; سنڌي شخصيتون: July 2013

30 July, 2013

حفيظ قريشي


سنڌ جو ابو الڪلام
سهيل ميمڻ
هالا سنڌ ۾ اهو علائقو آهي، جنهن ۾ لطيف سرڪار ۽ مخدوم نوح جهڙين هستين جو جنم ٿيو. سنڌ جي سرزمين تي عظيم انسانن جنم ورتو آهي، جن مان حفيظ قريشي به هڪ هو. حفيظ قريشي هالا پراڻا ۾ جنم ورتو، سڄي عمر سنڌ سان عشق ڪيو، جيل ڪاٽيا، سنڌ جي ڀلي جي تبليغ ڪئي، نه جُهڪيو، نه ٽُٽو ۽ نه ئي وِڪاميو، واپس اچي انهيءَ هالا پراڻا جي زمين ۾ آرامي ٿيو. اها عقل جي گهٽتائي چئبي، جو اسان جي نوجوانن جي اڪثريت حفيظ قريشيءَ جهڙي شخصيت جي تقريرن کي کل ڀوڳ ۽ چرچي ۾ وڌيڪ وٺندي رهي آهي، انهن تقريرن جي گهرائين ۾ جاچجي، ته کين خبر پئجي ويندي، ته حفيظ قريشي ڪيڏو وڏو عالم، مدبر، سنڌ شناس، مذهبن جو ڄاڻو، تاريخ نويس ۽ لطيف شناس هو. چاچو حفيظ قريشي، ۱۹۴۰ع جي ڏهاڪي ۾ سائين جي ايم سيد سان سنڌ جي عشق جي قافلي ۾ جُڙيو، ته کيس مرندي گهڙيءَ تائين ڪو به، سيد ۽ سنڌ کان جُدا ڪري نه سگهيو، ايستائين جو ذوالفقار علي ڀٽو سان ويجهي سنگت ۽ اقتداري عهدن جي پيشڪش به کيس پنهنجي سنڌ دوستيءَ واري نظريي تان هٽائي نه سگهي. خانداني طور سُکيو ستابو، وڏي زمين ۽ جائيداد جو مالڪ حفيظ قريشي، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندستان ۾ تعليم حاصل ڪندو هو، هڪ واقعو بيان ڪندي هن ٻڌايو ته، مان ۽ نبي بخش (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ) وئڪيشن تي ڳوٺ پئي موٽياسين، ڦوهه جواني هئي، ريل گاڏيءَ جو انتظار هو، لاهور جي اسٽيشن تي بلوچ صاحب چيو ته، قريشي! لطيف ٻُڌاءِ. مون چيو ته، لطيف ڇا ٻڌايان، لطيف ۾ آهي ڇا؟ رڳو اديون ڙي ڀينر.. اوهان ڇا ڏٺو، جيڪي ڏٺو سو مون! غالب چئو، اقبال چئو ته ٻڌايان، باقي لطيف تون ٻڌاءِ، بلوچ صاحب چيو: مان نه ٻڌائيندس، لطيف تنهنجي ڳوٺ هالا جو آهي، ان لاءِ تون ٻڌاءِ. ڳوٺ پهتس، گهر واريءَ کان موڪل وٺي ڀِٽ شاهه پهتس جو شرمسار پئي محسوس ڪيم. ڊاڪٽر بلوچ ٽوڪ هنئي هئي ته، لطيف جي ڳوٺ جو آهيان ۽ لطيف نه ٿو اچي، ان ڪري ٿورو ڏسان ته ماجرا آهي ڇا؟! درگاهه تي راڳ پئي هليو، سمجهه ۾ نه آيو، ته چون ڇا پيا، هڪ همراهه ڏٺم، راڳ تي رُنو پئي، سوچيم اُنَ کان پڇان، ٻيا همراهه ته مون وانگر وائڙا ويٺا هئا. سو ان همراهه کي چيم: ڪر خبر! روئين ڇو پيو؟ انهن راڳين آخر چيو ڇا پئي، جو تون آخر روئين پيو. ان همراهه جواب ڏنو ته، ”ٻيلي ڳالهه سمجهه ۾ مونکي به نه ٿو اچي، بس، پنهنجي رمز ۾ روئان پيو ويٺو. بس پوءِ اهڙين اڻ ڄاڻائين بعد حفيظ قريشيءَ لطيف پڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن لطيف سمجهه ۾ اچي ويس، ته چاچو حفيظ چوندو هو ته، ”پوءِ ڇا جو غالب، ڇا جو اقبال، منهنجي زندگي ئي تبديل ٿي ويئي.“

28 July, 2013

مهيندر ديو لاکاڻي - جي ايم ڪنڀر

مهيندر ديو لاکاڻي
“رين بسيرا” ۽ ٿر جو مثالي خدمتگار
جي ايم ڪنڀر
هر ماڻهو جڳ ۾ پنهنجي ڪم ڪري سڃاتو وڃي ٿو اهي ڪم ڪاج کيس فرش کان عرش تي پهچائي ڇڏين ٿا عوام اهڙن انسانن کي ديوانن وانگي چاهي ۽ برسات جي ڦڙن وانگر چاهت جي ورکا ڪري ٿو سونهاري سنڌ اهڙن لاتعداد تاريخي ڪردارن سان ڀري پئي آهي، هنن ڪردارن جو جڏهن جتي به ذڪر هلندو ته اتي سنڌ جي تاريخي شهر عمرڪوٽ جي سرزمين تي جنم وٺندڙ امر ڪردار سماج سڌارڪ مهيندر ديو لاکاڻي جو ذڪر ايندو. هن جي هڪڙي سڃاڻپ سندس والد تمام وڏي سماجي شخصيت صدارتي ايوارڊ يافته سرڳواسي ڊاڪٽر هرچندراءِ لاکاڻي آهي. جنهن سندس تربيت ڪئي ته ”پنهنجي لاءِ هر ڪو جيئي ٿو، پر اوهان ٻين خاطر جيئو.“

ڍول فقير - ناصر قاضي

ڍول فقير
سنڌ جو سريلو ۽ نماڻو ڪلاڪار
ناصر قاضي
صوفياڻي گائيڪيءَ ۾ لاڙ پٽ جو هڪ اهڙو به آواز آهي، جنهن کي تاريخون ڪڏهن به ميساري نه ٿيون سگهن. انبن جي رس ۽ چڪن جي ميٺاج جهڙو ڍول فقير جو آواز پنهنجي انفراديت ۾ ائين ئي نرالو آهي، جيئن هي تر.

26 July, 2013

پروفيسر ڊاڪٽر محمد راجا الياس - اسحاق انصاري

پروفيسر ڊاڪٽر محمد راجا الياس
روشنيءَ جو هڪ مُنارو
اسحاق انصاري
چيڪوسلوواڪيا جو ذڪر هليو پئي، ۽ خاص طور تي هن وقت اسان پراگ جو ذڪر ڪري رهيا هياسين ته اسانجو محترم استاد سائين راجا محمدا الياس صاحب جي رٽائرمينٽ جي حوالي سان، مون سميت سندس شاگردن، دوستن ۽ چاهيندڙن هڪ پروگرم رٿيو، ان حوالي سان مون لکت ۾ هڪ ننڍي ڀيٽا پيش ڪئي جيڪا هڪ شاگرد جي استاد کي ڀيٽا آهي، ڇو جو والدين ۽ استادن جي احسانن کي ته ڪوئي لاهي ئي نه ٿو سگھي. بس هڪ ننڍي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.

مير علي شير قانع - طارق عزيز شيخ

مير علي شير قانع
سنڌ جو هاڪارو تاريخ نويس
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو تاريخدان، جنهن نهايت قيمتي مواد سان سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو اهو مير علي شير قانع هو. هو ۱۷۲۷ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر ٺٽي ۾ سيد عزت الله شيرازيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ڪلهوڙن جي دور ۾ وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي سندس قدر ڪيو ۽ هن کي جوهريءَ جيان ڳولي پنهنجي درٻار ۾ کڻي آيو. قانع صاحب نهايت خوش باش خاندان جو فرد هو ۽ پڙهڻ لکڻ جو ڪوڏيو هو، ٺٽو شهر جيڪو علم ۽ ادب جو مرڪز هوندو هو، ايجوڪيشن انڊسٽري جو درجو رکندڙ هو، قانع صاحب انهيءَ شهر جي وڏن مدرسن مان تعليم پرائي، فارسي ٻوليءَ جو مشهور شاعر آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ۽ آخوند محمد شفيع جهڙا عالم سندس استاد رهيا.

سيد بچل شاهه - ناصر قاضي

سيد بچل شاهه
خلق جو خدمتگار
ناصر قاضي
خلق جي خدمت هڪ اهڙو گڻ آهي، جنهن سان هڪ طرف ته رب پاڪ جي ذات بابرڪات جي خوشنودي حاصل ٿئي ٿي ته ٻئي طرف وري دنيا اندر اهڙو ڪردار پيدا ٿئي ٿو، جو دشمن به سڄڻ ٿي وڃن ٿا. هن پوري ڪائنات ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي نورِ مجسم هستيءَ جي سيرت طيبه جا خلق جي خدمت يا حقوق العباد متعلق اڻ ڳڻيا واقعا ملن ٿا، جيڪي يقيناً انسان ذات لاءِ هڪ سبق جي حيثيت رکن ٿا. ان سلسلي کي ويهي ويچاربو ته معلوم ٿيندو ته اوتارن، درويشن، بزرگن ۽ خلق جي خدمت واري جذبي سان پاڻ ارپيندڙ عظيم انسانن پڻ ساڳئي پت کي پاڙيو آهي.

استاد بڙي غلام علي خان- نصير مرزا

استاد بڙي غلام علي خان
جادو لائي ويا جيءَ ۾
نصير مرزا
متان ڪو اعتبار نه به ڪري، پر اٿَو بابا حقيقت ته شهنشاهه گائڪ، استاد بڙي غلام علي خان کي، لفظ حيدر سان ڪا اهڙي ته حب هوندي هئي، جو اڻهئي رهيو حيدرآباد سنڌ ۾ پيو هوندو هو ۽ پوءِ وفات وڃي ڪيائين ته اها وري! هند واري حيدرآباد دکن ۾. خير.... حُسن جي ديوي مڌو بالا ۽ جذبات جي بادشاهه دليپ ڪمار واري فلم مغل اعظم لاءِ، راڳ پوريا ۾ ٻه ٺمريون، ’پريم ڪي مار ڪٽار....‘ ۽ ’پريم جوگن بن ڪي...‘ ۽ ڪيئي ٻيا به راڳ پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرائيندڙ، هي استاد بڙي غلام علي خان ته خير ٿيو پنهنجي جاءِ تي.... هُو ڀٽائي صاحب جي وائيءَ... ’جادو لائي ويا جيءَ ۾‘ ... کي ’سنڌڙو‘ راڳ ۾ ڳائيندڙ راڳ جو بي مثل استاد عاشق علي خان به، حيدرآباد ۾ شيش محل هوٽل واري ايريا اندر، هي اجهو رهندو ئي روڊ وارين ماين... نوابي ۽ گوليءَ جي آستاني تي ۽ اڙي بابا ٻڌائيندا آهن ته استاد عاشق علي خان جي ڳلي ۾ هي ڪو ميٺاج ۽ رس ڀريل هوندو هو! ۽ اهو به اهڙو جو، ماکي مصري ان جي آڏو پري وڃي اڇل ابا!؟ چون ٿا ڳائڻ وقت اهڙيون ته ڇُوٽ تانون وٺي هڻندو هو، جو ڀانءِ ته هر طرف هيرن، جواهرن ۽ موتين جا وڏ ڦڙا مينهن پيو ٿو وسائي، ۽ اهو ئي عاشق علي خان، جي لاهور ۾ وڃي رهندو هو ته هيرا منڊيءَ ۾ پنهنجي شاگرد زاهده پروين وٽ، جيڪا اتي خواجه فريد جي ڪافين سان آسمان سرن تي کنيو ويٺي هوندي هئي. هوڏانهن ملتان ۾ وري خانصاحب توڪل حسين خان، حسين بخش ڊاڊي ۽ پاڪ گيٽ وٽ اقبال بانو... ۽ هي سڀ وري ڪلاسيڪل راڳن ۽ ڪافين سان اتي ڄڻ جهنگل ۾ منگل مچايو ويٺا هوندا هئا. جڏهن ته هيڏانهن پاڻ واري پاسي حيدرآباد سنڌ ۾ وري استاد الهه ڏنو خان نوناري، استاد خير محمد خان، استاد بيبو خان ۽ ٿورو پوءِ استاد منظور علي خان ۽ کانئن ڪيئي ورهيه اڳ ڀٽائي صاحب واري ڀٽ تي پهتل اٽل ۽ چنچل، ۽ انهن بابت وڏڙا ٻڌائيندا آهن، ته گواليار وارا اهي راڳي جنهن وقت ڀٽ تي پهتا هئا، گلان ماڇاڻي دنبوري جي تار تي اتي جهمر پئي هنئين. تڏهن هو به ساڻ ساڻ پنهنجا سر منڊل کولي پلٿيون ماري، واريءَ تي ويهي رهيا هئا.

24 July, 2013

موهن ڪلپنا - رکيل مورائي

موهن ڪلپنا
رکيل مورائي
موهن ڪلپنا ڇنڇر ڏينهن ٻاويهه نومبر، اڻويهه سئو ٽيهه عيسوي تي بولچند منگها رام لالا جي گهر ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ جنم ورتو، ان ڪري سندس روح به ڪوٽڙيءَ ڄاول سنڌي ٻوليءَ جي يگاني ڪهاڻيڪار علي بابا جيان ڪٿي ٽڪاءُ ڪري نه سگهيو. هن جو روح جيڪڏهن ڪنهن هنڌ ٿانيڪو ٿي ويٺو ته اها فقط تخليق جي ڇانَو هئي. جنهن سبب ئي شايد جڏهن موهن ڪلپنا کي پڙهبو آهي ته ان ۾ ڪردارن جي بيچيني ۽ رولاڪي ڏسي محسوس ڪبو آهي ته اها سموري تخليقي اڻت موهن ڪلپنا جي ورح جي آس پاس جي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو قبول ڪيو ويو آهي ته تخليق ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح تخليڪار موجود هوندو آهي، ان ڪري سنڌ جا پڙهندڙ ائين محسوس ڪندا رهندا آهن ته موهن جي لکڻيءَ ۾ جيڪا به ڪردارن جي چرپر آهي، ان جي پٺيان دراصل سندس ئي موجودگي آهي . ممڪن آهي ائين هجي يا نه پر اهو ضرور آهي ته جيڪڏهن موهن ڪوٽڙيءَ ۾ ئي وڏو ٿئي ها ۽ هتي ئي رهي ها ته هو ايڏو وڏو تخليڪار شايد نه بڻجي سگهي ها! ۽ نه سندس روح ۾ ايڏي وڏي بيچيني هجي ها. ان جي نسبت ۾ تفصيل ڏيڻ هن موضوع جي دائري کان ٻاهر آهي.

غلام محمد شاهواڻي - طارق عزيز شيخ

غلام محمد شاهواڻي
نثر نويس، نقاد، محقق ۽ ماهر تعليم
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو عالم، شاهه جو پارکو ۽ تعليمي ماهر غلام محمد شاهواڻي حيدرآباد جي قديم علائقي ڪورين جي پڙ ۾ شاهواڻيءَ گهٽي ۾ ۱۹۱۲ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حڪيم محمد ابراهيم شاهواڻي هو. حڪيم صاحب انگريزن جي دور ۾ حيدرآباد جي ميونسپل جو صدر رهيو ۽ شهر جي خدمت ڪيائين. هو حڪمت کان علاوه سماجي اڳواڻ، عالم ۽ سياسي ماڻهو هو. سندس وڏا اگهم ڪوٽ کان حيدرآباد لڏي اچي رهيا هئا. حيدرآباد جي جنهن پاڙي ۾ هن جو خاندان آباد اچي ٿيو ان کي شاهواڻي گهٽي طور سڃاتو وڃي ٿو.

اسلم چانڊيو - اُستاد نظاماڻي

اسلم چانڊيو
اهڙو دوست جيڪو پنهنجي زندگي مان جبري ريٽائر ٿي ويو!
اُستاد نظاماڻي
پهرين جولاءِ جي اخبار منهنجي سامهون آئي ۽ جڏهن مون اسلم چانڊيو جي اوچتي وڇوڙي جي خبر پڙهي ته ڪافي افسوس ٿيو، جڏهن به ڪو انسان کلندي هلندي شام جو اوهان سان ڪچهري ڪري موڪلائي ۽ ٻئي ڏينهن اوچتو اوهان کي اطلاع ملي ته اوهان جو دوست هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي تڏهن اهڙي موت تي واقعي حيرت به ٿئي ۽ ڏک به، سچ پڇو ته اسان پنهنجي هڪ دوست ۽ مهراڻ اخبار جي سينئر خدمتگار کان محروم ٿي وياسين. هُن جي خدمتن کي ڳڻڻ لاءِ اسان وٽ شايد ايترا لفظ نه هُجن پر هي ڪارڪن مهراڻ جي آب ۾ لوڻ جيئان ڳري ملي ويو.

23 July, 2013

محمد الياس ڪنڀار- قادر بخش طالباڻي

محمد الياس ڪنڀار
                                                           سنڌ جي مثالي استاد جو ڪردار
قادر بخش طالباڻي
سنڌ ڌرتيءَ ڪيترن ئي عالمن، اديبن، اُستادن ۽ سياستدانن کي جنم ڏنو، جن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ جيجل جي سرزمين تي رهندڙ پورهيتن ۽ مظلومن جي پيرن جي پڻي بڻجي، پنهنجي زندگي سندن خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي پر ان جو اجورو طلب ڪرڻ جي اميد نه رکي. اهڙن ماڻهن مان هڪ استاد الياس ڪُنڀار بابت سندس ڪيل پورهئي تي ٻه اکر لکڻ جي جسارت ڪريان ٿو.

21 July, 2013

آذر ناياب صديقي - نقش ”ناياب“ منگي

آذر ناياب صديقي
ساري تن جون صورتون لڙي لڙڪ پيا!
نقش ”ناياب“ منگي
آذر ناياب صديقي ۲- اپريل ۲۰۰۶ع تي انتقال ڪري ويو. اِنا لله واِنا اليہ راجعون. رب العالمين کيس جنت ۾ جايون جوڙي ڏئي. سندس رحلت سان روح رتپيو روئي ۽ جهڙ نيڻئون لهي ئي نه ٿو!
علم ۽ حلم جي کاڻ آذر ناياب منهنجو مڪتبي معلم به ٿيو ته سخن جي دنيا ۾ به رهبر رهيو. سندس علمي ۽ ادبي شخصيت جو اثر منهنجيءَ دل تي اهڙو گهرو ويهجي ويو جو سندس تخلص جي طرز تي مون به کڻي نقش ”ناياب“ تخلص اختيار ڪيو. تخلص جي ان نسبت سان ڪي ادبي دوست - جي اڳ ۾ اڻ ڏٺا هئا- سي مون کي يا ته سندس پٽ سمجهندا هئا يا هم سبق ۽ هم استاد. بهرحال بهتر ٿيو جو ساڻس اهڙي نسبت جڙي، جا دائم ۽ قائم رهي. استاد ته ٻيا به هئا، پر هن استاد جي ڳالهه ئي اور آ. سندس شخصيت ۾ جيترو علمي مايو هو، اوترو ئي شفيق هو. ڪشمور هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيءَ جي دوران سندس رويو قابل تعريف ڏٺم. علمي اعتماد سبب ڪنهن به بالا آفيسر جي اڳ پوءِ نه ڪيائين، گهرج موجب ۽ علمي توڙي تعليمي حيثيت سارو سندن عزت ۽ احترام ڪيائين. استادن جو حد درجي جو احترام ڪندو هو. سندس هرهڪ شيءِ جو وٽس هڪ معيار مقرر هو. جتي به جنهن شهر ۾ رهيو اُتي پنهنجي علميت ۽ شخصيت جو سڪو ڄمايائين. کيس مادري ٻولي اردو کان علاوه انگريزي ۽ فارسي ٻولين جي ڄاڻ به هئي. ۱۹۴۹ع ۾ جيئن ئي بدايون ڇڏي سنڌ ۾ اچي رهيو، تيئن سنڌي به سکيائين ۽ اردو توڙي فارسيءَ کان سواءِ سنڌيءَ ۾ به شعر چيائين. سندس سنڌي شاعريءَ جو هڪ انتخاب منهنجي محسن محترم غلام رسول ميمڻ ”مهراڻ پبليڪيشن“ شڪارپور طرفان آگسٽ ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”اهل زبان نه هجڻ جي باوجود سندس ڪلام ۾ پختگي، سادگي ۽ سلاست جو هجڻ هڪ ڪرشمي کان گهٽ نه آهي. آذر غزل جو شاعر آهي. سندس غزل تصنع ۽ تڪلف کان پاڪ آهي. هو جو ڪجهه لکي ٿو اهو سندس مشاهدي ۽ تجربي جي ترجماني آهي. سندس ڪلام ۾ حقيقت تي گهڻو زور ڏنل آهي. هو ٿورن لفظن ۾ معنيٰ جا دفتر بيان ٿو ڪري ۽ غم جانان ۽ غم روزگار سمائي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪري ٿو وڃي، اميد ته هو سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ به هڪ نمايان ڪردار پيش ڪندو.“

کيئلداس ”فاني“ - حسيب الرحمان منگي

کيئلداس ”فاني“
هند سنڌ جو مشهور شاعر ۽ شيخ اياز جو استاد
حسيب الرحمان منگي
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ناليوارن استادن، شاعرن، اديبن، ڪهاڻيڪارن، ڊراما نگارن ۽ سنگيت ڪارن جو جنم ٿيو آهي انهن ۾ ”کيئلداس فاني“ جو نالو به اهم آهي. کيئلداس ”فاني“ ولد وليرام بيگواڻي جو جنم ۴ اپريل ۱۹۱۴ع تي ”ميان جي ڳوٺ“ ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. اتان ئي سنڌي ادب جو معياري رسالو”سنڌو“ مسٽر” بولچند واسومل راجپال“ پنهنجي ادارت هيٺ ڪڍندو هو. ”فاني“ ابتدائي تعليم ورنيڪيولر اسڪول ميان جو ڳوٺ مان حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم هن شڪارپور جي مختلف علمي درسگاهن مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ايم اي انگريزي ادب ۾ پاس ڪيائين. کيئلداس ”فاني“ جو ۱۹۲۹ع ڌاري شعر وشاعري ڏانهن لاڙو ٿيو، سندس استاد مشهور شاعر اديب ۽ حاذق حڪيم آغا غلام نبي خان صوفي هو. علم و ادب جو گهوارو هجڻ سبب شڪارپور اندر ماضيءَ ۾ مشاعرا عام جام هوندا هئا. انهن مشاعرن ۾ ”فاني“ به شرڪت ڪندو هو. هڪ هنڌ کيئلداس ”فاني“ لکي ٿو ته شال مالڪ مرحوم جناب آغا صوفي درازي کي ابدي جاوداني بخشي جو خاص طور شڪارپورشهر ۽ آسپاس جي اُڀرندڙ شاعرن کي مصرع طرح شايع ڪري فقط فقط اُن جي اوٽ تي (قافيه رديف) مشاعره منعقد ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته منهنجو پهريون غزل لفظ کان بي خبر هوندي به هيئن جُڙي ويو هو.

گدائي - شاڪر کوسو

گدائي
ھيڻن جو ھمراھ
شاڪر کوسو
ويهين صديءَ جي شروعات ۽ سندس پهرين سال جي پهرين تاريخ تي ٺل تعلقي جي ناليواري زمينداربهادر خان کوسي جي ڪمدار بجار لاشاريءَ جي گهر ۾ پٽ جي ولادت ٿي،پٽ جي آمد تي خوشيءَ جا ڳيچ ڳايا ويا،سندس ڇٽيءَ تي اوڙي پاڙي ۽ بجار لاشاري جي ڪمداري هيٺ آيل هارين جي عورتن جي مبارڪباديءَ لاءِ اچ وڃ رهي هوندي،ان ڏينهن بجار پاران پتڪڙي پٽ جي ڇٽيءَ جو نالو ”بگن“ رکيو ويو جيڪو بعد ۾ بانبڙا پائڻ ۽ پهرين شرارت کان پوءِ ”بگن“ مان ڦري ”بگو-بگو“ سڏجڻ لڳو. خيال اهو ٿو ڪجي ته سندس والد پاران ڀوتارڪي راڄ هيٺ سندس ”درخشان مستقبل“ لاءِ دعائون گهريون ويون هونديون ۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچي گد گد ٿيو هوندو ته ”بگن“ وڏو ٿي سندس ”منصب“ سنڀاليندو پر هن کي ڪهڙي ڪل ته اڄ جو ”بگو“ سڀاڻي جي سنڌ جو ”عبدالڪريم گدائي“ بڻجي ڏيهه جي ڏاڍن ۽ بگڙيل ڀوتارن خلاف بغاوت جا الم بلند ڪري ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي“ بڻجي گونجار ڪندو!

عبدالڪريم گدائي - بشير ڪالاڻي

عبدالڪريم گدائي
عوامي ۽ قومي شاعر
بشير ڪالاڻي /ڄامشورو
سنڌ جي عوامي، ترقي پسند، قومي، انقلابي، رومانوي شاعر ۽ صحافي ميان عبدالڪريم گدائيءَ جي اڄ ۲۸ جنوريءَ تي ورسي آهي، هن پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد کوسا تعلقي ٺل ۾ بجار خان لاشاريءَ جي گهر ۾ اک کولي. عبدالڪريم گدائي پرائمري اسڪول ٺل مان پنج درجا پاس ڪرڻ بعد، ۱۹۱۱ع ڌاري جيڪب آباد ميونسپل جي ائنگولر ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي. ۱۹۱۸ع ۾ پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ کيس ڪلارڪي ملي، پر اتان ڪجهه سببن ڪري ٿوري وقت کانپوءِ استعيفيٰ ڏنائين، ان بعد پوليس کاتي ۾ ننڍو منشي مقرر ٿيو، پر ان کي به خير آباد چيائين. گدائي پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ۱۹۲۳ع ۾ ان وقت جي نوجوان شاعر ۽ بهادرپور اسڪول ۾ مقرر نائب ماستر ۽ تاريخي محقق لطف الله بدوي سان صحبت ۾ رهڻ دوران ڪئي. ۱۹۳۲ع ۾ سندس مشهور نظم آخر فنا، ليوڪس پارڪ، مولانا امروٽي، اهي ڏينهن، ان وقت جي هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيا هئا. گدائي صاحب ان عرصي دوران ڪانگريس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۴۲ع تي ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري به رهيو، ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي وڏيرن ۽ جاگيردارن جو ظلم ۽ ستم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽيءَ جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري، پوءِ جيڪب آباد جي نيشنل عوامي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ ان پارٽيءَ سان آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تائين وابسته رهيو، ان عرصي دوران گدائي صاحب اليڪشن جي حوالي سان ڪيترائي نظم تخليق ڪيا. جن ۾ ”وري آئي اليڪشن ۽ وري ڀوتارن نڪري پيا“، ”خبردار هاري جو ڀوتار آيا!“ سر فهرست آهن. تاريخي محقق، شاعر، اردو ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو نياز همايوني گدائي صاحب لاءِ لکي ٿو ته، ”عبدالڪريم گدائي پاڪستان کان پهرين ۽ پوءِ سنڌي ادب جي مختلف دورن ۾ مختلف مڪتب رکندڙ تنظيمن سان وابسته رهندي، هو عملي ۽ فڪري لحاظ کان هميشه عوام ۽ ڌرتيءَ ڏانهن جوابده رهيو.“ گدائي صاحب بيت، ڪافيون، گيت ۽ غزل به مهارت سان لکيا آهن، پر نظمن ۾ سندس اندر جي اُڇل تمام زوردار محسوس ٿئي ٿي، بيتن ۾ جتي هن بيحد دردمنديءَ سان ساڻيهه جي سورن جو وستار ڪيو آهي، اتي سندس مزاحمتي ڪردار به مثالي آهي:

محترمه بينظير ڀٽو - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

محترمه بينظير ڀٽو شهيد
هڪ عظيم سياستدان ۽ عوام دوست ليڊر
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي اڄ کان پنج سال اڳ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو. انهيءَ جي باوجود اڄ به هوءَ هر پاڪستانيءَ جي دل ۾ زندهه آهي، پر افسوس اهو آهي ته اڄ تائين سندس قاتلن کي سزا نه ملي سگهي آهي.
محترمه بينظير ڀٽو عالم اسلام جي هڪ عظيم ۽ نامور خاتون هئي، جنهن پنهنجي ذهانت، فهم و فراست، غريبن جي همدرد ۽ عوام سان والهانه محبت ڪرڻ جي ڪري، اڄ عوام جي مقبول ليڊر آهي. بينظير ڀٽو صاحبه ڏاڍي دانشمند هئي، هُو هڪ عالمي مدبر هئي ۽ دنيا جي چند مقبول ترين شخصيتن ۾ سندس شمار ٿيندو هو.

13 July, 2013

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو - پروفيسر عبدالله ملاح

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
سنڌي ٻولي ۽ ادب کي پاڻ ارپيندڙ شخصيت
پروفيسر عبدالله ملاح
سنڌ ۾ جيڏا وڏا جبل، رڻ ۽ دريا آهن، ماڻهو به ايڏا وڏا پيدا ٿيا آهن. جن ماڻهن جي ڳالهين ۽ عملن جي بهارن سنڌ جي زندگيءَ جي باغن کي سانڍيو، نپايو ۽ سلامت رکيو آهي. قومن جون تهذيبون، قومن جا وقار، قومن جون عزتون، قومن جون حياتون، تقدس رڳو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڦر لٽ کي جائز قرار ڏيندڙ سرڪارن ۽ درٻارن سان قائم نه رهندا  آهن، پر ڪي دليون هونديون آهن، ڪي دماغ هوندا آهن، ڪي ضمير هوندا آهن، ڪي تاريخ جي حسن جهڙا لڄائتا بي مثال انسان هوندا آهن، جن جي وجود جي لازوال منور تبسم سان قومن جي حياتي، تاريخي وقار ۽ سونهن سلامت هوندي آهي.

04 July, 2013

علڻ فقير - ڪمال ڄامڙو

علڻ فقير
عظيم لوڪ راڳي 
ڪمال ڄامڙو
علڻ فقير، پنهنجي آواز ۽ انداز سبب، نه رڳو پاڪستان ۾ پر ٻاهرينءَ دنيا ۾ به مقبول هو. هو ڪانچ قميص ۽ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي، هٿ ۾ يڪتارو يا گهنگهرن وارو ڏنڊو کڻي الو ميان ڪندو هو ته ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن جا من موهي ڇڏيندو هو. هو جڏهن نچڻ لڳندو هو ته پنڊال وارا به ساڻس گڏ نچندا هئا. هن کي اسٽيج تي ڳائڻ جي ڏاڍي مهارت حاصل هئي. هو Stage craft کان چڱيءَ ريت واقف هو.

03 July, 2013

حاجي محمد رحيم ڪُنڀر - اقبال ڪنڀر

حاجي محمد رحيم ڪُنڀر
بيباڪ صحافي ۽ جاکوڙي ڪردار جو اوچتو وڇوڙو
حاجي اقبال ڪنڀر/کپرو
ڳوٺ سالار ٿر ۾ ۱۹۳۹ع ۾ جمعي ڪُنڀر جي گهر ۾ اَک کوليندڙ حاجي محمد رحيم ڪُنڀر، صحافت کي پنهنجي زندگي اَرپي ڇڏي. سال ۱۹۶۰ع ۾ صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪندڙ حاجي محمد رحيم کپري سب ڊويزن جي ماروئڙن جا ڏُکڙا ۽ اقليتن سان ٿيندڙ بيواجبين کان ويندي، کپري جي ماضيءَ ۽ حال جو احوال اوريو ۽ ماڻهن جو هم آواز بڻجي سندن مسئلن کي بالا ايوانن تائين پهچايو.

01 July, 2013

محمد لائق - عزيز گوپانگ

محمد لائق
ايم اي انگريزي پاس
عزيز گوپانگ
سٺ واري ڏهاڪي جو اهو ئي سال هو، جڏهن نيلو جي پهرئين فلم، باڪس آفيس تي هيٺ ويئي هُئي. سندس مٿان فلمايل مشهور گانو ”آئي موسم رنگيلي سهاني، جيا نهين ماني، تو ڇُٽي لي ڪي آجا بالما“ ٻُڌي سرڪاري ملازم مؤڪلون وٺي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن لاءِ روانا ٿي رهيا هئا، سرڪاري دفتر خالي پئي ٿيا، سرڪار مؤڪلن تي پابندي وڌي! ۽ تڏهن محمد لائق لاهور ۾ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي گيسٽ هائوس جي ٻه ماڙ ڪمري جي دري کولي، نيلو جي نالي جو هِڪ زوردار نعرو هڻي ٽپو ڏنو!