حاجي
محمد رحيم ڪُنڀر
بيباڪ صحافي ۽ جاکوڙي ڪردار
جو اوچتو وڇوڙو
حاجي
اقبال ڪنڀر/کپرو
ڳوٺ سالار ٿر ۾ ۱۹۳۹ع ۾ جمعي ڪُنڀر جي گهر ۾ اَک کوليندڙ
حاجي محمد رحيم ڪُنڀر، صحافت کي پنهنجي زندگي اَرپي ڇڏي. سال ۱۹۶۰ع ۾ صحافتي زندگيءَ
جو آغاز ڪندڙ حاجي محمد رحيم کپري سب ڊويزن جي ماروئڙن جا ڏُکڙا ۽ اقليتن سان ٿيندڙ
بيواجبين کان ويندي، کپري جي ماضيءَ ۽ حال جو احوال اوريو ۽ ماڻهن جو هم آواز بڻجي
سندن مسئلن کي بالا ايوانن تائين پهچايو.