۾
منهنجي شاعريءَ کان پوءِ جيڪڏهن ٻي ڪا شاعري اُسرندي ته اُها ايئن هوندي جيئن ڪمند
جي واڍيءَ کان پوءِ ٻيو فصل سندس پاڙن مان ڦٽي نڪرندو آهي، اهڙي طرح اياز جي ادبي
تخليقن مان شعور پرائيندڙ نوجوان سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ پنهنجي تخليقن جا
ڪيئي هس، هار، رابيل ۽ گلاب ماٽ جي ڇاٽ توڻي چانڊوڪيون ۽ چيٽ آڇي رهيا آهن.
اُتر لاڙ، سرو، ٿر، ڪاڇو،
ساري سنڌ پرينءَجو پاڇو.
اياز جون شاعراڻيون عظمتون، سنڌ
جون عظمتون آهن، اياز جو آواز سنڌ جو آواز آهي، اياز جي للڪار سنڌ جي للڪار آهي، اياز جي مزاحمت سنڌ جي مزاحمت آهي، اياز
جي مڃتا سنڌ جي مڃتا آهي.
سنڌ پنهنجي انقلابي ۽ وطن دوست
شاعر کي ڀيٽا/ مڃتا ڏيڻ لاءِ اڄ کان
حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ڏانهن وکون کڻي چڪي آهي. ميلي کي مچائڻ لاءِ خانه
بدوش رائيٽرز فورم طرفان ادبي ڪتابن ۽ ثقافتي شين جا اسٽال، هٿ جي هنرن جا اسٽال،
ساز، راڳ، ناچ سميت کاڌي پيتي جا اسٽال سجايا ويا آهن، ساڃاهه وند پنهنجي ڪٽنبن
سميت هن ميلي ۾ ضرور شريڪ ٿيندا ۽ اياز ادبي ميلي کي ضرور مچائيندا، شيخ اياز جنهن
چيو آهي ته :.
ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل.
تڏهن ملنداسين،
وڇوڙي جا ڏينهڙا، ڀورائي جي ڀُل.
شيخ اياز گلن ٽڙڻ جي مند ۾ موٽي
آيو آهي، جڏهن سنڌ جي چئو ڏسائن ۾ سرنهن جو ڦولار
آهي، سياري جي مند م ڪمند جي کيتن ۾ چيچڙا وهي رهيا آهن، جڏهن زيتونن تي جوڀن
اچي ويو آهي، جڏهن سنڌ جي ڍنڍن ڍورن ۾ پرڏيهي پکين جا وڳر هڪ نئون جهان جوڙي رهيا
آهن، سنڌ جي پولارن ۾ پکين جون اڏارون آهن ۽ سنڌ جي ڳڀرن جي نيڻن ۾ سنڌ وطن جي
آجپي جا خواب پکين جيان ساڀيان ماڻڻ لاءِ پنهنجا پر ڦڙڪائي رهيا آهن. اياز چيو
آهي ته :.
آزاديءَ کان اوپرا، تون نه اسان
جو ڀاءُ،
تون ڪو پٿر پنڌ جو اسان اتر
واءُ.
اسان تڏي آءُ، سانگو لاهي سِر
جو ،
اهو ئي اياز جنهن چنڊ کي چيو هو
ته:.
اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو
ناهي،
سندس روپ، سندس رنگ، ايئن آهي،
جيئن تون.
چنڊ جهڙي پرينءَ سان پيار جون
پچارون ڪندڙ ۽ ديس جي درد ۽ پيڙا جو منظر چٽيندڙ اياز جنهن ٿر ۾ بک جو راڄ ڏٺو ته
سڏڪي پيو.
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا.
پنڊيءَ نه ڳڀڙو، وههُ وات ويلا،
منهڙا به ڀيلا، ڳوڙها ڳهيلڙا.
مارو اڪيلڙا،
چنڊ آ، گدري ڦار امان،اڄ پور ناهي چنُڊ، اسان کي بک به
ڏاڍي آ.
شيخ اياز جي شاعري سنڌ ۾ جيڪا
نئين ڏاهپ پيدا ڪئي آهي، جيڪو نئون شعور
جنميو آهي، ان مان ديس جي روشن آئيندي ۾ پختو ويساهه ٿئي ٿو. شيخ اياز پنهنجي
شاعراڻي حيثيت ۽ مٿڀرائپ سان، سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي به مسقبل جو شاعر ٿي
اُڀرندو رهندو. جنهن لکيو آهي ته :.
آنءُ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو.
تون جي مون کي ڪو نه مڃيندي،
مون کي ڪا پرواهه نه آ.
سنڌ جي سڀاڻي جو اونو رکندڙ شيخ
اياز، جنهن جي شاعري سنڌ جي عظمتن جي شاعري آهي، اياز جي شاعري لوڪن جي اجتماعي ڏک،
پيڙا، بهادري ۽ سورهيائي جي شاعري آهي، جنهن کي پنهنجي دور ۽ زماني جا پارکو،
پرکين ٿا ۽ سندس مڃتا ڪن ٿا، شيخ اياز جي شاعري سنڌ جي مستقبل جي شاعري آهي، جنهن
جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي پاتال ۽ اوائلي/ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾کُتل رهيون آهن، شيخ
اياز جي شاعري ته ازالي عشق، حُسن ۽ سچ جي تاريخ جي شاعري آهي، جنهن لاءِ اياز چيو
آهي ته:.
سچ وڏو ڏوهاري آهي،
روز اول کان پڪڙيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آ،
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ،
ڪڏهين زهر پياريو ويو آ،
تيل ڪڙهائي ڪاڙهيو ويو آ،
گهاڻي ۾ پيڙايو ويو آ،
چوٽيءَ تان اڇلايو ويوآ،
ها، پر پوءِ به انهيءَ جي ساڳي!
رهندي آئي ريت ، ڀاڳي!
جنهن جي من ۾ کاٽ هڻي ٿو،
تنهنجو سارو چين کڻي ٿو،
اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آ!
پر تو هي به ڪڏهن سوچيو آ،
ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي،
سچ وڏو ڏوهاري آهي.
شيخ
اياز
ڪڏهن ڪڏهن
ته سارجو
ستار پيرزادو
شيخ اياز کي اسان کان وڇڙئي اڻويهه
ورهيه ٿي ويا. ڇا اسان سنڌين شيخ اياز کي وساريو آهي. نه!نه! اهو شيخ اياز جنهن
اسان جي ٻوليءَ جي جھولي پنهنجي انوکن خيالن ۽ چيدن لفظن سان ڀري چڏي هئي. ويهين ۽
ايڪويهين صدي شيخ اياز جون صديون آهن. هن ٻن صدين ۾ سنڌ جا ڪيترا ئي اڀار ۽ لاها ڏٺا
۽ انهن کي نه صرف پنهنجي چيدن لفظن سان تاريخ جو حصو بڻائي ڇڏيو، پر هن جي لاءِ
مون کي ائين ٿو ڀاسي ته ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي.۲۸ڊسمبر۱۹۹۷ع ۾ هن هي جهان ڇڏي وڃي ازل جو
آشيانو آباد ڪيو. کيس دل جو ڇهون دورو پيو هو،جنهن اسان کان پنهنجي دؤر جو محبوب
شاعر کسي ورتو.موت تي ته ڪا ميار ڪانه آهي. جنهن لاءِ پاڻ ئي چيو هئائين؛
آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي، پر
ايئن نه مرنداسين ساٿي،
ڪا آڳ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري
وينداسين.
هو سنڌ جي هر سنڌي نوجوان جي
اندر ۾ ڪئي جوالا مکي جاڳائي ضرور ويو آهي. چوندا آهن جيڪا شيءِ جتان جي هئي اوڏانهن
موٽي وئي. ڊاڪٽر حق جيڪو سندس دل جي دردن جو معالج هو، تنهنجو چوڻ هو ته سندس دل
پنجون دورو پوڻ ڪري صرف پنجويهه سيڪڙو ڪم ڪري رهي هئي. جنهن جي کيس پروڙ هئي تنهن ڪري
کيس ڏاڍي تڪڙ هوندي هئي ته مون وٽ جو ڪجھه آهي، سنڌي قوم جي امانت آهي، اها
باسلامت کين موٽائي سگھان. جنهن لاءِ هو ڌڙاڌڙ پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني يا قلم
مان ڪڍي سنڌي قوم کي ڏيندو رهيو جنهن جا هن پنج جلد لکي، ان ۾ ڪيترن سوالن جا جواب
ڏئي ڇڏيا.
ان پنجون ڀيرو دورو پوڻ ۽ ڊاڪٽر
حق جي ان اعلان ڪرڻ جي ته، “هاڻ سندس پساهه پورا ٿي ويا.” جنهن تي سندس تيماردارن
جو روڄ راڙو مچي ويو هو. ڄڻ ته هيءَ صورتحال بڻجي وئي هئي ته:
اڪ طرف منهه ڦير ڪر روني لگي
تيماردار،
اڪ طرف بيمارِ غم ڪڇ ڪهه ڪي
رخصت هو گئي.
پر اوچتو سڀني تيماردارن جي
حيرت جي حد کان به ڳالهه چڙهي وئي جو بيمار يعني شيخ اياز کان هڪ دانهن نڪري وئي. انهيءَ
هڪڙي دانهن تي تيماردارن جي آس اميد جا ڏيئا ٻري پيا،اونداهو ڪمررو جر جر جرڪي پيو
۽ هڪدم ڊاڪٽر حق کي گھرايو ويو ۽ هو به بيمار ۾ زندگيءَ جا نمايان آثار ڏسي،جلدائيءَ
سان هن جي علاج سان واهر ڪئي ۽ ائين شيخ اياز موت جي چنبي مان تيماردارن جي روڄ راڙي
تي ڪيئن پاڻ پتوڙي جان ڇڏائي واپس وري آيو. شايد هن خاڪي دنيا ۾ سندس اڃا ڪو داڻو
پاڻي رهيل هو، يا وري يا هڪ اهڙي قدرتي ڪرشمي جي سلڻ لاءِ کيس موٽائي موڪليو ويو
هو.اهو قدرت جوڪرشمو جيڪو گھڻو پوءِ شيخ اياز نه صرف مون سان سليو هو پر نه ڄاڻ ڪنهن
ڪنهن سان سليو ۽ ڪن کي حيران ڪيو ۽ ڪن سندس دماغ جو خلل ڄاڻي لنوائي ڇڏيو هو، پر
هن ان جي تصديق پنهنجي آتم ڪٿا ۾ به ڪري ڇڏي.ان قدرتي ڪرشمي جو ذڪر هتي دوستن جي
دلچسپيءَ خاطر ڪري رهيو آهيان.
اهو قدرتي ڪرشمو شيخ اياز جي
زباني هن ريت هو ته: “ان وقت مون ڏٺو ٿي ته هڪڙو وڏو ٽنيل آهي، جنهن ۾ ڪافي
اونداهي آهي ۽ مان ان ۾ اندر ۽ اندر هلندو ٿو وڃان. اوچتو هڪ اهڙي جاءِ آئي جتان
مون بلٽ جيان واپس موٽ کاڌي ته ان منظّر کي ڏسي مون کان دانهن نڪري وئي.”
ان دانهن سندس حياتي ورائي ورتي ۽ هو نه صرف صحت ياب ٿيو ۽ اسپتال مان گھر
آيو،پر هن پوءِ پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪئي. جنهن لاءِ سندس چواڻي ته، ”شايد قدرت
کي مون کان ڪو ڪم وٺڻو هو يا ڪجھه لکرائڻو هو ته منهنجي اندر ۽ ذهن ۾ جو ڪجھه آهي،
اهو سنڌي قوم جي امانت آهي جا کين مان تير پتير موٽائي ڏيان.” پوءِ هن پنهنجا رهيل
ڪتاب تيزيءَ سان تيار ڪرائي ڇپرايا ۽ پاڻ ٻين ڪمن کي پاسيرو رکي آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪري
ڏنائين. جنهنجو پهريون ڀاڱو، ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ لکي قوم جي امانت باسلامت قوم
کي آڇي، جا سنڌي قوم آمنا صدقنا ڪندي قبولي ورتي
جيڪا پنجن جلدن ۾ ڇپجي پنهنجي مقبوليت ماڻي چڪي.ِ
ان کان پوءِ هو پنهنجي دل جي ڇهين
گوهي هڻڻ ڪري ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ تي علي الفجر سان ئي، سنڌي اديبن، شاعرن، قومي ڪارڪنن ۽ ڪيترن ادب دوستن
کان بنا موڪلائڻ جي هي جهان ئي ڇڏي ويو.
ڊسمبر ۱۹۹۷ع ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ تائين به پنهنجي آتم ڪٿا جو پنجو جلد لکڻ ۾
مشغول هو ۽ پنهنجي قوم جي اها امانت پنهنجي هٿن سان قلم وسيلي، ’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ
مسافر‘ جا چار جلد ڇپرائي چڪو هو ۽ آتم ڪٿا جو پنجو جلد جيڪو سندس معاشقن تي ٻڌل
هو، اهو اڻ پورو ئي رهجي ويو جو اڃا پورو پني تي اڪيرجي نه سگھيو هوس، جو کيس
انتهائي علالت جي ڪري اسپتال داخل ٿيڻو پئجي ويو هو.جتان هو آخر ۾ ازل جو سڏ
اونائي اوڏانهن جي واٽ وٺي راهي ٿي ويو هو.
شيخ اياز کي اسان کان وڇڙئي
پورا ڏهه ورهيه گذري چڪا هئا جو سندس سڀئي شاعراڻا ۽ نثري ڪتاب جن ۾ شاعريءَ جا
پنجيتاليهه ڪتاب جن کي ڏهن جلدن ۾ ۽ نثر
جي ڪتابن کي چئن جلدن ۾، سندس شاعري ۽ نثر جي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ٿيل ترجمن جا ڪجھه
جلد به سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ۲۰۰۸ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.پر انهن جي ان بهتر ڪم جي باوجود مون کي هڪڙو افسوس
ان ڳالهه جو آهي ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۽
نثر جا جيڪي ڪتاب ان اسڪيم ۲۰۰۷ع ’شيخ
اياز جي تربت جي اڏاوت ۽ ڪتابن جي ٻيهر ڇپائي‘مان جيڪي ڪتاب ڇجڻ کان رهجي ويا،
انهن ڏانهن سندس لواحقين، سڀني ڇپائيءَ جو ڪم ڪندڙ ادارن ۽ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽
سياحت کاتي جي موجوده دؤر جي سيڪريٽري ۽ وزير صاحب (جيڪي منهنجي ڄاڻ مطابق ٻئي ادب
دوست آهن) کي اها ڄاڻ ڏيڻ جو ست ٿو ساريان ته ڪوشش ڪري اهي ڪتاب،شيخ اياز جي
پونئيرن کان حاصل ڪري ڇپائي سنڌي عوام جي امانت باسلامت عوام کي آڇين ته سندن وڏا
وڙ سمجھيا ويندا.انهن ڪتابن جا عنوان هيٺين ريت آهن: ڪاريون ڏاريون رات جون، اولڙا،
اکين ننڊ نه اڄهي، ڇانوَ ڪڪر، ڪارو ڪارونڀار، موکيءَ مٽ اپٽيا، نوان آزاد نظم. هنن
ڪتابن جو ذڪر شيخ اياز پنهنجي ڪتاب’سانجھي سمنڊ سپون‘۽ ٻيو ڪتاب جيڪو مڪتبئه
دانيال،ڪراچيءَ وارن ڇپيو هو ان ۾ انهن رهيل ڪتابن جو ذڪر ٿيل آهي. انهن تيار ٿيل ڪتابن
مان سواءِ سندس نثري شاعريءَ جا ڏهه ڪتاب ٿيندا، جيڪي سندس ڊائرين تان اتارڻا آهن
۽ عنوان ڏئي ڇپرائڻا آهن، تنهن کان سواءِ کيس متاثر ڪندڙ ڪجھه شاعرن ۽ اديبن تي
سندس نوٽس لکيل آهن انهن کي پڻ سنواري اتاري يا فوٽو ڪاپي ڪري پريس ۾ ڏيڻ جي قابل
بڻايو وِڃي.انهن ڪتابن جي حاصلات لاءِ مٿين ڄاڻايل اسڪيم ۾ اهي ڪتاب شيخ اياز جي ڌيئڙيءَ
کان حاصل ڪرڻ لاءِ محترم تاج جويي ۽ قاضي منظر حيات کي ذميراري ڏني وئي هئي پر نه ڄاڻ ڪهڙن سببن جي ڪري اهي کانئن حاصل ڪري
نه سگھيا. مان پاڻ به ٻه ڀيرا سيڙجي شيخ اياز جي نياڻيءَ جي گھر حيدرآبد ويو هوس
پر اها ٻئي ڀيرا گهر ۾ هجڻ جي باوجود مون سان نه ملي هئي. پر هاڻ جيڪڏهن حڪومت سنڌ
جو سيڪريٽري ۽ وزير صاحب ڪوشش ڪن ته ممڪن آهي ته هو ڪامياب ٿي وڃن ۽ اهي شيخ اياز
جا رهجي ويل ڪتاب منظر عام تي اچي سگھن ٿا.
شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جي جديد
شاعراڻي ادب جو برجستو شهسوار هو. جنهن نه صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد شاعراڻيون صنفون
سندس دؤر جي رواج پٽاندر لکيون پر هن ڪلاسيڪل هندي توڙي سنڌي شاعراڻيون صنفون جهڙوڪ:
دوهو، سورٺو، بيت، وائي ۽ گيت کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ نوان خيال بخشي اجاگر ڪري ڏيکاريا
۽ پنهنجي دؤر ۾ ڪافي مڃتا ماڻي، اهي صنفون وقت جي فارسي زده دز لٽي ڇڏيون هيون جن
کي شيخ اياز ڇنڊي ڦوڪي، نون خيالن ۽ موضوعن سان سنواري سينگاري پنهنجي نوجوان نسل
کي پيش ڪيون، ۽ اڄ جو نوجوان شاعر انهيءَ راهه تي هلندي اهي صنفون وري لکڻ لڳو
آهي. شيخ اياز کي نه صرف سنڌي پر فارسي،انگريزي،اردو ۽ هنديءَ کان سواءِ يورپ ۽
ايشيا کنڊ ۽ دنيا ڀر جي بهترين ادب جي جوڳي ڄاڻ هئي. انهيءَ دنيا جي ادب پڙهڻ ۽
پرجھڻ کان پوءِ شيخ ايازپنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ کي ّيا ادبي صنفن کي مالا مال بڻائڻ
لاءِ، ان دؤر جي فارسي تشبيهن ۽ استعارن، تلميحن، گلن ڦلن، ساغر ۽ مينا جي ذڪر کي خيرباد
چئي هيئن لکيو ته:
پرينءَ جي پکي ۾ وڃي ٿو اياز،
ٽڙي آهي ٽانگر ٻه ٽي ڦول کڻ.
سندس پرين به پکي واسي آهي،
سندس ڏيهه جي اڪثريت جي گھرن جي حالت اها ’جھوپڙي‘، ’پکن‘،’چؤنرن‘ ۽ ’ڪنڌين ڪانن‘،
’لوڙهن لڪڙين‘ جون جوپڙيون ئي ته آهن نه محل ۽ نه ماڙيون. جيڪي عمر سومري جهڙي
بادشاهه جون مارئيءَ جهڙي کٿيرڻ به ٿوڪاري ڇڏيون هيون.سنڌ جو هاري ناري، مزدور مڙو
ته اهڙن ئي ڪکاون پکن ۾ اجھاپيل آهي.
شيخ اياز جا ان دؤر جا لکيل ڪتاب،
شاعري ۽ نثر سميت پنجهٺ کان به وڌيڪ آهن. جن ۾ سندس پهريان شاعراڻا ۽ نثري ڪتاب جن
کي ملڪ دشمن ڄاڻائي انهن تي بندش وڌي وئي، جن ۾ هن جاگيردار ۽ سرمائيدار نظام خلاف
لکيو هو. اهي ڪتاب هئا،’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘سندس نثر، جنهن ۾ ان وقت هن جيڪي خط
مختلف وقتن تي ٽه-ماهي مهراڻ، حيدرآباد ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا ۽ سنڌي عوام ۾ بيحد
مقبوليت ماڻي چڪا هئا. ٻيو ڪتاب شاعريءَ جو ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ هو جيڪو ان وقت جي پاڪستان
رائيٽرس گلڊ، سکر پاران ڇپرايل ۽ ان ئي گلڊ پاران ان سال جي بهترين سنڌي شاعراڻي ڪتاب
طور حاصل پڻ ڪري چڪو هو.ان ۾ به حڪومتي ڪجھه
ايجنسين جي ڪارندن کي ملڪ ۽ اسلام دشمن مواد ميلي ويو هو ۽ ان تي به بندش وجھرائي
وئي هئي. ٽيون سندس ڪهاڻين جو ڪتاب،’سفيد وحشي‘هو جنهن ۾ جيتوڻيڪ انگريز بهادر جي
سنڌي عوام جيڪا مزاحمت ڪئي، ان کي به پاڪستاني حڪومت ۽ اسلامي نظام جي برخلاف ڄاڻائي،
بندش جي اوڙاهه ۾ اڇلائي ڇڏيو نه صرف ايترو پر ۱۹۶۵ع واري جنگ دوران سنڌي شاعر نارائڻ شيام بابت هڪ نظم کي بنياد بڻائي کيس
جيل جي سيخن پويان واڙيو ويو.ان دوران سندس اردو شاعريءَ جو هڪ ڪتاب جيڪو سکر جي
اردو اديب آفاق صديقيءَ جي ترتيب ۾ سکر جي ڪنهن
پريس ۾ زير طبع هو، ان جو به مسودو کڻي گم ڪرائي ڇڏيو ويو.
شيخ اياز ئي واحد سنڌي شاعر ۽
اديب هو جيڪو سندس لکڻين ۽ سياسي سوشلسٽ خيالات جي ڪري چار ڀيرا جيل ياترا ڪئي.
پهريون پيرو ۱۹۶۵ع ۾ ٽي مهينا، ٻيو ڀيرو ۱۹۶۸ع ۾، ۽ ايوب خان جي جي اقتدار ۽ ون
يونٽ جي خلاف سوچ ۽ شاعريءَ رستي سنڌي نوجوان نسل کي ڄاڻ ڏيڻ جي سلسلي ۾ ذوالفقار
علي ڀٽو سان گڏ ساهيوال جيل۾، ۽ چوٿون ڀيرو مجيب رحمٰن جي عوامي ليگ جي سينٽرل ڪميٽيءَ
جي ميمبر هئڻ جي وڏي گناهه ڪري، ۽ بنگال جي ڊاؤن فال ۽ ۱۹۷۱ع ۾ پاڪستان جا ٻه حصا ڪرڻ ۽ بنگال جي دنيا جي گولي تي ’بنگلا ديش‘ ٿي اڀرڻ
۽ مجيب الرحمٰن جي آزاديءَ کان پوءِ آزاد ٿيو.ساهيوال جيل ۾ هو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو
ساڳي بيريڪ جي ڌار ڌار کولين جن جي وچ م صرف ديوار هوندي هئي، اتي واڙيل هو ته
ذوالفقار علي ڀٽو هن ڏانهن ڪجھه ميوو ۽ دٻن ۾ بند کاڌو موڪليندو هو. پر جڏهن شيخ
اياز هڪڙو ڪتاب ڀٽي صاحب ڏانهن موڪلڻ چاهيو ته سپاهي اهو چئي نه کڻي ويو ته ڪتابن
جي ڏي وٺ تي جيل ۾ بندش آهي. جنهن لاءِ شيخ اياز لکي ٿو ته؛ ”جيڪڏهن اهو ڪتاب ڀٽو
صاحب پڙهي ها ته کيس خبر پئجي وڃي ها ته هو جيل ۾ ڇو آهي؟”
هونءَ ته شيخ اياز پنهنجي
حياتيءَ ۾ نظم ۽ نثر جا ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، سندس سڀ ڪتاب ڇپيا،وڪرو ٿيا،سنڌي
عوام پڙهيا، ۽ نوجوان نسل انهن مان خوب اتساهه حاصل ڪيو، جنهن جو اثر اڄ تائين
نوجوان سنڌي شاگرد تي نمايان نظر اچي ٿو.سندس ڪجھه شعر ۽ نثر پارا ٻين ٻولين ۾ به ترجمو
ٿي ڇپيا ۽ مقبوليت ماڻيائون، اوترا ڪتاب به سندس دؤر کان اڄ تائين ٻئي ڪنهن به سنڌي
اديب يا شاعر جا نه ٿا ملن، ۽ نه ئي ڇپيا آهن.جيڪڏهن قدرت کيس حياتيءَ ۾ ڪجھه واڌارو
ڏئي ها ته اها ڳالهه پڪ سان چئي ٿي سگهجي ته هو موجودهه دؤر ۾ ۽ ايندڙ ڪجھه دؤرن
تائين سنڌي شاعراڻي ادب کي هڪ اهڙي لوهائين ڀت اڏي ڇڏي ها جو ان کي ڪو به ڌاريو
يلغاري لتاڙي نه سگھي ها.
اياز
همه گيريت جو شاعر
نصير سومرو
شيخ اياز پنهنجي
تخليقي اُڃ، جنهن کي ازل جي اُڃ چئي ٿو همه گيريت جي جل ٿل مان اجھائڻ جا روايتي
تجربا به ڪيا ۽ نوان بنهه اڇوتا تجربا به ڪيا. ’ڪنور پاڙون پاتار ۾، ڀونر ڀري آڪاس‘
جي مصداق پنهنجي شعر ۾ مشرق ۽ مغرب جون سڀ روايتون گڏ گڏ کڻي هليو. همه گيريت جي
تقاضا به هئي ته هو فڪر ۽ فن کي ايتري وسعت ڏئي، جو ماضيءَ ۽ حال جي شاعريءَ مان
تفريق جا سَنڌا مٽائي ڇڏي. اهو ڪمال جديد لاڙن اختيار ڪندي ڏيکاريائين. ڪلهي ڪينرو
کنيائين.
ڀونءِ نه آئي ڀانءِ
الا مان اڏري ويندو
سانءِ
ڳائي منهنجا گيت
پيو پو، مونکي ياد ڪجانءِ
الا مان اڏري ويندو
سانءِ
سندس گيت ڳائي
واقعي کيس ياد ڪري رهيا آهيون. هي غلط ڪونه چيائين. ابلاغ جي افق تي اياز ئي اياز ٿو
نظر اچي. ٽي وي چئنلن تي اياز، ريڊيو تي اياز، اخبارن ۾ اياز، رسالن ۾ اياز راڳن ۾
اياز، ناٽڪن ۾ اياز! مٿس ٿيسز لکجن پيون، کيس حوالي طور مقالن، مضمونن ۽ تقريرن ۾
بدستور ڪوٽ ڪيو وڃي ٿو. مڃتا به اها آهي. جنهن کي مڃتا ملندي ڀيٽا به تنهن کي
ملندي.
هي ڌيان ۾ رهي ته
همه گيريت ضدن جي وحدت جو نالو آهي. اياز ئي نه پر مهان شخصيتن تڪراري رهندي ئي مڃتا
جي منزل ماڻي آهي. ٿيسز سان اينٽي ٿيسز، يعني جمود سان جدت مهاڏو اٽڪائيندي ته سڄي
عهد جي اذيتن مان لنگھڻو پوندو. اهو وڏو بار آهي، ڪمزور ڪلها ان بار کڻڻ کان ڪيٻائيندا
۽ وقت جي آواز ٻڌڻ کان قاصر رهندا آهن، پر انعامن اڪرامن وٺڻ جا خواهشمند هوندا.
اياز جي همعصر شاعرن مان به گھڻن جدت ۽ ترقي پسنديءَ جي واٽ ورتي پر اياز وانگر
اهو ڪشٽ نه ڪاٽيائون جنهن جي گواهي تاريخ به ڏئي.
بهر طور تاريخي ڪردار
نڀائڻ لاءِ تڪرارن ۽ تضادن مان گذرڻو پئي ٿو. تائيد ۽ ترديد جي ٻنهي ڪيفيتن مان
گذرندي وقت جو سڏ ورنائڻو پئي ٿو. اياز ان ريت، مشرقي قدرن سان گڏ، مغربي قدرن جو
به پالن ڪيو. مشرقي ۽ مغربي قدر بظاهر متضاد لڳندا، پر درحقيقت آفاقي آهن. همه گيريت،
يا بين الاقواميت جو تصور جيڪو شعور جي آفاقي قدرن تي ٻڌل ملي ٿو، اهو ڏيهي آهي نه
پرڏيهي. تخليق ته تضادن جي وحدت مان جنم وٺي ٿي. اياز تخليقڪار هو ۽ اهو تخليقڪار
جيڪو پنهنجي عهد کان پهريون جنم وٺندو آهي سوئي پنهنجي عهد پڄاڻان عهدن جو به شاعر
رهندو آهي.
وحدت ۾ گوناگوني
آهي ۽ گوناگوني ۾ وسعت آهي ۽ وسعت ئي همه گيريت کي جنم ڏئي ٿي. همه گيريت، آزاد
متغير Independent Variable
يعني خود اسبابي قدر آهي. ان قدر سان هم آهنگ ٿيڻ تائين
اياز کي تابع متغير Dependent
Variables يعني
اثرن جو اثر به قبولڻو پيو. منجھائن ڪن اثرن کي رد به ڪيائين. قبوليت ۽ رد قبوليت
هڪ سڪي جا ٻه پاسا يعني همه گيريت جا ترڪيبي جزا آهن.
اياز آفاقيت کي
متواتر اظهاري ٿو ۽ ڌرتيءَ سان جڙيل انسانيت کي اوليت ڏئي ٿو:
اڄ ته چئي ڏي، اڄ
ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان،
منهنجو ڪوئي ديس نه
آهي، منهنجو ديس جهان،
منهنجو ڪوئي نانءُ
نه آهي، مان آهيان انسان،
منهنجو هي انجيل،
نه منهنجي گيتا يا قرآن،
ڌرتي منهنجي ماءُ،
انهيءَ تي آ منهنجو ايمان!
پگهري ويا زنجير
صدين جا، رهه نه اڃان نادان،
اڄ ته ڀڃي ڇڏ، اڄ
ته ڀڃي ڇڏ، زور ڏيئي زندان،
اڄ ته چئي ڏي، اڄ
ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان! (ڀونئر ڀري آڪاس).
اياز جي همه گيريت
به سمجھڻ وٽان آهي. هو سنڌ کان آفاقيت ڏانهن وڌي ٿو، نه ڪي آفاقيت کان سنڌ ڏانهن. ڀٽائيءَ
جيئن پهريون سنڌ ۽ پوءِ عالمگيريت کي اظهاريو آهي.
سائينم سدائين ڪرين
مٿي سنڌ سڪار،
دوس مٺا دلدار،
عالَمَ سڀ آباد ڪرين.
اديب جي باوقار مقام
لاءِ شيخ اياز جي جُستجو
امر پيرزادو
شيخ اياز، پنهنجي
زندگي جو ڪتاب ادب ۽ آرٽ کي ارپيو هو. اياز لکيو هو ته ”هي انسان ڪڏهن ڄاڻيندا ته
سندن روحاني نجات جا وسيلا فقط ادب ۽ آرٽ آهن“. هن چيو هو ته ”شاعريءَ ۾ پيسو ناهي
۽ پيسي ۾ شاعري ناهي“ پوءِ به هن شاعري ۽ پيسي مان شاعري جو چونڊ ڪئي هئي ۽ زندگيءَ
جو گهڻو وقت هن شاعري ۽ مطالعي ۾ گذاريو، راتين جون راتيون هو شاعري ڪندو هو، هن
لکيو هو
جاڳي جاڳي لکڻو
آهي، سکڻو آهي
۽ ان سڄي
عُمر جي رياضت سان، هو واقعي اهڙي ڏات ٿي ويو هو جيڪا هن جي شاعريءَ جي حيات هئي.
ايتري ڏات ٿي ويو
آهين
موت جي مات ٿي ويو
آهين
اياز جيئن ته خود هڪ
جينئس شاعر هو ان لاءِ هن کي، شاعر ۽ اديب جي سماج ۾ ڪهڙي حيثيت آهي ان جو قدر به
هيو ۽ فڪر پڻ هو اديب جي باوقار مقام لاءِ سڄي ڄمار پنهنجي شاعري توڙي نثر ۾ هڪ
جدوجهد، هڪ ويڙهه، هڪ بغاوت جي علامت رهيو، هو چوندو هو ”شاعر فرشتو ناهي، پر
فرشتو به ته شاعر ناهي“.
اديب ڇاهي، ان جي
حيثيت ڇاهي، ان جو سماج ۾ ڪهڙو ڪردار آهي ان تي خاص طور تي هن پنهنجي نثر جي ڪتابن
”آتم ڪٿائن“ ۾ تمام سهڻو لکيو. جيئن ته هو وڪيل به هيو ان ڪري هن سموري عمر ادب جي
وڪالت به وڏي مهارت سان ڪئي ۽ ان وٽ ان جا
ڀرپور دليل هوندا هُئا. اسان وٽ اڪثر شاعرن ۽ اديبن کي صرف سياسي پارٽين جي
نظريي جي اظهار ڪرڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو هو
پر شيخ اياز ان نظريي جو هو ته اديب ڪنهن به سياسي نظريي جو محتاج ناهي ۽
هن جو اصل نظريو سندس آرٽ آهي. هو ان خيال جو هو ته ادب ۾ اوليت آرٽ کي آهي ۽ پوءِ
ان آرٽ ۾ ڪو به فڪر سهڻي انداز سان سمائي سگهجي ٿو. هو چوندو هو ته فيض احمد فيض
پنهنجي شاعري ۾ ان ڪري دائميت رکي ٿو ڇو ته هن جي شاعريءَ ۾ اوليت آرٽ کي آهي ۽جيڪڏهن
هن کي سازگار حالتون ملن هان ته هو وليم ورڊز ورٿ جهڙي فطرت نگاري واري شاعري به ڪري
سگهي هان.
شيخ اياز جي شاعري
انقلابي، رومانٽڪ، فڪري، مزاحمتي، مذهبي ۽ ڪيترائي فڪر رکي ٿي، پر هن جي شاعريءَ
جو روح سندس آرٽ آهي، هو چوندو آهي
هر شاعر محبت شاعر
انقلاب آهي
پر هر شاعر انقلاب
شاعر محبت ناهي
اُهو ڏينهن منهنجي
زندگيءَ جو يادگار ڏينهن هو جيڪو اسان شيخ اياز سان ان جي آخري ڏينهن ۾ گلشن حديد
۾ ساڻس گڏ گذاريو هو. هو گهڻي وقت کان پوءِ ماحول مٽائڻ ۽ پنهنجي مداحن سان ملڻ
لاءِ گهر کان ٻاهر نڪتو هو ۽ اها سندس آخري Public Gathering هئي. اُهو سڄو
ڏينهن، هو هڪ مڪمل شاعر ۽ آرٽسٽ جو رول ماڊل لڳي رهيو هو، هو اسان کي سمجهائي رهيو
هو ته اڄ جي Goodness
سڀاڻي جي Badness ٿي سگهي ٿي، اڄ جو سچ سڀاڻي جو ڪوڙ ٿي سگهي ٿو
پر اڄ جو حسن سڀاڻي جو به حسن رهندو ان ڪري حسن کي دوام آهي، ادب ۾ Beauty (حسن) باقي رهڻي آهي. هو چئي رهيو هو ته مان بورس پاستر
ناڪ جي ڪتاب جون اهي سٽون انڊر لائين ڪيون هيون ته :
اسان کنيو حسن
اسان کنيو ازل
اسان کنيو ابد،
اسان کنئين زندگي، اسان کنيو موت
باقي بچيون
دنيا کي بدلائڻ جهڙيون
خصيص ڳالهيون
سي عام ماڻهن لاءِ ڇڏي
ڏنيون ....!
اهي ڳالهيون اُتي
موجود ماڻهن لاءِ هضم ڪرڻ ڏکيون هيون پر اياز کي پنهنجي ڳالهين تي بيحد اعتماد پئي
لڳو.
انهن سڀني ڳالهين
جو مطلب اهو ناهي ته ڪو شيخ اياز ادب کي سماج ڏانهن جوابدار نه پيو سمجهي يا هو
مزاحمتي شاعري جي خلاف ٿي ويو هو يا هو سياسي شاعري کي ادب جو حصو نه پيو سمجهي پر
انهن سڀني ڳالهين جو مطلب اهو هو ته هو شاعري ۽ ادب کي هڪ مڪمل ڪائنات، هڪ مڪمل
فيلڊ پيو سمجهي جنهن ۾ مهارت جي ايتري ئي ضرورت هوندي هي جيتري ڪنهن ٻئي شعبي ۾
هوندي آهي ۽ ان جي اهميت به اوتري ئي آهي جيتري سماج ۾ ميڊيڪل، آئي ٽي، انجنيئرنگ
يا Politics
جي هوندي آهي،
اها ڳالهه هاڻي
اسان جي ملڪ ۾ ميچوئر ٿي رهي آهي ۽ ڪيترا ئي ادبي فيسٽيول ٿي رهيا آهن ۽ اديبن کي
گهربل عزت ڪنهن حد تائين ملي رهي آهي پر اياز اها جدوجهد گهڻو اڳ ڪئي هئي ۽ اڄ
اديب جي جيڪا حيثيت آهي ان ۾ اياز جو وڏو ڪردار آهي، شيخ اياز، اديب جي بي قدري تي
تمام گهڻو لکيو ۽ تمام سهڻو لکيو.
هي اڻ ڄاڻو هي بي
سمجهه سمجهو
ڀري بزم ۾ مون اڪيلو
گذاريو
اڙي اڙي ترس ترس، ڪنهن
کي مٽائين ٿو بي خبر نظر ڪر
اياز آ شاعر محبت،
اڙي زمانا اڙي زمانا.
ديس ستو، دل وارا جاڳيا
نور سنڌي
اڄ مهان شاعر شيخ اياز جي ورسي
آهي، جيڪا ڀٽ شاهه ۾ شيخ اياز مزار ڪاميٽي پاران ننڍڙي ليول تي ملهائي پئي وڃي.
اياز مزار ڪاميٽي جو رڳو نالو آهي باقي ورسي ملهائڻ ۾ ڀٽ شاهه جي سماج سڌارڪ ديوان
گاگن داس جو ڪردار آهي. جيڪو پهرين ورسي کان اڄ تائين پاڻ ملهائي پيو. جيڪڏهن هو
ورسي جو مخصوص پروگرام نه ڪري ته شايد سنڌ جا اديب، شاعر، ساڃاهه وند اياز جي ورسي
تي به سندس آخري آرام گاهه تي نه اچن. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته شيخ اياز جو اولاد
هاڻ ورسي تي نٿو اچي. ان حوالي سان ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد کان بچڻ لاءِ ڪنهن ڪنهن
ورسي تي مونس اياز نظر ايندو آهي.
شيخ اياز جو سنڌي ادب ۽ شاعري ۾
پنهنجو هڪ مقام آهي. اياز جو جنم ۲ مارچ ۱۹۲۳ع ۾ ماضي ۾ سنڌ جو پئرس سڏجندڙ شڪارپور ۾ ٿيو. پاڻ شاعر، اديب، ليکڪ،
دانشور، قانوندان ۽ تعليمي ماهر هو. مٿس شاعري جي ديوي راضي هئي شاعري هن تي وسندي
هئي. رومانس کان وٺي مزاحمتي، انقلابي شاعري ڪئي. ۶۲ع ۾ سندس شاعري جي ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو تي وقت جي حڪومت
بندش وڌي ۽ رجعت پسندن اياز تي الزامن جي بارش ڪئي ۽ فتوائون جاري ڪيون ته مشهور
قانوندان ۽ سياستدان رسول بخش پليجو سندس دفاع ۾ هڪ شاندار ڪتاب “انڌا اونڌا ويڄ”
لکي دفاع ڪيو ۽ اهو ڪتاب رجعت پسندن جي منهن تي چماٽ ثابت ٿيو. ان ڪتاب ۾ رسول بخش
پليجو لکيو ته اياز جي شاعري ڪنهن فرد لاءِ نه آهي. سندس شاعري نه صرف سنڌ پر دنيا
اندر شعر جي صدين جي ارتقائي خاص منزل جو خوبصورت ۽ شاندار نشان آهي.
نماشام جو
منهنجي گهر جو چراغ
تنهنجي راهه نهاري رهيو آهي
تون ڪهڙيءَ گهٽيءَ ۾ گم ٿي وئي
آهين؟
ستارا تو کي ڳولي ڳولي ٿڪا آهن،
منهنجيءَ چانئٺ
تنهنجن پيرن جي مٽي
ڪيتري وقت کان نه چُمي آهي،
مان چاهيان ٿو ته تون اچين
ته منهنجي شاعري
پوري ٿي سگهي،
مون کي تنهنجي چهري لاءِ
چنڊ کان به بهتر
هڪ نئين تشبيهه سُجهي آئي آهي،
۽ تنهنجي اکين لاءِ
هڪ نئون استعارو ليئا پائي رهيو
آهي،
جنهن تي ڪائي به هرڻي
هرکي اچي سگهي ٿي؛
تون جا منهنجي شاعريءَ جي
پوئين نظم جو
پويون بند آهين،
ڪيڏانهن ائين گم ٿي وئي آهين،
جو مان تنهنجا چَپ
قافين وانگر ڳولي رهيو آهيان؟
تون جا
منهنجي روح جي
پوئين رديف آهين!
اي منهنجي منظوم محبت
موٽي آءٌ!
مُنهنجي شاعري
تنهنجو آخرين انتظار ڪري رهي
آهي.
مشهور ليکڪ محمد ابراهيم جويو
شيخ اياز جي شاعري جي مجموعي جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته قومون جڏهن پنهنجي پاڻ کي
سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ چاهينديون آهن، تڏهن سڀني کان پهرين هو پنهنجي زبان کي سمجهنديون
آهن. جن قومن جي ٻولي خالص هوندي آهي ان قوم لاءِ پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ
آسان ٿي وينديو آهي. جڏهن ڪنهن شاعر جو ڪلام عام ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي ويندو آهي
ته ان جي سوچ بندوق کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي. شيخ اياز جي قومي گيتن نظمن ذهنن
جي آبياري ڪئي آهي. سندس شاعري ماڻهن جي دلين جي ترجماني آهي، مظلوم طبقي جو آواز
آهي.
ساري رات ستارا جاڳيا،
ديس ستو، دل وارا جاڳيا!
پنھنجي پنھنجي چنڊ جون ھر ڪنھن،
ڳالھيون ڳاتيون،
جھاتيون پاتيون،
ٿڪجي نيٺ ٿيا ننڊ ھاڻا،
آئي ننڊ تھ روح اڏاڻا!
پھچي پار پرينءَ کي ھر ڪنھن،
پل ۾
پاتو،
ڇاتيءَ ۾ لاتو!
ساري رات ستارا جاڳيا،
ديس ستو، دل وارا جاڳيا.
سائين ابراهيم جويو جو چوڻ هو،
اياز واقعي عام شاعر نه آهي. جنرل ضياءَ جي آمرانه دور ۾ اياز جي قومي شاعري ماڻهن
۾ جوش جذبو پيدا ڪيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ سندس ڪلام “سنڌڙيءَ تي سير ڪير نه ڏيندو،
سهندو ڪير ميار او يار” ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ ان دور ۾ هن ڪلام تي بندش وڌي وئي.
شيخ اياز هر طبقي جو شاعر آهي.
سندس شاعري دل ۾ لهي وڃي ٿي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ ڌرتي هيڏي وڏي شاعر جي
ورسي تي سياحت ثقافت کاتو توڙي ٻيا سرڪاري، غير سرڪاري، علمي، ادبي، ثقافتي ادارا
خاموش آهن. حيدرآباد ۾ شيخ اياز ميلو ڪيو وڃي ٿو، جيڪو بهتر عمل آهي. پر سندس ورسي
تي سندس آخري آرام گاهه تي به اياز ميلو ٿيڻ گهرجي.
شيخ اياز
ٻيو جنم ٿر ۾ وٺڻ جو خواهشمند ڪوي
ڀارومل امراڻي
لطيف سائين کان
پوءِ جنهن شاعر ٿر کي پنهنجي شاعري ۾ پلٽائي ڇڏيو، اهو شيخ اياز آهي. شيخ اياز کي ٿر
سان بي حد عشق هو. هن ٿر جي ڪڻي ڪڻي منجهه ڪهاڻيون ڳولهي، کين ڪوتا جو روپ ڍڪائي
امرتا بخشي. بظاهر ٿر جي واري ريت جو ذرو آهي پر شيخ اياز ان جو ڪو مٽ نٿو ڄاڻي ۽
چوي ٿو ته؛ ڪڻ ڪڻ منجهه ڪهاڻيون ڍولا مارو ڍٽ، مور نه تني جو مٽ، ڌرتي ڪو داسڙو
شيخ اياز کان ڪنهن خابرو همراهه پڇيو ته؛ جيڪڏهن توهان کي ٻيو جنم ملي ته ڪٿي وٺندا؟
هن ٺهه پهه وراڻيو ته ٿر ۾. ٿر اها مٽي آهي جنهن مارئي کي جنم ڏنو. مارئي حب
الوطني جي عظيم علامت آهي، دنيا جي تاريخ ۾ مارئي جهڙو ڪردار ورلي ملي ٿو. اياز
چوي ٿو ته؛ ٿر کان سواءِ ٿاڪ، ڪهڙا تنهنجا مارئي. شيخ اياز جديد سنڌي شاعري جو اهو
اڳواڻ آهي، جنهن پنهنجي قلم جي نڀ تلوارن سان وڙهائي هئي. هن جي مزاحمتي ڪوتا جو
هر لفظ هٿيار کان وڌيڪ طاقتور آهي. هن وٽ شاعراڻي سگهه اها هئي جو هو جڏهن شعر
چوندو هو ته؛ ڇا چنڊ، ڇا ستارا،ڇا ڪتيون، ڇا هي اکٽ سنسار، ڇا ان جا ون واس وارا ڦول،
وليون ۽ هرڻي جي اکين واريون ناريون سڀئي پنهنجو پاڻ آڇي چوندا هئا ته اسان کي
منظور ڪر اسان جي حسن کي پابندگي عطا ڪر، زندگي ۾ موت کي مسترد ڪري اسان کي ان ازل
ابد سان همڪنار ڪري ڇڏ جو تنهنجي شاعري ۾ ڇوليون هڻي رهيو آهي. شيخ اياز شڪارپور
جي ميان ڳوٺ ۾ غلام حسين شيخ جي گهر ۾ ۲ مارچ ۱۹۲۳ع جنم ورتو ۽ ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع ۾ ڪراچي جي مڊ ايسٽ اسپتال ۾ پراڻ تياڳي
ويو. اي سنڌ تو کي الوداع، اي هند تو کي الوداع، تو ۾ هيو سارو جڳت، اي جند تو کي
الوداع. شيخ اياز شاعر، ڪهاڻيڪار، ترجمي نگار ۽ دانشور هو. هن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ
۾ ڪئي. انگريزي پڙهائي دوران شعر لکي ان وقت جي نامور استاد کيئلداس فاني کان
اصلاح ڪرائيندو هو. سندس پهرين لکڻي ۱۹۳۸ع ڌاري شايع ٿي. شيخ اياز ديس ڌرتي ، سونهن سرتي ، پيار،
امن، مذهب ، وحدت ڪثرت، اشتراڪيت ، جماليت، نفرت، ڌڪار ،غلامي ، آزادي ،جنگ سميت
زندگي جي سمورن پهلون تي لکي خيالن ۽ نظرين جي اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي جو دنيا جو ڪو
به ڏاهو مڪمل رد نٿو ڏيئي سگهي. شيخ اياز غير معمولي صلاحتن وارو عظيم انسان هو.
جديد سنڌي ادب جا سمورا صفحا اٿلائي پٿلائي ڏسو ڪنهن به اديب ، شاعر ۽ دانشور شيخ
اياز جيترو نه لکيو آهي. هن جي ڏات جي برسات ٻارهوئي وسندي رهي. هن جنم لکڻ جي
لاءِ ورتو هو. ڇا ڇا منهنجي ڏات مان چانڊاڻا چمڪن شيخ اياز جي ڪتابن ڀونئر ڀري آڪاش،
ڪلهي پاتم ، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تي پابندي لڳي. شاعري جي انهن سٽن تي شاعر شيخ
اياز ترم ياترا به ڪئي. شيخ اياز ۱۹۶۵ جي پاڪ ڀارت بلوي ۾ سنڌ جي اوچ ڪوٽي شاعر نارائڻ شيام
کي علامت بڻائي لکيو هو ته ؛ هي سنگرام ، سامهون آ نارائڻ شيام سورٺ جي سونهن ۽ ڏياچ
جو هي رومانس ڪنهن اڳ ۾ ائين بيان نه ڪيو آهي. گهاڙوءَ گهڙيو ڪونه ، ڳهڻو تنهنجي ڳل
جيئن سورٺ توتان ڇو نه، ور ور مان واريو وڃان شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو
وائيس چانسلر ٿيو تڏهن هن کان ڪوتا رسي ويئي. هن ترجمي ۽ نثر کي وقت ڏنو. شيخ اياز
سنڌ يونيورسٽي وي سي هئڻ دوران عبدالقادر جوڻيجي، عزيز مهراڻوي ، علڻ فقير سميت ڪيترن
ئي علم ادب، راڳ وارن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت ماڻڻ ۾ مدد ڪئي. سنڌ جي سياسي
جلسن جو شيخ اياز روح روان رهيو، شيخ اياز جي شعرن کان سواءِ جلسو اڌورو هوندو هو.
آجپي جي جدوجهد ۾ شيخ اياز اتساهه هوندو هو. شيخ اياز سنڌي کان سواءِ اردو ۾ به
شاعري ڪئي. هن شاهه لطيف جي شاعري جو اردو ترجمو ڪيو. شيخ اياز جي شاعري جو مختلف ٻولين
۾ ترجمو ٿيو آهي. شيخ اياز جيڏو شاعر هو ، ايڏو کيس نقاد نه مليو. هن کي پنهنجن توڙي
پراون ڪتاب سفيد وحشي جي ڇپجڻ کان وٺي ڪونجون ڪرڪن روهه تي تائين هر وک تي ساڙ جا ڏنگ
هنيا، پر هو مرڪي چوندو هو ته ؛ پيو چڙهي ڀٽ تي ڀريان آئون گهڙا توڙي ڀٽونئڙا، ڏنگن
منهنجي ڏات کي _ هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، وري نه ايندو هي وڻجارو ڪجهه ڏات ڏسو،
پو بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا
۽ آخر ۾ جڏهن
شيخ اياز دعائون لکيون ته اهڙا الزام هنيا ويا ته هن ڪمپرومائيز ڪري ورتي آهي. شيخ
اياز ڪا به وضاحت نه ڪئي. بس رڳو دعائن ۾ چيو ته منهنجا مالڪ چنڊ کي چئو ڇولين سان
پيار نه ڪري ڇو ته ڇوليون وينديون رهنديون آهن اياز ٿر سان عشق ڪندو هو ته ٿرين به
اياز سان عشق ڪيو آهي، شيخ اياز جي ورسي تي ٿر مان نوجوان روهيڙي جا گل روڙي ڀيٽا ڏيڻ
جي لاءِ کڻي ويندا آهن. شيخ اياز جي هڪڙي ڪتاب اڪن نيرا ڦليا ۾ سموري شاعري ٿر جي
پسمنظر ۾ آهي. هن ٿر جي شادابي، مفلسي، مسڪيني، ريت رسم، پيار پريت سميت هر پهلو
تي لکيو آهي. ٿر هن جي شاعري ۾ سونهن، عشق، وڇوڙي، پيڙا جو استعارو آهي. جذبن جي
جهولي ۾ ٿر کي لوڏي ٿو. پاريهر جا ملوڪ پير، ڳيري جي دل، عقاب جي اک، هرڻ جو ڇال،
روجهه جي ڊوڙ، مور جو ٽهوڪو، اٺن جو قافلو، سنجيل گهوڙا، پاڻياري جو پنڌ ۽ ٻيلڙن
جو منظر، تاڙي جي تنوار، ٻاٻيهن جون ٻوليون ، ڪڪرن ڪارونڀار، وڄن جا وراڪا، هرمچ
جو ڀرت، ........شيخ اياز جي ٿر تي سرجيل شاعري پڙهي محسوس ٿئي ٿو شيخ اياز ٿريو
آهي. ٿر هن جي اندر ۾ وسيل هو. ٿري لهجي جا لفظ، محاورا، تشبيهون ۽ استعارا وغيره
هن مهارت سان ڪتب آندا آهن.
باک ڦٽي تي مٺي تي،
ڀٽ ڀٽ آهه ڳاڙهي
گلاب جيان
هن ديس جي خواب
جيان
ڇا ته سٽون آهن! ٿر
جون ڀٽون ڳاڙهي گلاب جهڙيون ائين اياز لکي سگهي ٿو. رسول حمزاتوف به پنهنجي ديس جي
لاءِ اهڙي تشبيهه نه آندي آهي. شيخ اياز ٿر کي پنهنجي ڪوتا سان امر ڪري ڇڏيو آهي .
شال ٻيو جنم پنهنجي واعدي مطابق ٿر ۾ وٺي . موران ٻائي ٿر جو مشهور لوڪ گيت آهي.
جنهن ۾ ٿر اڪڙن(اڪن) جو ديس آهي. شيخ اياز اهڙي پسمنظر ۾ ٿر کي ڳائي ٿو ؛
جت لڪ لڳي اڪ تپن
سو ديس مسافر منهنجو
ڙي
جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو،
۽ آڳ الا ٿي
نڪري تو
جت ڏينهن ڪڙهائي
جيئن ڪڙهن
سو ديس مسافر
منهنجو ڙي
جت ڪيئي صدين سالن
کان،
پولارن کان پاتالن
کان
ٿا ڏرت اچن ڏهڪاءَ
پون
سو ديس مسافر
منهنجو ڙي سورنهين صدي ۾ گجرات جي حاڪم سلطان محمدود بيگڙي ٿر تي ڪاهيو هو، اياز ٿر
اچي ڏٺو پارڪر موجود آهي پر بيگڙو نه آهي پوءِ هن لکيو ته ؛
آهه ساڳي پارڪر_
اڄ ڪٿي آ بيگڙو
ايتري آڪڙ ڪري تون
پير ڌرتي تي نه ڌر
اڄ ڪٿي آ بيگڙو
ٿر جي طبعي ڀاڱي
مُهراڻي جو ذڪر ڪندي شيخ اياز پنهنجي پيار کي ساري ٿو ؛
وهوندا وڻ ڦوٽ،
اجهو ڦريا ڏينهڙا
ڪڏهن ڪندين سانوري
مُهراڻي ۾ موٽ
ڪٿي ڪونڀٽ اوٽ، ڀُري
پوندين ڀاڪرين!
مهراڻي وانگر طبعي
سامروٽي ۾ به سڪ جي ديوي اياز جي اندر ۾ اڻ تڻ پيدا ڪري ٿي ۽ چوي ٿو ته ؛
اوچتو ويندين ملي
سامروٽي ۾ ڪڏهن
ڀاڪرين پوندين اچي،
کير وانگر تون
کِلي،
سامروٽي ۾ ڪڏهن
چنڊ هيٺيان پائبي،
رات ڀر ساڳي رلي
سامروٽي ۾ ڪڏهن
شيخ اياز
جديد سنڌ جو عظيم شاعر
حسيب ناياب منگي
شيخ اياز سنڌي ادب جو اُهو چنڊ،
جنهن پنهنجي نروار ٿيڻ سان ئي شعوري ڪرڻن کي اهڙي طرح ته جرڪايو جو سندس ٻالڪپڻي
واري وهيءَ ۾ ئي پڙهندڙن جو حلقو حيراني ۾ اچي ويو هو ته ڇا عمر اٿس ڇا ڏات! ڏات ڌڻين
جي ڏيهه ۾ هُو اهڙو ڏات ڌڻي ٿي اُڀريو جو سنڌ ۽ هند ته ڇا پر جتي جتي سنڌي ادب جي
روشني پوڻ لڳي، تنهن تنهن ديس ۾ نانءُ ڪڍيو. هن جي غير معمولي ڏات اهڙو ته ڏانءُ ڏنو
جو سندس تخليق سنڌ جي نوجوانن جي ذهن ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. گهٽيءَ گهٽيءَ مان سندس
گيتن جي هٻڪار آئي ۽ سنڌ جو هر ماڻهو شيخ اياز جو مشتاق بڻيو. شاعري جي ڏيهه ۾ هو
جديد سنڌي شاعري جو اڳواڻ بڻيو ته سندس نثر جي چاشني جن چکي سي پڻ اُهو چوڻ لڳا ته
اياز جو نثر به نظم جيان جڳ ۾ پڌرو آهي. هن جون ڪهاڻيون عام جيوت ۽ سورن جي عڪاسي ڪرڻ
لڳيون ۽ ماڻهن مڃيو ته ادب ۾ جتي سندس سوچ پهچي ٿي تنهن صنف کي هو بي مثال ٿو ڪري ڇڏي.
شيخ اياز جي ڏات شڪارپور ۾
نکري، هن هتان جي خوبصورت ماحول کي اکين سان ڏٺو ۽ تشبيهه ڏئي فڪر جي جوت کي سڀ جي
سامهون آڻي پيار جي روشن راهه ڏيکاري. سندس تخليقي پورهئي ۾ ڪٿي ظاهر ته ڪٿي گهڻي ڀاڱي
پوشيده هن شهر جا رنگ ۽ ڍنگ نظر اچن ٿا. هُو هتان جي سِڪ ۽ قرب واري ماحول ۾ ڄميو
هو، سوڙهين گهٽين ۾ گهمي قدرت جي ڪاريگري کي پَسيو هيائين.
جت سجُ ڦلا ٿي نڪري ٿو،
۽ آڳ الا ٿي نڪري ٿو.
جت ڏينهن ڪڙهائيءَ جئين ڪڙهن،
سو ديس مسافر منهنجو ڙي.
اُهو دور به آيو جو شيخ اياز سنڌ
۾ اُهو شاعر ٿي اُڀريو، جنهن نئين نسل ۾ ديس سان پيار ڪري مٿس سر ساهه وارڻ جو
نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. ”سنڌ ديس جي ڌرتي“ جهڙا انيڪ شعر لکي هن جڳ کي حيران ڪري
ڇڏيو ته هر وات تي ڪهڙي نموني سندس سرجيل سٽون عام ٿيون ۽ ڏاڍن لاءِ للڪار بڻجي
پوري سنڌ مان ٻڌڻ ۾ آيون. تڏهن ئي ته سندس گهڻا ئي شعر يا ڪتاب پابندي هيٺ آيا:
سهندو ڪير ميار او يار،
سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو.
شيخ اياز جي شاعري سندس دل جي
جذبن ۽ اندر جي احساسن جو آئينو آهي. هو پنهنجي ڳالهه کي وڏي جذبي سان ڪاغذ تي اُڪاري،
جذبن جي رنگن جا مفهوم سمجهائي ويو. کل ۽ خوشيءَ جا عڪس، ڏکن ۽ غمن جي تجربن جي
تشريح ۽ سونهن سندس سوچن ۾ گهڻو رهندا نظر ٿا اچن. تڏهن ئي ته ههڙا شعر اڄ به پڙهيا
وڃن ٿا ته دل کي ول جيان وڪوڙي وڃن ٿا.
انسانيت جي ڳالهه ڪندي هن ڪيئي
دفتر عام ڪيا، ڀلائي، بهتري ۽ پنهنجائپ جا پيغام به کوڙ ڏئي ويو، حقيقت جو اظهار
ته ڪجهه هن طرح به ڪري ويو آهي ته:
هي جهيڙا جهٽا صديءَ جا، ٿي
ويندا ڪاغذ رديءَ جا،
سڀ پوندا تنهنجي ڳٽ ڳچيءَ، جيڪي
به تصور بديءَ جا.
انسان ان ڳالهه لاءِ پابند آهي
ته هو پنهنجي من ۾ ڪنهن جي لاءِ زنگ نٿو رکي سگهي. ٻيائي کي من مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ
سندس بهترين خوبي تسليم ڪئي وڃي ٿي، مگر انسان پنهنجي ان خوبي کي وساري ويهي رهيو
ته اياز به پکين جو مثال ڏيندي چيو هو ته:
ڏس ته گڏجي هو پکي سڀ، ڪئن نه ڍوري
تي لهن ٿا،
ڪو حسد تن ۾ نه آهي، ڪئن نه هڪ ٻئي
کي سهن ٿا.
شيخ اياز جون تخليقون جتي محبت
۽ پيار جون پرچارڪ آهن اُتي وطن دوستيءَ جو اعليٰ مثال پڻ قائم ڪن ٿيون. سندس ڪلام
۾ انسان دوستي جو پيغام اُهو ثابت ٿو ڪري ته هي شاعري هر دور جي ماڻهن لاءِ
اونداهيءَ ۾ لاٽ مثل آهي. اڄ جي دور ۾ ڇا اسان شيخ اياز جي شاعريءَ مان حق سچ جو
پيغام پروڙي ان تي عمل ڪري نٿا سگهون؟
جزا ۽ سزا ۾ هجي، جي هن کي
ايمان،
جبر ائين انسان، ڪنهن تي ڪري ڪينڪي.
شيخ اياز
حسن، فطرت، عشق ۽ انقلاب جو شاعر
ارشاد ڪاغذي
سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي
ورسي جي موقعي تي لفظن ۽ گلن جي عقيدت ۽ ڀيٽا پيش ڪري رهيو آهيان. بلاشڪ! شيخ اياز
هڪ عظيم شاعر آهي، جنهن پنهنجي هم عصر ۽ ايندڙ نسل کي نه فقط متاثر ڪيو آهي پر
پنهنجو مجاور بڻائي ڇڏيو آهي. شيخ اياز جي شاعري حسن، فطرت، عشق، محبت ۽ انقلاب جي
مستي آهي. سندس شاعري ۾ جيڪا حسناڪي ۽ خوبصورتي آهي تنهن ڪري هو سنڌي شاعري جي آڪاس
جو چَوڏسِ چنڊ آهي.
چنڊ مون کي چمي رهيو آهي
رات ڪهڙي نه مهربان آهي!
شيخ اياز مڙني شاعرن کان منفرد،
نرالو، نمايان ۽ نشانبر آهي. هو بلند بالا ۽ مٿانهون آهي، هو استاد، مشاق ۽ مهان
آهي. سندس لفظن جي جوڙجڪ ۽ ان جي ڇڪ ۽ ڪشش جي ڪري هر هڪ موهت ٿيو پئي. اياز جهڙا
شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هن جي شاعري ۾ سڀ عڪس، منظر ۽ چٽ چٽا چٽيل آهن. عشق،
محبت ۽ انقلاب سان گھرو سٻنڌ سوايو اٿس. پنهنجي ڌرتي ۽ ديس واسين سان هن جا پيچ
پختا ۽ پيوست آهن. هن جي اون، اڪنڊ ۽ اڪير جون پاڙون ڌرتي ۾ پختيون آهن. هن نه فقط
سنڌ ڌرتي سان محبت ڪئي پر سموري ڪائنات کي موضوعِ سخن بنايو. وشال جهان ۽ عالم جي
باري ۾ پنهنجا وسيع خيال ۽ ويچار ونڊي شعور جا زمان ۽ مڪان لتاڙي آسمان جي وسعتن
کي ڇهي اعليٰ منزل تي وڃي پهتو.
اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين،
ستي ساهه جاڳي، وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسان جو شعور،
سوين چنڊ ساٿي،
ڪتين سان سوين قافلا، رهگزر ۾،
زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون،
ابد کان ازل تائين سک جون
باراتون،
جڏهن موٽ کائون، سوين ساز آڻيون،
سوين چنڊ چاهيون، ستارا تڳايون،
انهن سان اچي جڳ سڄو جڳمڳايون،
اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين،
اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين.
شيخ اياز ڄمندي ئي ڏات ۽ ڏانو
جو پرَتَوو. هو شڪارپور جهڙي علمي، ادبي، ثقافتي، سياسي ۽ معاشي مرڪز ۾ اکيون کولي
علم و ادب جي چشمن مان سرڪيون ڀري جوان ٿيو. شڪارپور جي اوج ۽ عروج کي ڏٺو ۽ پاڻ شڪارپور
جي ماڳ، مڪانن ۽ باغ ۽ تفريح گاهن جا مزا ماڻيا ۽ ان بابت لکيو. شيخ اياز جي مانَ
۽ مرتبي کي هر هڪ مڃي ٿو ۽ هن کي شاهه لطيف کان پوءِ وڏو شاعر سمجهيو ويندو آهي.
رشيد ڀٽي لکي ٿو: ” شيخ اياز لطيف کانپوءِ پهريون شاعر آهي، جنهن صدين کانپوءِ سنڌ
جي ثقافت کي جياريو ۽ روشناس ڪرايو آهي.“ اياز جي شاعري ۾ محبت، جدوجهد ۽ انقلاب
جا آدرش عام جام ملن ٿا. جيئن ڪنهن انگريزي شاعر چيو آهي ته : محبت آڳ آهي جيڪا
شروع چڻنگ کان ٿئي ٿي ۽ ڀنڀٽ بڻجي وڃي ٿي.“ اياز جي شاعري به ان مثل آهي، جيڪا
شعلا بڻجي پئي آهي ۽ جڳ روشن به ڪري ٿي ۽ دلين کي گرمائي جذبن کي جاڳائي به ٿي. ڪڏهن
ڪڏهن تن من ساڙي ٿي پر ڪو ڇيهو نٿي رسائي ۽ ڪو ڦٽ ۽ زخم نٿي ڪري ۽ وري جهٽ ۾ ٿڌي ٿي
اعصابن ۽ احساسن کي فرحت، راحت ۽ سرور بخشي ٿي.
مونس مهتاب آهيان مان
ڪنهن پرندي جو خواب آهيان مان
ٿي جلي آگ عشق جي مون ۾
حسن جو انتخاب آهيان مان
جو ورهائي مدام مستي سو
زندگيءَ جو شراب آهيان مان.
داغستان جي عوامي نامور شاعر
رسول حمزاتوف چواڻي اديب ۽ شاعر باهه جا رکوالا ٿيندا آهن. ”جيڪڏهن رک کي غور سان ڏسبو
ته ان اندر چمڪ ضرور نظر ايندي.“ اهڙي طرح اياز جي شاعريءَ جي آگ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن
۽ عوام جي ذهن ۾ هوريان ڏاڍيان ٻرندي محسوس ٿئي ٿي. هن جي شاعري جلسن ۽ ميڙاڪن ۾ ٻڌي
۽ پڙهي ويندي آهي. ڪا اهڙي مجلس ۽ گڏجاڻي نه هوندي جنهن ۾ اياز کي ڳايو نه ويندو
هجي. ان کان وڌيڪ اها خوشبختي چئبي جو اياز جي جيئري ۽ مرڻ بعد به اياز شناسيءَ جي
چڻنگ دکيل آهي ۽ ڪيئي نوجوان محقق ۽ اديب اياز شناسيءَ جي شمع فَروزان ڪندا رهيا
آهن ۽ ڪيئي ڪتاب ۽ ليک لکي اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. شيخ اياز انهن ماڻهن جو شاعر
آهي جيڪي شاعريءَ سان شوق ۽ شغف رکندا آهن. پڙهيل ڳڙهيل ۽ گھٽ پڙهيل هن جي شاعريءَ
کي سمجهن ٿا. پيار ڪن ٿا ۽ دل ۾ سانڍي رکن ٿا. اياز جي شاعري بکايل لاءِ سڻڀو ٽول
۽ اچارن لاءِ آبِ حيات آهي. هن جي شاعري بارش مثل آهي. هن جا ڪيترا نظم مون کي ڳاڙهي
- گلابي گل جيان لڳندا آهن، جن جي معطر خوشبوءِ سان من، ذهن ۽ ضمير واسجي ويندو
آهي. جيئن ماڪ نازڪ ڪونپل مکڙين کي تازگي ۽ تراوت بخشي ٿي، تيئن هن جي ڪوتا من کي
تازو ۽ توانو ڪري ٿي. هن جا گيت روح کي راحت ڏين ٿا. اياز مندائتي مينهن جيان من
جي بنجر سحرا کي شاعريءَ جي بارش سان سرسبز، زرخيز ۽ خوشحال بڻائي ٿو. هو هن صديءَ
جو ۽ هزارين سالن جو عظيم ڪلاڪار آهي، جيڪو سنڌين جي دلين ۾ هميشه زنده ۽ جاويد
رهندو!
مينهن جڏهن مانڊاڻ ڪندا،
مان ساري وارياسي تي وسندس،
ڪارونجهر جي ڪور مٿان مان
سانوڻ جي ڪڪرن سان گسندس -
(مان جو تنهنجو راڳي آهيان
تنهنجو ٿي، وڏ - ڀاڳي آهيان.)
۽ هيءَ ڌرتي نيٺ ته مهڪي
ٿيندي ڪو گلزار سڀاڻي،
آءٌ لکان ٿو
جنهن لئه هاڻي.
شيخ اياز
گونجار ڪندي جا مون کانپوءِ ....
نور سنڌي
سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز جي اڄ
۱۹هين ورسي آهي، شيخ اياز جيڪو ڀلاري
ڀٽ ڌڻي جي ڀلاري ڀونءَ ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي آهي.
چون ٿا ته شيخ اياز پهرين ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري بعد ۾ شڪارپور ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش ڪئي
هئي، پر سندس وصال بعد سندس ويجهن دوست اديبن چيو ته اياز جي وصيت هئي ته کيس لطيف
جي پيرن ۾ دفن ڪيو وڃي ۽ کيس درگاهه جي احاطي ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪرڻ بجاءِ ڪراڙ
جي ڪنڌي تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي زمين ۾ شاهه لطيف ميوزيم سامهون دفنايو ويو.
شروع واري ڏينهن کان ڀٽ شاهه جي
ساڃاهه وند ۽ سماج سڌارڪ شخصيت ديوان گاگن داس مدناڻي شيخ اياز جي مزار جو جهڙوڪ
نگهبان آهي. اياز جي ٽيجهي تي ديوان گاگن داس مزار تي وڏو پروگرام ڪرايو، انهن ۾
قرآن خواني بعد صوفياڻو راڳ ۽ بعد ۾ وڏي پئماني تي لنگر نياز ڪيو ويو. پهرين ڏينهن
کان اڄ ڏينهن تائين ديوان گاگن داس روزانو لطيف جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد مهان
شاعر شيخ اياز جي مزار تي سلام ڪرڻ، گل رکڻ جهڙوڪ سندس ڊيوٽي ۾ شامل هجي. ڳالهه
اتي ختم نه ٿي ٿئي پر شيخ اياز جي پهرين ورسي کان اڄ ۱۹هين ورسي تائين ديوان گاگن داس مزار تي ننڍڙو ئي پر پروقار پروگرام ڪرائڻ
سان گڏ لنگر نياز به ڪري ٿو. وچ عرصي ۾ ۴ کن ورسيون ديوان گاگن داس جي سهڪار سان سنڌ صحافي سنگت پاران وڏي ليول تي
ملهايون ويون، جن ۾ مشهور فنڪار به فن جو مظاهرو مشهور اديبن ۽ شاعرن اياز جي
زندگي تي ڳالهايو، ان موقعي تي سنڌ صحافي سنگت پاران شيخ اياز ايوارڊ به ورهايا
ويا، جڏهن شيخ اياز جي مزار اڃا ڪچي هئي ته ديوان گاگن داس کي شيخ اياز مزار ڪميٽي
جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ جڏهن مزار ثقافت کاتي پاران ٺهرائي وئي ته ديوان گاگن
داس پاران مزار ڪميٽي ختم ڪري يادگار ڪميٽي جوڙي وئي. جڏهن اياز جي قبر ڪچي هئي ته
ديوان گاگن داس اتي ڪچو ٿلهو ٺهرايو، ۲۰۰۱ع ۾
برساتن ۾ ڪراڙ ڍنڍ اٿل کاڌي ته شيخ اياز جي مزار به پاڻي هيٺ اچي وئي، بعد ۾
نوابشاهه سان تعلق رکندڙ اياز جي عاشقن پاران مزار کي مٿي ڪري پڪو ڪرايو ويو.
خيرپور ميرس سان تعلق رکندڙ
اياز جو عاشق رضا پيرزادو عرف مدهوش جيڪو ڀلوڙ شاعر به آهي، اهو مجاور ٿي ويهي
رهيو ته ماني هنڌ بستري، ڪپڙي لٽي جي حوالي سان ديوان گاگن داس سندس مدد ڪئي. بعد
۾ اهو به گم ٿي ويو ۽ ڪيترائي سال شيخ اياز جي آخري آرامگاهه تي خدمت ڪندڙ مدهوش
هاڻ ته اياز جي ورسي تي به نظر نه ايندو آهي.
رضا پيرزادو مدهوش ته ويچارو
مدهوش ۽ اياز جي مزار تان غائب ٿي ويو، پر شيخ اياز کي سندس اديب، شاعر، دانشور
دوستن سان گڏ گهر ڀاتين به وساري ڇڏيو آهي. سندس گهر ڀاتي پهرين ورسي تي ته آيا
هئا، ان بعد ڪجهه ورسين تي سندس نياڻي روحي اياز، فرزند مونس اياز نظر آيا آهن،
باقي گهر ڀاتين شيخ اياز کي وساري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سندس اديب، شاعر، دانشور
دوستن جن اياز جي جنازي ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ کانسواءِ دانهون ڪري رنا ۽ اياز جي وصال کي
سنڌي ادب لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو. اياز جي چاليهي تي جن سندس دوست اديبن شيخ اياز
جي مزار تي ميلو مچائڻ جا اعلان ڪيا سندن اعلان ته هوا ۾ اڏامي ويا، پر اياز جي
انهن ساٿين اياز جي ورسي تي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، پر نصير مرزا، تاج جويو هر ورسي
تي حاضري ڏين ٿا، جڏهن سائين محمد ابراهيم جويو هلڻ جهڙو هو ته هو به اياز جي هر
ورسي ۾ شريڪ ٿيندو هو.
حيرت ۽ افسوس جهڙي ڳالهه اها
آهي ته ڪنهن به شخصيت جون ورسيون سندس مزار تي ملهايون وينديون آهن، پر شيخ اياز
جي ورسي شيخ اياز فائونديشن پاران حيدرآباد ۾ ملهائي ويندي آهي، جڏهن ته جنم ڏينهن
به حيدرآباد ۾ ملهائڻ شيخ اياز سان ناانصافي آهي، ادبي لڏو ته رڳو شيخ اياز جي
ورسي تي گلن جي چادر چاڙهڻ اچي ٿو. اسين وري به ديوان گاگن داس کي سلام ٿا پيش ڪريون
ته هو هر ورسي تي پهرين اياز مزار ڪميٽي ۽ بعد ۾ شيخ اياز يادگار ڪميٽي پاران ننڍڙو
ئي سهي پر پروگرام ڪرائي ٿو، جڏهن کان ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو شير محمد مهر جهڙو
ادب دوست فرض شناس انچارج مقرر ٿيو آهي، تڏهن کان شيخ اياز جي ورسي جي حوالي سان
ديوان گاگن شاهه مدناڻي سان گڏجي ننڍڙو پروقار پروگرام ڪرايو وڃي ٿو. افسوس ان ڳالهه
جو آهي ته سنڌ جو سياحت ۽ ثقافت کاتو، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، سنڌي ٻولي جو
خودمختيار ادارو هيترا سارا ادارا هئڻ جي باوجود شيخ اياز جي مزار تي سندس ورسي وڏي
پئماني تي نه ٿي ملهائي وڃي. وري به شابس آهي خانه بدوش ڪيفي جي انتظاميه خاص طور
امر سنڌو، پروفيسر عرفانه ملاح، نسيم جلباڻي، حسين مسرت، تاج جويو، علي آڪاش ۽ ٻين
کي جيڪي گذريل سال کان حيدرآباد ۾ اياز ادبي ميلو مچائين ٿا. حيدرآباد ۾ اياز ميلو
ملهائڻ سٺو عمل آهي، پر جتي اياز جي مزار آهي اصولن اتي هر ورسي، هر جنم ڏينهن تي ۳
ڏينهن پروگرام ٿيڻ گهرجن. اطلاعات کاتو، ثقافت کاتو سنڌالاجي،
سنڌي ٻولي جو خودمختيار ادارو، سنڌي ادبي بورڊ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران اياز جي
ورسي تي خصوصي ايڊيشن شايع ڪرڻ گهرجن.
ڀٽ شاهه ۾ شيخ اياز ميوزيم، فوٽو
گيلري قائم ٿيڻ گهرجي، اها ڳالهه به هتي ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته گذريل حڪومت ۾
سياحت ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جي اڳوڻي وزير سسئي پليجو هر سال شيخ اياز جي ورسي تي
سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهندي هئي. اسان سياحت ثقافت کاتي وارن کان اها به گهر
ٿا ڪريون ته شيخ اياز جي مزار جي چوڌاري لڳايل گل ۽ گرينري کي قائم رکڻ لاءِ مالهي
۽ چوڪيدار رکيو وڃي ۽ سياحت ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران هر سال شيخ اياز جي ورسي ڀٽ
شاهه ۾ سندس مزار تي وڏي پئماني تي ملهائڻ گهرجي. خوبصورت جذبن واري شاعره نسرين
الطاف قريشي شيخ اياز جي حوالي سان ڏاڍي ڀلي ڳالهه چئي ته جيڪڏهن سياحت ثقافت کاتو
حڪومت سنڌ، سنڌي ٻولي جو خودمختيار ادارو، سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ شيخ اياز
فائونڊيشن، شيخ اياز يادگار ڪميٽي وارا گڏجي شيخ اياز جي ورسي جي حوالي سان ۳
ڏينهن جو ڀٽ شاهه ۾ سندس مزار تي وڏي پئماني تي ميلو
مچائي سگهن ٿا. ڪاش ادارا اهڙي سوچ رکي ائين ڪن ته شيخ اياز کي شاندار مڃتا ملي
سگهي ٿي.
شيخ اياز
مان ئي ٻيجل آهيان، مان ئي راءِ ڏياچ
ادل سولنگي
شيخ اياز جي نثر ۽ نظم ۾ سنڌ ڪيئن
ٿي ڏسڻ ۾ اچي، اياز سنڌي ادب، سنڌي ٻولي، سنڌي شاعريءَ کي جنهن نموني سان مالا مال
ڪيو آهي ان جو ڪو به مثال نٿو ملي.اچو ته اياز کي پڙهون.
اياز چواڻي ته:
سنڌ کي مون آڇيو ايڏو سڪار،
ڏات جو ڪوئي، ڏڪار ڪو نه پوندو.
شيخ اياز جنهن لکيو آهي ته:
”مان موکيءَ جا سڀئي مَٽ پي، هوا ۾ ڀرپور مستي ڇڏي وڃان ٿو، مون کان پوءِ اچڻ وارا
!! توکي تيستائين ترسڻو پوندو، جيستائين ٻيو مڌ چڪي رچي رٽيو ٿئي ۽ ان ۾ ڪاريهر جي
ڪاٽ اچي“ شيخ اياز جي شاعري -جلد ۲- صفحو
۴۲.
اي ڪوتا! تون اگنيءَ وانگر ڌرتيءَ
۽ آڪاس جي وچ تي پل آهين، جنهن تان منهنجو مَن اُڪري پنهنجي سَرڳ ڏانهن وڃي ٿو،
جتي سدائين اُجالوِآهي.
اي ڏات! تون هڪ چئو مکو ڏيئو
آهين ، توکي ڪوئي واچوڙو وسائي نٿو سگهي، شيخ اياز جي شاعري -جلد ۲، صفحو ۳۷.
اي جندڙي! مان تنهنجا جڳڻ ڳايان
ٿو، تون جو دم آهين غنيمت آهين، تو مٽيءَ کي مڻيا ڏني آهي، تو مون کي اهي گيت ڏنا
آهن، جي ڏاڍو به مون کان کسي نٿو سگهي، جي هي نادان مون کان ڪاغذ ۽ قلم کسي به وٺن
ها، تڏهن به منهنجو من ساڳيا گيت ڳائي ها، هن سنسار ۾ سڀ ڪجهه اَ بناسي آهي، گيت
موت کان ڏاڍو آهي، ان کي ڪو به مٽائي نٿو سگهي، شيخ اياز جي شاعري- جلد ۲- صفحو ۴۱.
اي سنڌ! جيڪڏهن مون کي ڪنهن سگهڙ
وٽ هڪ اڌ ٻول به نظر آيو آهي ته اهو مون هن کان کسيو آهي، مون تولاءِ سُڃا ڦريا
آهن ۽ ڀينگين کي کاٽ هنيا آهن، مون رتي رتي ڪري ميڙي آهي، ان کي ڌوڙ ڌئي وانگر
سونجهي صاف ڪيو آهي ۽ تولاءِ جهوني کان جهونا ۽ نئين کان نوان ڳهڻا گهڙي، توکي ڪنوار
وانگر سينگاريو آهي نه رڳو مون کي ڪوئي سَڳ سوڌو پڪڙي نه سگهيو آهي پر مون ڪٿي به
پنهنجا پيرا نه ڇڏيا آهن.
مان پنهنجا هاڃا پاڻ ٿو باسيان
نه ته مون تي ڪوئي گواهه نه آهي، شيخ اياز جي شاعري -جلد۲-صفحو ۵۵-۵۶.
”منهنجي ڏات ڏٿ وانگر ٿر جي
مينهن ۽ اُس تي پلي آهي، ۽ ان جي ڌرتيءَ مان اَمرت رَس چوسيو اٿائين، واچوڙو ڏاڍائي
سان ان جو ڪنڌ نمائي رهيو آهي، پر اُها وري وري اوچي ڳاٽ سان اُڀري اچي ٿي، ان کي ڏوٿي
ڳولي لهن يا نه اهو الڪو اجايو آهي، اها پنهنجا ٻج پکيڙي، بي اونائيءَ سان مٽيءَ ۾
ملي ويندي.“ شيخ اياز جي شاعري -جلد ۲-صفحو ۴۲.
منهنجي شاعري ڊڀ ۾ تتريءَ وانگر
آهي، ان جي ٻوليءَ تي ماري مڙي اچن ٿا پر ان کي پڪڙڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، شيخ اياز جي
شاعري -جلد ۲- صفحو ۴۲.
ڇا منهنجي سُر گهاتوءَ ۾ مڇ جو ڀئو
۽ فاشزم جو ڏر ساڳي ڳالهه آهن؟ شاعريءَ کي انوکو منطق آهي، جو ٻئي منطق کان وڌيڪ
موهيندڙ ۽ مڃائيندڙ آهي، شيخ اياز جي شاعري- جلد ۲- صفحو ۴۱.
مون سهڻيءَ ۽ سسئيءَ کي ڌرتيءَ
جي سونهن ڏني آهي، اُمراوتي آرٽ جي مورتين وانگر انهن ۾ آتما جا پاڇا وان ته ڏيکارجن
ٿا، انهن کي ڀرپور سرير به آهن، جن ۾ ملائميت ۽ تازگي آهي“. شيخ اياز جي شاعري
-جلد ۲- صفحو ۴۱.
نوريءَ ڪينجهر کي ڪينجهر، ڪيو
يا ڪينجهر نوريءَ کي نوري ڪيو، ان سوال جو تسلي بخش جواب مون کي اڃا تائين مارڪسي
فلسفو نه ڏئي سگهيو آهي. شيخ اياز جي شاعري -جلد۲- صفحو ۴۱.
جنهن کي قدرت موزون طبيعت ڏني
آهي اهو شاعريءَ جو سارو مروج فن ڇهن مهينن ۾ سکي سگهندو، فقط اندر جا انڌا ئي وڌيڪ
وقت ضايع ڪندا آهن.“
شاعري موزون تڪبندي نه آهي
شاعري سڄي زندگيءَ جو رياضِ هوندي آهي ۽ شاعري گهري مشاهدي ۽ وسيع مطالعي جو نچوڙ
هوندي آهي، شيخ اياز جي شاعري جلد ۲- صفحو
۴۴.
عظيم شاعر بحر وزن ٺاهيندا آهن،
بحروزن عظيم شاعر ٺاهي نه سگهندو آهي، شيخ اياز جي شاعري جلد ۲- صفحو ۴۴ .
شاعر جي انفراديت ان ۾ نه آهي
ته هو ڪنهن پولا ۾ پيدا ٿئي ۽ هنن تي ڪنهن جو اثر نه هجي، هن جي انفراديت ان ۾ آهي ته هو
هر خوشگوار اثر قبول ڪري، سڀ کان نيارو هجي.“ شيخ اياز جي شاعري جلد ۲- صفحو ۴۴.
سورٺ
گهاڙُوءَ گهڙيو ڪو نه، ڳهڻُو
تُنهنجي ڳل جِئن،
سورٺ! توتي ڇو نه، وَر وَرِ مان
واريو وڃان!
جي تون ڪنڌُ ڪُماچَ سان، سر
چائين سائين!
جِيئين سدائين، جهونا ڳڙهه جي
جيءَ ۾.
ڏس تون پنهنجي پاڻ کي، ڇا تون
ساڳيو راءِ؟
سورٺِ سورٺِ آ اڳئين، لالڻ تنهن
لاءِ؟
ڪنڌُ ڪَپائي پاءِ، هاڻي پنهنجي
پاڻ کي.
جِت ڪِٿ آءُ ٻُران پيو، تون
ويندين ڪيڏانهن؟
آءُ هلي هيڏانهن، واري ڪنڌ ڪُماچ
تي.
سورٺ، راءِ ڏياچ، ٻيجل، ڪينرو،
تند، ڪٽارو، ڪنڌ، آواز، سِرُ، ساز، جهونا ڳڙهه، تاريخي پسند منظر، چٽڻ، سورٺ جي
سونهن، ٻيجل جي تند جي تنوار ۽ راءِ ڏياچ جو، سِرَ گهور،
چوٽا چندن واسئا، ويرو تار
ورونهن،
سورٺ ساري سونهن، اڃ آجهي ئي ڪين
ٿي.
نوري
ڪيڏي ڇِلُرَ ڇَٽَ، آهي ڪينجهر ڪنڌئين!
سارا پڌرَ پَٽَ، کِکيءَ هاڻيون
کارِيُون!
اڳ ۾ ئي مون ۾ هُيو، سما تنهنجو
ساءُ،
توسان مُنڌ مِلاءُ، ايئن نه آهي
اوچتو.
شاهه سائين کان ورتل تمثيل
نوري، ڄام تماچي، ڪينجهر
موراکيون ۽ گندڻيون، ککيءَ جون کاريون، پاٻوڙا پوشاڪ، گند جنهين گوڏ ۾، ڪنول ۽ ڪنواريون،
ڇڇيءَ هاڻا ڇَڇَ، اتر واءَ جون اوتون ۽ ڪوڻين تي ڪرڻا، فطري رومانوي تمثيل جي
احساساتي ڪٿا ڪاريءَ جو من موهيندڙ ڏيک آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جا اڻ ڳڻيا، اڻ ملهيا،
هيرا موتي، مڙهيل آهن.
سسئي
ڌوٻيءَ گهاٽُ، وريتڙيون، ٿڻنِ ڌائِڪَ
ٻارَ،
چُڳِڙون، چُچليون ڳالهڙيون، ڪُڏڪيون
اکين ٺارَ،
ڪيڏو مايا ڄارَ، موهيو ماڻهوءَ
مَنڙو!
اهڙي ڪا به نه ڪيچَ ۾، ڄام
اِنهيءَ ڏي ڄُلُ!
هيءَ جا موتيءَ تُلُ، پَگهر
مَنجهه پُسِي وَئِي.
رڻ ۽ راڙو، پيچرا ۽ پنڌ پهاڙ، پٿراڻيون
اٺن جي اوڳري، سج، چنڊ، راتيون، ڏينهن، هوائون، ڏک، ڏاکڙا، انساني احساسن جي پالوٽ
ڪيل آهي.
سهڻي
مان چڪور، مان چنڊ، مان ئي
پنهنجو پريتڻو،
ميهر! تنهنجو منڊُ، مون کي مون ڏي
ٿو ڇِڪي.
مٿو ميهرَ هنجَ ۾، مٿان پوي ماڪَ!
ڇا ڇا ٿڌيءَ ٿاڪَ، پرين تنهنجي
پارَ تي.
ليلا
جو چاهين سو چُونڊ تون، مڻيو توڙي
ماڳُ!
ڀورِي تُنهنجو ڀاڳ آهي تنهنجي
وَسَ ۾ .“
ليلا! توسان ڪو نه هئو، مڻئي کي
ڪو موهه،
هي تنهنجو ئي ڏوهه، جو تون هر
کئينءَ هار تي.
اَلا اَچڻَ ويرَ، سڄڻ صديون
لائئين!
آءُ ڪَنائي پيرَ، تولئه تڪيان ڪيترو؟
ڏِس هيءَ ڪتيءَ راتڙي، ڀَنڀرڪي ڀيڙيِ،
اَلا! ساهيڙِي، سڄڻ اڄ نه آئيو!
مومل، ڪاڪ، راڻو، رسامو، رنج،
انتظار، پيڙائون، پڇتاءُ، ڪاريون راتيون، ڏنگ هڻندڙ ڏينهن، جون ڪٿائون آهن.
موکي متارا
جيئن سانوڻ ۾ ڏار، تئن جهولن ٿيون
جندڙيون،
موکي! تنهنجي منڌ ۾، ڪيڏا
مينگهه ملهار!
سِرَ جي ڪنهن کي سار، ڏي ڏي وٽيون
وِههُ ڀَري!
پرهه جي پيا ڪن، متارن، سري جي
سردارن، انقلاب ۽ آزادين جي متوالن، جو تخليقي ۽ نئون نڪورو اظهار.
مارئي
ڪنڊيءَ سايون سنڱريون، پُسيءَ ڳاڙها
گُل!
مٿان وسيون مينهن جون، بوندون
موتيءَ تُلُ،
ڪهڙا مِٽيءَ مُلَ، گهوري جِندُ
مَلِير تان.
جئين جئين تنهن جاڙ، تئين مان
سرسي سُونهن ۾،
اُڀري مٿِ پهاڙ، چنڊ لڳي جئين
چيٽَ جو.
گهاتُو
او شل مرين مڇ، درندا ڌَڄيون ٿِئين!
بُرا تنهنجيءَ بَڇَ، ڪيئي
گهاتُو گهائيا.
اَنگَ اُگهاڙا ٻارڙا، ڪنڌيءَ تي
ڪنبن،
گهاتُو گهرِ نه آئيا، وهُون
وايُون ڪن،
ڏِيل پيا ڏهڪَن، مُڙس پيا ڪنهن
مامِري!
ڪيڏارو
لَهوءَ ۾ لتِ پت، ڌرتي منهنجي
ديس جي،
پرکي پيئي پتِ، جُهونجهارن جي
جنگ ۾.
ڪاپائتي
سون سِريکا هٿڙا، گهرن ٿا
انصاف!
جي تون سچ صراف، ڦورو ڦولهِه ته
مان وڃانٰ
ساميءَ جا نوان سلوڪ رني ڪوٽ جا
ڌاڙيل، دودي سومري جو موت ۽ ڀڳت سنگهه کي ڦاسي، شيخ اياز جا اهڙا اوپيرا/ منظوم ڊراما،
تاريخ جي نه رڳو تمثيل آهن پر تاريخ جو دستاويز به آهن. جنهن ۾ ٻولي، فڪر، فن، حب
الوطني، مزاحمت، بغاوت، سورهيائي، قرباني ۽ عمل کي جنهن فني پيرائي ۾ بيان ڪيو ويو
آهي اهو سنڌي ادب جو وڏو شاهڪار ڪارنامو ۽ ڪلاسڪ آهي. شيخ اياز جو نثر ۽
نظم نهايت ئي سگهارو، جمالياتي، بيهڪ ۽ جڙاءَ سان سونهندڙ سٽاءَ سان سنڌي ادب، ٻولي
۽ سنڌي شاعري جي چنريءَ ۾ ڪيئي چٽ چٽيندڙ آهي. جن کي رڳو ڏسي سگهجي ٿو اياز جي
شاعراڻي اڏار نهايت ئي تيز ۽ مٿانهين رهي آهي. جنهن تي وقت جا ڪي به پنجوڙ پئجي
ناهن سگهيا.
شيخ اياز
سنڌ سان سندس محبت
اسد الله چنو
سائين منهنجا جڳ مشهور فلسفي
ارسطو پنهنجي idealslate واري نظريي ۾ شاعرن کي پنهنجي
رياست کان ٻاهر ڪرڻ جو چيو، سندس ان ڳالهه جا ڪيترائي رخ ٿي سگهن ٿا، هڪ جيڪو سندس
سبب ٻڌايو وڃي ٿو ته ارسطو جو خيال هو ته شاعر عوام کي سست ڪن
ٿا، پنهنجو ڪلام ٻڌائي، ماڻهن کي ڪنهن ڪم جو نٿا ڇڏين.
پر جيڪو اصل سبب آهي مان سمجهان
ٿون ته اهو هيءُ آهي ته ارسطو شاعر جي ڏات کان ڊنل هو، ان کي ڀلي ڀت ان ڳالهه جي
خبر هئي ته شاعر جذبن کي لفظن جو روپ ڏئي، انهن جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ عوام جي امنگن
عوام جي احساسن انهن جي ڏکن ۽ پيڙائن جي احساس کي لفظن جي معنيٰ ڏئي انهن جي سامهون
پيش ڪن ٿا، جيڪي عوام جي لاءِ اتساهه جو سبب بڻجي سگهن ٿا،
اسان جڏهن سنڌي شاعري جي مختلف
نظرين تي نظر وجهون ٿا ته ڪلاسيڪل کان وٺي جديد ۽ جديد کان جديد ۽ هاڻي هڪ نئون لاڙو
چئجي جيڪو حديديت پڄاڻان ۾ به اسان کي اهڙا ڪيترائي شاعر ملن ٿا، جيڪي نه صرف
پنهنجي شاعراڻي ڏات کي ظاهر ڪندي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي محبوب جي جدائي ۾ صبر
۽ فراق ۽ وصل کان محبوب جي حسن جي تعريف ڪئي آهي پر اسان کي پنهنجي فڪر، اسلوب جي
نواڻ سان گڏ پنهنجي ڌرتي سان محبت ۽ عقيدت جي اظهار سان ٽمٽار ڪلام ملندو، خاص ڪري
ڌرتي تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت آيو، ٻولي تي جڏهن به ڪا ڌارين يلغار ٿي ته شاعرن
پنهنجي شاعري ذريعي سجاڳي جو پيغام ڏنو، لطيف جو ڪلام پنهنجي مارن ۽ ڌر تي جي پيار
سان مارن جي سڪ سان ڀريل آهي، ائين ئي لطيف سرڪار کان پوءِ سنڌي شعري ادب ۾ جيڪڏهن
ڪو وڏو نالو آهي، جنهن جي ڪلام ۾ جنهن جي فڪر ۾ مارن سان ڌرتي سان صرف بي پناهه
پيار ملي ٿو پر هو ڌرتي تي سر ڏئي سرهو ٿئي ٿو ۽ سر نه ڏيندڙ کي هو مياري سمجهي ٿو
۽ وڏي واڪي چوي ٿو ته:
سهندو ڪير ميار او يار،
سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.
سائين منهنجا مهان ڪوي شاعر
مبارڪ علي معروف شيخ اياز سنڌيت جو شاعر آهي، سندس شاعري ۾ جتي ٻيا به انيڪ رنگ
سمايل آهن، اتي ڌرتي سان بي پناهه پيار جي اظهار جو غالب رنگ نظر اچي ٿو، شيخ اياز
تمام گهڻ پڙهيو شاعر آهي، کيس دنيا جي مختلف فڪرن، ادبي نظرين جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي،
هن شاعري ۾ مختلف نوان تجربا به ڪيا. پاڻ ڪشنچند، بيوس، نارايڻ شام ۽ هري دلگير جي
جوڙيل راهه کان پوءِ سنڌي شاعري کي هڪ نئون رخ ڏنو، سڳن آهوجا، جي چوڻ مطابق ته
بيوس سنڌ جي جديد شاعرن جو باني آهي ۽ شيخ اياز جديد سنڌي شاعري جو باني آهي، شيخ
اياز کي جيڪا محبت سنڌ سان سنڌي ٻولي سان هئي سندس شاعري کي پڙهون ٿا ته شيخ اياز
سنڌ ۽ سنڌين جا ڳڻ ڳاتا آهن، سنڌي ماڻهن جي معاشي مسئلن، رهڻي ڪهڻي جي ڳالهه ڪئي
آهي سانگيئڙن جي ڳالهه ڪئي، سنڌ جي سورمن، جوڌن ۽ دودن جو ذڪر ڪيو، ٿرن، برن جو ذڪر
ڪيو، سندن بک، بدحالي جو نقشو چٽيو آهي، جنهن جو مثال هي ڪلام به
آهي،
ڪنڊيءَ نه سنڱري، ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو،
ڇانگون نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا.
کيس پنهنجي ڌرتي جي تيز ڪوسين
هوائن لڪن سان به بي پناهه محبت آهي ۽ انهن کي پنهنجي ديس جي سڃاڻپ جي نشاني طور
بيان ڪيو اٿائين ته
جتي لڪ لڳي، جتي اڪ تپن،
سوديس مسافر منهنجو ڙي،
هونئن ته شاعري ديس جي گلن، ڦلن،
خوبصورت نظارن جي ڳالهه ڪندي ٻڌا ويا آهن پر اياز جو شاعراڻو ڪمال ته ڏسو هو ڌرتي
جي ڪوسين لڪن سان به پيار ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪمزور نه خوبصورت ڪري پيش ڪيو اٿس، ڏٺو
وڃي ته سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ شيخ اياز تي تمام گهرو اثر ڇڏيو، جنهن جي ڪري هو اهڙي
شاعري ڪري ٿو، جنهن ۾ ديس سان محبت ۽ ظلم خلاف آواز للڪار بڻيل آهي، ظالم سامراج
کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي ڳالهه آهي، جنهن ۾ ٻولي، ثقافت جي خلاف سازش ڪرڻ وارن کي
نندي ٿو ۽ هو وقت جي سامراجي قوتن کي للڪاري چئي ٿو ته:
تون چئه نه ڪڇان، تون چئه لڇان،
پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان،
تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين،
اعلان هزارين مان نه رڳو.
سندس اها للڪار ديس جي خاطر سر ڏيڻ
۽ ديس جي پورهيت مظلوم جي پيڙا تائين وڃي ٿي
سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو
سِيسُ نمايانء مٽي ماٿي لايان
اياز جي شاعري جو سرچشمو سنڌ ۽
سنڌي عوام آهي، شيخ اياز جي شاعري وطن سان محبت جي ايمان کي وڌيڪ پختو بڻائي ٿي، جڏهن
به ڌرتي جي غدارن سنڌ کي هيسائڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا ته شيخ اياز جون هي سٽون
اتساهه جو ڪردار نڀائن ٿيون
ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا
نينهن جا،
سنڌڙي جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي.
سندس وطن سان محبت ۽ عقيدت ۽
وطن خاطر جان جي پرواهه نه ڪندڙ انهن پروانن جي جان ڏيڻ سان گڏو گڏ خوبصورت شاعراڻي
انداز ۾ بهترين تشيبهن جو استعمال جنهن جي پڙهڻ سان لڱ ڪانڊار جي وڃن ٿا،
آ مهڪ هوا ۾ مينديءَ جي سي گهوٽ
اچن ٿا
شيخ اياز جي لاءِ ڊاڪٽر غفور
ميمڻ پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي فڪري پس منظر ۾ لکي ٿو ته : شيخ اياز فڪري طور تي گهڻ
رخو شاعر آهي، هو هر دور جي تقاضات مطابق معروضي حالتن روشني ۾ پنهنجي داخلي
جذبن جي اڇل ۾ فڪري طور تي عملي تجربن جو مسلسل جهاد ڪري ٿو،
سندس لفظ لفظ ۾ سٽ سٽ ۾ سنڌيت ڇلڪندي
ملي ٿي، هونئن ته ٻيا به انيڪ موضوع سندس شاعري ۾ موجود آهن پر جيڪو پهلو سندس شاعري
جو سنڌ سان محبت ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت خاطر سر ڏيڻ وارو آهي اهڙو ٻئي ڪنهن شاعر ۾
ڪو ورلي ملندو، سندس شعر، گيت، سنڌ جي ڏکن سورن جي صدا بڻجي گونجن ٿا، محبت جو
اندازو رومانويت جو انداز، شيخ اياز وٽ انوکو آ، سندس عشق جيڪو ڌرتي سان آهي، جيڪو
رومانس جو اظهار هو ڌرتي سان ڪري ٿو، اهڙو انوکو اظهار ورلي ڪنهن ٻئي وٽ ملندو هو،
پنهنجي انهيءَ ڏات لاءِ پاڻ چوي ٿو ته :
مون ڏات انو کي آندي آ.
۽ واقعي اها ڏات انوکي آ، جنهن
۾ تند ٿي تلوارن سان وڙهي ۽ انهيءَ تند سان ڀاري برج لرزي ٿا پون، اڄ به سندس گيت
سنڌ جا قومي گيت آهن ۽ اهي گيت هر وقت جي صدا بڻجي پنهنجي ڌرتي ماءُ کي ڀيٽا پيش ڪندا
رهندا ۽ ڌرتي جي حقن لاءِ هر دور ۾ آواز اٿاريندا رهندا. مشهور نقاد اڪبر لغاري
پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جو مختصر جائزو ۾ شيخ اياز لاءِ لکي ٿو ته:
سنڌ ڌرتي کي اهو فخر حاصل آهي
ته انهن هميشه اهڙين عظيم ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي شخصيتن کي
وساري سنڌ سڃاتي آهي، هن ڌرتي جي ڪک ڪڏهن به خالي نه ٿي آهي هر دور ۾ منجهس مانجهي
مرد جنم وٺندا رهيا آهن، شيخ اياز سنڌ ڌرتي جي وڏي ۾ وڏي تخليق آهي، اسان کي جيترو
فخر سنڌ ڌرتي تي آهي اوترو ئي سندس تخليق تي آهي. شيخ اياز پاڻ سراپا سنڌيت جو
احساس بڻجي ان ڳالهه جو لکيل لفظن ۾ اظهار ڪري ٿو ته
سنڌ کان سواءِ منهنجي شاعري
اجائي آ،
ڪائنات جي خوشبو سنڌ ۾ سامائي
آ.
شيخ اياز جيتوڻڪ اسان کان ڏور
آهي پر سندس شاعري سندس فڪر اسان جي ڌرتي سان محبت جي ايمان کي تازو ڪندو رهي ٿو ۽
سدائين ڪندو رهندو.
جنم جنم جي جيت اياز
راشد شر
سال جي پُڄاڻي تي آخري مهينن ۾ ڪيترا ته وڇوڙن جا وَسڪارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽
خاص ڪري نومبر ڊسمبر جا سوساٽ ڪندڙ واچوڙا سنڌي ادب جي نامور شخصيتن کي اسان کان
جسماني طور هميشه لاءِ کسي ٿا ڇڏين جن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي،تاجل بيوس،سنڌ جو ٻيجل
سرمد سنڌي سميت سنڌي ادب جي قداور شخصيت شيخ اياز جهڙي ماڻھوءَ جو جو المناڪ وڇوڙو
به سال جي آخري ٿڌڙين هوائن سان ٿئي ٿو.
سنڌي شاعري کي ڪلاسيڪل دور کان ڏسجي
ته سنڌي ادب ۾ شاهه، سچل جو تمام وڏو نالو نظر ايندو جيڪي دنيا سميت سنڌي ماڻھن جا
معتبر رهنما شاعر سڃاتا وڃن ٿا ۽ اڄ سوڌا اڳ کان اڳرا نرالا بڻجندا وڃن ٿا.
اڳتي جڏھن اسين سنڌي ادب جي
جديد اوج کي ڏسنداسين ته ڪلاسيڪل شاعري کانپوءِ جديد شاعري ۾ اياز جو وڏو مقام نظر
ايندو، جديد شاعري ۾ اياز کانپوءِ ڪو به اهڙو شاعر ناهي جنهن اياز کان گوءِ کنئي
هجي، ڪو ائينءَ به ناهي ته هينئر اسان وٽ شاعري سفا ڪانَ پئي ٿئي بلڪه هينئر به شاعري
جاري ساري آھي پر اياز کانپوءِ سنڌي شاعري ۾ اياز جي اثر کان ڪو به شاعر واندو نظر
نه ايندو، نئين ٽھي جي هر شاعر جي شاعري ۾ اياز جي شاعري جي خوشبوءِ جي اثر جو هڳاءُ
ضرور نظر ايندو، اياز سنڌي ٻولي ادب جو اهو نالو آھي جنهنجي لکڻين سان سنڌي شاعري سميت
ٻين ويجهين ٻولين جي ادب کي الاهي سارو اُتساهه مليو آھي، جيڪي شيخ اياز جي علم
ادب شاعري سان محبت جو نتيجو آھي.
قلم ۽ اڇا پنا اياز لاءِ پياسي
واري جيان اُڃارا هوندا هيا، سندس لفظن لاءِ پين پَنا بُکيا اُڃا هوندا هئا ته ساڳي
طرح اياز لاءِ تخليق به ڪنهن وفادار محبوبا کان به گهٽ نه هئي جنهن سان اياز ڊگهيون
راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا پهر ڪچهريون پيو ڪندو هيو.
شيخ اياز جي شاعري توڙي جو گهڻ
طرفي رومانوي، انقلابي، سماجي، مزاحمتي پڻ آھي پر ان باوجود اسين جڏھن سندس شاعري
جو مطالعو ڪنداسين ته اياز جي شاعري جو محور مرڪز ۽ حقيقي مقصد انقلابي سماجي
شاعري طور ڏسڻ ۾ ايندو، اياز جي شاعري جو محور ۽ مرڪز وطن ۽ مارن سان محبت جي
اظھار جي رنگن ۾ رنگيل نظر ايندو.
اياز شاعري ۾ اصول پرست باغي
هيو، سندس رات جي انڌيرن سان بغاوت ان وقت ٿيندي هئي جڏھن رات جي اونداهي جا پاڇا
پنهنجي وقت کان وڌيڪ سج جي روشني تي قابض رهندا هئا، ان وقت اياز رات تي ڪاوڙجي
بغاوت ڪري سج اُڀرڻ جي تمنا کي جيئاريندو هيو ۽ رات کي مدي خارج سڏيندو هيو، اياز
جي دل ۾ به جذبن ڪاوڙ سان گڏ باهه جا شعلا ٻرندا هيا پر جڏھن ان باهه جو روپ مارُن
جي جهڳين کي تپيندو هيو ته اياز يڪدم پنهنجي اندر ۾ ٻرندڙ ان باهه جي شعلن سان به
چڙي ويندو هيو، مطلب سندس محبت ۽ نفرت جو محور سنڌ ئي هئي.
توڙي جو ان وقت جي جابرن شيخ
اياز جي قلم کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي سندس کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ سندس جي ڪتابن تي
پابنديون لڳائي ڇڏيون ۽ اياز کي دٻائڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون، جنهن باوجود حڪمرانن
جون سموريون ڪوششون ناڪام بي معنيٰ ٿي ويون ۽ اياز جهرجهنگ مارُن جي دلين ۾ قوم جو
رهنما ثابت ٿيو ۽ شيخ اياز پنهنجا هزارين جنم ايندڙ وقت لاءِ زندهه ڪري ڇڏيا.
انساني معاشري ۾ جياپو ۽ مرڻ،
اکين ڏٺو ۽ روز جو معمول آ. پر اسان کي پنهنجي معاشري جا ڪيترا جيئرا مئل فرد ۽
مئل، زندهه تاريخ انساني ملندا. مطلب ڪن ماڻھن جو مرڻ ڪا معنيٰ ڪين رکندو آھي، ڪي
وري صدين جي تاريخ بڻجي ويندا آھن.
ڪي ماڻھون جيئري مري ويندا آھن
۽ سندن جو هجڻ نه هنجڻ ڪا به معنيٰ ناهي رکندو،ڪي انسان وري آسمان جي مڙني ستارن
مان خاص چمڪندڙ ستارن جيان خوبصورت ۽ قابل ذڪر ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ هوندا آھن جيڪي
پنهنجي تاريخ ۽ ڪردار کي نه ڊھندڙ سونهري اکرن سان درياهن سمنڊن جي ڇولين تي لڪيرن
سان پنهنجي تاريخ لکي ويندا آھن اها تاريخ جيڪي هميشه دائم ۽ قائم رهندي آھي.
بلڪل اياز به ان نه ڊھندڙ تاريخ
جو حصو ۽ جنم جنم جو جياپو آھي ته وري جنم جنم جي جيت جو فاتح به آھي جنهن موت سان
شاعري جي لفظن جي جنگ ذريعي موت جو خاتمو آڻي شاعري ۾ پنهنجو نالو هميشه زندهه ڪري
ڇڏيو.
اياز جا گيت، غزل، نظم، وايون
امن پيار، آجپي، انقلاب جي لکيل جيئري تاريخ آھي.
شيخ اياز کي جيڪڏھن نثر
کانسواءِ شاعر جي حيثيت ۾ ڏٺو وڃي ته شيخ اياز رڳو شاعري ۾ دنيا مڃيل شاعرن ۾
شاهه، سچل، فيض، غالب، اقبال، شيڪسپيئر، ڪبير، ملٽن، ٽئگور کان ڪاليداس جهڙن نالن ۾
اياز جو نالو اول کان آخر تائين نظر ايندو.
شيخ اياز کي جتي دنيا مڃي ٿي
سندس شاعري جي آلاپ تي جتي سنڌ هند جي ماڻھن جا لڱ ڪانڊارجن ٿا اتي سندس خاص ڪري
ديس واسين جي لاءِ سندس گيت جتي ديس جي غريب مسڪين مُرجهايل مارُن جي ڏُکي سُکي گھڙين
جا منظر ۽ دردن جو دارون به آھن، مطلب اياز جي شاعري ۾ معاشري جو مڪمل عڪس سمايل
نظر ايندو
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙھي تلوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن،
تون هيڻو آن ھٿيارن سان.
شيخ اياز وطن جي ڏُکن سُکن ۾ پاڻ
ملهائيندڙ ماضي کان حال جو سرچشمو بڻيو آھي ۽ سندس ناتو پنهنجي وطن سان حقيقي ۽
سچائي وارو رھيو جيڪي پاڻ پنهنجي ڌرتي ۽ سرتي سان ڪلمو پڙھي ڪيائين ڌرتي تي سجدو ڪري
سيس نمائي مٽي ماءُ تي، مٽي اول آخر، زندهه باد، جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيائين
آيو موت ته روحُ اُڏي ويو جسم ٿيو
آزاد،
مٽي اول مٽي، آخر مٽي زندهه
باد.
ڪلاسيڪل شاعري ۾ شاهه، سچل
کانپوءِ ھيل تائين يعنيٰ جديد شاعري جي سرواڻي جو اعزاز شيخ اياز کي حاصل هنجڻ جو
سبب به اهوئي آھي سندس جو علمي شعور تمام مٿانهين اعليٰ سطح جو هيو جيڪي سندس
شاعري جي مطالعي مان ملي ٿو.
اسان ننڊ جا نيڻ آھيون پرين،
سُتي ساه جاڳي وڃي دور دور،
ستارا لتاڙي اسانجو شعورُ.
سوين چنڊ ساٿي ڪتين جا سوين
قافلا رهگذر ۾،سفر ۾ سوين ڪائناتون
نه آغاز جن جو نه انجام جن جو.
اياز جي شاعري جي مطالعي ڪرڻ
سان اهو واضع ٿئي ٿو ته اياز جو شعور زمين آسمان تي سفر ڪندڙ عظيم فلاسافر انتهائي
درجي جي داناءُ شاعر،ليکڪ،اديبن جهڙو هيو سندس جو اعليٰ درجي جو شعور ڊگهو نه کٽندڙ
آھي شيخ اياز جيترو لکيو ان کان تمام وڌيڪ سندس مطالعو هيو، سندس مطالعي ۾ دنيا جي
انقلابين دنيا جي نامور شخصيتن، شاعرن جو ڳوڙھو مطالعو پڻ هيو، جنهن ڳالهه جي
وضاحت سندس آتم ڪٿا `ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر ´ ۾ ملي
ٿو.
اياز اعليٰ پائي جو انتهائي
عالم فلاسافر شاعر هيو سندس شاعري تجرباتيPractically سائنسي علمي، عقلي درجي جي آھي.
اها به هڪ اهم ڳالهه آھي ته ڪهڙي
به ٻولي جي ڪنهن به صنف ڊرامي، ناول، افساني شاعري ۾ متاثر ڪرڻ جا
جلوا ايستائين نظر نه ايندا جيستائين تخليق ۾ شاعر جي حقيقي منظر نگاري،معاشري جي
جيئرن ڪردارن جو ذڪر نه هجي، بلڪه اها تحرير پڙھندڙ کي ڪشش ۽ حقيقي سڌو سبق ڏيندي
آھي جنهن ۾ ليکڪ بذات خود پيڙهيو پڄريو هجي يان پيڙا جي ماحول مان گذريو هجي،
بلڪل ساڳئي طرح اياز به هڪ
تجرباتي معاشري جي ڏِسِڻي ۽ سڏ جو پڙاڏو نظر ايندو سندس جي هر تخليق ڪمال جي آھي.
جا خدا کان نه ٿي جا نه امڪان
۾،
سا ته ڳالهه آھي انسان ۾،
عشق تنهنجو اياز آھي انسان سان،
هو چون ٿا ته ناهين ايمان ۾.
شيخ اياز کي جتي انسانن سان بي
پناهه محبت هئي اتي پنهنجي معاشري جي غلامي کيس انتها درجي جو ڏُک گهرو سور غم غصو
پڻ ھيو اياز پنهنجي مارن جي آواز جي هٻڪار جو اعليٰ نمونو تڏهن آهي جو جتي شاهه
سائين سر کاهوڙي سر سامونڊي جهڙن سُرن ۾ مارن جهانگين جي منظر ڪشي ڪئي ساڳئي طرح
اياز به پل پل مارن کي ڳايو
ڪنڊيءَ نه سنڱري ٻٻر نه پلڙو
سائو نه سلڙو،
ڇانگو نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا.
اياز نه صرف سنڌي شاعري تائين
محدود رهيو پر اياز نظم کانسواءِ نثر تي به ڀرپور ڪم ڪيو، ڪيترن ڪتابن جا ترجما ڪيا،سندس
اردو ادب کي جيڪو شاهه سائين جو رسالو ترجمو ڪري ڏنو اهو به سندس جو ساراهه جوڳو
عمل آھي،شيخ اياز سنڌي ادب کانسواءِ اردو ۾ به انمول ۽ سرڪش شاعري پڻ ڪئي.
بلڪل اياز موت کي مات ڏئي اهڙا
گيت لکيا جيڪي جُڳن جي جيت آھن.
شيخ اياز
سنڌ جو سرموڙ شاعر
علي ڏنو جروار
اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترائي
عظيم انسان، شاعر، قلمڪار، فنڪار ۽ اديب پيدا ڪيا آهن. شيخ اياز به انهن شخصيتن
مان هڪ آهي. شيخ اياز جي سنڌ، هند، توڙي پرڏيهه ۾ سڃاڻپ ته هڪ شاعر واري آهي، پر
شيخ اياز جنهن به صنف تي قلم کنيو آهي، انهيءَ سان بهترين انداز ۾ نڀايو اٿس. شيخ
اياز جي نثر ۾ به شاعراڻو تلفظ ۽ لهجو نظر اچي ٿو. شيخ اياز سنڌ جي انهن انسانن
مان آهي، جن سنڌ جو وڇوڙو پنهنجين اکين سان ڏٺو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين انهي الميي يا ڏک
کي سيني سان سانڍيو. شيخ اياز جو تعلق شڪارپور سان آهي، شڪارپور سنڌ ڌرتيءَ جو
اُهو حصو آهي، جتي ساميءَ جهڙا شاعر به پيدا ٿيا ته وري آغا سليم جهڙا اديب به شڪارپور
جي ڌرتيءَ مان جنميا.
شيخ اياز جي شروعاتي شاعري جون
جڙون هِن ڌرتيءَ ۾ پاتال تائين کتل آهن. شيخ اياز جي ڪيتري شاعري اهڙي آهي جيڪا سنڌ
جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي توڙي سياسي فنڪشن ۾ اڄ تائين ڳائي ويندي آهي،
سندس ڪجهه مشهور گيت ۽ نظم: ”سنڌو ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان مان، مٽيءَ
ماٿي لايان مان“ يا ”ڳائي بانورا انقلاب“ ۽ ”مان باغي هان، مان باغي هان“ جهڙا نظم
۽ وايون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن جي ڪري شيخ اياز جهڙي حساس جذبا رکندڙ نازڪ انسان
کي ڪيترائي دفعا جيل جو منهن به ڏسڻو پيو، پر هو ڪڏهن پنهنجي مقصد تان نه هٽيو،
هِن جيڪا به شاعري ڪئي، اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ لاءِ ڪئي ۽ جيڪو شيخ اياز جو نثر
آهي، جنهن ۾ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“، ”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ ۽ ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ
مسافر“ جهڙا ڪتاب بين الاقوامي معيار مطابق آهن. شيخ اياز جي شاعريءَ وارا ڪتاب ”ڀؤنر
ڀِري آڪاس“، ”لڙيو سج لڪن ۾“ ۽ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ تمام بهترين ڪتاب آهن. شيخ اياز
جي پوئين دور واري شاعري توڙي نثر به بهترين آهي، پر انهيءَ ۾ نوجوانيءَ وارو جذبو
۽ جوش موجود نه آهي، پر گهاڙيٽي جي لحاظ کان ان ۾ تمام گهڻي پختگي موجود آهي.
شيخ اياز جي پهرئين دور جي لکڻين
۽ ٻئي دور جي لکڻين کي جڏهن پڙهجي ٿو ته اهي ڪنهن حد تائين الڳ الڳ نظر اچن ٿيون.
پهرئين دور مان منهنجي مراد اِها آهي ته شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ تائين پهرين
وارو لکيل مواد ۽ ٻئي دور مان مراد آهي وائيس چانسلريءَ کان فارغ ٿيڻ بعد وارو
عرصو. پر هِڪ ڳالهه جيڪا سڀ کان اهم آهي، اُها اِها آهي ته شيخ اياز جيڪو ڪجهه
لکيو آهي، اُهو تمام بهترين انداز سان لکيو آهي، ڪٿي به هُن لکڻ جي معاملي ۾ ڪنهن
مصلحت کان ڪم نه ورتو آهي. آئون شيخ اياز جي شاعريءَ کان به وڌيڪ انهيءَ جي نثر
نگاريءَ کان متاثر آهيان. شيخ اياز ڪهاڻيون به لکيون، آتم ڪٿا به لکي، خط به لکيا
۽ مضمون به لکيا آهن. سڀئي پڙهڻ وٽان آهن.
آئون سنڌ جي ثقافت کاتي کي واڌايون
ڏيندس، جنهن ۲۰۰۸ع کان ۲۰۱۳ع واري عرصي ۾ شيخ اياز جي شاعري توڙي نثر ڇپائي منظر تي آندا آهن. هن کان
اڳ شيخ اياز جون لکڻيون مختلف پبلڪيشنز پاران مختلف وقتن تي شايع ٿينديون رهيون
هيون، پر جس آهي ثقافت کاتي جي سٿ کي جنهن شيخ اياز جا سڀئي ڪتاب سهيڙي پڙهندڙن آڏو
آندا آهن. آئون سنڌ جي موجوده ثقافت کاتي کي اِها گذارش ڪندس ته اُهي به اڳئين دور
واري روايت برقرار رکندي شيخ اياز جو باقي رهيل مواد، امر جليل، استاد بخاري،
ابراهيم منشي، قمر شهباز، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين ليکڪن جون لکڻيون ڇپائي سنڌي ٻولي پڙهندڙن
تائين پهچائين ته بهتر رهندو. ڇاڪاڻ ته هينئر سنڌ ثقافت کاتي جو قلمدان جن ٻنهي
شخصيتن جي حوالي آهي، اُهي ٻئي صاحبِ ڪتاب آهن، ٻئي علم، ادب، فلسفي ۽ شاعريءَ سان
لاڳاپيل آهن. هنن تي اِها وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته محترمه سسئي پليجو ۽ سندس ٽيم
جيڪو ڪم اڌ ۾ ڇڏيو هو اُهو هنن کي مڪمل ڪرڻ گهرجي.
گذريل ڪجهه سالن کان شيخ اياز
جي حوالي سان ڪجهه سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمون ڏهاڙا ملهائي رهيون آهن. اديبن جي هڪ
تنظيم ته گذريل سال کان وٺي شيخ اياز جي نالي سان هفتو ملهائڻ به شروع ڪيو آهي، پر
انهيءَ هفتي ۾ شيخ اياز جي مواد، ٻولي، لکڻين، شاعري، مضمونن، خطن ۽ ڪهاڻين کي ڪيترو
اجاگر ڪيو ويو آهي يا انهن جي ڪيتري پذيرائي ڪئي وئي آهي، اُها سڀ کان اهم ڳالهه
آهي. اسان جهڙن معاشرن ۾ هِي روايت عام آهي ته ڪنهن به وڏي شخصيت جي نالي تي کڻي
پوءِ ڪم پنهنجي منشا ۽ مرضيءَ مطابق ڪيا ويندا آهن. هنن سٽن ۾ آئون انهن سڀني ڌرين
کي گذارش ڪندس ته شيخ اياز جهڙي عظيم مهان هستي جو نالو ڪنهن به اهڙي مقصد لاءِ
استعمال نه ڪيو وڃي. شيخ اياز جي شخصيت، ٻولي ۽ ادب لاءِ ڪيل خدمتن، ان جي زندگي
جي انهن ڏهاڙن، جيڪي هُن قيد و بند ۾ گذاريا، انهن ڏهاڙن کي به ياد ڪرڻ گهرجي. شيخ
اياز زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا جنهن اڪيلائي ۽ تنهائي ۾ گذاريا، انهن کي به ساريو وڃي.
شيخ اياز سان پنهنجن ۽ پراون جا جيڪي رويا يا سلوڪ هئا، انهن کي به ياد ڪيو وڃي. ڪيترن
ئي هنڌن تي شيخ اياز تنقيد ڪندڙن ۽ ساڻس نفرت ڪندڙن کي پنهنجي شاعري ۾ توڙي نثر ۾
جواب به ڏنو آهي ته ڪٿي تنقيد ڪندڙن جي آجيان به ڪئي آهي.
شيخ اياز شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
کانپوءِ ٻئي نمبر تي اهڙو شاعر آهي، جيڪو سنڌ کي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي تمام گهڻي شاعري
ڏئي ويو آهي، اسان سنڌ واسين کي سندس قدر ۽ احترام ڪرڻ گهرجي. ڪوتاهيون ته انسان
کان ٿي به وينديون آهن، تنهن هوندي به انسان جو پورهيو ضرور ڏسڻ گهرجي ۽ اُنهيءَ
جي اهميت کي تسليم ڪرڻ گهرجي.
شيخ اياز
زندگيءَ جو شاعر
عيسيٰ ميمڻ
شاهه، سچل ۽ ساميءَ کانپوءِ
جنھن سنڌي شاعريءَ کي عروج تي پھچايو، انهيءَ ۾ شيخ اياز سڀ کان مٿانهون نانءُ آهي.
شيخ اياز نه صرف ڪلاسيڪل شاعريءَ جو تسلسل هو پر هن جديد شاعريءَ جي عظمت جي
محرابن کي به ڇهيو آهي. هن سنڌ جي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا ۽ گَسَ به متعارف ڪرايا
آهن. هن لطيف جي ڇڏيل پيچرن تي به سفر ڪيو آهي ته هن نوان دڳ ۽ پيچرا ٺاهيا به
آهن. اياز سموري سنڌي شاعريءَ جو تت آهي، تشريح آهي. اياز جي سنڌي شاعريءَ جا ڪيترائي
پھلو آهن پر سندس شاعريءَ جو سڀ کان ڳرو پھلو اهو آهي سندس شاعريءَ ۾ ”زندگيءَ جو
ذڪر.“ ”زندگي“ جيڪا سماج جو اٽوٽ حصو آهي، جيڪا سماج ۾ زندهه رهي ٿي ۽ سماج کي
زندگي به بخشي ٿي. سماج زندگيءَ کان سواءِ ڪا معنى به نه ٿو رکي. زندگي جيڪا موت
سان مسلسل ويڙهاند ۾ آهي. ”موت“ زندگيءَ جو تضاد آهي. موت جو عقاب سدائين زندگيءَ
کي پنھنجي چنبن ۾ ڦاسائڻ جو تمنائي رهيو آهي پر زندگي سمورن خطرن باوجود به پنھنجي
سفر تي روان دوان آهي ۽ زندگيءَ موت کي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي. سوين موت جا امڪان رهن ٿا
زندگيءَ ۾، جيئن اياز چيو آهي ته:
زندگي آ سوين امڪان نه ڄاڻان ته
ڇا ٿئي!
ڪيئن چئجي ته ڪڏهن مينھن ٻَنا ٻوڙ
وسي،
ٿا اچن ڄڻ ڪيئي طوفان نه ڄاڻان ڇا
ٿئي!
انهن طوفانن ۽ خطرن سان کيڏندي،
زندگي پنھنجي زندگيءَ لاءِ جُھد ۾ رهي ٿي. اهو جُھد ئي آهي جيڪو زندگيءَ جي ڪل
حاصلات آهي. زندگي جيڪا مسلسل تحرڪ جو نالو آهي. سو دردن هوندي، سؤ زخمن هوندي به
اياز کي زندگيءَ سان پيار هو.
سَوَ دَردَ ها، سَوَ دک ها،
پر زندگيءَ پياري هئي،
اڌ رات جو ٻٻرن مٿان،
ڇا چاندني پياري هئي.
انهن خطرن، حادثن ۽ طوفانن جي
خطري کي محسوس ڪندي، اياز زندگيءَ جي هر گهڙيءَ کي معنى بخشڻ لاءِ. هر گهڙيءَ کي
يادگار بڻائڻ چاهيو هو، جنھن ڪري اياز، اڄ کي ئي زندگي سمجهي ٿو.
ملين ته اڄ ئي ملي وڃ، سڀان
هجان نه هجان،
خبر نه آهي گهڻا ڏينھن زندگي
آهي!
سڀاڻي سج نه نڪري متان گهٽائن
مان،
سڀاڻي ٽھڪ نه ٻُڌجن مٿان فضائن
مان،
سڀاڻي مھڪ نه ايندي ايئن هوائن
مان،
اچين ته راهه ۾ رابيل اڄ ٽـڙي
آهي،
وري سڳنڌ ايئن ٻي اچي ڪڏهن نه
متان!
انسان کي زندگي ته کپي ٿي پر
زندگيءَ سان گڏ آزادي ۽ پيار به کپي ٿو. جيڪڏهن زندگيءَ ۾ اهي ٻئي شيون موجود نه
آهن ته زنگيءَ جي خوبصورتي کسجي ٿي وڃي. زندگيءَ جون رونقون متاثر ٿين ٿيون.
آزادي: اياز انسان
جي هر قسم جي آزاديءَ لاءِ، تلوارن، سان اٽڪيو آهي. اها قومن جي آزادي هجي، طبقن
جي آزادي هجي يا ڪنھن فرد جي آزادي هجي. آزاديءَ جي انهيءَ گيت کي اياز ترنم بڻجي ڳايو
هو.
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،
آزاد هوا ڇا
ٿيندي آ،
اي ڪاش اهو تون ڄاڻين ها،
پرواز بنا پر ڪيئن ٿيندا!
جواهر لعل نھروءَ چيو آهي
ته،”جديد زندگيءَ لاءِ سڀ کان پھريون ۽ سڀ کان اهم شرط قوميت آهي.“
انساني آزادي توڙي طبقاتي
آزادي، مظلوم قومن جي آزاديءَ جي سوال سان وابسته آهي. قومون جڏهن غلاميءَ جي پنجوڙ
۾ هجن اتي تخليق جا سڀ سبب فنا ٿي ويندا آهن. قومن جي ترقي انهن جي آزاديءَ جي
سوال سان وابستگي رکي ٿي. غلاميءَ، خلاف اياز للڪار بڻجي اٿيو هو.
ساري عمر جي غلاميءَ کان،
آزادي پل جي به چڱي آ.
انھن غلامن کي غلاميءَ جي پنجوڙ
مان آزاد ڏسڻ اياز جو سڀ کان وڏو آدرش هو. جنھن لاءِ اياز غلامن ۽ مظلومن کي هر ڏاڍ
خلاف للڪار جو درس ڏنو آهي:
اي معصومو! اي مظلومو!
گهنگهور گهٽائون ٿي جهومو!
هر ڏونگر تي للڪار ڪيو،
۽ اڀري ان تي وار ڪيو.
پورهيت، نه صرف هن سماج/نظام جو
چرخو هلائي ٿو پر هن نظام/سماج جو اڏيندڙ به رهيو آهي. اهو ئي پورهيت هن نظام،
سماج جو ڏتڙيل به آهي، مظلوم به آهي، جاگيرداري هجي يا سرمائيداري ٻنهي نظامن ۾
پورهيت ظلم جو شڪار رهيو آهي. سرمائيداري اها ڏانئڻ آهي جيڪا پلبي ئي پورهيت جي رت
۽ پگهر تي آهي. اشتراڪيت ان ڏانئڻ جو موت رهيو آهي. پر جڏهن سوويت يونين ۾ اشتراڪيت،
سامراجي قوتن هٿان شڪست کاڌي هئي تڏهن دنيا کي ٻڌايو پيو وڃي ته هاڻ کير جون نديون
وهنديون پر وقت ثابت ڪيو ته سرمائيداري هڪ خاص طبقي جي لاءِ نفعي بخش آهي. اياز ان
صورتحال کي محسوس ڪندي چيو هو ته:
هاڻي چون ٿا
ته سرمائيداري چڱي آهي!
اشتراڪيت ته برابر بري هئي،
پر سرمائيداريءَ ۾،
ڇا چڱو آهي؟
اهو ئي ته،
هي مزدور،
پيٽ کي پٽيون ٻَڌڻ سکي ويندا،
۽ ڪجهه ڍاوا،
هن ڌرتيءَ تي راڄ ڪندا.
پيار: پيار،
انساني هاڪاري جذبو آهي، انسان جو انسان سان پيار، انسان جو سماج سان پيار، انسان
جو ڌرتيءَ سان پيار، انسان جو فطرت سان پيار، فطري آهي. ڇاڪاڻ ته انسان جو سماج، ڌرتي
۽ فطرت سان رشتو اٽوٽ رشتو آهي. انسان جتي پنھنجي زندگيءَ لاءِ معاشي، سماجي ۽
اظھار جي آزادي گهري ٿو، اتي هن کي پيار جي آزادي به گهرجي. پيار، اهڙو جذبو آهي،
اهڙي ڪيفيت آهي، جنھن کان ڪوبه ساھوارو انسان توڙي جانور پالهو رهي نه ٿو سگهي.
”سمنڊ منھن ڪريان ته سُرڪيائي نه ٿئي“ واري صورتحال ٿيو پوي. اياز چوي ٿو ته:
پيار ته مون سؤ ڀيرا ڪيو آ،
پوءِ به ڄڻ هڪ ڀيرو ڪيو آ.
نفرتن جي ور چڙهيل زندگيءَ
لاءِ، پيار سڀ کان وڏي آٿت آهي. پر ڪي انسانيت جا منڪر، انسان کي بھشت ۽ دوزخ جي
دلاسي ۽ دڙڪي ۾، زندگيءَ کان وڌيڪ خيالن ۽ تصورن سان پيار ڪرڻ جو درس ڏين ٿا. جنھن
ڪري هيءَ دنياڪيترائي ڀيرا دوزخ به بڻي آهي. اياز هن انسان کي انهيءَ خوف مان ٻاهر
ڪڍڻ لاءِ چوي ٿو:
بھشت ڇاهي، دوزخ ڇاهي، ڇڏي اهي
يارَ،
مٺڙي مٺڙي ننڊ پرينءَ جي، پاسي
۾ ڪر يار.
يا چوي ٿو ته:
اڳتي سڀ ڪافر جو ڪوڙ،
جيڪي آهه هتي آ
هاڻ.
پيار، صرف خواب نه آهي پر خوابن
جي ساڀيان به آهي. ساڀيان جي ڪل حقيقت به آهي ۽ اهو پيار جڏهن ملي پوي ٿو ته زندگي
گيت ”گيت“ بڻجي پوي ٿي ۽ هر گلي گيت ٿي پوي ٿي. اياز لکي ٿو ته:
زندگيءَ جي ستار مان اڳ جان،
سر سندءِ آڱريون ڏسن ٿا پيا،
جي ٻه ٽي ڏينھن تون وڌيڪ رهين،
روح جي ريت تي دليون هونديون،
زندگي رنگ رنگ گل ٿيندي،
گيت ئي گيت سڀ گليون هونديون.
اياز، هن مرڪي مھانگي دنيا ۾،
انسان جي لڙڪن اُگهڻ کي سڀني عبادتن کان وڌيڪ اتم سمجهي ٿو، جنھن لاءِ اياز، انسان
جي مٽيءَ کي نئين سري سان ڳوهي انسان جي نئين تخليق کي جنم ڏيڻ چاهي ٿو. اهو انسان
جيڪو مجبور ۽ مظلوم نه هوندو. اهو انسان زندگيءَ جي سمورين معنائن جي حوالي سان
آزاد هوندو. هن انسان کي مقدر تي ڀاڙڻ بجاءِ پنھنجي جدوجھد کي اوليت ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو
ته:
اچ اچ ته مقدر بدلايون،
اچ اچ ته خدا کي ٻڌايون.
اچ اچ ته نيڻين جاڳ جاڳايون،
ٽڪراءِ انهيءَ کي جو روڪي،
گهٻراءِ نه، اچ سينو ٺوڪي.
اياز، وٽ انسان ۽ ان جي زندگيءَ
جو جيڪو مان هو، اهو ڌرتيءَ جي مٽيءَ جھڙو عظيم هو/ آهي. هن پنھنجي ڌرتيءَ کان وٺي،
عالم انسانيت جي درد کي پنھنجو درد سمجهيو هو. جنھن ڪري، دنيا جي ڪنھن به خطي ۾ ڪنھن
به مظلوم جي گردن هلڪي ٿي هئي ته اياز پنھنجي گردن هلڪي محسوس ڪئي هئي. ان ڪري
اياز پنھنجي ڏات هن سماج ۽ انسان جي آجپي لاءِ ارپي ڇڏي هئي. هن پنھنجي ڏات کي ڌرتيءَ
جو قرضي سمجهيو هو.
جنھن وقت به ڪو مون گيت چيو،
هن ڌرتيءَ جو ڄڻ ڪوئي قرض چڪو.
اياز، پنھنجي ڏات جو موضوع،
پرين، داستانن ۽ حڪمران طبقي جي ثناخوانيءَ بجاءِ زندگي، سماج، ان جا قدر ۽ ان جا
مسئلا ۽ انهن جي هر قسم جي آزاديءَ کي بڻايو آهي. اياز جي قلم ۽ ڏات جديد سنڌ ۽
جديد انسان جي نئين سر اڏاوت لاءِ ڪتب آڻڻ چاهيو آهي ۽ جديد سنڌ ۽ جديد انسان جي
تخليق لاءِ اياز جيڪو پورهيو ڪيو آهي، اهو صدين تائين رهنمائي ڪندو. هر ايندڙ وقت
اياز جي فن ۽ فڪر جا نوان پھلو نمايان ۽ نروار کڻي ايندو. اياز جي ذاتي زندگيءَ جي
تڪراري هجڻ باوجود به اياز جو هماليا جيڏو قد ڪڏهن به جهڪيو نه آهي. نه جهڪندو.
جيستائين زندگي آهي، زندگي جي معنى آهي، تيستائين اياز جي شاعر جي زندگيءَ جي ترجمان
رهندي ۽ زندگيءَ جي تشريح رهندي.
اياز شيخ مبارڪ علي
جديد سنڌ، ويهين صديءَ ۾ سنڌي
شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانهون
آهي. اياز، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر
آهي، هن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا
ڪئي.
سنڌ جي هن وڏي شاعر جو اصل نالو
شيخ مبارڪ علي هو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’اياز‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. هن ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور
۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف
بنگل شيخ هو، جيڪو شهر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندن پاڙو بنگل پاڙو، سڏبو
هو. شيخ اياز جو خاندان بکراڻي آهي. شيخ اياز ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙهيو.
انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان ۱۹۴۲ع ۾ ڪيائين. ۱۹۴۴ع ۾ ڊي.
جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري ۱۹۴۵ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي تعليم دؤران ڪاليج مئگزين جو
ايڊيٽر به رهيو. هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ
چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. ۱۹۵۰ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو.
شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو، هن ۱۹۴۵ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ هلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي
۽ جڏهن گوبند مالهيءَ اپريل ۱۹۴۶ع ۾ ڪراچيءَ
۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ اياز ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا
پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. شيخ اياز شڪارپور ضلعي ۾ به سنگت کي منظم ڪيو،
ان کان سواءِ’ انجمن ترقي پسند مصنفين‘ سان به وابسته رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ’پاڪستان
رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي
۾ رهيو.
شيخ اياز ٻاراڻي وهيءَ ۾
شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پهريون نظم يارهن سالن جي عمر ۾ ڇپيو هو. شيخ اياز
شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون، سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘۱۹۴۶ع ۾ ڇپيو.
ورهاڱي جي تاريخي سانحي ۾ شيخ
اياز جا اڪثر دوست نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي.جي. اتم، بهاري لال ڇاٻڙيا،
موتي رام رامواڻي، ايڊووڪيٽ امر لال پنجواڻي، ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ ٻيا ڀارت هليا ويا
۽ ورهاڱي جي هن ڪاري وار شيخ اياز جي ذهن تي وڏو اثر وڌو. سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت
هليو وڃڻ سبب شيخ اياز اردو اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس اردو
شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو هو، ان ڪري هن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنهن اردو
شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”بوءِ گل نالئه
دل“، ۱۹۵۴ع ۾ ئي پروفيسر آفاق صديقيءَ جي
پيش لفظ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي
ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ٿيو. جويي
صاحب، شيخ اياز جي ڏات کي پرکيندي، کيس مشورو ڏنو ته هو اردو شاعريءَ بدران سنڌي
شاعريءَ کي جاري رکي، ڇو ته هو پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي صرف سنڌيءَ ۾ ئي
پهچائي سگهي ٿو. ’مهراڻ‘ جي ۱۹۵۵ع جي
پهرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان هيٺ شيخ اياز جا ڏانهس لکيل
خط ۽ اياز جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين اياز، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول
مان ٻاهر نڪري آيو. ان بعد اياز جي ڏات جي ڪرشمي نه رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري
ڇڏيو ۽ هو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو. هن جي شاعري ته باڪمال آهي، پر سندس
نثر جو اسلوب ۽ ٻولي به اعليٰ درجي جي آهي. اياز جا زندگيءَ جي آخري پساهن تائين لڳاتار
شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهيا، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(۱). ”ڀَونر ڀِري آڪاس“ (شاعري: ۱۹۶۲ع)
(۲). ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين“ (خط ۽ نوٽ بوڪ جا ٽڪرا: ڊسمبر ۱۹۶۲ع)
(۳). ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري: ۱۹۶۳ع)
(۴). ”اڪ جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني“ (نثري شاعري: ۱۹۶۵عايوبي مارشل لا ۾ هي ڪتاب ڇپجڻ جي باوجود منظر عام تي نه اچي سگهيو ۽ هي ڪتاب
ٻيهر ۲۰۰۰ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)،
(۵). ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ (شاعري: ۱۹۷۰ع)
(۶). ”وڄُون وسڻ آئيون“ (شاعري: ۱۹۷۳ع)
(۷). ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“ (شاعري: ۱۹۷۵ع)
(۸). ”لڙيو سج لڪن ۾“ (شاعري: ۱۹۸۰ع)
(۹). ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ (شاعري: ۱۹۸۲ع)
(۱۰). ”جڳ مڙوئي سپنو“ (آتم ڪٿائي يادون: ۱۹۸۵ع)،
(۱۱). ”چنڊ چنبيليءَ ول“ (شاعري: ۱۹۸۵ع)
(۱۲). ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (شاعري: ۱۹۸۵)
(۱۳). ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ (شاعري: ۱۹۸۵ع)
(۱۴). ”رڻ تي رم جهم“ (شاعري: ۱۹۸۶ع)
(۱۵). ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ (سنگيت ناٽڪ: ۱۹۸۶ع)
(۱۶). ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ (مئي: ۱۹۸۶ع)
(۱۷). خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد پهريون: جولاءِ ۱۹۸۷ع)
(۱۸). ”اڪن نيرا ڦليا“ (شاعري: ۱۹۸۸ع)
(۱۹). ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ (يادون: فيبروري ۱۹۸۹ع)
(۲۰). ”خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد ٻيو: اپريل ۱۹۹۱ع)
(۲۱). ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن“ (شاعري: ۱۹۹۱ع)
(۲۲). ”الوداعي گيت“ (شاعري: ۱۹۹۱ع)
(۲۳). ”ننڊ وليون“ (شاعري: ۱۹۹۲ع)
(۲۴). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو پهريون، شاعري: ۱۹۹۲ع)
(۲۵). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو ٻيو: ۱۹۹۲ع)
(۲۶). ”جر ڏيئا جهمڪن“ (شاعري: ۱۹۹۳ع)
(۲۷). ”سرلوهيڙا ڳڀيا“ (شاعري: ۱۹۹۳ع)
(۲۸). ”سورج مکي سانجهه“ (شاعري: ۱۹۹۳ع)، (۲۹). ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ (شاعري: ۱۹۹۳ع)
(۳۰). هرڻ اکي ڪيڏانهن“ (شاعري: ۱۹۹۴ع
(۳۱). ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ (شاعري: ۱۹۹۵ع)
(۳۲). ”چنڊ ڳليون“ (شاعري: ۱۹۹۵ع)
(۳۳). ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ (شاعري: ۱۹۹۶ع)
(۳۴). ”سانجهي سمنڊ سپون“ (شاعري: ۱۹۹۶ع)
(۳۵). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (آتم ڪٿا: جلد پهريون: ۱۹۹۵)
(۳۶). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٻيو: آڪٽوبر ۱۹۹۶ع)
(۳۷). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٽيون: نومبر ۱۹۹۷ع)
(۳۸). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد چوٿون: آگسٽ ۱۹۹۸ع)
(۳۹). ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ (شاعري: ۱۹۹۷ع)
(۴۰). ”ڪاري رات ڪُهنگ“ (شاعري: ۱۹۹۸ع)
(۴۱). ”مينهن ڪڻيون“ (شاعري: ۱۹۹۹ع)
(۴۲). ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ شاعري: ۱۹۹۷ع)
(۴۳). ”اٿي اور الله سان“ (شاعري: جنوري ۱۹۹۸ع)
(۴۴). ”اڳتي قدم“ (۲۰۰۱ع:شيخ
اياز آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۱۹۴۷ع ۾ ’اڳتي
قدم‘ ماهوار جا ۳ پرچا ڪڍيا هئا، جن کي گڏ ڪري
نئين ترتيب سان محمد ابراهيم جويي ۲۰۰۱ع ۾ ڪتابي
صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو)
(۴۵). ”جي تند برابر توريان“ (ڪهاڻيون: شيخ اياز جون ’سفيد وحشي‘ ۽ ’پنهل کان
پوءِ‘ عنوان سان ڪهاڻين جي مجموعن ۽ ان کان ٻاهر رهجي ويل ڪهاڻيون، انور فگار هَڪڙي
ترتيب ڏئي ڇپائي پڌريون ڪيون)
(۴۶). ”پکي ساڳي پار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ:۲۰۰۴ع).
شيخ اياز جي پهرين ٻن شعري
مجموعن ’ڀَؤنر آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ هڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي
ايوبي آمريت بندش وڌي هئي، ۽ اها پابندي شيخ اياز جي آخري عمر ۾ ختم ٿي. شيخ اياز
جي شاعريءَ ۽ نثر کي ۲۲ جلدن
جي صورت ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائڻ جو پروگرام رٿيو آهي، جنهن جا
پهريان ٽي جلد آگسٽ ۲۰۰۹ع
تائين ڇپجي چڪا آهن، جيڪي تاج جويي ترتيب ڏنا آهن. جن ۾ اياز جي شاعريءَ جا ۱۳
ڪتاب اچي ويا آهن، ٻيا جلد تياريءَ هيٺ آهن. سندس اردو
شاعريءَ جو ’بوءِ گل نالئه دل‘ کان پوءِ ٻيو مجموعو ”نيل ڪنٺ اور نيل ڪي پتي“ ۱۹۸۸ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس سنڌي شاعريءَ کي فهميده رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو
ڪيو آهي، جيڪو ”حلقه ميري زنجير ڪا“ نالي سان ۱۹۷۴ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ جو پنجابي منظوم ترجمو مشهور دانشور
۽ شاعر احمد سليم ڪيو، جيڪو پڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۱۹۷۶ع ۾ ڇپيو، اياز جي سمورن غزلن کي نوجوان شاعرن اسحاق سميجي ”گيڙو ويس غزل“(۲۰۰۴ع) ۽ بخشل باغي”هي روح جزيرو حيرت جو“ (۲۰۰۴ع)جي نالي سان ڇپايو.
شيخ اياز پنهنجي قومي ۽ مزاحمتي
شاعريءَ جي ڪري، جيل ياترا به ڪئي، رجعت پسندن مٿس ڪفر ۽ بغاوت جا الزام به هنيا ۽
ڪيترا ڪيس پڻ ڪيا. ان سلسلي ۾ ”ادب ڪِي آڙ مين“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي سڄي جديد
سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خلاف ۽ خصوصاً شيخ اياز خلاف باهه ٻاري وئي، جنهن جي جواب ۾
برک دانشور رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“، مولانا غلام محمد گراميءَ ”مشرقي
شاعريءَ جا فني قدر رجحانات“۽ محمد ابراهيم جويي جي رهنمائيءَ ۾ قاسم پٿر ”ادب ڪي
نام پر“ ڪتاب لکي کين جواب ڏنا.
شيخ اياز قديم توڙي جديد شعري
صنفن تي ڀرپور گرفت رکندو هو، پراڻين شعري صنفن کي ٻوليءَ توڙي اسلوب جي نواڻ
بخشيائين ۽ منجهن ڪيترائي تجربا به ڪيائين. سنڌي ڪلاسيڪي بيت ۽ وائيءَ کي جديد رنگ
۽ آهنگ ڏنائين. عروضي وائيءَ لکڻ جو پهريون ڪماياب تجربو به اياز ڪيو ۽ ان کان
علاوه ڪافي نيون صنفون پڻ متعار ڪرايائين، جن ۾ آزاد نظم، نثري نظم ،هائيڪو، ڏيڍ سٽا
۽ ڇهه سٽا وغيره شامل آهن. اهڙي نموني پاڻ اندازاً وِيهن کان مٿي شعري صنفن ۾ ڪلام
چيو اٿس.
سنڌي شاعريءَ کي نج ٻوليءَ ۽
مقامي ماحول عطا ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي شاعريءَ جي جديد
دور ۾ وڌ کان وڌ مڃتا شيخ اياز ئي ماڻي. شيخ اياز جي ڪلام جو ڪجهه حصو هنديءَ،
اردو، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ
جي انگريزي ترجمي تي مشتمل هيٺيان چار ڪتاب ڇپجي پڌرا
ٿيا آهن.
1. THE STORMS CALL FOR PRAYERS.
(Translation from Sindhi by: Asif Farukhi & Shah Muhammad Pirzada: 1999).
2. IMMORTAL POETRY OF SHAIKH AYAZ
(Translated by: J.M Girglani: 2003).
3. SONGS OF FREEDOM, (Translated
by: Saleem Noor Hussain: 2003).
4. ON THE BANK OF INDUS.
(Translated by: Professor Latif Noonari: 2006).
نوٽ: J.M
Griglani جي ترجمي جو ٻيو ڇاپو شيخ اياز چيئر، شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان ۲۰۰۷ع ۾ ڇپائي
پڌرو ڪيو ويو آهي.
شيخ اياز جي شاعري فڪري حوالي
سان ٻن دورن / لاڙن تي مشمتل آهي. پهريون دور ترقي پسند، قومپرستيءَ ۽ جديد فڪر جي
نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ ٻيو دور بين الاقواميت، ويدانت يا تصوف جو نمونو پيش ڪري ٿو.
اهي ٻئي رجحان عملي طور سندس زندگيءَ جي روين مان به جهلڪن ٿا، جو پهرئين دور ۽
پوئين دور ۾ منجهس نمايان تبديليون نظر اچن ٿيون. جنهنڪري اڄ توڙي سڀاڻي جي ادبي
حلقن ۾ تعريفي ۽ تنقيدي، ٻنهي حوالن سان گفتگو جو موضوع بڻيل رهندو.
جهڙيءَ طرح شيخ اياز شروعاتي
دور ۾ پاڻ ڪجهه عرصو ادبي رسالي ”اڳتي قدم“ جو ايڊيٽر رهيو، تهڙيءَ طرح پوئين دور
۾ ڪجهه وقت سنڌي اخبار ’برسات‘ جو پڻ ايڊيٽر رهيو. ان ريت صحافت جي شعبي ۾ به
حصيدار بڻيو. اخباري ڪالم ۽ اخبار ۾ ڇپجندڙ سندس دعائون، سندس فڪري تبديليءَ جون
شاهد آهن.
شيخ اياز بابت نصير مرزا، جامي
چانڊيي، ملڪ نديم، آغا سليم، انور فگار هَڪڙي، هدايت پريم، گُرڏني گانگاڻيءَ ڪتاب ڇپرايا
آهن، جڏهن ته تاج جويي پڻ هيٺيان چار ڪتاب ڇپايا آهن:
۱. ”جر
۾ ٿو جرڪان (۱۹۹۹ع)، (۲). ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ (۲۰۰۰ع)، (۳). ”ساميءَ ويس سلوڪڙا“ (۲۰۰۲ع)، ۽ (۴). ”آءُ درازا هل“ (۲۰۰۷ع).
شيخ اياز ٻه شاديون ڪيون، جن
مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال ڪراچيءَ جهڙي
مصروف شهر ۾ انتهائي اڪيلائپ جي ڏکوئيندڙ احساس ۾ گذاريائين. دوستن کان ڌار، دل جي
بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به آخري دم تائين لکندو رهيو. هن عظيم شاعر ۲۸
ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي
وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي.
انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيانا جي ٿورن سان
شيخ اياز ۽ اياز ادبي ميلو
ادل سولنگي
سنڌ ۾ صدين کان وٺي ميلن ۽ ملاکڙن
جي روايت رهي آهي، سنڌ جي مختلف بزرگن جي درگاهن تي ٿيندڙ روايتي ميلا، ملاکڙا،
مختلف ماڳن تي ٿيندا رهيا آهن، جنهن ۾ ماڻهن کي ”تفريح جا نوان موقعا ڏنا ويندا
آهن“، انهن ميلن ۾ نواڻ تڏهن آئي جڏهن مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ شهرن ۾ لڳندڙ
”ادبي ميلا“ شروع ڪيا ويا، اهڙن ادبي ميلن ۾ ٻين تفريحي شين سميت کاڌي پيتي ۽ هٿ
جي هنرن جا اسٽال لڳايا ويندا آهن.
پر اصل ۾ اهي ادبي ميلا، ٻوليءَ
۽ ادب بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ، مختلف مسئلن تي ويچارڻ ۽ انهن جي حل لاءِ گڏيل
موقف پيش ڪرڻ جنهن جي آڌار تي ادب کي درپيش مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارو عمل اهم
هوندو آهي، ڪتابن جا اسٽال، ڪتابن جون مهورتون، ڪتابن بابت ورڪشاپ، ٻوليءَ بابت
ويهڪون ۽ انهن ويهڪن ۾ پيش ڪيل ٻوليءَ ۽ ادب بابت نون خيالن، نين رٿابندين ۽ نين
جدوجهدن جي نئين نموني صف بندي ڪئي ويندي آهي.
ان ڏس ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌ
لٽريچر فيسٽيول، ڪراچي ادبي ميلو، ايڪسپو سينٽر ۾ ٿيندڙ ادبي ميلو، لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ
اياز ادبي ميلو ۽ حيدرآباد ۾ رٿيل استاد بخاري ادبي ميلو ۽ هاڻي خانه بدوش ڪيفي طرفان
ڪوٺايل ”اياز ادبي ميلو“ جنهن جون تقريبون شروع ٿي ويون آهن، خانه بدوش کي مستقل
اجهو ملڻ کانپوءِ هي ”خانه بدوش“ جي پهرين ادبي تقريب آهي، جنهن کي ڳڻپ ۾ آڻي
سگهجي ٿو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ”اياز
ادبي ميلي“ مان ڪنهن کي ڪيترو لاڀ ملندو؟؟؟ پر ضروري آهي ته علم ۽ ادب جون
سرگرميون جاري هجن، ڪو زمانو هئو، جو ”سنڌي شامون“ ۽ ”روح رهاڻ جشن“ ٿيندا هئا ۽ ”لطيف
جا ڏهاڙا“ ملهايا ويندا هئا. انهن جي تسلسل ۾ ٿيندڙ هي ”ادبي ميلا“ سجاڳيءَ جي
علامت آهن، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن جو علم، ادب ساڃاهه ۽ شعور سان ڳانڍاپو ۽ ويجهڙائپ ٿيندي
آهي، نئون نسل پنهنجي ادبي روايتن سان سلهاڙجي هڪ نئين ويساهه ۽ اُتساهه سان اڳتي
وک وڌائي سگهندو، جڏهن پنهنجو نوجوان نسل علم، ادب، ڪلچر سان سلهاڙبو ته بهتريءَ
جي اُميد ٿيندي ۽ روشن مستقبل جي پڪ ٿيندي، اسان ته اهو به چاهيون ٿا ته ”سن“ ۾ به
سائين جي ايم سيد جي حوالي سان هڪ هفتي وارو ”ادبي ميلو“ لڳايو وڃي ته بهتر ٿيندو..
”اياز ادبي ميلو“ جنهن جي سڄي سنڌ آجيان ڪندي، ان ميلي جو حصو ٿيڻ لاءِ اڳتي وڌي
رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ هڪ ڀيرو پنهنجي ادبي، علمي ۽ ثقافتي، مورچي کي سنڀالي جدوجهد ڪئي
ته بمبئي کان سنڌ جي ڌار ٿيڻ، ون يونٽ جي پنجوڙ کي ڇني ڇڏڻ، ايم آر ڊي تحريڪ ۾
آمريت جي اکين ۾ اکيون وجهي پنهنجو پاڻ مڃائڻ جو وري وري ورجاءُ ٿي سگهي ٿو.
ويهين صديءَ ۾ ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي ساميءَ جي شهر شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ شيخ اياز، سنڌ جو اهڙو شاعر آهي
جنهن کي شاهه لطيف سان گڏ، دنيا آڏو مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. سنڌي شاعري صدين
جو سفر ڪرڻ باوجود پنهنجو رشتو پنهنجي پيڙهه ۽ تاريخي ورثي کان ناهي ڇنو، جنهن
شاعريءَ جي تاريخ جي سموري اٿل پٿل تي گهري نِگاهه رهي آهي، سنڌ ”ويدن“ کان وٺي لوڪ
ادب تائين، لوڪ ادب کان شاهه لطيف تائين، شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين، صدين جو
سفر ڪندي اڻ ڳڻيون ڪاهون ڪندڙ ڌرين سان مزاحمتون ڪندي پنهنجو فني، فڪري ۽ تخليقي
سفر ڪيو آهي.
شيخ اياز چيو آهي ته:
ڳاءِ انقلاب ڳاءِ،
جيئن زمين آسمان،
جي کلي پئي زبان،
ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر،
ڪنڊ ڪنڊ، چونڪ، چونڪ
جيئن اٿي ڏئي جواب،
انقلاب انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.
****
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيارن سان.
****
متان ٿيو مات! اَمَرُ ٿيو
انڪار ۾،
آرڻ ۾ اقرارَ جي، مور نه ڪجو
باتِ،
رانيو رانيو راتِ، رانول پنهنجي
رت سان!.
***
سرَن مٿان سوڀ جون، پاڳوُن جي
پايو،
متان وڙهندي ويڙهه ۾، پُٺِ تي
واجهايو!
لايو سجايو، نيٺ ته ٿيندو لوءِ
جو!
اياز جي شاعري سدائين غلاميءَ جي
اونداهه خلاف، آزاديءَ جون روشن مشعلون محسوس ٿيندي آهي، اياز جنهن سنڌ کي پنهنجي
ساهه ۾ سمائي سندس روح سان رکوالي ڪندي، لکيو آهي ته:
هيءَ سنڌ سدائين رهندي، ان تي
سج اُڀرندو ۽ لهندو رهندو.
رڳو مون جيئن ان کي ڏٺو آهي،
مون سان مري وڃڻي آهي، مان ان مشاهدي کي پنهنجي ”آءُ“ مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ان
کي لکيل لفظ ۾ اَمرڪري پنهنجيءَ جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان، مون ان ۾
اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن، پن- جهڙ ۾ ڦيراٽيون کائيندڙ پن به ڏٺا آهن ۽ ان جي لڱ
ڪانڊاريندڙ سيءَ جا سياٽا به سٺا آهن، منهنجي اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا مُوريا
آهن ۽ ٽوهه وليون ٽهڪيون آهن، مون ڏٺو آهي ته جڏهن وڄون ورن ٿيون ته ڪيئن ڌما مين ڌڌڪار
ٿئي ٿو، ٿر جا ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اڀيون ڪري ان جي آجيان
ڪن ٿا، مون سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن ۽ انهن جا ڪونڌر به ڏٺا
آهن، جن جي ڪلهن تي ڳنن ڳاڙهيون ڪهاڙيون هونديون آهن ۽ جي تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندا
آهن جيستائين پلئه نه ڪندا آهن.
مون ڏٺيون آهن اهي موڪريون ڇاتيون،
ڀنڀيون ڏاڙهيون ۽ شهپر مڇون، جي صدين کان رت جي ريت نڀائينديون ٿيون اچن ۽ مون ڏٺيون
آهن گهرج جي گهاڻي ۾ پيڙيل، ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل نپوڙيل پستيون جندڙيون ۽ انهن جا
سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ ۽ اهو سارو ناسور، جو سنڌ جي رڳ رڳ مان چڪي رهيو آهي.
مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽٻيون
هنيون آهن ۽ ان جي مستقبل، ڏانهن اُڏاڻو آهيان، ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ، ڪاتار وانگر مون اڻيا،
آهن سپنا، سنڌوءَ تي اڀرندڙ سج جا سنهرا سپنا، ڇا مان اهو سڀ ڪجهه پنهنجي شعر ۾ آڻي
ٿو سگهان؟ ڇا مان شعلي کي مشعل مان جهٽي ان کي اَبدي بڻائي ٿو سگهان؟ زندگي ڪيتري
نه مختصر آهي!“
آزاديءَ جا سوڙها پيچرا ڪنهن نه
ڪنهن وقت شاهي رستي ۾ ملندا آهن.
مان تنهنجي ماضيءَ جي ماضيءَ ۽
مستقبل جي مستقبل جو شاعر آهيان، تنهن جو حال نمرود جي آتش آهي جنهن کي مان اڪيلو
نه وسائي ٿو سگهان ۽ نه ان کي گلزار بڻائي ٿو سگهان، پر جي تون به مون سان گڏ
ان ۾ ٽپي پوين ته دنيا ۾ ڪجهه به امڪان جي حد کان دور نه آهي.
سدا اُڀريا سنڌ ۾ آنڌيءَ جيئن
انسان،
وڙهندي مڙس مَهانَ، مٽيءَ منجهه
سَمائيا.
سدا آ ياد سنڌ ۾، نوان نادر
شاهه،
ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوا ٻي
واههَ،
متان سوچيو ساههَ، متان موٽو ماڳ
کان!
****
سدا اُڀريا سنڌ
۾، ڪو پاڪَنچل لوڏَ،
هُوڙ هيائيون ۽ هوڏ، ڏسِي
پنهنجي ڏيهَه سان.
****
وڌندا رهيا ويڙهه ۾ نه ٿيا ڍول ڍَرا،
پُٺا پٿروا نگيان، نرورُڪَ
نرَا،
چار ئي پيرَ چَرا، ڇالُون ساڳئي
ڇوههَ سان.
شيخ اياز لکيو آهي ته:
”مان سياسي جانور نه آهيان، پر
پوءِ به تاريخ مون کي سياست ڏانهن ڌڪي، ان سان سلهاڙي ڇڏيو آهي، سرمد به سياسي ماڻهو
نه هيو، پر پوءِ به تاريخ جي طرفان ويڙهجي ويو ۽ آخر اورنگزيب هٿان مارايو ويو.
مان به ته سرمد وانگر آهيان،
منهنجو به ڪو ئي دارا شڪوهه آهي ۽ ها، ڪو ئي اورنگزيب به منهنجي آڏو آهي، مان
اربندو گهوش نه آهيان ته پٺتي موٽي سگهان، مون عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ
منهنجي سِسِي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي، هاڻ پٺتي موٽڻ جو سوال ئي نٿو اُٿي.
شيخ اياز
حسن، عشق ۽ فطرت جو شاعر
(شيخ اياز جي
۱۸ هين ورسي جي موقعي ۽ مناسبت سان ڀيٽا)
ارشاد ڪاغذي
شيخ اياز سنڌي زبان جو مهان شاعر
آهي. سندس شاعري جي فڪري اڏام جدت جي جهان کي جٽاءُ بخشيو. هن هڪ اهڙي عمارت تعمير
ڪئي جنهن فارسي-زده شاعري جي رنگ کي رَهَڙَي، ڪاريگري سان ترقي پسندي جا چِٽ، نقش
۽ گلڪاري ڪري چِٽو ڪيو. حقيقت پسند، قدرت ۽ فطرت جي حسناڪي جمال ۽ ڪمال جي تصوير ڪشي
۽ منظرنگاري ڪئي ۽ عبارت کي جديد رنگ روغن ڪري سنڌ جي سينڌ سنواري ڇڏي... شاعري جي
فنِ تعمير سان گڏوگڏ جديد سجاوٽ جي ساز وسامان سان ڪويتا جي ڪلام کي چار چنڊ لڳائي
ڇڏيا. سچائي جي لکت سان سماج جي سينوريل پاڻيءَ ۾ پهريون پٿر اڇلائي لهرون پيدا ڪري
نئين معاشري ۽ سرشتي جي اڏاوت جي اڻت ڪئي.
هن چيو هو:
...تون انهيءَ بيٺل تلاءَ جي پاڻيءَ
تي هري ويو آهين. توکي اهو ٻاڙو پاڻي گھر ويٺي ملي ٿو، تنهن ڪري تون اها تڪليف بـ نـ
ٿو وٺين تـ تون اهو شفاف جهرڻو ڳولي لهين، جنهن جي ڀرتان تنهنجا وڏا ڪجهـ صديون اڳ
لڏي آيا هئا، مون انهيءَ ساڳي جھرڻي جي پاڻيءَ تي انگور جون وليون پوکي، انهن جي ميوي
جي سر مان هيءَ مئـ جوڙي آهي. تون انهيءَ مان چُڪِي چکي ڏس. شايد اها توکي امر ڪري
ڇڏي...
ڪنهن بـ عظيم شخصيت تي قلم کڻڻ
۽ سندس ڪارنامن کي روشن ڪرڻ لاءِ ايمانداري جي اشد ضرورت هوندي آهي تـ جيئن بي ريا
طريقي سان سندس ادبي کيتر جي جاچ ٿي سگھي. ادبي دنيا جي نامورن قلمڪارن ۽ خاص طرح سان
شاعرن جي فن ۾ اڪثرڏٺو ويو آهي تـ سندن ادبي تحرير پل ۾ سادي ۽ سولي لڳندي ۽ وري اتي
ئي جهٽ پٽ ۾ دقيق فلسفيانا عبارت جي پردي ۾ ڏکي لڳندي آهي. عظيم ارسطو شاعري کي فلسفي
جو درجو ڏئي ٿو. چئي ٿو:
Poetry is finer and more
philosophical than history; for poetry expresses the universal, and
history only the particular.
بلاشڪ! شيخ اياز جو مطالعو ۽ مشاهدو
تمام گھڻو وسيع هو ۽ هو فيلسوف شاعرهو. جيئن حضرت مولانا جلال الدين رومي کي فارسي
جو فلسفي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو، ان ۾ ڪو بـ وڌاءُ نـ آهي تـ اياز جي سنڌي شاعري فڪر
۽ فلسفي جي ترجماني ڪري ٿي. ان سبب جي ڪري اياز جي حيرت ۾ وجهندڙ تصور کي پيرائتي نموني
سان بيان ڪرڻ لاءِ وڏي هوشياري ۽ مهارت جي ضرورت آهي، تـ جيئن ان عظيم شخصيت سان انصاف ڪري سگھجي. تنهن
ڪري شيخ اياز جيڪو سنڌ جو عظيم شاعر تـ آهي ئي آهي پر هن جا خيال تمام گھڻا اوچا آهن
جن تائين پهچڻ لاءِ وڏو وس ڪرڻو ٿو پئي. اياز جي بلند پروازي جي ڪٿ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي!
جيئن هو پاڻ چون ٿا:
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي
اِهڙي گھري چيخ ٿين ٿا
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
جا دنيا کي بدلائي ٿي
شيخ اياز پيار، محبت، فطرت، حسن
۽ حقيقت جو شاعر آهي. اياز فطرت جو عظيم ڪلاڪار هو. هن فطرت، حسن ۽ سونهن سان بيحد پيار ڪيو. هن عشق ۽ شاعري کان پنهنجي
جوڀن جي شروعات ڪئي، پر شاعري ان کان اڃا اڳ ئي ڪئي هئي. پيار ڀريا سريلا ۽ رسيلا گيت
سِرجي ڪويتا سان چِلولائِي ڪندي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي چمندو هو.
چنڊ جڏهن جهرڻي ۾ وهنجي، ڪنول ڪنول
شرمائي،
سانت، سنواري ڪنيا، منهنجي هِردي
کي هرکائي،
منهنجي من مان ڪوئي مراري بن بن
بين وڄائي
نيل ــ گگن جون ڪيئي گوپيون،
جن سان راس رچائي.
منڊ جڏهن منهنجو من موهي، جڳ ــ
سندرتا گھائي،
دور نکٽ مان نڪري ڪوئي نير مٿان
لهرائي،
مان پڪڙيان، هو پرڙا کولي، اڏري
پاڻُ بچائي
ڪوئي ڀيد نـ ڀائي!
سموري دنيا ۽ مغرب ۾ رومانوي تحريڪ
دوران ۽ بعد ۾ هڪ اهڙي شاعري جڙي وئي جنهن انسان جي جذبن کي پريم جي ڳنڍين سان ڳنڍي
ڇڏيو. اصل ۾ اها عالمي فني ۽ فيلسوفيانا تحريڪ هئي جيڪا اولهـ جي اديبن شاعرن ۽ سانجهـ
وندن پنهنجي زندگي ۽ بنيادي اصولن جي پورائي لاءِ تخليق ڪئي. اها رومانٽڪ تحريڪ هڪ
تجسس ۽ عجائب جي دنيا جي انوکي تحريڪ ليکي وڃي ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي تـ انگلينڊ ۽ جرمني
ان تحريڪ جو ڳڙه هئا. رومانيت جي ابتدا دانشورن، ڏاهن ۽ پارکن ۽ شاعرن جي روئي جي پيداوار
هئي، جنهن مغرب جي تهذيب جي مختلف شعبن جهڙوڪ علم ۽ ادب، موسيقي، مصوري، فنِ تعمير،
تنقيد ۽ تواريخ تي گھري ڇاپ ڇڏي. رومانيت جي اثر جي ڪري سمجهداري، هم آهنگي، امن شانتي،
توازن، وچٿرائپ ۽ نئون نظريو، فلسفو ۽ خيال اڀري آيو. هي تحريڪ ۱۸
صدي جي روشن صدي جي نتيجي ۾ جديديت، روشن خيالي، ماده پرستي جو ڄڻ تـ تحفو هئي. رومانيت جو متو ان
وقت پنهنجي جوهر ۾ هڪ نرالو آدرشيواد نظريو هو. رومانيت انفرادي، ذاتي يا نفسي، جذباتي،
تصوراتي ۽ دانش يا وزڊم جي تحريڪ ثابت ٿي.
ان جي شروعات ۱۷۹۸ع ۾ ٿي، جڏهن ورڊس ورٿ ۽ ڪولرج جي
ليريڪل بيليڊ يا گيت، غزل ۽ ڀڄن جو پهريون جلد شايع ٿيو ۽ ۱۸۳۲ع ۾ سروالٽر اسڪاٽ ۽ گوئٽي ٻنهي جي موت تي اختمام پذير ٿي. پر ايئن بـ ناهي
اها عالمي تحريڪ جو روپ ڌاري سموري دنيا ۾ ڦهلجي وئي ۽ سموري آرٽ يا فن جي صنفن تي
حاوي ۽ ڇانئجي وئي. رومانوي تحريڪ جي شروعات ۱۷۷۰ع کان شروع ٿي ۽ ۱۹ صدي جي
اڌ ڌاري امريڪا ۽ يورپ ۽ پوءِ آرٽ جي ٻين شعبن ۾ سَرايَتَ ڪري وئي. ان انڊلٺي رومانوي
تحريڪ جوڦهلاءُ (۱۷۷۰ کان ۱۸۷۰
تائين) رهيو. ايستائين جو انگلينڊ ۾ رابرٽ برنس ۽ وليم بليڪ
۽ ان کان علاوه جرمني ۾ گوئٽي ۽ شلر جون شروعاتي لکڻيون ۽ يورپ ۾ روسو جي لکڻين جي
مڃتا جو عظيم دور وغيره اچي وڃي ٿو. شيخ اياز بـ رومانوي شاعري کان شروعات ڪئي .
شيخ اياز شڪارپور جهڙي علم ادب جي
سرزمين تي جنم ورتو، جيئن تـ هن جا وڏا پڙهيل ڳڙهيل ۽ علم وادب سان گھڻو شوق رکندڙ
هئا تنهن ڪري هن ۾ بـ اهي عادتون هيون. هو پرائمري اسڪول کان وٺي پڙهڻ ۾ گھڻو هوشيار
هو ۽ ٽين چوٿين درجي تائين لائبريري مان سٺا ڪتاب پڙهي پورا ڪيا . شڪارپور جي باغن
۽ خاص ڪري شاهي باغ ۾ گھڻو گمهڻ لاءِ ويندو هو، تنهن ڪري پکي، پرندن، گل ٻوٽن، حسن،
فطرت سان کيس پيار هو. هو ” ڪٿي نـ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ لکي ٿو ”ڪشمير، مئسور ۽ جپان وغيره
ڌارين ملڪن جا مشهور باغ گھميو آهيان، پر شڪارپور جي شاهي باغ جو لطف ۽ راحت ڪا اور
هئي! وڏن وڏن ٻارن ۾ ڄڻ سائي گاه جا غاليچا وڇايل هئا. جن جي وچ ۾ ڪنارن تي رنگ برنگي
گلن جو ڀرت ڀريل هو. گلاب جا گل، اڇي ڳاڙهي سائي پيلي ۽ نيري ۽ چٽڪمري رنگن جا، تن
جي جدا جدا مست سڳنڌ ۽ ڪِن گلن ۾ پوپٽن، پکين ۽ باندرن جون شڪليون هونديون هيون. ٻيو
ڪٿي بـ اهڙا گل ڏسڻ ۾ نـ آيا ها رڳو هماليـ ڳنڌ مادن پربت تي مشهور valley
of Flowers (گلن جي ماٿريءَ) ۾ اهڙا عجيب گل
ڏٺا هئم.“ گلن، پکين پرندن ۽ شڪارپور جي سهڻين
نارين سان هن جا پيچ پراڻا پيا لڳن . عشق، مشڪ، مهڪ ۽ سنگيت جو عاشق هو. شيخ اياز صاحب
”ڪٿي نـ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ تحرير ڪن ٿا: ”جمال صديقي ۽ عبدالقادر مطلباڻي منهنجي ننڍي
هوندي جا همراز هئا. اسان ٽئي شڪارپور جي چانڊوڪي راتين جا رولاڪ هوندا هئاسين ۽ هڪ
بجي رات تائين اهي پڙاوَ ڏسندا هئاسين، جي خانـ بدوش رستم ڏانهن ويندڙ رستي ڀرسان هڻندا
هئا. هو خيما هڻندا هئا، جن ۾ ڪافي دير تائين خوبصورت عورتون باهيون ٻاري مانيون پچائينديون
هيون. اسين ڪافي پنڌ ڪري، ذري گھٽ رستم تائين وڃي، موٽي ايندا هئاسين. اسان جو چوٿون
همسفر چنڊ هوندو هو. مون کي خوبصورت عورت چنڊ وانگر لڳندي آهي۽ چنڊ خوبصورت عورت وانگر
لڳندو آهي. پيريءَ انهيءَ لونءَ لڳاءَ ۾ ڦيرو نـ آندو آهي. ٻئي هڪٻئي جيترا پائدار
آهن ۽ ناهن بـ . ناپائداريءَ جي باوجود حسن ان ازلي حقيقت جي جهلڪ آهي، جا اَزل کان
ڇوليون ماري رهي آهي. اسين هڪٻئي کي پنهنجون محبتون ٻڌائيندا هئاسين. عشق جي باري
۾ ٽنهي جو نظريو ساڳيو هو، فاني هوندي لافاني، ثاني هوندي لاثاني. ڪنهن جي ڳٽي تي لڙڪندڙ
لٽ ڏسي، اسان تي زنجير پئجي ويندا هئا، ۽ ڪنهن جا ڳاڙها ڳل ڏسي اکيون اَڙجي وينديون
هيوسين. غالب جو شعر ياد ايندو هو:
يـ پري چهرا لوگ ڪيسي هين
غمزه وعشوه و اَدا ڪيا هي
جمال جو چاچو محمد دائم صديقي سنڌ
پبلڪ سروس ڪميشن جو سيڪريٽري هو، انڪري جمال مون کان اڳ ڪراچي هليو ويو هو. اهو دور
منهنجو حقيقت کان نفرت ۽ فرار وارو دور هو. تاريخ مون کان شعروادب جو سرمايو هڪ اَروڪ
ڦوروءَ وانگر ڦري ورتو. اهڙيءَ ڪيفيت ۾ عورت جي آغوش کان سوا ٻي ڪائي راه نجات نـ آهي
۽ شراب نوشي خودفراموشيءَ جو بهترين ذريعو آهي.“
مهان ڪوي شيخ اياز عاشق مزاج، نينهن
جي نشي جو متوالو هو، حسن ۽ نشيلي نگاهن جو پياسي هو ۽ پر ويندي پيري ۾ بـ ڪڏهن پرباش
نـ ٿيو!
منهنجا نيڻ هرڻ
تو پويان ڊوڙيان پرين
ٻيهر اڃ مرڻ.
اهي ۽ ان قسم جي عشق، محبت ۽ ٻين
يادگيرن جو هن ذڪر پنهنجي سوانح وغيره ۾ ڪيو
آهي. اهڙي طرح اياز جي اندر ۾ حسن، عشق ۽ فطرت جي جوت ننڍي وهي کان جلندي رهندي هئي.
شاهي باغ ۾ گھمندي ڦرندي گلن جو واس وٺندي پکي جيڪي لات لنوندا هئا، انهن جي چين چين
چنگار ۽ مٺي تنوار ٻڌي هو وڏو ٿيو. ۽ ان عرصي ۾ ئي سندس مطالعو ۽ مشاهدو گھڻو وسيع
ٿيوهو. هو پيار جو گھڻو پياسي هئي. هو سهڻين شين سان پيار ڪندو هو! هو خوبصورت اپسرائن،
حسين نظارن، شاعري ۽ موسيقي جو پريم پياڪ هو! هو پنهنجي جنم ڀومي سان بـ ايترو پيار
ڪندو هو ۽ بيحد... حد کان وڌيڪ! هن کي پنهنجو شهر شڪارپور ڪڏهن بـ ڪونـ وسريو هو. توڙي
جو هو پوڙهو ٿي ويوهو ۽ نـ وري پنهنجي ماڳ وريو... پيري ۾ پنهنجي جنم ڀومي کي ياد ڪندي
دانهون ڪري ٿو: ”مون کي منهنجي شڪارپور موٽائي ڏيو، جتي ٺاٺارا ڪُٽِ جا ٿانءَ، ٽامي
جا وٽا، تسريون، پاٽيون، ديڳڙا، ٿالهيون، چرمچيون، بدنا، لوٽا، چونريون، ديڳيون، ٿالهـ
، تيون، ڪفگير، ڪيوٽيون ۽ دٻلا ٺاهيندا هئا.“ (ڪٿي نـ ڀڃبو ٿڪ مسافر، جلد ٻيون. شيخ
اياز)
شيخ اياز جي صلاحيت ۽ مهانتا جو
راز شڪارپور بـ آهي پر هن جيڪو حاصل ڪيو اهو سٺن استادن، دوستن ۽ پنهنجي علم ۽ شعور
جي بل بوتي حاصل ڪيو ۽ اهڙي مهان پد تي پهتو جنهن تي اسان شڪارپور واسين کي ناز ڪرڻ
گھرجي. مهان ڪوي جي نکڙڻ ۾ شڪارپور جو حصو ضرور آهي پر اصل ڪمال هن جو پنهنجو آهي،
جنهن ڪويتا جي ڏيهـ ۾، ڏات، ڏاهپ ۽ ڏِيا جا ڏيئا ٻاري امرتا ماڻي ورتي.
ايازجي شاعري پيار جو کليو اظهار ۽ پيغام آهي. پنهنجي ڪلام جي
قدرت سان حسن، محبت ۽ فطرت جي حسناڪي جي درياءَ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي. اهڙي تـ سهڻي
۽ دل کي ڀائيندڙ ۽ ڇڪ وارا لفظ استعمال ڪيا آهن جو دل تڙپي ٿي.
منهنجا پرين!
او بانورا! او سانورا!
گھر ۾ گھڙين،
چوري ڪرين، کلندو ورين،
مان لک چوان، پيرين پوان،
پر جو مڙين، او شل جڙين،
منهنجا پرين!
او بانورا! او سانورا!
سورج ويو جيئن ڍرڪندو،
۽ شام لهرايون چڳون،
آئين، نظر تون مرڪندو....
ڪيڏيون نـ گھرائيون هيون،
منهن ۾ سندءِ اي آشنا!
No comments:
راءِ ڏيندا