; سنڌي شخصيتون: November 2011

30 November, 2011

علي احمد بروهي - مصطفيٰ ملاح


علي احمد بروهي
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
دانشور ۽ ليکڪ علي احمد بروهي چاهيو ٿي ته اڃا هو ڪجهه سنڌي ماڻهن لاءِ تحقيقي ڪتاب لکي ۽ تقريرن ذريعي سنڌ جي اهميت متعلق ٻڌائي. انهن کي ڪوڙين، ڪڌين ريتن، رسمن، ڪارو ڪاري، عورتن مٿان ٿيندڙ ظلمن، سنڌي نوجوانن جي بيروزگاري مان جان آجي ڪرائڻ بابت ڪجهه ٻڌائجي، پر موت کيس وڌيڪ اجازت نه ڏني. موت بر حق آهي.
هن عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ درگاهه عبدالله شاهه غازي ڪراچي ۾ ٻن قبرن لاءِ؛ پنهنجي ۽ پنهنجي زال لاءِ، زمين پڻ خريد ڪري ورتي هئي. هر هفتي، خريد ڪيل قبر لاءِ زمين ۾ چانور ۽ ڪڻڪ پڻ رکي ايندو هو ته جيئن اتي ڪيڙا ماڪوڙا اچن، انهن کي کائين ۽ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن خريد ڪيل قبر ۾ پڻ لهي سمهي ڏسندو هو ته مرڻ کانپوءِ لاش آسانيءَ سان هن ۾ ايندو به يا نه.

29 November, 2011

شاهه اسد - مصطفيٰ ملاح


شاهه اسد
سنڌي فلمن جي شهزادي جي ياد ۾
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
سنڌي فلمن جي هدايتڪار، فلم ساز، شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار شاهه اسد جو اصل نالو اسد الله هو. هن 15 آگسٽ 1947ع تي ٽنڊي آدم جي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ اک کولي. مرحوم جو مامو موسيٰ ڪليم، شاعر هئو. سندس صحبت ۾ اچڻ کانپوءِ هن به شوبز جي دنيا ۾ قدم رکڻ شروع ڪيا.

26 November, 2011

عطا محمد حامي


پروفيسر استاد عطا محمد حامي ۔۔
شاعر، اديب، تعليمدان ۽ محقق
استاد عطا محمد حامي جو شمار سنڌ جي استاد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هو نه رڳو شاعري ۾ استاد تسليم ڪيو ويندو آهي پر درسي تعليم ۾ پڻ پاڻ بحيثيت استاد، ليڪچرر ۽ پروفيسر جي عهدي تي پهتا.
سندس پيدائش جنوري ۱۹۱۹ع ۾ خيرپور رياست جي ننڍڙي ڳوٺ سوهو ڪناسرا ۾ ٿي. تعليم ناز هاء اسڪول خيرپور مان حاصل ڪيائون ۽ پوء استاد جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائون. پاڻ پهريان عطا پوء حامي ۽ آخر ۾ ڊي فل ڪري ڊاڪٽر بڻيا. ۱۹۵۵ع ۾ خيرپور رياست جو وجود ختم ٿيڻ وقت انهي آخري اسيمبلي جا ايم ايل اي رهندڙ حامي صاحب سائيڪل تي اليڪشن مهم هلائي وڏي اڪثريت سان سيٽ کٽي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ بڻيا. 

تنوير عباسي - يوسف سنڌي



تنوير عباسي
ٻريا ٻه پل وسامڻ کان اڳ ۾
يوسف سنڌي


”پنهنجي ٿوري عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به منهنجي احساس کي اُٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم، ان کي ڪوشش ڪري، اهڙيءَ ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾ به اهڙا ئي احساس اُٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا، جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.”
اهي لفظ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي پهرينءَ شعري مجموعي “رڳون ٿيون رباب” جي مهاڳ ۾ لکيا آهن، جيڪڏهن تنوير عباسيءَ جي زندگيءَ کي انهن لفظن تي پرکبو ته انهن تي پوري لهندي نظر ايندي.

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر - ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر


ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر
 شخصيت ۽ ادبي خدمتون
ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر

جيءُ جَنين جو اُجرو، تَنين سُورَ سِينگاريو،
گواهه ٿيندي آ تاريخ، اَدبُ جَن سُنواريو،
علم رُوح راحتَ آ، دِل سان جن پرايو،
اوجَاڳن اُجاريو، سوڍرَ شاهنوازَ کي. (عزيز سوڍرُ)
سنڌ ڌرتي ڪيئي عالم، اديبَ، مُحقق، بزرگ، سَٻاجها درويش، اولياءَ، سُگهڙَ، شاعَر، ماڻڪ مڻيادارَ اِنسانَ پئي اَرپيا آهن، جَن پنهنجي ڏاهپ سان سِنڌ جي سِينڌ پئي سُرهي ڪئي آهي. تَن دانشور ۽ دانشمند انسانن مان پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرُ به هڪ هو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ سنڌ جي ثقافت تي قلم کڻي سِنڌ جي نالي وارن دانشورن ۾ نالو ڳڻايو آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرُ 1940ع ۾ ڳوٺ ٿاڻي سوڍرُ، تعلقي وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سِنڌ جي هِڪَ غريب، هاري، مٽيءَ ماءُ مان ماڻڪ ڪڍڻ واري باشعور اِنسانَ دُر محمد خان سوڍرَ جي آڳر تي اک کولي، ٻالڪپڻ کان ڏاڍو ارڏو ۽ صاف گو اِنسانُ هو.

مرتضيٰ ڏاڏاهي - منظور ڪالرو


مرتضيٰ ڏاڏاهي
ڪافي جي صنف جو ملوڪ شاعر
منظور ڪالرو
سنڌ جي ناميارن شاعرن وطن جي حُب، ڌرتيءَ سان پيار، وفاداري، امن، جدوجهد، ننگن توڙي دنگن جي حفاظت، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ سجاڳي ڏيارڻ ۾ يادگار ۽ مثالي خدمتون سرانجام ڏئي سنڌ امڙ سان پنهنجو نينهن جو ناتو خوب نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌ جيجل جو ڀرم رکي سگهجي ۽ ائين ماءُ جي ٻولي ۽ لولي جا گيت صدا گونجبا رهن.

25 November, 2011

آخوند هدايت الله ”مشتاق“ هالائي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


آخوند هدايت الله ”مشتاق“ هالائي [1869ع- 1935ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي زبان ۾ انشا پرداريءَ جو ناميارو ليکڪ، آخوند هدايت الله ”مشتاق“ ولد عبدالله ميمڻ جو نالو سنڌي ادب ۾ وسارڻ سراسر بي انصافي ٿيندي. آخوند صاحب 1286 هه مطابق 1869ع ۾ تعلقي هالا جي هڪ واهڻ ۾ ڄائو هو. سندس وڏا ڪپڙي اڻڻ ۽ ٽوپين ٺاهڻ سان گڏوگڏ ديني درس به ڏيندا هئا.

آغا عبدالنبي ”عليگ“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


آغا عبدالنبي ”عليگ“ [1903ع – 1976]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شڪارپور جي مردم خيز سر زمين تي پٺاڻ قبيلي ۾، آغا عبدالنبي ”عليگ“ ولد آغا گل حسن خان دراني، اڱاري ڏينهن 15 صفر المظفر 1321 هه مطابق 3 جولاءِ 1903ع تي تولد ٿيو. شروعاتي تعليم شڪارپور مان ورتائين. سندس والد خيرپور رياست ۾ نائب وزير جي عهدي تي فائز هو؛ جنهن ڪري هن نينگر مئٽرڪ تائين تعليم خيرپور ۾ ۽ ايم- اي- او ڪاليج مان انٽر تائين تعليم وٺي 1924ع ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول ۾ ماستر مقرر ٿيو. فارسي تعليم کيس جهجهي مليل هئي؛ جنهن ڪري پوري اسڪول ۾ ”پرشن“ (Persian) پاڙهيندو هو.

آخوند عزيز الله ميمڻ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


آخوند عزيز الله ميمڻ [1746ع – 1824ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مٽياري آخوندن جي ڦريءَ مان، آخوند عزيز الله ولد آخوند نورالله ميمڻ به هڪ ناميارو عالم ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 22 شوال 1160هه مطابق 14 جون 1746ع تي ٿي. سندس جد- امجد اصل ٺٽي جا رهاڪو هئا، جتان ڪجهه درس و تدريس جي سلسلي ۾ لڏي، مٽيارين ۾ اچي رهيا.

آخوند لطف الله هالائي- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


آخوند لطف الله هالائي [1842ع – 1911ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
آخوند لطف الله ”لطف“ ولد آخوند محمد اسحاق صديقي قريشي، ضلعي حيدرآباد جي تعلقي هالا ۾، 1258 هه مطابق 1842ع ۾ ڄائو. سندس وڏا محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ اصل مسقط (عربستان) کان سنڌ ۾ آيا هئا. سندن پيشو عربي زبان جي تعليم ڏيڻ هو، جيڪي پوءِ پاڻ کي ”سانوڻي آخوند“ سڏائڻ لڳا.
آخوند لطف الله ابتدائي تعليم جا مرحلا طيءِ ڪري، عربي ۽ فارسيءَ جو به درس ورتو. اهڙيءَ طرح هندي ۽ سنسڪرت ٻولين تي به خاص دسترس حاصل هيس. فارغ التحصيل ٿي، پهريائين آخوند محمد صديق جي مڪتب ۾ پاڙهڻ لڳو، جتان لوڪبورڊ ۾ ماستر مقرر ٿيو. ملازمت جي سلسلي ۾ نصرپور، تاجپور، چنيجن ۽ خيرپور ميرس ۾ به رهيو. آخر ۾ ٽنڊي ولي محمد اسڪول (موجوده قاضي عبدالقيوم هاءِ اسڪول) مان هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽاير ڪيائين. آخوند صاحب کي طب سان به ڪافي دلچسپي هئي.
پاڻ هڪ بهترين نظم گو، نثر نويس ۽ ذوق سليم جو مالڪ هو. ”جانعالم ۽ انجمن آرا“ عرف گل خندان (1952ع) سندس لازوال تصنيف آهي، جيڪو هندي ڪتاب ”افسانهء عجائب“ تان ترجمو ڪيو اٿس. شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”لطف“ تخلص سان مداحون. مناجاتيون ۽ مولود به چيائين. پاڻ مٽياري بزرگ، جيد عالم ۽ مدرسه آخوند عزيز الله ميمڻ جو سڳو سوٽ هو – 1329 هه مطابق 1911ع ۾ وفات ڪيائين.

آخوند محمد قاسم هالائي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


آخوند محمد قاسم هالائي [1818ع- 1891ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
آخوند محمد قاسم ”قاسم“ ولد آخوند نعمت الله ميمڻ، ضلعي حيدرآباد جي هالا تعلقي جو وڏو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت پراڻن هالن ۾ 12 صفرالمظفر 1234 هه = 23 سيپٽرمبر 1818ع  تي ٿي. پهريائين. تپيدار ٿيو، پر پوءِ سرڪاري ملازمت ترڪ ڪيائين. سندس شمار سنڌي زبان جي اوائلي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ علم عروض جو باڪمال شاعر هجڻ سان گڏوگڏ عالم به هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبان تي مهارت حاصل هيس. درس و تدريس ورثي ۾ مليل هيس؛ انهيءَ ڪري ”آخوند“ سڏجڻ لڳو. اڳتي هلي انهيءَ لقب ”ذات“ جي جاءِ ورتي.

آسورام ”آسو“ دادلاڻي- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مشهور ويدانتي شاعر، ديوان آسو رام ”آسو“ پٽ ساجن سنگ دادلاڻي، تعلقي هالا، ضلعي حيدرآباد جي ڳوٺ ڪوٽڙي مغل ۾ 3 آگسٽ 1824ع تي جنم ورتو. سندس پتا ڀلاوڻي جي دوڪان تي منشي هو؛ جنهن پنهنجي پٽ (آسوءَ) کي ڌرمي سکيا سان گڏ ويدانيت جون واٽون به ٻڌايون. تصوف ۽ طب جي سلسلي ۾ سيد فقير علي شاه کي پنهنجو اڳواڻ تسيلم ڪيائين.


سيد مصري شاه نصرپوري رح (1828ع – 1906ع) جهڙن سڄاڻ صحبتن جي ڪچهرين مان شاعريءَ کي تقويت ڏنائين. طبيعت اهڙي ته ماٺيڻي هيس، جو هر ڳالهه کي ٻڌندو ئي رهندو هو؛ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مناسب موقعي مطابق مختصر جواب ڏيندو هو. هندو خواه مسلمانن سان شادين ۽ غميءَ جي موقعن تي سڏيءَ سڏ ڀريندو هو. ديوان آسورام، ٿوري تي خوش ۽ سدائين باغ بهار نظر ايندو هو. هر وقت کيس اهوئي خفت لڳل هو، ته ڪو سهڻو ۽ سانڍڻ جهڙو پستڪ هٿ اچي، ته يڪدم خريد ڪندو هو. قديم ۾ قديم دستخط قرآن شريف، بائيبل، شريمد ڀاڳوت گيتا ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب وٽس موجود هوندا هئا.
شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”آسو“ تخلص سان غزل، ڪافيون، ڀڄن، ڪنڍليون ۽ سلوڪ چيا اٿس. خاص ڪري غزلن جي سلسلي ۾ سندس مڪمل ”ديوان“ به آهي، جيڪو ”ديوان آسو“ جي نالي سان 1897ع ۾ ڇپيو هو. اهڙ:ءَ طرح ”رساله آسو“ ۽ ”پريم غنچه“ به ڀائي آسوءَ جي ڪلام جا مجموعا آهن.