آئون تو ساڻ، تون ڪٿي جانان!
بخش مهراڻوي
ڪارن گلابن مثل ٽڙي پوندڙ هي ڪٿا ڪٿان شروع ڪريان! زندگيءَ جون لڳاتار
ٻٽيهه بهارون ۽ خزائون مون مڇيءَ ۽ پاڻي جهڙي رشتي سمان ساڻس گڏ گذاريون. منهنجو ساڻس
پهريون مکا ميلو سندس غزل جي انهن سٽن پڙهڻ کانپوءِ ٿيو، ياد نه اٿم ته ڪٿي ۽ ڪڏهن..
پر درد جي هڪجهڙائي مونکي ڇڪي وڃي هن جي ويجهو ڪيو.
خواب شهرت نه ماڻي سگهيا،
تو کي مون وٽ نه آڻي سگهيا،
ڇو رُنس مان رڙيس چوڪ تي،
شهر وارا نه ڄاڻي سگهيا.
۽ پوءِ اڻ ڳڻيون راتيون ۽ ڏينهن ڪئين رولاڪيون، سفر، جهيڙا، محبتون،
رساما ۽ پرچاءَ، هڪ اهڙو تعلق، هڪ اهڙو پيار، جو.. ”پڙاڏو سو ئي سڏ، ور وائيءَ
جو جي لهين، هئا اڳيئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.“ منهنجيون اکيون گواهه آهن ته سنڌ ۾ ڪنهن
شاعر کي دوستن ايترو بيپناهه پيار ۽ لاڏ ڪوڏ،
ڏنو ته اهو صرف حسن هو، حسن جا انگل
آرا، حسن جون حجتون، حسن جي هوڏي طبيعت جون ارڏايون، حسن لاءِ محبتون ۽ مهمانيون، جنهن فراخدليءَ سان هنڌين ماڳين قبوليون
وينديون هيون، جو لڳندو هو ته هو مڙني سڄڻن جي دلين جي سلطنت جو بي تاج بادشاهه هجي.
هن جي حياتي جي ڪتاب ۾ هار کائڻ يا آڻ مڃڻ جهڙا لفظ ته شجِر ممنوع هئا.
جڏهن جهمپير ۾ منهنجي جواني موٽ کائيندي
کلي چوندين کجيءَ کي تون، تکو تلوار وانگي هو
قدرت کيس قد ڪاٺ سان گڏ سهڻي شبيهه به ڏني ۽ مٿان وري اهڙي مٺي گفتار،
جو ساڻس ڪجهه گهڙيون جنهن به گذاريون، اهو
سندس اسير ٿي اٿيو.
مڇيءَ جي اک مان ويٺي، ڏٺو مون هر ڏهاڙي کي،
لڙاٽيل وقت ۾ لمحو، لڳل ڪنهن ڄار وانگي هو،
وڻن تي ڪانگ هئا ويٺل، ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون،
پراڻو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو.
حسن جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهي، اهو توڙ تائين اوس پورو ڪري. مون ته سندس هٿان
اڻ ٿيڻيون به ٿيندي ڏٺيون. ميوزڪ اڪيڊميءَ جي قيام لاءِ موسيقار شاهد ڀٽو ۽ ٻين دوستن
سان گڏ بينيفٽ شو، اڻ هوند ۾ به دوستن کان سهڪار وٺي شيخ اياز جي جنم ڏينهن جي شاندار
تقريب منعقد ڪرائڻ، دوستن جي ساٿ سان ڪلاڪاره امبر مهڪ سان شام، هڪ نجي سنڌي چينل جو
بنياد وجهڻ، انڊس فائونڊيشن جو قيام، هڪ اخبار جو اجراءَ، سنڌي ادبي فورم جو قيام،
سنڌ رائيٽرس فورم جي پليٽ فارم تان لِساني جهيڙن دوران سنڌين جي قتل عام خلاف احتجاج،
ملينيم مشاعرو، يادگار ۽ شاهڪار وڊيو ڊاڪيومينٽريز ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه، زبردست خود
اعتمادي ۽ ڪم جي معاملي ۾ اڻ ورچ، اڻ موٽ. پوءِ نه رات ڏسي نه ڏينهن، ”واڪيندا ويا
صادق ٻڌي سنڌرو“.
سندس سحر انگيز شخصيت اهڙي، جو جتي به ويو، اتي پنهنجي يادگيرين جا انبار
ڇڏي آيو. لاڙ جي بدين ۽ جهمپير سان ته عشق هوندو هوس. ڊاڪٽر سڄڻ، ڊاڪٽر عزيز چنا، سردار
ڪمال خان چانگ، آڪاش انصاري، نقاش علواڻي، ڊاڪٽر بچل سارنگ، امير منڌرو، عاشق انصاري
(مرحوم) اڪثر ڪچهرين ۾ گڏ هوندا هئا. جهمپير جي محبتي ماڻهو رسول بخش درس سان ايڏي
عقيدت ۽ محبت، جو رسول بخش حيدرآباد اچي ته مٿس اور گهور پيو ٿيندو هو. ميرپورخاص
۾ ماما ظفر لغاري، فقير غلام حسين لغاري ۽ ٻي سنگت سان انگوري راتين جون رهاڻيون، حسن
جي حياتيءَ جا انيڪ رنگ هئا، ڪڏهن ڏس ته ڪڪڙن جي ميلن جا خفتي ويٺا آهن، انهن سان پيو
ڪچهريون ڪري، ڪڏهن چاچا مرحوم شاهنواز جوڻيجي وٽ گهوڙن جي خفت جون ڳالهيون، ڪڏهن ٺٽي
۽ بدين ۾ مهاڻن جي وستين ۾ مهينن جا مهينا ٽڪيو پيو آهي، ڪڏهن عمرڪوٽ ۾ ڪاڪي ڀلي ڏني
وٽ ٽهڪڙا ۽ ٽوٽڪا، ڪڏهن ڪاڇي واهي پانڌيءَ جا پنڌ، ڪڏهن ڪکائين جهوپڙي ۾ بسنت فقير
سان راڳ ويراڳ، ڪڏهن رحمان بابا وٽ قلندري ڌمالون، ڪڏهن ڪراچي ۽ اسلام آباد جي فائيو
اسٽاف هوٽلن ۾ سيمينار ته ڪڏهن رياض رفيع جي مصوريءَ جون پيا نمائشون ڏسون. سندس سفر
۽ رولاڪين جو ڪاٿو ڪير لڳائي!
آئون ڪڏهن ڪڏهن ٻارن وانگي ضد ڪندو هوس ته مونکي پنهنجي شاعريءَ جا اُهي
گس، پيچرا ۽ پنڌ ڏيکار، جتان تو اهي غضبناڪ تشبيهون ۽ خيال جوڙيا آهن. پوءِ ڪڏهن مشائخ
هوٿيءَ جي ست سئو سال پراڻي قبرستان ۾ اوليائن جي زيارت کان پوءِ قبرستان ۾ گهمندي
ڊيلن، مورن ۽ ڀرندڙ قبرن ڏانهن اشارو ڪري چوندو هو ته، منهنجي نظم جون اهي سٽون ياد
اٿئي.
پراڻي پٽ تي پوندڙ ڀتيون ڀرندي به ڀڻڪن ٿيون،
ٻڌيون جيڪي اٿم ڳالهيون،
انهن جو ڳچ سامهون آ.
مُڙي ۽ مور جو ڪوئي ڊڪي ٿو ڊيل جي پويان،
حياتيءَ جي حقيقت ۽ صدين جو سچ سامهون آ.
آخري ڏينهن ۾ هو جڏهن صفا فقيري رنگ ۾ رچندو ٿي ويو ته مونکي الائي ڇو
لڳندو هو ته حسن هاڻ مادي دنيا جي موهه مان نڪري اهڙي ماڳ هليو ويندو، جتي سندس نوان
يار هوندا، فقيري رنگ جون ڪچهريون هونديون، نه دنيا جا جهنجهٽ، نه مادي منافقتون، نه
حرص نه هوس، نه لالچ نه لوڀ، نه مذهبي مت ڀيد، نه فرقن جا فساد، هر پاسي جانب جو جمال
۽ رڳو ’تون ئي تون‘ جون تنوارون هونديون.
حسن جي حياتيءَ جا پڇاڙڪا سال نهايت روحاني رمزن ۾ گذريا. اسان گڏجي حضرت
لعل شهباز قلندر رحه جي حاضريءَ تي ويندا هئاسين. جيڪب آباد جي فقيراڻي گهراڻي جي دوست
ميان شُهاب سان ڪچهري ڪندي هڪ دفعي حسن جي اهڙي ڪيفيت ٿي وئي، جو جلال ۾ اچي ڌمال هڻڻ
لڳو ۽ پوءِ منهنجو هٿ پڪڙي اچي سيوهڻ جي گهٽين ۾ ڊوڙايائين، جو ڪٿي رهيون جتيون، ڪٿي
رهيا پير. آئون ته ٿڙندو ٿاٻڙندو پئي ڪڍ آيس،
پر همراهه ڪو بيهي ڇا. نيٺ ڊوڙندي وڃي جهاز چوڪ پهتاسين، سندس اکيون لال لڳيون پيون
هجن، مونکي اچي خوف ورايو.. پر پوءِ سامت ٿيندي مونکي ڀاڪَر پائي ٿڌا ساهه ڀريائين
۽ اسان اچي لعل سائينءَ جي اڱڻ تي رات گذاري. سندس اها ڪيفيت ڳوٺ مشائخ هوٿي ۾ بزرگ
اوليائن جي اڱڻ ۾ به مون ڏٺي، سندس آخري ڏهاڙن واري شاعريءَ ۾ عارفاڻو رنگ اچي ويو
هو. اڪثر ساڻس گڏ ڪڏهن صوفي شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي، ڪڏهن حضرت شاهه عبدالڪريم
بلڙيءَ واري بادشاهه وٽ ته ڪڏهن شاهه پنجو، ڪڏهن ڄامشورو ڦاٽڪ وٽ بابا رمز علي وٽ رهاڻيون.
ان عرصي ۾ مون کيس ڪلاڪن جا ڪلاڪ اوجاڳا ڪندي ۽ شاعري ڪندي ڏٺو. شاعريءَ جو سوز مٿس
ائين حاوي ٿي پوندو هو، جو آس پاس جي ڪا خبر ئي نه رهندي هئس. غنودگيءَ واري حالت
۾ پيو ڪاپيءَ تي اکر اوتيندو هو.
پٻن تي اُڀو ٿي ڏسان يار توکي
مٿي مٿڀرو ٿي ڏسان يار توکي،
ڪجل ڪارڙو ٿي ڏسان يار توکي،
سجل سانورو ٿي ڏسان يار توکي.
اُها گهڙي آئون ڪيئن وساريان، جڏهن حسن وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ فون ڪري چيو،”
يار بخشڻ گهوٽڪي ڇو ٿو وڃين، اچ ته اڄ شام ڪچهري ڪريون،“ مونکي ڪهڙي خبر ته هو وڃي
ٿو پيو...؟! مون ته ساڻس واعدو ڪيو هو ته موٽي اچي ڪچهري ڪنداسين. پر آئون اڀاڳو جي
موٽيس ته مشائخ هوٿي جي قبرستان ۾ کيس مدفون ڏٺم.
تنهنجي ساروڻين جو سفينو
ڪٿي به نه رڪيو آهي
امير منڌرو
اڄ تنهنجي جنم جو ڏينهن آهي، تون مشائخ جي مٽيءَ ۾ حجري ڀرسان مِٺي
ننڊ سُتل هوندين ۽ تنهنجي چاهيندڙن جي رُوح ۾ تنهنجي سالگرهه جو ڏينهن، نمڪين لڙڪن
جي بوند ۾ يادگيرين جا باب کوليندو رهندو. ڌرتي جي رومانس کي ريشمي احساسن جا لفظي
روپ ارپيندڙ حسن درس، تنهنجيءَ شاعريءَ جي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڇپيل تنهنجو نظم
سندءِ سموري جيون ڪٿا جو پورو نقشو ٿو چٽي. ”آئون فجر ويل ايندس“ واري تنهن نظم جو
عنوان به تو پاڻ ارپيو هو. ”هاءِ هاءِ حَسن هي تنهنجيون ڪيڏيون ڪرامتون...“ شاعرن
جي تخيل ۾ ڪرامتن جا ڪي اهڙا اَڻ کٽ خزانا مخفي هوندا آهن، جن کي سطحي سوچ رکندڙ
ليڪچر بازي جي کوهه جا ڏاها ڏيڏر ڏسي نه سگهندا آهن.
حسن، جڏهن کان پونم پمپ هيٺان، تو چانڊوڪيءَ جو نئون سفر شروع ڪيو
آهي، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هڪڙي به پل جي لاءِ تنهنجي ساروڻين جو سفينو ڪٿي
به نه رڪيو آهي. توساڻ محبت ڪندڙن بي انتها خلوص ۽ پيار منجهان هر جهر جهنگ واهڻ ۽
وستيءَ ۾ توکي خوب ياد ڪيو آهي. روهيءَ کان وٺي راڄ ملڪ تائين ڀلا ڪا اهڙي رهاڻ،
جنهن ۾ توکي ياد نه ڪيو ويو هجي؟ ڪا به نه! مسعود لوهار کان وٺي وچن سنڌيءَ تائين
هر من ۾ تو پنهنجي اهڙي ته ميخ هنئي آهي، جو تو کي وسارڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه آهي.
حسن سائين! هي دل جي دنيا به ڏاڍي عجيب آهي. جڳ جهان ۾ تنهنجو تعارف
هڪ خوبصورت شاعر طور ٿئي ٿو. نوجوان پنهنجي پيار جي تحفن ۾ سندءِ خوبصورت نظمن جا
گل نڇاور ڪن ٿا. تنهنجي شاعري پڙهندي آبشارن تان ڇڻندڙ پاڻي جي ردم جهڙو نرمل احساس
روح کي تازگي ڏي ٿو. جڏهن ڪنهن لڙي رات ويلي فضائن ۾ ڪو راڳي ”ساري سنڌ پرينءَ جو
پاڇو“ ڳائي ٿو ته دل ۾ سانڍڻ جهڙو ديس اکين جي اڳيان ڦري اچي ٿو. روهڙيءَ روح
لتاڙي اچڻ کان وٺي سجاول جو بازارون ۽ منڇر جو مهڪي پوڻ سامهون ڦري ٿو اچي. پر هي
تنهنجا مشتاق دوست ۽ چاهيندڙ توسان رڳو تنهنجيءَ خوبصورت ڏات جي ڪري پيار نه ٿا
ڪن. تون ته انهن جو هڪ اهڙو پرين هئين، جنهن کي انهن سوچي سمجهي پنهنجي من اڱڻ ۾
پوکيو هو. دوستي نه ڪو دُڪان جو وکر آهي ۽ نه ئي ڪو هي ڪنڀار جي هٽ تي پيل ڪو گهڙو
آهي، جنهن کي مُلهه چُڪائي، ٺڪائي ٺڪائي کڻجي. هي ته سُهڻيءَ جو اهو ڀروسو آهي،
جيڪو آڌيءَ اڌ رات جو ڪڇ ۾ کڻي الهه توهار ڪرڻو آهي. يا ته هي ڪو وڻ آهي، جيڪو
پنهنجي گهر ۾ پوکجي.
تون پنهنجي عمل ۾ هڪ اهڙو گهاٽو ۽ ڇانءَ ڏيندڙ وڻ آهين، جنهن کي رڳو
عطا دل پنهنجي اڱڻ ۾ نه پوکيو هو پر سنڌ جي هر ڳوٺ، شهر ۽ ٻيٽ ۾ اهڙا انيڪ ڪردار
ملن ٿا، جن وٽ انهيءَ دوستيءَ جي مضبوط رشتي جي مالڪيءَ جي دعويٰ آهي. ساڄي ڌر،
کاٻي ڌر، پياڪ، رولاڪ، راڳي.... سڀني وٽ پنهنجو پنهنجو حسن درس آهي ۽ سلام آهي
تنهنجي انهيءَ عظمت کي ته تو انهن سڀني سان پنهنجو سڱ نڀايو. ”سونهڻ جيان سپرين،
ڪڏهن مٺو ساءُ نه مٽيو“ واري سِٽ شايد ته لطيف اهڙن ڪردارن جي حوالي سان چئي آهي،
جيڪي جڳ جهان ۾ رڳو پيار، محبت ۽ خلوص ڏيڻ ئي سکيا آهن.
هوائن تي هليس آئون، نظر ڪجهه ڪونه ٿي آيو
سڄڻ رستو سڄو تنهنجو سنهي ڪنهن تار وانگي هو
حسن! اها تنهنجي تعلق جي تند به ڏاڍي سنهي هئي، جنهن جي باريڪيءَ جو
احساس هاڻي شدت سان ٿئي ٿو. تنهنجي وئي پڄاڻان، تنهنجي نالي ۽ حوالي سان گهڻا
پروگرام ٿيا، ڪو ڏينهن خالي نه هو جو سنڌ ۾ ڪٿي تنهنجو ڪو ذڪر نه هليو هجي، هر هنڌ
تنهنجيءَ شاعريءَ جي گونج هئي. محبوب مُرسل صه جون مداحون متوالا ڳائيندا رهيا.
عشق جي ڏوهه ۾ ٿيندڙ سنگ باري اعزاز سمجهي سر تي وسائيندا رهيا ۽ وڏن پاڇن وارا
ننڍا ماڻهو تنهنجي نالي جي شهرت ڏسي توکي متضاد بنائڻ خاطر ڪوششون ڪندا رهيا پر
جيڪا عزت تنهنجي حصي ۾ لکي ويئي هئي، اُها توکي ملندي رهي ٿي. اڄ تنهنجي شاعريءَ
جو ڪتاب ”حسن درس جو رسالو“ جڏهن هر ماڻهو وٽ تنهنجي يادگيريءَ جا ترنم ڇيڙي ٿو،
تڏهن توتي ڏاڍو پيار ٿو اچي ۽ تنهنجي گڏ گڏ هئڻ جو احساس جاڳي پوي ٿو. حسن! هن وقت
به ائين ٿو لڳي ته تون ڪاري شال ڪنڌ ۾ اوڍي سامهون بيٺل آهين ۽ اسان سڀ تنهنجا
دوست سندءِ سالگرهه جون ميڻ بتيون اجهائي ڪيڪ ڪٽي، ”هيپي برٿ ڊي ٽو يُو“ جي ردم تي
تنهنجي ٽهڪن جي سرگم ساڻ، توکان ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ ٻڌڻ جي فرمائش پيا
ڪريون.
ڄڻ هن سارو ديس سبيو هو.....
زاهده تاج ابڙو
پونم
پيٽرول پمپ تان ڪار ۾ پيٽرول ڀرائيندي مون پيٽرول ڀريندڙ ڇوڪر کان پڇيو ته!
ڪالهه
هتي هڪ ڪار سان حادثو پيش آيو هو، اها ڪهڙي جاءِ هئي؟
”ها
هُن ڪُنڊ ۾ هُن ڪار جو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو. ادي توهان کي خبر نه هجي پر يقين ڪريو
ڪالهه کان وٺي الائي جي ڪيترن ماڻهن ان ڪار بابت اسان کان پڇيو آهي. پهريائين ته
اسان کي حيرانگي پئي ٿئي ته آخر اهو ڪير ماڻهو هو، جنهن بابت ايترو پڇيو ٿو وڃي.
حالانڪ ان کان پهريان به هتي ڪافي ايڪسيڊنٽ ٿي چڪا آهن، پر جيترو هن بابت پڇيو ويو
اها انوکي ڳالهه هئي. حسن درس نالو هو ان شاعر جو. هاڻ ته اسان به ان بابت ڄاڻي
ويا آهيون، ماڻهن ئي ٻڌايو.“
ڇوڪري
جي اشارو ڪيل ڪنڊ ڏانهن مون نِهاريو. ڪيترا لمحه مان افسوس مان پل جي ان ڪنڊ ڏانهن
ڏسندي رهيس. ان ويل هوش محمد شيديءَ جي نالي سان منسوب ڪيل هيءَ پل مون کي ڪنهن
ڪاريهر جو ڏيک ڏئي رهي هئي، جيڪا حسن کي ڏنگي وئي.
حسن
درس جو سوچي مون کي ٻن ڏينهن تائين ننڊ نه آئي، بار بار حسن جي ٻارن ۽ ارم جو خيال
اچي رهيو هو.
ارم
محبوب حسن درس جي گهرواريءَ سان منهنجي پراڻي دوستي آهي. جاچ ڪرڻ تي خبر پيم ارم
حسن درس جي مڙهه سان گڏ حسن جي اباڻي ڳوٺ ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ مشائخ هوتي ويل آهي، مان
جلدي ارم سان ملڻ ٿي چاهيو، پر سندس ڳوٺ نه وڃي سگهيس.
مان
ان وقت ارم سان ته موجود ڪو نه هئس، پر بخوبي اهو اندازو لڳائي سگهيم پئي ته ارم
ڪهڙي ڪيفيت مان گذري رهي هوندي.
شاعرن
سان لوڪ ان ڪري به پيار ڪندو آهي جو هُو احساسن جي گهرائين ۾ گهڙي زندگي جي مختصر
کان مختصر جذبن کي حسين خوبصورت لفظ ۾ ويڙهي پيار جي موتين ۾ پوئي شاعري جي صورت ۾
عام ماڻهوءَ تائين پهچائيندا آهن.
حسن
درس محبوب شاعر ته هوئي، پر هو هڪ نفيس انسان پڻ هو. حسن جي شاعري ۾ محبوب جي محبت
سان گڏوگڏ ڌرتي سان پيار، ذڪر، فڪر، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي اندر جي سمورن احساسن ۽
ڪيفيت جا اهڃاڻ ملن ٿا.
سندس
شاعريءَ جو اسلوب سڌو، سادو، وسيع معنيٰ رکندڙ آهي. حسن چوي ٿو....!
ٻار
ڄڻ ٻيئي اسين
کل
جهڙا پيار پنهنجا
گفتگو
۾ گڏ آهيون
هڪٻئي
جو سڏ آهيون
پوءِ
به ائين لڳي ٿو جانان
ڌار
ڄڻ ٻيئي اسين.
سندس
شاعري ۾ رومانيت سان گڏوگڏ ڌرتي سان محبت به نروار ٿئي ٿي. هڪ هنڌ لکي ٿو....
ٿر
هجي يا ڪاڇو
ساري
سنڌ پرين جو پاڇو
ڪارونجهر
تي مور نچي ٿو
مون
کي هڪڙو خيال اچي ٿو
ساري
سنڌ پرين جو پاڇو.
اهڙي
فڪري، انقلابي، رومانوي شاعر کي ان رات جي انڌوناڪ حادثي سنڌ کان ڌار ڪري ڇڏيو.
اهو ته ڪنهن ائين سوچيو ئي ڪونه هو. سڀني سان ويجهو رهڻ وارو، هرهڪ کي پنهنجو
سمجهڻ وارو حسن اوچتو دور اهڙي ڏيهه هليو ويندو جو وري واپس ئي نه ورندو.
جڏهن
زندگيءَ ۾ ڏک داخل ٿئي ٿو خاص طور تي جڏهن ڪو پنهنجو پيارو ڌار ٿئي ٿو ته ان مهل
ماڻهو وٽ رڳو درد ئي درد ديرو ڄمائي ويهي رهن ٿا. درد ۽ پيڙاءُ ۾ ورتل من ۽ سوڳوار
ماحول ۾ انسان ڪيترو نه بيوس ۽ لاچار ٿي پوندو آهي ۽ جڏهن اهڙي وقت ۾ ڪو حال پڇندو
آهي، تڏهن جواب ۾ پنهنجي حال جي اظهار لاءِ اکڙين مان لا تعداد لڙڪ لڙي پوندا آهن.
ارم
جي ڳوٺان موٽي اچڻ بعد مان جڏهن ارم سان گهر ملڻ ويس ارم جو هانءَ ڀرجي آيو، اکيون
ڇلڪي پيس.
هُوءَ
سنهڙي سيپڪڙي ارم ادا حسن بعد ڪيڏي نه اداس ۽ ڪمزور ٿي وئي هئي. سندس چپ خشڪ ۽
چهرو زَرد نظر آيم.
“ڏس
زاهده مان بيواهه ٿي ويس، حسن مون کي ڇڏي ويو، مان اڪيلي ٿي وئي آهيان. مان ڪيئن
حسن بنا هلي سگهنديس.”
مون
کيس آٿت ڏيندي چيو: ارم توکي همت ڪرڻي پوندي، تو مٿان ٻٽي ذميواري اچي وئي آهي.
توکي پنهنجي ٻارن جو مضبوط سهارو ٿيڻو آهي.
“ها!
تون صحيح ٿي چوين، ڏس نه اڄ حسن کي ۹ ڏينهن به گذري ويا (ان ڏينهن حسن کي
ويندي نائون ڏينهن هو)
ارم
وڌيڪ حسن کي ياد ڪندي چوڻ لڳي....
“حسن
گهر کان جڏهن ٻاهر رهندو هو ته مان اڪثر ساڻس شڪايت ڪندي هئس، گهڻو ٻاهر نه وڃ، پر
پوءِ مون ڄاتو ته حسن تي مون کي پابندي نه مڙهڻ گهرجي، هُو ته آزاد هوا جيان آهي،
ڀلا هوا کي ڪو بند ڪري سگهيو آهي.
حسن
جون يادگيريون ارم جي خشڪ چپن تي مرڪ ۽ اکڙين ۾ لڙڪ آڻي رهيون هيون.
جنهن
رات حسن جو ايڪسيڊنٽ ٿيو، ان کان صرف ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ حسن، ارم ۽ ميڊم مهتاب محبوب
طارق عالم ابڙو جي گهر تعزيت لاءِ ويا هئا، واپسيءَ تي ميڊم مهتاب محبوب چوڻ
لڳي...
“ڏس
حسن! طارق به هليو ويو...
ان
وقت حسن ڪار هلائيندي هلائيندي هڪدم ڄاٻي کي ڦيرائي Stop تي آڻي چيو،
زندگي
به ائين هڪدم بند ٿي ويندي آهي، جيئن هينئر مون چاٻي بند ڪري ڇڏي ۽ وري مسڪرائڻ لڳو.
ارم
ٻڌايو ته مان اڪثر حسن کي چوندي هئس ته:
“توهان
ٻه ٻه ڪارون ٿا وٺو، پر مون کي پنهنجو گهر ڪونه ٿا ٺهرائي ڏيو، اڃا تائين ڪرائي جي
گهر ۾ ٿا رهون.” ان تي حسن کيس وراڻي ڏيندو هو ته “ارم توکي هڪ ڇا ٻه گهر ٺهرائي
ڏيان، پر توکي ڪوبه گهر پسند ئي ڪونه ٿو اچي، ڪوئي چوين ٿي ته ڪڪڙ جي کُڏي آ ته
ڪوئي وري ڏيڏر جهڙو آ ته ڪوئي وري ڪبوتر جو آکيرو، پهرين تون ڪو گهر پسند ڪر، پوءِ
ان جهڙو ٺهرائي ڏيندو ساءِ.”
“زاهده
مون کي خبر ڪونه هئي ته مون وٽ حسن جهڙو هيرو موجود آ، اهو اندازو مون کي تڏهن
ٿيو، جڏهن پوري سنڌ هن مٿان پرٽجي پئي.” ارم سڏڪندي چيو!
ان
رات خبر ناهي منهنجي حسن ڪيتري اذيت ڪاٽي هوندي، هُن مدد لاءِ پڪاريو هوندو، هو
ڪيتري تڪليف مان گذريو هوندو، ڪيترا نه بي حس انسان هوندا اُهي جن منهنجي حسن کي
تڙپڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. منهنجو حسن مون کان کسي ورتو.
اها
چنڊ گرهڻ جي اونداهي رات هئي، ها اُها نڀاڳي رات هئي، جنهن مون کي حسن کان ڌار
ڪيو. جڏهن به حسن ٻاهر ويندو هو ته مون سان مسلسل رابطي ۾ رهندو هو. ان اونداهي
رات به مان چنڊ جي قيد ۾ ورتل ان آسمان کي دير تائين ڏسندي رهي هئس، پر ان ڳالهه
کان اڻڄاڻ هئس ته اها اونداهي حسن جي زندگي ۾ به اونداهه آڻي ڇڏيندي. جڏهن به حسن
ٻاهر هوندو هو ته مان موبائل پنهنجي وهاڻي هيٺان رکي سمهي پوندي هئس ۽ پوءِ حسن جي
هڪڙي ڪال تي اٿي کڙي ٿيندي هئس، پر ان رات حسن مون ڏي ڪا ئي ڪال نه ڪئي. ڪاش هُو
ڪال ڪري مون سان ڪجهه ڳالهائي ها!” ارم جي ڳالهه ٻڌي مان سوچڻ لڳس!
جيڪڏهن
اسين اهو ڄاڻي وٺون ته اسان جا پيارا اسان کان ڌار ٿيڻ وارا آهن ته شايد شاهه
سائين جي شعر وانگي کين اکڙين ۾ لڪائي ويهون شاهه فرمائي ٿو:
اکين
۾ ٿي ويهه، ته آئون واري ڍڪيان
توکي
ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پسان ڪي ٻيو.
حسن
درس پنهنجي وڃڻ جا سڀ رستا شايد ڏسي ڇڏيا هئا، تڏهن ئي ته پنهنجي وڏڙن جي قبرن ڏانهن
وڃڻ شروع ڪيو هائين.
حسن
درس طارق عالم ابڙي جي تاثراتي بوڪ تي لکيو هو ته،
“
’آءٌ‘ ۽ ’هو‘ ٿيڻ ۾ وقت ئي ڪيترو ٿو لڳي، ماڻهو هڪ لحظي ۾ يادگيرين جي ملبي هيٺيان
دٻجيو وڃي.”
حسن
هڪ هنڌ پنهنجي نفيس جذبن جي احساسن کي ميڙي لکيو آهي.
درد
هڪ ڏينهن ڀيڙ ڏئي ڪرندو مون تي
تنهنجي
محبوب مٽيءَ ۾ ڪريل هوندس مان
تنهنجو
ڪين ڏٺل ڪين سئل هوندس مان.
هُن
جو وجود ڏور تمام ڏور هليو ويو آهي. هُو آزاد رهڻ چاهيندو هو نه....! پر هُو آزاد
ٿيندي به سڀني کي پاڻ سان ٻڌي ويو آهي، ڪيترن ورقن ۾ پنهنجو پاڻ قيد ڪري ويو آهي.
ڪيترين سوچن کي پنهنجي چوڌاري وڪوڙي ويو آهي.
مان
جڏهن به هوش محمد شيدي پل هيٺان گذران ٿي ته منهنجيون اکيون پاڻ مرادو ان ڪنڊ
ڏانهن هليون وڃن ٿيون، جنهن حسن جي حسين جذبن جو خون ڪيو.
صرف
زندگي جون ۴۳ بهارون ڏسندڙ ادا حسن درس تاريخ ۾ پنهنجا اڻ مِٽ نقش ڇڏي
هميشه لاءِ سنڌ واسين جي دلين ۾ امر ٿي ويو آهي.
چنڊ جو وڇوڙو
اقبال ملاح
حسن
کي چنڊ ڏاڍو وڻندو هو، هو پاڻ به چنڊ جهڙو ماڻهو هو، حيدرآباد پريس ڪلب جي ڇت تي
ويٺا هئاسين، حسن شاعري پئي ٻڌائي مون کيس گذارش ڪئي ته حسن ڪانڊيري وارو نظم ته
ٻڌاءِ هن کلي چيو “جڏهن چنڊ ڌرتي کي چمي ڏيندو هجي، تنهن دل موهيندڙ رات ۾ به
اوهان ڪامريڊن کي منهنجي سيءَ تپ واري شاعري ئي ياد آهي، ڇو نه اڄ جهڙي رات آهي،
تهڙي شاعري ٻڌائجي” ۽ پوءِ حسن مڌ کان محبت تائين پنهنجي
شاعري جا ورق اٿلائيندو ويو، اها ۽ ان جهڙيون ڪيتريون ئي راتيون حسن ۽ اسان گڏجي
گذاريون، ڪنهن پئي ڄاتو ته حسن ائين اوچتو اسان کان وڇڙي ويندو، خميس واري رات
اسين ساڳئي پريس ڪلب جي ڇت تي ويٺل هئاسين، ان رات چنڊ کي گرهڻ لڳل هو، حسن ان رات
حيدرآباد ۾ ئي پنهنجن ڪن ٻين دوستن وٽ ڪچهري ڪري جڏهن گهر پئي ويو ته قاسم آباد جي
پونم پيٽرول پمپ وٽ سندس گاڏي فٽ پاٿ سان ٽڪرائجي وئي ۽ هو سنڌ کي پنهنجا گيت ۽
دوستن ۽ مائٽن کي درد ڏئي دوستن ۽ سنڌ واسين کان وڇڙي ويو، صبح جو موبائل کوليم ته
ميسيج هو “حسن اسان کان وڇڙي ويو” يقين ڪو نه پئي آيو، ٻه دفعا ميسيج پڙهيم ۽
سائين اسحاق مڱريي کي فون ڪري پڇيم سائين حسن ته خيريت سان آهي؟ مون کي سندس وڇڙي
وڃڻ جو ميسيج آيو آهي. اسحاق ڏکوئيندڙ لهجي ۾ چيو سائين حسن درس واقعي ئي اسان کان
وڇڙي ويو، حسن درس جي ڳوٺ مشائخ هوٿي ڏانهن سنگت سميت روانا ٿياسين، هن ڳوٺ ۾ حسن
سان گڏ اڳ ۾ ۲
دفعا وڃڻ ٿيو هو، هڪ رات ته وسرڻ جوڳي ئي ناهي، حسن پنهنجي ڳوٺ ۾ صوفياڻي راڳ جي
محفل رچائي هئي، سڄي سنگت کي دعوت ڏئي گهرايو هئائين، پاڻ ڪاري چادر پائي سنگت جي
وچ ۾ ٿي ويٺو هو ۽ ان رات اسان جهومي نچي عصر جو راڻو ٻڌي واپس ٿيا هئاسين، اڄ
انهيءَ ڳوٺ ويندي سڄي سنگت کي اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ هو سڀ حسن کان موڪلائڻ پئي ويا،
مشائخ هوٿي پهتاسين، وڻن جي ڇانوءَ ۾ هزارين حسن جا يار ۽ تر واسي، ڀائر ۽ دوست
ڀنل اکين سان حسن جي ديدار لاءِ پهتل هئا، نعيم فقير ۽ وچن سنڌي جڏهن حسن جا گيت
جهونگاريا ته يارن اوڇگارون ڏئي پئي رنو، ٽين وڳي ڌاري سنڌ جي هن سهڻي شاعر کي سنگت
جي ديدار لاءِ آندو ويو، هزارين ماڻهن جي ڪلهن سنڌ جي هن سهڻي شاعر حسن جي کٽ کي
ڪلهو ڏنو، جنازي واري نماز کان پوءِ جڏهن حسن جو ديدار ٿيو ته هو ڄڻ ننڊ ۾ ستل
هجي، حسن جي چنڊ جهڙي چهري جي آخري ديدار دوستن ۽ يارن جي اندر ۾ وڍ پئي وڌا،
سموريون اکيون آليون هيون ۽ هر ڪنهن سنگت کي ڀاڪر پائي ٿڌو ساهه ڀريندي پئي چيو
“يار حسن وڇڙي ويو” حسن کي مٽيءَ ماءُ پنهنجي جهولي ۾ سمهاريو ۽ سموري سنگت يار جي
وڇوڙي تي ڏکاري ٿي مشائخ هوٿي کان واپس موٽي.
مسعود
لوهار ۽ حسن درس ٻئي گهاٽا يار هئا، ٻنهي دوستن جي صلاح ۽ ڪوششن سان اسان سنڌ ۾
ڪچهرين جو سلسلو شروع ڪيو هيوسين، کير ٿر جبل جي پهاڙي سلسلن کان ڪينجهر ۽
ڪارونجهر تائين راڳ ۽ رهاڻ جا سلسلا هلندا رهيا، هڪ ڏينهن سنگت طرفان دعوت پهتي ته
شاهه پنجو سلطان ۾ حسن جو تڪيو رکڻ واري تقريب ٿيندي، مسرور سومري جي ميزباني هيٺ
رٿيل هن محفل ۾ سڄي سنڌ جي سنگت اچي شاهه پنجو سلطان پهتي، حسن درس، مسعود لوهار ۽
اسان حيدرآباد کان شاهه پنجو سلطان لاءِ نڪتاسين، سيوهڻ ۾ زيارتون ڪندا، جڏهن
قلندر لال شهباز جي مزار تي پهتاسين ته درگاهه جي دربان حسن کي ڏسندي ئي کيس اڳتي
وڌي اچڻ لاءِ چيو حسن ماڻهن جي هجوم مان گذري وڃي، حضرت قلندر لال شهباز جي تربت
جي دريءَ سامهون بيٺو ۽ ديدار ڪري دعا گهري، هو واپس ٿيو ته سندس اکين ۾ لڙڪ هئا ۽
هن پنهنجي شاعري پئي جهونگاري، شاهه پنجو سلطان ويجهو درياهه جي سڪل وارياسيءَ
مٽيءَ ۾ حسن وڻ پوکي پنهنجو تڪيو رکيو، شاهه پنجو سلطان ۾ ڪچهرين جا وڏا سلسلا
هليا، حسن جي شاعريءَ جا مڌ ڀريا پيالا پي، ٻئي ڏينهن سنگت اچي شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي مزار تي پهتي، چيو ٿو وڃي ته شاهه عبداللطيف جي درگاهه ۾ لطيف جي فقيرن
کان سواءِ ٻيو ڪو راڳي ناهي ڳائيندو، پر حسن فقير، استاد امير علي کي ڀاڪر ۾ وٺي
آيو ۽ درگاهه ٻاهران کيس لطيف جي وائي ڳائڻ لاءِ چيو، حسن کي ڏسي اتي بيٺل
خدمتگارن استاد امير علي جي سرن آڏو ڪا رنڊڪ نه وڌي، وائي ٻڌي اسان درگاهه تان
حاضري ڀري جڏهن ٻاهرين پڙ ۾ آياسين ته فقيرن ڌمال پئي هنئين حسن به پنهنجي ڪاري
چادر کي جهولائيندو مست ٿي فقيرن جي ڌمال ۾ شامل ٿي ويو، ڌمال پوري ڪري مون سان
مخاطب ٿيندي هن چيو “ڪامريڊ هي جهان سمجهه ۾ اچئي ٿو” مون کيس کلي جواب ڏنو “سهڻا
سائين ان جهان کي سمجهڻ ۾ وقت لڳندو” لطيف جي اڱڻ تي ئي هن مون کي لطيف سائين جي
ڌمال، سچل سائين جي فقيرن جي سرمستي ۽ قلندر لال شهباز تي ٿيندڙ روحاني رقص واري
رمز سمجهائي.
جان
خاصخيلي چيو ته اڄ پاڻ ڪچهري ڪنداسين، انتظار ۾ ويٺو هيس، حسن سميت سائين اسحاق،
جان ۽ ڪراچي جو ڪو اديب دوست اچي پهتا، سنڌي ادب ۽ شاعري تي ڳالهه پئي ٿي، ان دوست
جي حسن سان هيءَ پهرين ڪچهري هئي، ڪچهري هلندي ان دوست چيو “يار دير ٿي ٿئي،
منهنجو ڪنهن ٻئي اديب سان ٽائيم رکيل آهي” حسن پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي چيو “ميان توکي
خبر آهي ته تون حسن درس سان ويٺو آهين” ۽ ٻئي پل هن مرڪي چيو اسان فقيرن سان ويٺل
آهين، ان دوست جڏهن حسن جي شاعري ٻڌي ته کانئس اهو اديب ئي وسري ويو ۽ شاهه
عبداللطيف جي شاعري جيان “مڌ پيئندي
مون ساجن سهي سڃاتو” هن حسن کي ان رمز ۾ سڃاڻي ورتو هو، جنهن رمز جو هو ماڻهو هو،
حسن کي ڳراٽڙي پائي هن چيو “سائين قرب ڪري ڪراچي مون وٽ ضرور ايندا” هو ان رات حسن
جو مداح ٿي ويو، حسن کي ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ ۾ دير نه لڳندي هئي، هو تمام وڏو شاعر
هو، پر ڄڻ جادوگر به هجي، هڪ ملاقات کان پوءِ حسن کي وسارڻ ناممڪن هو.
زلف
سائين، آءُ ۽ رشيد راڄڙ جمعي واري رات ڀٽ شاهه جي درگاهه تي حسن جي دوستن وٽ
هئاسين،
درگاهه تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ لطيف سائين جي ننگريءَ ۾ رات جو صوفياڻي محفل ٿي، ان
محفل ۾ به سڄو ذڪر حسن جو هو، ارشاد لغاري حسن جون يادگيريون ساري اڄ به روئي ٿو
ڏئي، ارشاد ٻڌايو پئي ته ڪجهه ڏينهن اڳ حسن حيدرآباد ويجهو کٽياڻن جي ڳوٺ ۾ صوفي
فقيرن جي محفل ۾ ويل هو، هن صوفي فقير جي ڇير کي هٿ هڻي چيو “فقير سائين اسان کي
به اهڙا گهنگهرو ٻڌو”، فقير کيس چيو “اوهان کي به ساڳئي ڇير ٻڌل آهي، رڳو نظر نٿي
اچي” انهيءَ محفل ۾ هن جهومي نچي هڪ فقير کي چيو “سهڻا سائين، هي زماني جو ميرو
چولو هاڻي لاهڻ ٿا چاهيون” ان فقير حسن کي مخاطب ٿيندي جواب ڏنو “سائين اهڙي ڪا ٻي
منزل ٿي سگهي ٿي ڇا”؟ حسن جواب ۾ وري ان فقير کي کلي چيو “يارو اسان اهو زماني جو
ميرو لباس لاهي، صفا ننگا ٿينداسين، پوءِ روئجو نه”
حسن جي ساهه جي تند جڏهن ٽٽي پئي ته اها خبر ٻڌي
ارشاد کي اعتبار ئي نه پئي آيو، اڄ به ارشاد حسن سان گذاريل گهڙيون ياد ڪري روئي
ٿو پوي.
حسن
پوين ڪجهه هفتن کان يارن ۽ دوستن سان ملاقاتن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو هو، سائين
ذوالفقار شاهه ٻڌايو پئي ته حسن، آصف بالاديءَ کي ملاقات جو نياپو ڪيو هو، آصف
بالادي حيدرآباد پهچي جڏهن حسن کي فون ڪئي ته ان ڏينهن حسن حيدرآباد ۾ نه هو ۽
پنهنجي ڳوٺ مشائخ هوٿي هو، حسن آصف کي چيو ته آءُ اڄ ڳوٺ آهيان، ملي نٿا سگهون،
مهيني کان پوءِ توکي ملڻ لاءِ مون وٽ مشائخ هوٿي اچڻو آهي، جنهن ڏينهن حسن حادثي ۾
وڇڙي ويو هو، ذوالفقار شاهه چواڻي ته ان ڏينهن مهينو پورو ٿيو هو، پر يار سان اهو
ڏينهن ملاقات جو نه پر آخري ديدار وارو ڏينهن هو، آصف بالادي ۽ ذوالفقار شاهه يار
جو ديدار ڪرڻ لاءِ مشائخ هوٿي جڏهن پهتا هئا ته مون ذوالفقار شاهه ۽ آصف بالاديءَ
کي اوڇنگارون ڏئي روئندي ڏٺو. حسن رڳو شاعر نه هو، هو بهترين دوست ۽ مٺو ماڻهو هو،
منهنجي جنهن دوست سان ملاقات ٿي آهي، ان جي دل ۾ حسن جي وڇوڙي جو تڏو وڇايل آهي،
سنڌ حسن کي وساري نه سگهندي
عوامي
آواز ... ۲۰
جون، ۲۰۱۱
چنڊ گرهڻ، حد گرهڻ
خالد ڪنڀار
حسن درد جون لک ڪروڙ صورتون آهن انهي مان تنهنجي درد ڪهڙي صورت ورتي
آهي اهو ته اڃا تائين ڪير به طئه ناهي ڪري سگهيو تنهنجي درد کي جنهن جيتري شدت سان
محسوس ڪيو آهي اهو اوتري ئي شدت سان انهي کي اظهاري ناهي سگهيو ۽ ها تنهجي درد جي شدت
۾ ٽٻ ڪنهن کي ايتري به فرصت ناهي جو کڻي ٻئي جي دل ۾ تنهجي درد جي شدت محسوس ڪري
هتي ته درد جي ڀيڙ ۾ هر دل پنهجي اندر ۾ ايتري شدت سان ٽٽي ايترن حصن ۾ تقسيم ٿي
آهي جو دل جون ڪرچيون جيڪو پنهنجي پوري سگهه سهيڙي ميڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته اهي ڪرچيون
اڃان الاهي ڪيترن حصن ۾ تقسيم ٿي ٿيون وڃن. جنهن سان جيڪو درد ونڊڻ ٿو چاهي اهو ته
اڳ ۾ ئي انهي درد ۾ ٽٻ آهي.
حسن تنهجو قبيلو آهي ئي درد جو دم ڀريندڙن جو قبيلو. ها هي درد جا دم
ته ڀري سگهي ٿو پر هي قبيلو درد جا ست سمنڊ ڏوڪڻ جي ست نٿو رکي ۽ ها حسن اهي به
ڪونهي ڪو هي تنهنجو درد رڳو پاڻي هو جيڪو اندر جي نپوڙجڻ سان اکين جي ڇپرن کي
ڀڄائيندو ڳوڙها ٿي وهي ويو ۽ ها نه وري سڪل اکين مان اڻ وهيل ڳوڙها پيئڻ وارو درد
هو.
تنهنجو درد ته زهر جو اهو
ڍڪ به ڪونهي جو نڙي کي چيريندو رڳن ۾ رت سان وهندي پوري وجود جي مٽي کي سيراب ڪري وڃي.
حسن هو چون ٿا ته هر وصال کانپوءِ فراق آهي ۽ هر فراق کانپوءِ وصال
آهي.
هن فراق کانپوءِ وصال ڪٿي
آهي. جنهن وصال جي ڳالهه هو ٿا ڪن انهي جي انتظار جي سيڪ ۾ سيڪجڻ ۾ پچي راس ٿيڻ
بدران بدن جو گهڙو ته سيڪ نه سهندي ٽٽي پوندو ۽ جيڪو فراق آهي اهو ڪٿي آهي. هي حسن
تنهنجي تصور جو هر لمحو هر ڪنهن جي خيال جي ڪائنات ۾ آهي. جنهن سان به جو لمحو تو
گڏجي ٽهڪ ڏنو آهي، اهو ٽهڪ اڄ به انهي جي خيال ۾ ڳئنوار جي چنگ وانگر سڄي وجود کي
وڄائي ٿو ڇڏي . تون جنهن سان فقيري رنگ ۾ رنگجي ڪاري شال ۾ ويڙهيل مليو آهين، اهو
ڪاري شال ۾ ويڙهيل تنهنجي وجود وارو لمحو هر ڪنهن جي تصور ۾ ٽڪيل آهي. چون ٿا وقت
کي موٽائي نٿو سگهجي جي ڪير ڪنهن جا خيال پڙهي سگهي ٿو ته ڏسو ڪئين حسن توسان گڏ
رولاڪيون ڪندي رومانس شاعري ۽ شراب ٽنهي جا سپ ڀريندڙن جي وقت پاڻهي موٽ کاڌي آهي. هر ڪو ئي تو سان گهاريل لمحي لمحي ۾ موٽي آيو آهي، ڪئين ٿا چئو ته وقت موٽ نٿو
کائي وقت ائين موٽ کائي ٿو.
حسن تون چوندو هئين ته تو جنهن جي به دل ۾ محبت جي دڪي داخل ڪئي ته
ٻين جي لکين مڻ محبت ٻڏي وئي. اڄ ته تنهنجي انهي ئي محبت جي دڪي نه صرف ٻين جي
لکين مڻ محبت ٻوڙي آهي پر سڀني کي محبت ۾ ٻوڙي ڇڏيو آهي. هن درد مان ڪير به پنهنجو
پانڌ ڇڏائڻ چاهي ته به ڇڏائي نه سگهندو.جڏهن به سنڌي شاعري جو ذڪر ٿيندوتـ حسن
تنهنجو درد ڌيمي ڌيمي خوشبووانگر هر ڪنهن کي هيڪر اداسي جي اماڙي سان ڏنڀيندو.
حسن الاهي ڪيترا صورتن وارا خيال آهن جنهن ۾ چنڊ گرهڻ واري اها رات ٽڪيل
آهي جنهن رات ۾ گرب واريون عورتون ڪابـ حرڪت ناهن ڪنديون ڇو جو چنڊ گرهڻ جي رات
ڳورهاري عورت جيڪا به حرڪت ڪندي آهي اها انهي جي ٻار تي اثر انداز ٿيندي آهي، ڌرتي
جي پيٽ تي شاعر ٻارن وانگر هوندا آهن. انهي رات ڌرتي ٿي سگهي ٿو حرڪت ڪئي هجي ۽ ها
اها رات جيڪا حيدرآباد جي هڪڙي روڊ جي سنسان رات بيگاهـ وقت جي هڪڙي ڪار اچي
ائڪسيڊنٽ ٿئي ٿي.رت فرش تي هارجي ٿو. انهي رات آسمان جو چنڊ ڌرتي ۽ سج جي وچ ۾ هو۽
زمين جو چنڊ جي او آر ڪالوني ۽ قاسم آباد پوليس جي حدن جي وچ ۾ هو. حسن اها رات هن
نسل جي خيال ۾ عڪس ٿيل آهي. اها نڀاڳي رات هاڻي هن ٽهي جي خيال ۾ سدائين رهندي.
چنڊ ته ڌرتي ۽ سج جي وچ مان نڪري آزاد ٿيو پر سنڌي شاعري جو چنڊ هميشه جي لاءِ
هليو ويو.
حسن جڏهن پيرن فقيرن جي احاطي مان اٿاريل سنڌي شاعري جي امامت انهي
ٽهي جڏهن اياز کي ڏني پر اياز جڏهن وصال جي وهندڙ ندي ۾ هڪڙي قطري وانگر ملي گم ٿي
ويو، تڏهن اهو تون ئي ته هئين جيڪو انهي دور ۾ ڪافيي، رديف ۽ بحر وزن جي طور ماپ ۾
ماسي جيتري اوڻيهه ويهه تي اڙجي ڪو نه
بيٺو هئين ۽ تڏهن ئي تنهنجي ڊڪشن تنهنجي خيال جي ڪچي ٻورجھڙي خوشبو سنڌي شاعري جي
وڻ ڦوٽ مان تون پنهنجي خوشبو جو واس وٺرايو هو. تنهنجي شاعري ۾ نه درگاهن جي لوبان
۽ اگربتي جو واس هو نه وري ڇتي نعريبازي هئي نه وري اڄ ڏينهن تائين ڪنهن اها ڳالهه
ڪئي ته ڪا تنهنجي شاعري ٻاهرين ادب جو سنڌي ۾ سهڻو ترجمو آهي. تنهنجي شاعري ۾ ته
قبر جي اسٽري ۾ سگريٽ جي ڦلي وانگر ڇڻي وڃي ۽ ڦاسي جي جھولي تي ننڊ اچي ٿي. پکي وڻ
جي ٽاري ۾ تبديل ٿئي ٿو. ڪانڊيري هاري جي زال جون سهڻيون رليون وڏيرين کي وڻي وڃن
ٿيون ۽ اهي وڏيريون کڻي وڃن ٿيون ۽ هن انهي ڪري ئي هن پيڙهي تو کي ئي سنڌي شاعري
جي امام واري امامو ٻڌايو هو ۽ تنهنجي شاعري هن پيڙهي تي ڀرپور اثر ڇڏيو هو. فراق
هاليپوٽي جي شاعري تو به پڙهي هئي. تو
پڄاڻان سنڌي شاعري قبر ۾ ناهي وئي پر وقتي طور يتيم
ضرور ٿي آهي.
حسن جڏهن هاڻ تنهنجو وصال ٿي ويو آهي ته تنهنجي وارثي وارو جهيڙو
جاڳي پايو آهي ڪالهوڪا تنهنجا ويري جيڪي تنهنجي ڏات جي ڏيهـ ۾ تخت تي توکي تاج ڌڻي
ڏسي مايوس ٿيندا هئا اهي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا آهن ۽ چون ٿا حسن سان اسان جو
نينهن جو ناتو هو اهي اها ڳالهـ ڪيتري منهن جي پڪائي سان ڪن ٿا هاڻ انهن کي ڪير
چوي. تنهنجي نينهن جي سڳي ۾ سوگهو ٿيل پنهنجي ڳولا واري پنڌ ۾ روح جا پير رتو رت
ڪندڙ هڪڙي فقير تنهنجي فڪر کي سهيڙي گڏ ڪيو آهي ته جئين جنون ۾ انتها اچي ته انهن
ئي تنهنجي يارن هن سان وسين پڄندي گهٽ ناهي ڪئي هن جي انهي پورهئي تي هنن هن سان
جڳ وارو جهيڙو لائي ڏنو آهي اوهان وٽ ته عقل ۽ دليل واري اک آهي اوهين ڀلي عقل ۽
دليل سان ڳالهيون نبيريو پر عشق جي انتها واري واٽ به آهي جيڪا فقيرن پنهنجي اندر
۾ سدائين پنڌ ڪندي ڳولي آهي. حسن انهن عقل ۽ دليل جي غلامن کي ڇا چئجي ڪهڙي ورندي
ڏجي تون هجين ها ته ضرور ڏين ها.
پکي وڻ جي ٽاري ۾ تبديل ٿي ويو
اتان کان پوءِ اها ٽاري اڏي وئي
.......
ننگي جي عشق ۾ نڪتو
ويو هڪ شخص نانگو ٿي
حسن هنن کي انهي ۾ اهو ويس نٿو نظر اچي جيڪو سج لهڻ ۽ اڀرڻ مهل آسمان
جو هوندو آهي ته پوءِ پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون.
حَسن ۽ حسن جون رولاڪيون
حفيظ ڪنڀر
خبر
ناهي ته قلمي قبيلي جي ماڻهن ۾ نثر نگارن جي ڀيٽ ۾ شاعر ڇو ايترو جلدي لاڏاڻو ڪري
هليا ويندا آهن؟ شايد هو موت جي حيرت کي بار بار مخاطب ٿيندي، موت جي رازن ۽ ڳجهه
ڳجهاندرن جي ويجهو پهچي ويندا آهن. تڏهن ته اهي زندگي ۾ ئي “تنهنجي مٽي ۾ مئل
هوندس مان” جهڙيون اسان جي ان حسن درس جيان سٽون بار بار ورجائن ٿا، جيڪو حَسن
“سنڌ گرهڻ” جي رات اسان کان موڪلائي ويو. (خبر ناهي ته حَسن جي هليو وڃڻ کان پوءِ
سنڌي شاعري-ان گرهڻ مان ڪيتري عرصي کانپوءِ نڪرندي). حَسن بار بار زندگي ۽ موت جي
رازن کي ڦلهورڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هن ڪچي وهي ۾ ئي
“عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا”
يا
زندگي ڀلي اهڙي، ٽُڪ تي رلي جهڙي،
آئون وڇايان تون نه ويهين، ڇو نه پو ويڙهي ڇڏيان.
جهڙيون
سٽون لکيون. هن جي ڪيتري ئي اهڙي ٻي شاعري به آهي، جنهن ۾ زندگي ۽ موت جي مامرن
متعلق هن اظهاريو هو، سا هن عام نه ڪئي هئي.
هتي هرڪو ٿو هارائي، هتي ڪنهن آ کٽي دنيا
گهڻن لاءِ گهر گهڻو آهي، گهڻن لاءِ آ گهٽي دنيا
۽
اڄ حَسن جي يادن ۽ شهرن لاءِ ته هي دنيا واقعي ڪشادو ۽ وسيع گهر آهي، پر ساڳي دنيا
حَسن لاءِ اها مختصر گهٽي بنجي وئي، جنهن مان هو تڪڙو ظاهر ٿيو ۽ تڪڙو گذري ويو. هن
وٽ گهوڙي جي رفتار هئي، هن جي پنهنجي من جي گهوڙي جي ٽاپولي هن کي ويهڻ ڪٿي ٿي
ڏنو؟ هو ڪنهن به وقت ڪٿان به نمودار ٿيندو هو ۽ ڪنهن مهل به گم ٿي ويندو هو. هن جي
زندگي ۾ عجب لڪ لڪوٽي هئي، هو سدائين دوستن جي ڳولا ۾ ۽ دوست سدائين حَسن جي ڳولا
۾ هوندا هئا. پوءِ هو دوستن جي وچ ۾ هوندو هو ته ڪڏهن وري اوچتو وچ مان اٿي هليو
ويندو هو، ۽ نيٺ ان رات به اٿي هليو ويو. جواني ۾ مري ويل انگريزي جي شاعر جان
ڪيٽس تي ٺهيل فلم Bright star
جي هيري جهڙي حَسن ۽ لارڊ بائرن ۾ شاعري، عاشقي، سڀني حلقن ۾ مقبوليت، گهوڙن جي
شوق ۽ جواني جي موت جهڙيون هڪ جهڙايون آهن. لارڊ بائرن جي چوڌاري مڃتا ڏيندڙ موهت
ماڻهن جو ايترو گهيرو هوندو هو، جو انهن ماڻهن لاءِ Byromeniac ۾ ورتل ماڻهو هلندا به لارڊ بائرن جيان هئا،
۽ پنهنجي حَسن جي شاعري توڙي شخصيت تي موهت ماڻهن لاءِ ڪو اصطلاح ته نه ٺهي سگهيو،
پر حسين ڪپري جي هن کي ڏنل ادبي نالي “سنڌي شاعري جو شهزادو” يعني حسن درس جي
چوڌاري مون ڪراچي جي اردو اديبن کان وٺي بدين عام ورڙن، ماڃر، منڇر جي مهاڻن، درگاهن
جي مجاورن، راڳين کان وٺي ننگر جي ڪولهين کي حَسن تي ٻلهار ٻلهار ڏٺو. پنهنجي
شاعراڻي تخيل سان لطيف جي چٽيل باغي ڪردارن، نانگن ۽ آڌوتين تي سرمدي صورت ڏيندڙ ۽
عريانيءَ کي وقت جي اورنگزيبن اڳيان بغاوت جي علامت بنائيندڙ حَسن درس پنهنجو نظم
“آئون تنهنجو ساڳيو اڀيچند” جڏهن پريس ڪلب حيدرآباد ۾ پڙهيو هو ته مون کي پڪ هئي
ته ان نظم جي گهرائي، وسعت، مفهوم، علامتون شيخ اياز صاحب کان سواءِ شايد ئي ڪو
سمجهي سگهيو هجي. حَسن جي ذهني ۽ شاعراڻي اوسر کي اگر سنڌ جي سياسي دورن ۾ ورهائبو
ته اهي انتهائي اذيت ناڪ دور آهن. ڀٽي صاحب جي پاپولر سياست جون يادون هن جي ذهن
تي هونديو، پوءِ مارشلائي بربريت، ضياءَ جي مارشل لا ختم ٿيڻ کان پوءِ وري به سنڌ
۾ ڄام ۽ ٻين جون مارشل لا نما حڪومتون، يعني انهن ئي مارشلائن جو تسلسل-شاعري نثر
جي ڀيٽ ۾ شيطاني قوتن کي وڌيڪ زور سان للڪارڻ جي سگهه رکندي آهي. حَسن درس ۲۰
سالن جي عمر ۾ جيڪو نظم وقت جي آمر خلاف لکيو هو، ڪاش! ان نظم کي اڄ ڪو فٽز جيرالڊ
ملي ۽ اهو نظم ترجمو ٿي انهن قومن جي هٿن تائين پهچي، جيڪي اڄ به آمريتن خلاف وڙهي
رهيون آهن.
اسين چئون ٿا ته جنرل ضياءُ
پنهنجي روپ ۾
زندگي کي منع نامو آهي
هو موت جو ٻيو نانءُ آهي
سموري نئين نسل جي
ڪونئرين ڪپهه جهڙين جوانين تي
ڪري پيل پٿرن جو ڍڳ آهي
هو چانڊوڪين سان وير آهي
سج سان بي واجبي آهي
هن جو کڄندڙ ساهه
هوا سان زيادتي آهي.......
هن
پوري نظم ۾ ڀٽي صاحب جي شهادت کان وٺي سنڌي ماڻهن جي آمريت خلاف ڪاوڙ ۽ جدوجهد چٽيل
آهي ۽ انهيءَ آمريت خلاف جيتڻ جو يقين ۽ هڪ قوم جو عزم ڇلڪي ٿو. حَسن پنهنجي شاعري
۾ ڪلاسيڪي سنڌي شاعري جي اصطلاحن/علامتن کي ڪتب آڻي انهن کي نوان ويس وڳا پارايا ۽
هن جي پيرن جي رولاڪين هن کي لوڪ سان ملائي، هن جي قلم کي خوب Inspiration ڏني. هن جي
رولاڪين هن جي شاعري کي مير محمد لُنڊ کان پريمي ڪولهي تائين، منڇر جي مهاڻن کان
لاڙ جي ورڙن تائين جا ڪردار ڏنا. هو ڪولهين جي بستين سنڌ جي بيزار، بيگاني ۽
فراريت ڀري عام زندگي جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ رستن جو راهي ٿيندڙ حَسن هڪ ٻن سٽن ۾
انهيءَ زندگي کي پنن تي پئنٽ ڪري ڇڏيو.
سنجهي جو هو سڀئي ڪولهي
ٺري جا مٽ کولين ٿا
ڳچين جا ڳٽ کولين ٿا
حسن
کي جواني ۾ مري ويل خوبصورت شاعره ايلس بيل جيتري فرصت به نه ملي، جو هو ان جيان
ڪو هڪ ناول لکي سگهي ۽ ان ناول لکڻ جو هن بار بار اظهار ڪيو هو. مون کي پڪ هئي ته
حسن سنڌ کي ڀلو ناول ڏيندو، ڇو ته حسن هڪ ڀلو Story
teller به هو ۽ هن سرائيڪي بيلٽ کان وٺي سڄي سنڌ
جهاڳي هئي. انهيءَ سنڌ جا وڻ ٽڻ، پکي، پوٺا، رڻ، ڍنڍون، ڍورا، ماڻهو، مال سڀ هن جا
يار هئا ۽ اڄ انهن سڀني يارن وٽ حَسن جي ڳالهه آهي ۽ ان ڳالهه جي ڳل تي ڳوڙها ئي
آهن.
حسن پرتو هوائن کي
ايشور لوهاڻو/ٽنڊو باگو
حسن
درس سان منهنجي هئي ته هڪڙي ملاقات، پر الائي ڇو ساڻس ٿيل ان پهرين ملاقات ۾ ائين
محسوس ٿي رهيو هو ته آئون ۽ حسن ورهين کان هڪ ٻئي کي سُڃاڻندا هجون. ٽنڊي باگي
پريس ڪلب جي دوستن پاران مير باگي ۽ سنڌ راڻيءَ جي عشقيه داستان بابت ڪرايل
ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ٽنڊي باگي آيل حسن درس جڏهن اسٽيج تي ڳالهائڻ لاءِ آيو،
تڏهن سندس ٻانهن جا بٽڻ کليل، گلي ۾ شال ۽ وکريل وار سندس فقيري مزاج جو مظهر لڳي
رهيا هئا ۽ حسن سياري جي ان سرد رات ۾ عشق تي ڳالهائي رهيو هو! اها ته حسن جي ويجهن
کي ئي خبر هوندي ته حسن جڏهن عشق تي ڳالهائيندو هو، تڏهن ويهي رڳو کيس ئي ٻُڌبو
هو. سنڌ جو يگانو شاعر حسن درس، جنهن لاڙ تان لڙندڙ سُورج کي مهاڻي ٻار جي تشبيهه
ڏني ۽ سنڌ کي پرينءَ جو پاڇو سڏيو، اڄ
به جڏهن يو ٽيوب تي صادق فقير جي آواز ۾ حسن جي شاعريءَ جا هي ٻول “آُڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنهن سار وانگي هو!”
ٻڌجي ٿو ته حسن جي ياد ۽ ساڻس گهاريل ڪجهه پل ياد ڪري اکين ۾ لڙڪ تري ٿا اچن ۽ ذهن
تي حسن جا ئي اهي لفظ تري ٿا اچن، جيڪي حسن طارق عالم ابڙي جي وفات تي تعزيتي نوٽ
بُڪ تي لکيا هئا ته، “‘آهي’ مان ‘هو’ ٿيڻ ۾ وقت ئي
ڪيترو ٿو لڳي!” ڪڏهن ائين نه سوچيو هئوسين ته حسن سنڌ کان ايترو جلد ۽
اوچتو وڇڙي ويندو ۽ پوءِ اها ۱۵ جون جي اڀاڳي رات، جڏهن آڪاش تي بيٺل
چنڊ کي گرهڻ لڳو هو ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي اسان جي دل کي به وڇوڙي جو گرهڻ لڳي ويو، جيڪو
شايد ڪڏهن به نه لهي سگهي!
حسن جو موت به
عجب هو...
امر سنڌو
حسن
جو موت به عجب هو...
ڇرڪائيندڙ،
لڱ ڏڪائيندڙ، ڏُکارو ڪندڙ ۽ نيٺ دهشت زده ڪري ڇڏيندڙ....
آڌي
رات گرهڻ جي... اڪيلي اونداهي ۽ تنهن ويلي ويران سڙڪ تي هن پنهنجي پويان رڳي شاعري
ئي نه پر رت جي وهندڙ ندي به ڇڏي هئي.
سندس
ٻيلي، سندس ساٿي، راتين جي خمارن جا، ٽپهري جي رولاڪي جا... سندس دل جي نهايت قريب
رهندڙ سندس گهڻگهرا، سندس دوست نيٺ سندس موت جي کٽولي کي ڪلهو ڏيئي، کيس مٽي منجهه
مٽي ڪري آيا... رڳو ڳوڙهن، اکين جي آب ئي نه سندن لٽا حسن جي پويان وهندڙ رت جي
ندي جي خون سان پڻ آلا هئا... خون جا ڇنڊا، سڀني جي دامن تي صاف چِٽا هئا.
سڀني
کي روڄ ۾ ڄڻ گهرو چهڪ، سڀني کي هانءُ ۾ ڄڻ اونهو چڪ سڄي سنڌ جي ڄڻ ته اک آلي...
سڄي سنڌ جو ڄڻڪه روح ڀاري. هو جيڪي موت جي کٽولي ۾ کيس مشائخ هوٿي تائين توڙ
پُڄائي آيا، انهن لاءِ حسن جو موت عجب رومانس کڻي آيو هو... ڪنهن کيس گهوڙي جي ٽاپولي
سان ٿي ڀيٽيو، ڪنهن کيس هوا جي جهوٽي جي تشبيهه ۾ ٿي ماپيو... ڪير کيس موت جو
شهزادو ليکي سندس موت کي ڀيٽا ڏيندو رهيو... حسن جي شاعري ۽ ان جي محرڪن تي
انتهائي گهٽ پر هيترن ڏينهن ۾ جنهن به مٿس لکيو، سندس لائف اسٽائل سان عاشقي واري
انداز ۾ ٿي لکيو... هن جي رولاڪي کي حُسناڪي سان ڀيٽيو ويو.. هن جي زندگي جي بي
ترتيبي کي ئي ڄڻ سندس شاعري جو ترتيبي عنصر ڪوٺيو ويو....
روز
جي حساب سان، کيس هن وقت تائين لکين نظرن، هزارين هنجن ۽ لکين لڙڪن جي ڀيٽا ملي به
چڪي.
هيءُ
نادان/داناءُ دوستن جو سوڙهو ڪندڙ، زندگي مختصر ڪندڙ پيار هو يا هيءُ آهستگي سان
موت ڏي سفر هو.... ڇا حسن جو موت حادثو هو يا اهو موت جو اُهو سفر پُرپيچ ۽
خوبصورت رستو هو، جنهن تي پنهنجي سٿ سميت هو ڳچ عرصي کان روان دوان هو... حسن جو
موت سنڌي ادب جو ڪو رومانٽڪ الميو هو يا اڻ ڀرجندڙ خال ۽ ناقابل برداشت سانحو...
هو
نادان/داناءَ دوست سندس موت کي رومانٽڪ الميي سان ڀيٽيندا رهيا....
پر
سندس موت، جنهن ڇرڪايو، ڏکارو ڪيو... هاڻ اُن موت واري سانحي تي ڏک نه پر ڪاوڙ ۽
غصو اچڻ لڳو آهي. ائين تڪڙو وڃبو آهي؟؟ جوان موت واري اوندهناڪ الميي ۽ تڪڙي موت کي
شاعراڻي ارپنا ۽ دغابازي واري شاعري هاڻ بند ٿيڻ کپي. سچ پڇو ته حسن جو موت ڏاڍو
ڳرو ۽ ارم جا ڪُلها اهو بار کڻڻ کان گهڻا نازڪ آهن...
شاعر
جي زندگي سان اها ڪمهلي موت واري مسخري بند ٿيڻ کپي. رڳو سندس دل جي قريب ۽ رات
رهاڻين جي دوستن ئي نه پر
سڄي سنڌ پاران حسن جي موت تي وهايل ڳوڙهن جو مُلهه، اُن رت ڦوهاري جو ڪڏهن بدل نٿو
ٿي سگهي، جيڪو موت کان ڪي ڪلاڪ ڌاران به ڊاڪٽر بند ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويا هئا.
حسن
جي دل مان نڪتل اِن رت ڦوهاري ۾.... سندس جگر جي قريب سڀني دوستن کي خون آلود ته
ڪيو ئي... پر اهو شايد ڪنهن نه ڏٺو ته اُن رات جي گرهڻ ادي ماهتاب جي گهر کي ڪيئن
گهيرو ڪيو. هوءَ هڏين مُٺ ارم، نازڪ ڪُلهن تي حسن جي ڪمهلي موت جو ڳرو بار کڻي،
حسن سان ماهتاب جي گهر ڇا پهتي هئي... ڳچ وقت کان... وقت جي گهيري ۾ آيل ادي
ماهتاب جي گهراڻي ۾ اُها رت جي ندي لهي پئي هئي. ادي ماهتاب جي گهر ڀاتين جي دل ۾
ڪرندڙ ڳوڙها سچ به خون آلود هئا...
ادي
ماهتاب جي هنن گهر ڀاتين وٽ اهو موت نه شاعراڻو هو، نه رومينٽڪ هو ۽ نه ئي شايد
حادثو هو... دل جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ اِهو اُلڪو، اِهو خوف،
اِها دهشت، اها گرهڻ رات ارم وٽ اڳ ئي شايد ساريل... شايد ڪٿي روحل جي روح ۾ ادي
ماهتاب جي اندر ۾ ڄڻڪ سڀ ڪٿيل... قدرت ڪي ٻه ٽي ڀيرا حسن، ارم جي امانت ارم کي
صحيح سلامت موٽائي هئي... ارم ڪنهن ڀيري ته حسن جي مٿي ۾ لڳل شيشن جا ٽُڪر پاڻ ٿي
چونڊيا ۽ پئي ٻه اڌ ٿي... ارم ۾ ڪنهن حادثي جي سهپ نه هئي.... خوف سندس لڱن ۾،
سندس ساهن ۾... ساهه جي ’ارم‘ بمشڪل بحال ڪري سگهي هئي.... ها، پر هن حادثي ارم کي
ساهه کڻڻ نه ڏنو... حسن ته سدا شاعري ۾ جيئرو موت کي شڪست ڏيندڙ... غور ڪري ڏسو ته
هن حادثي ۾ ارم مري ويئي هئي....
حسن
پنهنجي دوستن جي ڪانڌپي ۾ آيل... هجومن ۾ کٽولو کڄيل... پر ’ارم‘ اڪيلي ئي پنهنجي
ارٿي پاڻ کڻي حسن سان مشائخ هوٿي هلي آئي هئي...
حسن
جي جاءِ ٺهي هئي کليل آسمان هيٺ، پاسن ۾ وڻن ڇانوَ به، ته ڪويل ڪوڪ به... پر ڪُتبو
لڳل....
پر
’ارم‘ ماهتاب جو چنڊ، بنا ڪتبي جي، اڌ جان، روح اُڏامي ويل بيجان ڌڙ... ان ڪنڊ ۾
جتي نه ڪو روشني جو گذر هو ۽ نه ڪنهن هوا جو ڪو رُخ... مون پهرين ڏينهن ئي غور سان
ڏٺو... ته دراصل حسن نه موت ته ارم کي ماري ويو... اِن حادثي جو شڪار حسن نه پر
شايد ارم هئي... هاڻ ڏک نه... مون کي اُن جوان موت تي غصو اچڻ شروع ٿيو هو. جوان
موت هاڻ شاعراڻي تشبيهه جيتري خوبصورت نه هئي... اِن ۾ مون لاءِ ڪا تشبيهه نه پر
ائين ڄڻ قبر جي رات...جتي شاعري نه ڪو خواب....
توريل
تڪيل.... ڪٿيل ۽ ڪنهن خوف جيان اڳ ئي گهر ڪري ويل... ارم لاءِ، ادي ماهتاب جي
گهراڻي لاءِ هيءُ ڪو به خوبصورت حادثو نه هو... ها پر حسن جو اهو ساٿ جيڪو حسن جي
موت کي رومانس جي غلاف ۾ ويڙهي خوبصورت، حسين ۽ قابل رشڪ بنائڻ لاءِ ڪوشان آهي،
اُهو ساٿ جيڪو سندس لائف اسٽائل کي اعلى، اُتم بڻائي قابل قبول صورت ڏيڻ ٿو چاهي.
دراصل اُن ساٿ ئي سنڌ ۾ رومانس جو اهو ڪوهيئڙو طاري ڪيو آهي، جنهن ۾ حادثو اوس
آهي، جنهن ۾ موت يقيني آهي جنهن ۾ سنڌ جي تخليق جو، ڏات جو ۽ سنڌ جي سداحيات سونهن
جو خون شعوري آهي....
ان
ڪوهيئڙي ۾ هو نماشام کانپوءِ شروع ٿيل سانجهي ۾، رات جي گلاسن ۾ هو آهستي آهستي
موت اوتين ٿا. سُرڪ سُرڪ ڪري سنڌ جي ساڃاهه کي، سونهن کي ۽ ڏات کي هو موت پيارين
ٿا...
هو
تخليق جي نالي ۾ شاعري جو رستو کوٽو ڪندڙ...
هو
بحث جي نالي ۾ ڄڻ ته گارگند جي ڍير تي ويٺل...
هو
... دوستي جي نالي ۾ ڄڻ زندگي سان دغا ڪندڙ...
هو
سچ پچ ته بي ترتيبي جي رومانس ۾ زندگي جي ترتيب کي هيٺ مٿي ڪري، زندگي جي رڌم کي
ڦٽائيندڙ...
رڳو
حيدرآباد ڇو....سچ پڇو ته سنڌ جي ڏات ڌڻين جو هيءُ پنهنجي پاڻ سان دشمني وارو
خودساخته رومانس آهي.
آڌي
جو پياڪن جي واپسي تي سندن گهر ونيون ئي نه پر سچ پڇو ته ڏات جي ڏيهه جون، سنڌ جي
ساهه جون سموريون رڳون سوڙهيون ٿينديون هونديون ته موت جي ڏائڻ، کين آڌي جي سفر
مان ڪيئن کنڀي کڻندي.
هيءَ
دوستي نه... هيءَ پنهنجي جيءَ سان، پنهنجي ڏات سان دشمني آهي.
سچ
ته سنڌ جا سڄڻ آڌي جو، پياڪن جي واپسي، هي زندگي ڏانهن غير سنجيدگيءَ جي بي
ترتيبي، هيءُ رومانس، سنڌ جي ڏات، شاعري، تخليق جي ٽارگيٽ ڪلنگ واري واٽ هئي ۽ ان
واٽ تي هلندي حسن جي ساٿين اهڙي ئي رومانس وارو خنجر سندس سيني ۾ لاٿو هو، پر اِن
لائف اسٽائل جي رومانس ۾ ويڙهيل خنجر جو سنڌ ۾ نه حسن پهريون ۽ نه ئي سندس آخري
شڪار آهي. ان ئي لائف اسٽائل جو سماجي ساراهه وارو رويو آهي، جيڪو ڳپل وقت کان سنڌ
جي ڏات ۽ سونهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ واري سفاڪ قاتل جيان نشانو بنائي بيٺو آهي.
مون
کي پتو ناهي ته ڇو ان ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙي رويي کي ان وقت به غلط نه سمجهيو
ويو، ان وقت به ان رويي کي guilt ۽ روح تي شرمندگي جو ڳڻ نه سمجهيو هو، جڏهن
ڪنهن اهڙي ئي سياهه رات ۾ سنڌ جو عجيب کاهوڙي، لاکيڻو اي جي چانڊيو پريس ڪلب جي
ڏاڪڻ تي ڪي ڪلاڪ ڦٿڪندو رهيو هو پر سندس اڌ رات جا ساٿي، اُن ويلي شام جي گلاسن ۾
لٿل زهر سان ايترو ته بي سڌ ٿي چڪا جو هو کيس آخري وقت ۾ وقت سر سهارو ڏيئي ديوان مشتاق
جي وارڊ تائين به پُڄائي نه سگهيا هئا.
دوست
ته دوستن جا ڪُلها ٿيندا آهن، هي ڪانڌپي تي راضي ڇو ٿيا هئا، هي ڪهڙا دوست هئا...
مون سمجهيو هو ته اي جي چانڊئي وارو اهو اويلو موت سندن سيني ۾ ايڏو درد ڪندو جو
هو شام جي پيالي سان زندگي جي رس سان رهاڻ ته ضرور ڪندا پر اُن کي موت جي سوڙهي
پيچري بنائڻ کان ضرور ڇرڪندا. جڏهن به جنهن پل سندن گلاس زندگي جي رنگن کي وڃائڻ
لڳندا، تڏهن اي جي چانڊئي جي پريس ڪلب جي ڏاڪڻ تي پيل زندگي لاءِ پُڪار... کي زندگي
ڏانهن واپس ورائيندي موت جي بي معانگي تي سوچڻ تي مجبور ڪندي.
پر
ائين نه ٿيو هو. اِن ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار عزيز پلي به ٿيو ته ياسر ڪاڇيلو به انهن
شامن جو شڪار ٿيو.
ناز
کان پڇو... هُن جڏهن پونم تي اسر ويل هن چنڊ حسن جي جسم کي ڀاڪر وجهي اسپتال لاءِ
ٻي گاڏي ۾ منتقل ڪيو، تڏهن کيس ان دوست جو بار ڪيئن ڪائنات جو سڀ کان ڳرو بار لڳو
هوندو... دوست جي جوان موت جو بار آخر ڪهڙو ڪافر کڻي سگهندو هو.
سنڌ
۾ گهوڙن، ڳجهن ۽ مورن جي جيوت بچاءَ لاءِ ته پاڻ وٽ پراجيڪٽ هئا پر پاڻ سنڌ جي هنن
ڏات ڌڻين جي نسل جي بقا جو هُنر ڄاڻي نه سگهياسين. ڳجهون، گهوڙا ۽ مور بچائيندي
پاڻ حسن جهڙا شاعر ڏات ڌڻي مرڻ ڏنا... پاڻ هُن جا ڪُلها نه ٿياسين، ڪُلهي ڪانڌي
ٿياسين. ان بيترتيبي جي تال تي، ان رولاڪي، ان زندگي کي سنجيدگي سان نه وٺڻ واري
رويي جي سماجي ساراهه هڪ حسن نه ماريو، هن ڪيتري وقت کان هڪ هڪ ڪري پي نشانو چٽيو
آهي ۽ پوءِ سرعام... سڙڪ تي اسان حسن کي به ماري ڇڏيو، جوان عمري ۾، سندس سموري
شاعري جو باب بند ڪندڙ اِهو موت مون لاءِ سچ پڇو ته حُسناڪ نه پر ڪربناڪ آهي،
دهشتناڪ آهي، لڱ ڏڪائيندڙ آهي... مون وٽ ان موت لاءِ ڪائي به محبت نه... اَٿاهه
نفرت، ان خلاف ڪروڌ ۽ غصو ڀريل آهي.
حسن درس
تو کي ياد
ڪيوسين
ڪلال
مئي
پيتيسين،
تو
کي ياد ڪيوسين،
شعر
چياسين،
هيل
اسان،
مينهوڳيءَ
جي مند،
سهڻي
ريت گذاري آهي.
(تنوير
عباسي)
اسين اتي اچي ڪٺا ٿيا هئاسين، جنهن لاءِ مرشد لطيف فرمايو آهي ته،
هيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪنور ٽڙن،
وريي وانهوندن، ڪينجهر هندور ٿئي.
(شاھ)
وقت، ماحول، ڏيک، تحرڪ، سڀڪجهه ته تنوير جي شعر مثل هو، فقط مُند
وسڪاري جي ڪا نه هئي، البت وانهوندن جي رُت ته هئي، جيڪا به ته ڪينجهر کي هندورو
ڪندي آهي. اسين سڀئي گڏيا هئاسين، اُن شخص کي گڏجي سارڻ لاءِ، اُن جون ڳالهيون ڳڻڻ
لاءِ، جنهن جو نالو آهي ”حسن درس“. سو مايوسي، بي زاري، بي وسي ۽ نڌڻڪائي جي احساس
۾ مبتلا اسان ماڻهن اها رات سهڻي ريت گذاري هئي.
غلام حسين خواجي کي لک شابسون، جنهن اسان کي هي ڪاڄ سينگاري، رات سڄي
ٻوساٽ مان ڪڍي خوشبوءِ جي ڀاڪرن ۾ کڻي آندو هو.
طارق مون کي اتي وٺي ويو هو. شام ٽاڻي ڪينجهر جي بند تان ٺهيل رستي
تان ڊوڙندڙ گاڏيءَ مان ڪينجهر جي مٿان نهار اڇلائڻ سان پنهنجو وجود گم ٿيڻ لڳو هو.
نيري آڪاش کي ڪينجهر پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري رکيو هو. هي جيڪو نيرو پاڻي ٿيندو آهي،
جنهن جي رنگ مان سڄي ڪائنات جي ڪشادگي بکندي آهي. پاڻيءَ جو اهو نيرو رنگ مون کي
ساروڻن جي جهڙو لڳندو آهي يا شايد اُتساهن جهڙو نيرو رنگ ڪهڙي ڪيفيت جو اظهار آهي،
اها ڳالهه ڪڏهن اياز جوکيي کان پڇي وٺبي، پوءِ جڏهن سورج ٻڏڻ لڳندو آهي، ان ۾ ته
پاڻيءَ جي انهيءَ نيري رنگ مان اداسي اڀرڻ لڳندي آهي، جيڪا وجود کي وڪوڙي ويندي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ته اداسي اناميڪا هوندي آهي، جنهن جو ڪو ڪارڻ ڪو نه ٿيندو آهي، نڪو ئي
نالو.
ها، پر اڄوڪي اداسيءَ جو نالو هو حسن درس جو ڦوڙائو، جنهن جي شاعريءَ
۾ انساني ڪيفيتن جا سڀ رنگ سمايل ملندا آهن. سار جو سمون، شام هوندي آهي يا
ڀنڀرڪو، پر هن ته چيو هو ته،
لٿو ٿي لاڙ تان سورج،
سمو ڪنهن سار وانگي هو.
سندس اهي ئي سارون، جيڪي دلين ۾ ديرو ڪري ويٺيون هيون، سي کولي،
هڪٻئي جي آڏو رکڻ لاءِ ڪينجهر ئي مليو هو، اسان کي پناهه گاهه طور، منچ طور، ڪنهن
همدرد يار طور. غلام حسين جي انهيءَ چونڊ ۾ به ته هو پاڻ ئي سمايل هو، جنهن جي
زندگيءَ جا اڪثر پهلو جماليات جو جَبرو اظهار محسوس ٿيندا آهن. (سڄي ڄمار حسن
ڪچهرين لاءِ، اهڙيون ئي جمال ۽ محبت جون اهڃاڻي جايون چونڊيندو رهيو هو) هي هنڌ
(ڪينجهر) ”ساري سنڌ کي پرينءَ جو پاڇو ڪوٺڻ واري حسن درس جي جمالياتي حسن جو اهڃاڻ
به آهي ته ”اعتراف“.
”لڳي وئي لاڙ سان لؤن.“
جاءِ جي چونڊ کانسواءِ جيڪا ڪاڄ جي ترتيب ۽ ڪوٺين جي فهرست ٺاهڻ ۾
حسن جو ذوق گڏ هو. لڳو پئي ته سڄي انتظام ۾ حسن پاڻ شامل هو. مون کانسواءِ ان
فهرست ۾ صحافت، سوشل ورڪ، ادب ۽ شاعريءَ جا ناميارا ماڻهو جان خاصخيلي، اسحاق مڱريو،
اقبال رند (جيڪي مون سڃاتا) ناول نگار محمد حنيف، اداڪار ۽ بانسري وادڪ شرجيل
بلوچ، مسعود لوهار، غلام حسين خواجو (جيڪي حسن سان گڏ رهيا).
ها سچي، حسن جي زندگيءَ جي غالب پهلو، يعني سندس تصوف سان لؤن ۽ ان
جو ادراڪ واري حوالي سان اسان سان ساڻ هو. حضرت خواجه غلام فريد رح جو گادي نشين
سائينءَ دوستن کي ميلي جي ڏس ۾ ”روهي“ اچڻ جي دعوت به ڏني. روهي، جنهن لاءِ
”فريدڻ“ سائين پاڻ فرمائي ويو آهي،
”وچ روهي دي رهنديان هِن،
نازڪ نازڪ جٽيان،“
روهي تي عجب بهار وسي
جٿان مئن نماڻي دا يار وسي
روهي کي مائي ڀاڳي (سنڌ جو لافاني ۽ لاثاني آلاپ) به ڳايو.
”اهي نازڪ نازڪ جٽيان،
کير پينديان هِن اوٺي.“
”اهو ڏانوڻ گهتيوني،
رانجهن سائين،
پرديسيان دي روح ڪون“
انهيءَ روهي جا به ڪي ڏانوڻ پيل هئا، حسن جي روح کي هو به روهي ويندو
هو (شايد) جٽين جا ڏڌل اوٺا کير پيڻ.
(اُتي هو اسحاق مڱريي وارن کي به ڪيترا ئي ڀيرا ”پنائڻ“ وٺي ويو هو).
(ها! البت مون کي اُتي رسول بخش درس، بخشڻ مهراڻوي ۽ عزيز گوپانگ نظر
ڪو نه آيا. سندن نه هجڻ جي ڪارڻن جون نزاڪتون مون جهڙي ڄٽ جي مغز کان مٿاهيون آهن،
پل لاءِ هڪڙو مردود خيال منهنجي من ۾ اڀريو هو ته ڪٿي اهو حسن جو ڪفن پورڻ يا ساڙڻ
وارو تنازعو ته ڪونه هو!)
ڪينجهر جتي،
”مئي هٿ ۾ مڪڙي ڄام هٿ ۾ ڄار“
وارو ڪڏهن منظر هو ته اڄ وري اها چُڀن به من کي پروڻ ڪرڻ واري رکي آهي،
”زمانو زور سان تڙ تان،
تماچين کي تڙي ٿو پيو.“
يارن حسن جي پورٽريٽ آڏو بيهي ڳالهايو ۽ ڀرسان ساز رکيا هئا.
هر هڪ جي ”ڳالهه جي ڳل تان ڳوڙهو پئي ڳڙيو“
دوستي پنهنجي ڪيفيتن کي لفظن جو ويس ٿي اوڍايو (اها ئي ڪرت ته حسن
ساري ڄمار ڪئي هئي)
ميلان ڪانڊيرا (جنهن کي اسان جو پيارو سائين علي ڏنو شاهه ”ملون
ڪانڊيرو“ ڪوٺيندو هو) لکيو آهي ته ”منهنجي قوم (چيڪ) ٻه سَو سال تاريخ مان گم ٿي
وئي هئي، جنهن کي پوءِ اسان پنهنجي لوڪ گيتن مان ڳولي ڪڍيو.“
اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته حسن کي ڪيڏو نه ادراڪ هو، لوڪ شاعري، لوڪ ڏاهپ ۽
لوڪ موسيقيءَ جو!
انهن ڳالهين سان لاڳاپيل ماڻهن کي هو پنهنجو روح ريجهائڻ لاءِ پيار
جي سڳي ۾ پوئي رکندو هو! ۽ هتي اسان سان اهڙي ئي سندس پيار جي مالا جا مڻيا گڏ
هئا، ڪو سرندي نواز، ڪو مورو ڳائڻ وارو، ڪو لوڪ گيت ڳائڻ وارو، اُهي حسن جي شخصيت
جا سگهارا حوالا آهن.
ساڪري جي دوست (ڪنڌ وٺڻ واري ساز) تي ”سارنگ“ سان شروعات ڪئي.
(ڪينجهر کي ڏسي من ۾ آيو هو ته شروعات ”ڪاموٽ“ سان ٿئي ها)
پوءِ جڏهن سرندي تي ”سورٺ“ جا سر ٻرڻ شروع ٿيا ته مون سان گڏ ويٺل
غلام حسين جي ”سدا جوان“ پيءُ جي چپن مان جهونگار نڪتي هئي،
”سوَ سرن پائي- جي تند برابر توريان.“ (لطيف)
سرندي سان گڏ مورو ڳائڻ وارو فنڪار به اسان سان گڏ هو. مصرع ۾ دوهي
مثل هي لوڪ گيت، جيڪو اڪثر ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ ڳايو وڃي ٿو. هي گيت (جيئن اسان کي
ٻڌايو ويو) مائرون، پنهنجي ڳڀرو پٽن لاءِ ڳائينديون آهن، اهي جن لاءِ مرشد سائين فرمايو
آهي،
هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اِيءُ مرڪ.
اسين سنڌي ماڻهو، سدا جا سنگرام ۾، خاص ڪري اڳين ۶۳ سالن کان، اسان جي روح کي واجهه وجهڻ لاءِ ”موري“ ۾ ڏاڍو مواد آهي.
حيرت اها آهي ته سرندي وڄائڻ واري، ڪلاسيڪل انگ جون جهلڪون پڻ
ڏيکاريون، گهڪ به ته تانون پڻ.
رات جي لڳ ڀڳ ٻي وڳين اسين سمهڻ لاءِ، Huts وٽ
پهتاسين، ٻاهر ويٺاسين ته شرجيل بلوچ تجويز ڏني ته ڪرسيون کڻي اڳتي، ڪينجهر کي اڃا
به اوڏڙا ٿي هلي ويهون (ڄڻ ته ڪينجهر جي پاڻيءَ ۾ پير وجهي)، (اهڙي تجويز فقط ڪو
فنڪار ئي ڏيندو آهي).
اُتي پوءِ هئا ڪينجهر جا (اسان کي کيڪارڻ ۽ پنهنجائپ ڏيکارڻ لاءِ
ڇنڊا) ۽ شرجيل جي بانسري جا سر. سر جيڪي لڙيءَ رات جي روح مان نڪري، اسان مڙني کي
سحر ۾ ويڙهيندا پئي ويا.
شروعات ۾ ”لنگهه آجا پتڻ چناهه دا- وي يار لنگهه آجا“
پوءِ ايمن-
پوءِ ڀيروي-
مون سوچيو هو، اهو سڀ حَسن جو Realm آهي.
هو پاڻ تي بانسري ۽ سرندي جا سر ويڙهي هلندو هو يا لوڪ گيتن ۾ رهندو هو.
”اسان پرين پاڻ ۾، ويهي گذاري رات الا“
”مون اوهان سان ڪو نه ڪيو، ڇنڻ خاطر سڱ“
”سنهيءَ گهٽيءَ سپرين- گونگا ٿي گڏيام.“
”هنيون هيرڻ پن جيئن- ڦٽي ٿيو ڦارون.“
حسن ته آتڻ ۾ تخليق ٿيندڙ حسن جو تمثيل هو.
زندگي ڀلي اهڙي،
ٽُڪ تي رلي جهڙي،
مان وڇايان، تون نه ويهين،
ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان.
مون اڳي به لکيو هو ته مون هڪ ڀيري حسن (آخري ڀيرو ملڻ وقت) ٻڌايو هو
ته ”آءٌ جڏهن به اٻاڻڪو ٿيندو آهيان ته ڳوٺ ڀڄي ويندو آهيان.“
فنڪار معصوم ٻار مثل هوندو آهي. ڪهڙي پل اٻاڻڪو آهي ۽ ڪهڙيءَ گهڙي
پرسن، سو سڀ سندس اظهار مان ملندو آهي ۽ ڀڄي ماڻهو ويندو آهي، پناهه گاهه طرف.
واپسي تي وجود تي ڪهڙي ڪيفيت ڇانيل هئي؟ ڪا خبر ڪانهي!
آءُ سڌو پنهنجي ڳوٺ ڀڄي ويس،
منهنجو ڳوٺ، جتي اڄڪلهه واهوندي جا جهوٽا انبن جي ٻور سان ٻکجي، ڳوٺ
جي هر ڳليءَ ۾ هٻڪار ڇٽڪاريندا ٿا وتن!
منهنجو ڳوٺ، جتي سڀئي ستارا نيڻن ۾ پيهي ويندا آهن، جتي نظر جي نهار
جو ڇيڙو ٿئي ئي ڪونه، جتي دل اڏامڻ لڳندي آهي، ڌرتيءَ جي ڇيڙي تائين ڪائنات جي انت
تائين!
منهنجو ڳوٺ،
”پراڻو ڳوٺ ”آ“ ليڪن،
پرينءَ جي پار جهڙو ”آ“
پڇاڙڪا اکر:
هي ڪالم اڻ پورو آهي. منهنجي لکڻين ۾، منهنجي شاعريءَ ۾ اهو منهنجي
مرڻ تائين پيو لکبو، پر تڏهن به اڻ پورو ئي رهندو!
حسن درس
جنھن جي پنجين ورسي به گذري
وئي
علي ڏنو جروار
سنڌ جي
بهترين شاعر ۽ دلبر انسان حسن درس جي پنجين ورسي به خاموشي سان گذري وئي. شايد سندس
ڳوٺ واري تقريب کانسواءِ ٻيو ڪو به پروگرام وغيره نه رکيو ويو ۽ ٻيو اهو ته سائين رسول
بخش درس جي طبيعت به ٺيڪ نه آهي، نه ته اهو هڪ اهڙو جاکوڙي انسان آهي جو ڪنهن نه ڪنهن
تقريب جو اهتمام ضرور ڪري وٺي ها!
حسن درس
سنڌ جو انتهائي ڀلوڙ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس بي وقتو ۽ ڏکوئيندڙ وڇوڙو، سنڌ واسين
لاءِ انتهائي جهوريندڙ الميو آهي. هونئن ته هر جاندار لاءِ موت جو ذائقو رکيل آهي.
اها حقيقت به آهي ته بقا کي فنا ڏانهن ئي وڃڻو آهي. پر اسان جو حسن درس جنهن حساب سان
تڙپي تڙپي سنڌ واسين کان جدا ٿيو. اهو احساس ايذائيندڙ آهي. حسن درس زخمي ٿيڻ کانپوءِ
جنهن مرحلي مان گذريو آهي سو هڪ سوچڻ جو مقام آهي. اڃا تائين اسان اهو طئه نه ڪري سگهيا
آهيون ته حسن درس جي موت جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏيون!!!
ڇا شهيد
هوش محمد شيدي پل جي انهي بدنصيب ٿنڀي يا پلر کي ڏوهاري قرار ڏيون، جنهن سان سندس ڪار
ٽڪرائي هئي يا وري انهي پوليس موبائيل کي ڪا معيار ڏيون، جنهن ٻئي ٿاڻي جي حد جو واقعو
سمجهي هڪ رت ۾ ٻڏل ۽ تڙپندڙ شخص کي نظر انداز ڪري ڇڏيو يا انهي حد بندي واري قانون
کي ڪو ڏوراپو ڏيون؟
حسن درس
ته اسان کان پنج سال اڳ وڇڙي ويو. اسان اڄ تائين ان جي نالي ڪا لائبريري، ڪو ڪارنر،
ڪو اسڪول، ڪو چؤڪ به نه ڪري سگهيا آهيون. ٻيو ته ٺهيو پر حسن درس جا ڪجهه ذاتي دوست
هينئر مقدس ادارن ۾ ويٺا آهن، جن کي ٻيو ڪجهه نه ته به اهڙي قسم جو قانون ضرور پاس
ڪرائڻ گهرجي جو رستن تي، واهن ۽ ڪئنالن ۾ درياءَ ۾ تڙپندڙ انسانن ۽ لاشن کي کڻي اسپتالن
تائين پهچائي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ٿاڻن جي حد بندي جو جواز ڄاڻائي اهم ۽ سنگين
نوعيت جي واقعن ۽ حادثن کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، جيڪا ڏکوئيندڙ صورتحال آهي. زخمي
انسان ۽ لاش جو اهو بنيادي حق آهي ته ان کي ڪنهن ويجهي اسپتال ڀيڙو ڪيو وڃي، پر اسان
وٽ ان جي ابتڙ صورتحال آهي، ڪيترن واقعن ۽ حادثن جا شڪار ٿيل ماڻهو ٿاڻن جي حد بندي
سبب انصاف لاءِ واجهائيندا رهندا آهن.
نسيم کرل
به پنهنجي ڪهاڻي ”چوٽيهون در“ سکر بئراج جي دروازن ۾ ڦاٿل هڪ لاش جو ادارن طرفان ٿيندڙ
آڌرڀاءُ ڏسي لکي هئي، اسان سڀني جو هي فرض آهي ته قانون جو احترام ضرور ڪريون، پر ڪنهن
رت ۾ تڙپندڙ انسان کي بچائڻ لاءِ به ڪو قدم ضرور کڻون، جيڪو قدم يقينن انسانيت جي خدمت
جي ذمري ۾ اچي ٿو. سو اهڙي قسم جي قانون سازي جي سنڌ واسي دل ۾ آجيان ڪندا.
حسن درس
جي شاعري تي ۽ ان جي شخصيت تي هن کان پهرين گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، پر هي اهڙو پهلو
آهي، جنهن تي لکڻ تمام ضروري آهي، مون کي اميد آهي ته هي سٽون پڙهڻ کانپوءِ سنڌ جا
اهل علم، اهل دانش، ليکڪ، سول سوسائٽي، صحافي ۽ پڙهندڙ هن معاملي جي حل لاءِ پنهنجن
قلمن کي حرڪت ڏيڻ جي زحمت ضرور ڪندا.
حسن درس
جي لاءِ ماهتاب محبوب هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”رات جو ٽين وڳي ڌاري دوستن وٽان موٽندي چنڊ
گرهڻ کيس پونم پيٽرول پمپ کان اڳتي زندگيءَ جي رستي تي هلڻ جي مُهلت ئي نه ڏني، انهي
ساڳي پيرا ۾ ماهتاب محبوب حسن درس جو هڪ جملو به لکيو آهي ته ”اسان چاٻي جي رانديڪي
وانگر آهيون، چاٻي ختم ته زندگي به ختم“ ها!! بس.....
جتني چابي
بهري رام ني، اُتنا چلي کهلونا...
ها!! حسن
جي شاعريءَ ۾ فجر ويل جو ڪيترن ئي هنڌن تي ذڪر اچي ٿو ۽ اها ئي گهڙي، وقت يا ويلو سندس
موڪلائڻ يا وڇڙڻ وارو ثابت ٿيو.
حسن درس
درد، وطن ۽
وڇوڙي جو شاعر
اظهار سومرو
”شال خدا اسان کي صبر سان هِن بيوسيءَ کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ڏي!“ هي
لفظ ڪنهن ٻئي نه پر سنڌي ادب جي خوبصورت ڪهاڻيڪاره ميڊم مهتاب محبوب جا آهن، جنهن
کي حسن درس پيار مان ”امي“ ڪري ڪوٺيندو هو. اڃا مٿين سٽن جي سٽ سهڻ جي ڪوشش ڪريون
ٿا ته نثري نظم جي سٺي شاعره ادي ارم محبوب جا هي لفظ ڄڻ ته روح کي ڪرچيون ڪرچيون
ڪري ٿا ڇڏين، جڏهن هوءَ لکي ٿي ته ”مان ڇا لکان... مان ڪيئن لکان.... هن لاءِ....
جنهن سان منهنجا جهيڙا به هئا... جنهن سان منهنجا ميڙا به هئا.... جيڪو منهنجي
زندگي به هو... ۽ جيڪو منهنجو موت به آهي....“ حسن درس جي ڪٽنب جي ٻن عورتن جو
درد، مون کي روئاڙڻ لاءِ ڪافي آهي. هاڻي مان حسن درس سان سڌي ريت مخاطب ٿيڻ لاءِ
سندس پهريون ۽ آخري ڪتاب ”حسن درس جو رسالو“ کوليان ٿو، ان ويل مون کي حسن جي باري
۾ هيءَ سٽ سامهون اچي ٿي ته هو جيڪو زندگيءَ ۾ ”زندگي، رنگ، پکي، عورت ۽ عشق“
مصداق رهيو ان جي وئي کانپوءِ هاڻي هو ”موت، درد، وطن، وڇوڙو ۽ شاعري“ بڻجي ويو
آهي. هن ڪمهلي موت جي ڪک مان جنم وٺندڙ بي اعتباريءَ ۾ هڪڙو اوسيئڙو به آهي، جيئن
هو پاڻ لکي ٿو ته:
”تون نه موٽئين، مون نه سوڌي ننڊ ڪا
نيڻ ڏيئن جيئن ٻريا پئي تاڪ ۾
هي حسن آواره گرد آدمي
تو ڏٺو آ ڇا ڀلا رولاڪ ۾.“
حسن درس تي هڪ دوست جي حيثيت ۾ لکڻ نٿو چاهيان، سوچڻ به نٿو چاهيان،
ڇو ته ائين ڪرڻ سان لفظ قلم مان نه پر منهنجي نيڻن مان ٽمڻ لڳن ٿا، دل ويهجي وڃي ٿي، منهنجو ته ڏينهن رات، رستو به ساڳيو
آهي، جتان ڪڏهن گڏ گذرندا هئاسين پر اڄ مان اڪيلو گذرڻ ويل هن جي باري ۾ گهڻو سوچڻ
بدران مصروفيت ۾ پناهه وٺڻ لڳان ٿو. اهو درد، جيڪو حسن درس جي گهر ڀاتين جي دلين،
خالي بستري، ڪمري ۾ رکيل الماريءَ ۾ پيل سندس لباس، ڪتابن جي ڪٻٽ، ڳوٺ مشائخ هوٿي
۾ موجود اوطاق، قاسم آباد واري اوتاري ۾ موجود آهي، اهو درد جيڪو هن جي دوستن جي
دلين ۾ ڪنهن ڇيت وانگر مسلسل چڀي رهيو آهي:
”آئون تو منجهه مئو پيو آهيان
پاڻ تون پاڻ، تون ڪٿي جانان!
ڪهڙي ڪنڊ ڪائنات جي وڃي ورتئي
پاڻ کي آڻ، تون ڪٿي جانان!“
هو سچ به اسان ۾ آهي، هو مري نه ويو آهي ڄڻ ته اسين سڀ مري ويا
آهيون، جن سان هن پيار
ڪيو يا جن کي هن پيار ڪيو. هن زندگيءَ ۾ پنهنجي درد کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو پر سندس شاعري
ان جي چغلي هڻي رهي آهي. فرد جو درد، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو موضوع، سڀ کان وڏو
مسئلو آهي.
”ڇو لڪائين ٿو منهن، لڪين ڇو ٿو؟
ڇڏ ڇڪتاڻ، مان ڏسان چهرو.“
هو وڏو عشاق هيو پر مان چاهيان ٿو ته سندس درد، اندر جي ڪيفيت جي
اپٽار ڪريان، ڇاڪاڻ ته هو ”عورت، شراب ۽ گهوڙا“ واري ڇاپ کان گهڻو وڏو ماڻهو هيو،
سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو ”ماڻهو“ هيو، هتي ته ماڻهوءَ جا ماسڪ پهريل ڪيئي بگهڙ ڏٺا
آهن، جيڪي پاڻ کي ماڻهو سڏائڻ تي بضد آهن. سو هن جهڙو ”ماڻهو“ ئي ماڻهوءَ کي سمجهي
سگهي ٿو، سو به اهڙو ماڻهو جنهن جي اکين جا برش شعرن جون تصويرون ٺاهيندا هئا جن ۾
هن جا احساس اهڙا رنگ ڀريندا هئا جو ماڻهو دنگ رهجي وڃي.
”ڇڻي ڇانو آخر آ، پٽ تي سمهي پئي
وڻن جا وڏا بنڊ، ڪاٺير هيٺان!
جيئڻ جاڳندو آ، مرڻ ننڊ وانگي
عمارت ستي آ، وڏي ڍير هيٺان
حسن هاءِ تنهنجون، اکيون ٻئي عقابي
ڇڪي ڇوڪريءَ کي، کڻو ڇير هيٺان.“
هو پنهنجي دل جي درد کي، مور جي درد وانگر پيش ڪري ٿو.
”آئون اڪيلو، آهيان ڇا هي؟
جوڙا جوڙا، ڳوڙها آهن.“
هن جي شخصيت جو جادو ته اڄ به اثر رکي ٿو پر پاڻ هاڻ هن جي ورثي، هن
جي شاعريءَ سان مخاطب آهيون، جيڪا هن لاءِ ڪنهن حڪيم جي نسخي جيتري قيمتي هئي،
تڏهن ته هو ان کي راز ۾ رکندو آيو. هو شاعريءَ سان ڪجهه هن ريت مخاطب آهي:
”ڇا تون مون لئه ليئو ٿيندينءَ
ڇا تون مون کي ڏيئو ڏيندينءَ
وارياسي ۾ ويندس آئون
پوءِ تون پويان منهنجي ايندينءَ
مون سان گڏجي بيٺي هوندينءَ
مون سان گڏ جي واپس ويندينءَ.“
هو دوستن جي وچ ۾ به ڪيڏو ته تنها هيو، هجومن جي وچ واري تنهائي،
جنهن ٽيگور کي سياستدان بدران شاعر بڻايو، اها ساڳي تنهائي جلندڙ سگريٽ جي ساٿ ۾
هن سان هميشه گڏ رهي.
هو پنهنجي درد کي عشق ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، هو ڄاڻي واڻي پاڻ کي
رنگين مزاجيءَ ۾ ٻوڙڻ ٿو چاهي، پر هر ڀيري هن جو درد صبح جي سج وانگر نڪري ٿو اچي.
هو چپ ڪري ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ وارو ماڻهو هيو ۽ ٻڌڻ وارا ئي سکندا آهن.
ڏسو ته سهي، هو ڇا ٿو چوي، ڇا ڇا ٿو چوي:
”هجومن ۽ هشامن، هيڪلائيءَ کي جڏهن جنميو
ڏٺو مون روح پنهنجي کي، انڌاري غار وانگي هو
مڇيءَ جي اک مان ويٺي، ڏٺو مون هر ڏهاڙي کي
لڙاٽيل وقت ۾ لمحو، لڳل ڪنهن ڄار وانگي هو.“
ها هو ازلي عشق جي تلاش ۾ هو، پنهنجي اندر جي ڳولا ۾ هو يا پنهنجي
درد کي معنيٰ جو لباس پهرائڻ لاءِ پنڌ ۾ هو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ آخر ڪنهن سان
مخاطب آهي، اهو ڪير آهي؟
”جيڪو جوڙي ٿو
سوئي ٽوڙي ٿو
بي حد بيٺو آ
ڪيڏو ڊوڙي ٿو.“
هن جي حياتيءَ جو سفر اها بيٺل ڊوڙ هئي جنهن ۾ هو مشائخ هوٿي کان
نڪتو ۽ اتي ئي وري واپس پهتو.
هو موت سان به مخاطب ٿئي ٿو ۽ ان کي پنهنجو دلدار به ڪوٺي ٿو.
”شاملِ حال ڪو ته هوندو هو
منهنجو دلدار موت هوندو هو.“
جيئن هو چوندو هيو ”سمنڊ ٿو مون کي سڏي، مان هليو ويندس هتان“ اهو
انڪشاف هو پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪندو رهيو ته ماڻهو جو مسئلو زندگيءَ کان وڌيڪ موت آهي!
درد ۽ موت کانپوءِ هن جي شاعري هاڻي حسن درس جي سڀ کان پهرين ۽ آخري
سڃاڻپ بڻبي، هن قدآور شاعرن جي قطار مان نڪري ڪيئن پاڻ کي پري کان پسايو، ڪيئن
پنهنجي ڌار رستي ۽ ڌار گهٽيءَ جي چونڊ ڪئي:
”ائين ماڻهو بدلجي ملڪ ۽ هڪ قوم ٿي ٿو پئي
وطن تان جان وئي واري، وري سا خود وطن ٿي وئي.“
هو مسلسل پاڻ کان سوال پڇندو ٿو رهي، اها تلاش ڪنهن جي آهي؟ هو ڪنهن
کي پيو ڳولهي، پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪنهن کي پيو ڦولهي. شاعريءَ ۾ هو غزل جو شاعر نه
هيو، هن جي لفظن جو معراج نثري نظم ۾ آهي ۽ نظم ۾ موجود موسيقيت، منظر ڪشي ۽ خيالن
جي اڏام ڏاڍي اتساهيندڙ آهي.حسن جيڪو ”پنهنجي ڦاٽل جهولي“ ٿيڻ لاءِ پريشان آهي، ان
جو نظم ”اڄ به منهنجي عاشقي ڄڻ آڳ آهي“ سندس خيالن جي خوبصورتيءَ ۽ وطن سان پيار
جو عملي اظهار آهي.
”هن ديس جي هر هڪ گهٽي
منهنجي رڳن ۾ ٿي لهي
هن ديس جي هر ڪا دري
منهنجي اندر ۾ ٿي کلي!“
هو رومانس جو راڻو هيو ته پوءِ ڀلا سندس شاعريءَ ۾ موجود رومانس واري
رنگ جو ذڪر ڇو نه ڪجي.
”آبشارن جا بدن بيهن نٿا
عورتون اوچائيءَ تان ڪيئن ٿيون ڪرن؟
وقت جا هٿ پيا پهاڙن کي گهڙن.“
هن وٽ سونهن جي تشريح ڪهڙي هئي؟ اهو بنيادي سوال آهي. هو عورت جي
سونهن کان گهڻو مٿي، سموري حسناڪيءَ جو آغاز، فطرت جي سونهن ۽ پنهنجي وطن جي سونهن
سان ڪري ٿو:
”ذڪر ڪرڻ جهڙي ڌرتي
خدا جي تصور جيتري پراڻي
عورت جي پيٽ جيان لسي....
مفاصلو ريشمي ڪپڙي وانگي
ويڙهي سگهجي ٿو
۽ ڌرتيءَ کي پوڙهي ماءُ جي هٿن جيان
ڇهي سگهجي ٿو.“
هو پنهنجي محبوبا جي تصوير به ته پنهنجي شاعري ۾ ڏيکاري رهيو آهي، ڇا
ڪڏهن ڪنهن شاعر اڳ اهڙي دلڪش تصوير ٺاهي هوندي:
”اس جهڙو رنگ تنهنجو
مان ٻکيان ٻانهون مگر
اڀ وانگي ٿو اٿي
اوچتو هر انگ تنهنجو.“
هن جي شاعريءَ ۾ شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جي وڇوٽين جو ذڪر واضح
نظر اچي ٿو، هو پنهنجو ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ کي محبوب ڳوٺ ڪوٺيندو هو، شهرن جي
رولاڪيءَ کانپوءِ هن لاءِ اهو ڳوٺ ماءُ جي هنج جهڙي پناهه وانگر هو، رستي ۾ هو
ٽنڊي آدم سان به پيار جي پاند ۾ ٽانڪبو ويندو هو. شهري سماج ۾ رهڻ باوجود هو
ڳوٺاڻي ماحول لاءِ ماندو هوندو هو:
”هو لکي ٿو لفظ
ڪيڏي خار ٿي هن کي اچي!
هو الائي ڇا ته ٿو چاهي؟
سدائين ڳوٺ ٿو ڪاهي.“
يا وري هي سٽون:
”مشائخ شاخ مان وهندڙ
سڄو پاڻي لکي وٺجان.“
حسن درس، منافقيءَ کان سخت ڪرڀ کائيندو هيو، جنهن جو تفصيل سان ذڪر هن پنهنجي نظم ”جهرڪين کي خوار
خراب نه ڪريو“ ۾ ڪيو آهي. هو انهن ليکڪن جي عجيب حرڪتن تي چڙکائي ٿو، جيڪي ”پبلشر جي
پڇ ۾ هٿ وجهيو پيا ڊوڙن.“ ان نظم ۾ ڇا ته خوبصورت سٽون آهن:
”جهرڪين کي خوار خراب نه ڪريو!
پيار جون پرچيون ٺاهي
ڪڻا نه ڪڍو!
ديس جو نالو وٺي داڦڻ بند ڪريو
وطن لاءِ ويڙهه ۾ ڦوڪڻا ڦاڙڻ ڇڏيو!
نيم حڪيم نادانو!
توهان جا تجويز ڪيل نسخا
مريضن کي مارين پيا!!“
هو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي سيني ۾ دل وانگر سدائين ڌڙڪندو رهندو، ان جو
نظم ”اگهاڙيون ڪهاڻيون“ ڄڻ ته اجنتا جي غفائن جي شاعراڻي تصوير ڪشي آهي، ڇا اڳ
ڪنهن جبلن کي ”اونڌين ليٽيل اگهاڙين عورتن“ جهڙي تشبيهه ڏني آهي؟ ”پنرجنم“ هميشه
کان بحث طلب موضوع پئي رهيو آهي، حسن پنهنجي نظم ”لڳي ٿو لوڪ موسيقي“ ۾ ان ڏانهن
اشارو ڪري ٿو، تڏهن مان سوچيان ٿو ته ڇا ”پنرجنم“ جو موضوع اسان لاءِ اهم آهي يا
ان کي رد ڪري ڇڏجي، سوچجي يا نه سوچجي.
”وڃان ٿو ڌنڌ ۾ ڌوڪي
هميشه ۾ هران آئون!
ڏيان اوڌر حياتيءَ کي
۽ گيتن کان گهران آئون!
اچڻ ۾ مان وڃان پٺتي
۽ موٽڻ مان اچان آئون!“
فطرت سان هن کي ورڊس ورٿ کان وڌيڪ پيار هيو، جيڪر هي سٽون انگريزيءَ
۾ ترجمو ڪجن ته هوند منهنجي ڳالهه جي تصديق ٿي وڃي ٿي:
”ڍنڍ هن کي ماءُ وانگي آ مٺي
واءُ هن کي ڀاءُ وانگي ٿو لڳي.“
روشن خياليءَ لاءِ ڪشاده دلي گهرجي ٿي ۽ هڪ شاعر جي روشن خيالي ان جي
شعرن مان ڏسي سگهجي ٿي، حسن درس سنڌ ۾ ڪاري ڪري ماريل ڇوڪريءَ جي باري ۾ جيڪي ڪجهه
لکيو آهي، اهو گهڻا رڳو سوچڻ جي سٽ به ساري نٿا سگهن:
”اها ڇوڪري جا اگهاڙي نه هئي
اسان کيس ويڙهي رکيو آ وطن!
مٽيءَ ۾ ته آهن، مئا پوربا
اسان کيس دل ۾ ڪيو آ دفن!“
حسن درس کي الائي ڇو ائين لڳي ٿو ته جدائيءَ ۾ ئي ڪٿي ميلاپ لڪيل
آهي، تڏهن ته هن لکيو هو ”جداين، وصالن جي ڪيلاش وادي“ يا وري هي سٽون:
”وصل کي جو ويڙهي وڇوڙو وڇايئون
تڏهن ياد آيم ته هي به ملڻ آ.“
يا وري ”ڪتابن جون ڳالهيون“ نظم ۾ به ساڳي ڪيفيت بيان ڪري ٿو:
”ائين بس ملياسين جو وڇڙي وياسين
وڇڙي وڃي پوءِ وڻن ۾ ڦٽاسين
ڪتابن جون ڳالهيون ڪتابن ۾ آهن
مگر موسمون ته گلابن ۾ آهن
سوالن نه ساهي کڻڻ ڪا ڏني
جوانيون ته جملن جوابن ۾ آهن.“
هو ته پاڻ کي ”وصل جي وڻڪار“ ٿو ڪوٺي. جيڪر هن جي حياتيءَ کي سمجهڻو
آهي ته ان ۾ ڪنهن حد تائين سندس نظم ”غالب ڇو ته ٿيان ٿو آئون“ مدد ڪري ٿو، پر
پوين ڏينهن ۾ مون هن جي شخصيت ۾ ڪمال تبديلي ڏٺي، هو جيڪو رولاڪ ۽ غير ذميوار هجڻ
جا طعنا سڄي حياتي برداشت ڪندو رهيو هو، ان کي مون هڪ ذميوار ماڻهو وانگر ڏٺو،
جيڪو پنهنجي اولاد جي تعليم، سندن مستقبل جي باري ۾ فڪرمند رهندو هو، هڪ ذميوار
مڙس ۽ پيءُ وانگر هو جستجو ۾ هيو ته زال ۽ اولاد لاءِ ۽ ٻين گهر ڀاتين لاءِ ڪجهه ڪجي، ان دوران هن جيڪي دوکا
ڏٺا، جيڪي فريب ۽ ڪوڙا واعدا برداشت ڪيا، تن هن کي ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ وڌيڪ سگهه ڏني.
حسن درس، مزاج ۾ روحاني رمز رکندڙ ضرور هيو پر هن جي اها سوچ به
ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي تسلسل ۾ هئي، سندس ان سوچ کي سمجهڻ لاءِ نظم ”ڪجهه به نه،
ڪجهه به نه“ ضرور پڙهڻ گهرجي. هاڻي جڏهن هو جسماني طور اسان وٽ نه آهي، تڏهن سندس ڳالهيون وڌيڪ واضح ٿينديون پيون
وڃن.
”پنهنجي ته سڄي طاقت
دل ۾ ئي دفن آهي
جيئري به مئل ماڻهو
ڪپڙو به ڪفن آهي.“
يا وري هي سٽون:
”زندگي جي ساز تي
موت جي ڳنڀير ڌن
سڀ سڻندا ٿا رهن.“
هو موت کي محبوبا سان ملائي ٿو ڇڏي ۽ مان سوچڻ لڳان ٿو ته جوانيءَ ۾
هن کي موت ايترو ڇو ياد اچي رهيو هو، ها پر ۱۶ جون جي ان رات مون کي منهنجي سوال جو جواب ڏئي ڇڏيو:
”تون زندگي جهڙي
مون کي ويجهڙي آهين
۽ مون تي
موت جيان ڇانيل آهين.“
زندگي، مرضيءَ سان گذارڻ ۽ ان لاءِ پسند جو رستو چونڊڻ جو مشورو
داغستاني شاعر رسول حمزا توف به ڏنو هيو ته حسن به ائين ئي چوي ٿو:
”اسان جو عشق هي آخر
غلاميءَ کي ٿڏي وجهندو
اسان کي چونڊ آ ڪرڻي ته،
پنهنجو پيار ڪيئن هوندو؟“
”حسن جو رسالو“ پهريون ڀيرو پڙهڻ دوران مون امالڪ هي سٽون لکيون هيون
ته ”مون غزل، گيت ۾ هِت، هُت پئي“ ڳولهيو، مون کي حسن درس نثري نظمن ۾ مليو.“ پڪ
ڪرڻ چاهيو ٿا ته هي سٽون پڙهو:
”محبت تنهائيءَ جي ميز تي
ميڻ بتيءَ جيان ٻري ٿي.“
”هتي شور ڇا جو آ ٿيو
تون ئي ته پئي، مون ۾ چڀين“
”نامراد دنيا جي
هن ڪٺور رڻ پٽ مان
عشق ئي بچي نڪتو.“
جيستائين حياتي آهي. سنڌ جي هن حَسين انسان ۽ سهڻي شاعر تي پيو لکبو.
آخر ۾ حسن جي لفظن سان گڏ موڪلاڻي:
”ڪميتن تي چڙهي ايندڙ
سوارن جون سچيون ڳالهيون
مٺا ماڻهو، مري ويندڙ
وڃي تن جون بچيون ڳالهيون.“
حسن درس
مظفر چانڊيو
بي خبر ناھي پر
مرڻ کان پوءِ
تو سان گڏجڻ جو
حسرتن رهنديون -اياز
اپريل جا ايذاءَ يا جون جي
جدائي ٻارنهن ئي مهينا اسان جو پيڇو ڪندا ۽ وڇوڙي جا وڍ ڏيندا رهندا ۽ اکين جا
ٽوڙي بندي ٽوڙيندا رهندا، دل جو درياهه اوور ٽاپ ٿي من جا سمورا ماڳ مڪان ٻوڙان
ٻوڙ ڪري ڇپر ۽ ڇانون کان سواءِ دردن ۽ دانهن جي دڳ تي اسان پرينءَ جون پڇارون ڪندي
باقي عمر گذارينداسين.
حسن درس اسان تي ڪو ترس نه ڪيو
۽ بي ترسي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي، برهه جي باهه جي اوڙاهه ۾ دوستن کي يادن جي يزيد
خاني ۾ اڇلائي هليو ويو.
اٽاري اسٽيشن، ريل جي ڪوڪ ۽
ساڳئي شيشي مان مڌ جا ڍڪ ڀرڻ واري سفر کي مان ڪيئن ٿو وساري سگهان!
گلگليءَ جي ڪناري تي پوليءَ جي
پيار ۽ حَسن جي حُسن کي ڪيئن ٿو ڪو ڀلائي سگهجي؟ تاج محل جي اڳڻ تي نورجهان جي اکين
۽ پکين به سنڌ جي سهڻي کي ناز مان پئي نهاريو شانتي نڪيتن جي شام جڏهن ٽئگور به
حسن جي ٽور تي ٻهڪي رهيو هو ۽ ان شاگردياڻيءَ جي سائيڪل جي ڏنڊي تان ڪير ٿو حسن کي
لاهي سگهي جنهن سنڌ جي سهڻي شاعر کي سائيڪل تي ويهاري شانتين جو سير ڪرايو هو.
پيارا حسن! ڪيئن چوان تو سواءِ
هڪ سال گذري ويو آهي! تون نه منهنجي دل کان دور آهين نه اکين کان اوجهل، تنهنجي
پچار ۽ پسار پرين جي پاڇي وانگر ناهي پر پاڻ پرين آهي! تون لاڙ جي لنئون ٿي لڱن ۾
رت سان ٿو رهين، تون رڳو سجاول جي سينهي وانگر ناهين پر نيهن ئي نينهن آهين ۽ نصرپور
ناز مان توڏي تڪي رهيو آهي. اي ظالم جادوگر تون رڳو ڇوڪرين ڇتين کي ياد ناهين پر
تو لاءِ لڪيءَ جا به ٿا لڙڪ لڙن، شاهه پنجي جو تڪيو به تو کي تڪي رهيو آهي! سچ
پڇين ته هن سال جهوڪ جي ميلي ۾ مڌ جو مزو ئي نه آيو. سهڻا سائين تو کان پوءِ
ڪينجهر ڪارا ڪپڙا پائي ماتم ڪري رهي آهي، جهمپير جون کجيون تنهنجي جواني جي موٽ
لاءِ واجهائي رهيون آهن، ورڙ جون واٽون به تو لاءِ اداس آهن ۽ لاڙ جو سورج مهاڻي
ٻار ونگر تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهي!! دلبر دوست تنهنجو قيدي ديس تو کان پوءِ اڪيلو ٿي
ويو آهي ۽ هر ماڻهوءَ جي من ۽ ساحل کي تنهنجو انتظار آهي ۽ اڄ هجر جي هر شام
مڙهيءَ جي ماٺ وانگر آهي، ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر تو لاءِ لڙڪ لاڙي رهيا آهن، هن ديس جو
هر هڪ چڀو تنهنجي چپن ۽ چمين لاءِ واجهائي رهيو آهي. تون مرڪي ملي ڪهڙي شهر ڏانهن
هليو ويو آهين جو سنڌ جي ڳل تان ڳوڙهو اڃان تائين ڳڙي رهيو آهي.
حسن کي سال ٿي
ويو
ري-ميم
هن جو شعر پڙهي محسوس ٿيندو آهي
ته بنست جي سانجهه لاءَ جي مٽيءَ کي رنڱي رهي آهي. آڪاس ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ اداس
ابابيل آڏامندي محسوس ڪبا آهن، هن جي غزلن کي پڙهي، لاڙ جي ڳاڙهن چانورن جي
خوشبوءِ ايندي آهي. هن جي شعر کي پڙهي سچ پچ سنڌ پرين ٿي پوندي آهي، اهڙو پرين جنهن
لاءِ ڀٽائي چيو هو ته ”اکين ۾ ٿي ويهه ته واري آئون ڍڪيان“ ۽ خود هو اڄ ان پريئن
جي پاڇي جيان گم ٿي ويو آهي، جيڪو لڪن پويان لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ ڇڏي صبح جو اڀرندڙ
سج جو اوسيئڙو اکين ۾ ڇڏي ويندو آهي. سنڌ
جي شاعراڻي ادب جي گذريل ٽيهن سالن ۾ هو هڪ اهڙي ڪويءَ طور اڀريو جنهن کي آڪاس جي
وسعتن ۾ اڏامڻ جو ڏانءُ ايندو هو. هن جا شعر اڄ به ادب جي آسمان تي ستارن جيان
جرڪي رهيا آهن ۽ هو پاڻ پنهنجي شعرن مان مرڪندي نظر اچي رهيو آهي، هن جي بي ترتيب
طبيعت جو اولڙو هن جي شعرن مان به بکندو آهي. هن جي آوارگي ۽ بي ساختگي هن جي شعر
جي سڃاڻپ آهي ۽ اها اهڙي سڃاڻپ آهي جيڪا فقط هن جي نظمن جي صورت ۾ سنڌ جي جديد
شاعراڻي ادب جو نصيب بڻي آهي. هو سنڌ جو هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن جي شعرن ۾ سنڌ ساهه
کڻندي محسوس ٿيندي آهي، هن جون تشبيهون سنڌي ڳوٺاڻي جي ڪلهن تي ويڙهيل اجرڪ جي
انهن اڇين ڦلرين وانگر آهن جيڪي سدائين ستارن وانگر شفاف رهنديون آهن. جڏهن هن جو
شعر پڙهبو آهي ته صبح جي ڪنواريءَ هير جهڙي ڀاسندو آهي ۽ هن جون ڳالهيون!... جيڪي
کٽنديون ئي نه هيون. ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته هن جي ڳالهين جو ڳجهه به هن جي نظمن
جي سونهن بڻيو آهي. هن جي نظمن جون سٽون ڪنهن به ڪٺور ڪنئيا جي من کي مُڃَ ڪرڻ جي
شڪتي رکنديون آهن ۽ سندس دوستن جو هڪ اهڙو به حلقو هو جيڪو فقط سندس ڳالهيون ٻڌي
مٿس عاشق ٿي پوندو هو. ايئن محسوس ٿيندو هو ته هي اهو ئي مير محمد آهي جيڪو ماهر
ڪنڀار وانگر ٽٽل دلين کي جوڙيندو آهي. سورهين جون جو اهو اڀاڳو ڏينهن اسان کان
ڪيئن وسرندو جنهن ڏينهن اسان کان سنڌي ٻوليءَ جو هي خوبصورت شاعر پري ڪري ڇڏيو. پر
شايد وقت اهو وساري ويٺو آهي ته جيڪي دلين ۽ اکين ۾ رهندا آهن اهي اکين ۽ دلين جي
سلامتي تائين سلامت رهندا آهن ۽ هو ته سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي جنهن کي سنڌ
سدائين پنهنجي جهوليءَ کان جدا نه ڪندي ۽ اسان پنهنجي اکين کان پري نه ڪنداسين. هن
برابر چيو هو ته :
هيءُ حسن آواره
گرد آدمي،
ڇا ڏٺو آ تو ڀلا
رولاڪ ۾.
۽ سچ پچ هن جي رولاڪي ئي سنڌي اديب جي نصيب
سنوارڻ ۾ مددگار ٿي هئي، هو سنڌي شاعريءَ جو نصيب هو ۽ اڄ جڏهن هو نه آهي ته محسوس
ٿي رهيو آهي ته ان نصيب ۾ سنڌ لاءِ ڪا کوٽ رکيل هئي، هڪ اهڙي کوٽ جنهن جو پورائو
شايد ممڪن نه ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته مشائخ جي مٽيءَ مان ڦهليل اها سرهاڻ جنهن سنڌ جي
شعور جا واهڻ واسي ڇڏيا اڄ مشائخ جي مٽيءَ ۾ ئي دفن ٿي وئي آهي ۽ جڏهن اها مٽي
سورهين جون جي اداس سانجهيءَ جو اسان هٿ ۾ کنئين هئي ته ان ۾ هڪ تازي گلابن جي
خوشبوءِ ايئن محسوس ٿي هئي جيئن هن جي نظمن غزلن ۽ ٻين شعرن مان محسوس ٿيندي هئي،
تڪڙ ۾ هن جو سمورو لکيل شعر سهيڙڻ ڪجهه ڏکيو ته هو پوءِ به هن جي ۽ اسان جي دوستن
سندس چاليهي تي هڪ لاجواب ڪتاب ڇپرائي ورتو آهي، جنهن جي جلد ۾ هن جا شعر محفوظ
آهن ۽ جنهن جي ٽائيٽل تي سندس مرڪ محفوظ آهي، اها مرڪ جيڪا سندس چهري تي سدائين
رهندي هئي پوءِ حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن. اڄ سندس اها مرڪ سندس شعرن سان گڏ اسان
وٽ آهي، سندس نالي سان، فقط ڪجهه اکرن جي واڌاري سان جن کي ترتيب ڏئي لکيو ويو
آهي. ”حسن درس جو رسالو.“
ها اهو يقين آهي ته ڪتاب جي جلد
۾ محفوظ ٿيل سندس شعرن کان سواءِ به گهڻئي شعر آهن جيڪي اڃا ٻاهر رهيل آهن، وقت
سان اهي سڀ محفوظ ٿي ويندا اهڙي پڪ آهي ۽ ساڳئي وقت اهو اطمينان به آهي ته اڄ جو
شاعريءَ جو نقاد اسان جي هن محبوب شاعر جي شاعريءَ بابت بنهه نيڪ نيتيءَ سان هڪ
عالماڻو اڀياس لکندو ۽ ادب کيس اهو مقام ڏياريندو جيڪو هو لهني ٿو. اسان هن سنڌي
ٻوليءَ جي حسين شاعر کي حسن درس چوندا هئاسين ۽ اهو نالو واسين وساري سگهنداسين
اها اڻ ٿيڻي آهي ۽ بس.
حسن درس
هي حسن آواره گرد آدمي
اعجاز منگي
هيءَ انهن
ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ڪراچيءَ جي آخري اڻ وڍيل وڻن تي اهي ڪويلون ڪوڪينديون هيون!
جن سان
مخاطب ٿيندي ڀٽائيءَ جي باغي مريد لکيو هو ته:
“اي ڪويل! ڪوڪ
ايترو ڪوڪ جو تنهنجو هيانءُ ڦاٽي پوي ۽ تون پنهنجي رت ڳاڙيندڙ چهنب لاڙي هميشه لاءِ
سمهي پوين.
اي ڪويل!
چپ چڱي نه هوندي آهي. چپ جو فائدو وٺي چور گهرن ۾ گهڙندا آهن ۽ ڀاڳيا ڀينگ ٿي ويندا
آهن!!”
هيءَ انهن
ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن روسي ڪميونسٽ “گلاسنوسٽ” جي “گلوٽين“ تي ڪنڌ رکي چڪا هئا!
توڙي جو
طارق روڊ جي ڀرواري “فرينڊ شپ هائوس” تي شولوخوف جي ناولن تي ٺهيل روسي فلمون انقلابي
آگ جي آخري شعلن وانگر ڀڙڪنديون رهنديون هيون ۽ روس جي رياستي پاليسيءَ ۾ ايندڙ اتار
چڙهاوَ ڏسيندڙ سستا رسالا ۽ ڪتاب ان شخص جي ميز تي تحفن جي صورت ڪٺا ٿيندا ويندا هئا،
جيڪو دل جي تڪليف سبب پيئڻ جي ڪسر به پڙهڻ مان پوري ڪندو هو!
هيءَ انهن
ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن عشق مقتل جو پتو پڇندو هو!
هيءَ انهن
ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن سنڌ جا قدم جوانيءَ جي آخري سرحد تي هئا!
هيءَ انهن
ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن وقت واريءَ جي طوفان وانگر هلندو هو!
ها! انهن
ڏينهن ۾ سنڌ جي ناراض نسل کي پرچائڻ جي لاءِ هڪ چالاڪ چانڊئي اياز کي ان ڳالهه تي راضي
ڪري ورتو هو ته هو “ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان” نالي ڪتاب جو پرمغز مهاڳ لکي.
ان ڪتاب
جي دفتر ۾ ان شاعر داخل نه ٿيڻ چاهيو هو، جنهن جي ڪالهه ورسي هئي.
ان دور
۾ حسن درس ڇا هو؟
سائين مرنا
جي ساز واري تار هو!
هو جيڪو
حيدرآباد جي مڌ ماتي هوائن ۾ گندرف واري تيليءَ سان سگريٽ دکائيندي، ماچيس کي ٽيبل
تي هڪ ادا سان اڇلي پنهنجو اهو شعر بڻجي ويندو هو ته:
“اي اياز! شاعري
شراب جي
دوڪان تي
ڏينهن رات
رش آ
جو به جام
جان جهلي
ٿو کڻي
پنو پڙهي
سو نشي
۾ غش آ!!”
ها! هو
اهوئي شاعر هو، جنهن “وطن ۾ جلاوطن” ٿي ويل شاعر جي منظرعام تي اچڻ جي آجيان انهن لفظن
سان ڪئي هئي ته:
“اي سنڌ جا سرمد
آئون تنهنجو
اڀيچند
آهيان!!!”
اها آمريت
سان اٽڪيل صوفي صدا هئي يا هڪ نئين جڳ جو پوري سگهه سان وڄندڙ سنک!!
ان تي آخري
راءِ صرف اهو حسن مجتبيٰ ڏئي سگهي ٿو، جنهن کي حسن درس منظوم خط لکندو هو!!!
اهي عظيم
تحريرون هيون، جن جا پنا تاريخ جي طوفان ۾ اڏامي ويا ۽ اڄ جڏهن نيويارڪ جي نماڻي پهر
۾ حسن مجتبيٰ حسن درس کي ياد ڪندو آهي، تڏهن شاعريءَ جي ساز تي اهي سر وڄڻ لڳندا آهن
ته:
“مين تجهي پهر
ڍونڍتا هون اروشي
مين ڪه
وڪرم بهي هون ڪاليداس بهي”
اهو درد
صرف ان دل کي معلوم آهي، جنهن کي“سمجهوتي” لفظ کان سخت نفرت آهي.
ڪڏهن ڪڏهن
مان پراڻي شرب جهڙي دوست تي اهو سوچي ڪيترو نه ڪاوڙجي ويندو آهيان ته هو ڪيترن ئي ناولن
جو قرض آخر ڇو نه ٿو ادا ڪري؟؟
هو ان قرض
جي پهرين قسط “هي حسن آواره گرد آدمي” جي نالي سان پنهنجو پهريون ناول ته لکي سگهي
ٿو.
هن کي ته
معلوم آهي، ان دور جي حقيقت جڏهن حسن درس پنهنجي دور جي ٻين شاعرن سان گڏ اياز جي درٻار
۾ داخل ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو. هن کي هميشه وانگر دوستن مجبور ڪري وڌو پر “ڏيئا ڏيئا
لاٽ اسان” پنهنجي ٽهيءَ جي ٻين شاعرن سان گڏجي بيهڻ کان حسن انڪار ان لاءِ نه ڪيو هو
ته اهو هن جي لاءِ ڪو انا جو سوال هو. هن جي ان انڪار جو انداز ٽئگور جي گهٽ مشهور
پر لاجواب نظم “مالهي” جهڙو هو. ڏات جو ڏيئو ٻاري هن اياز سان اڪيلي ملاقات ڪرڻ ٿي
چاهي. هن کي اياز سان ڪيتري الفت هئي؟ ان جو پتو انهن سڀني کي آهي، جيڪي هن سان گڏ
هوندا هئا. هو اياز جي سلسلي ۾ تمام گهڻو جذباتي به ٿي ويندو هو. ڇو ته هڪ حقيقي شاعر
هجڻ سبب هو پنهنجي دور جي آرٽسٽڪ ديوتا جي قد ڪاٺ ۽ هن جي لڪل توڙي ظاهر ڪيل سمورين
شڪتين کان آگاهه هو. ان ڪري ئي هن اياز تي ڪوئي طويل مقالو لکڻ بدران اهي شعر لکيا
هئا، جن جي ابتدا ۾ هو بار بار اياز سان مخاطب ٿي رهيو هو ۽ کيس چئي رهيو هو ته:
“اي اياز! شاعري
ڪنهن اصيل
نانگ جي
ڦوڪ وانگيان
لڳي
يا ڪنهن
ڪويل جي
ڪوڪ وانگيان
لڳي”
اياز کي
اهڙي مڌر ڀيٽا ڏيڻ واري شاعر کي معلوم به هو ته هن جي زندگيءَ ۾ هڪ رات اهڙي به ايندي،
جنهن جو ڪوئي صبح نه ٿيندو ۽ هن جي وڇوڙي سبب هڪ اهڙي ئي رات سنڌي ادب جي مقدر تي سرد
موسم جي آسمان تي ڪنهن اداس ستاري وانگر ڄمي ويندي. اها رات اڃان به جاري آهي. توڙي
جو ان رات جي خنڪ خاموشي گهٽائڻ جي لاءِ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي شاعر آر وانگر ڪنهن
نه ڪنهن تنوار جي تار وڄائي به رهيا آهن پر اهو شاعر ڪٿان اچي؟ ڪٿان اچي ان جو من ڀاوڪ
انداز! هن جو اهو سگريٽ دکائڻ ۽ جدائي جي رنگ جهڙو سرمئي دونهون هوا ۾ ڦهلائڻ ۽ پيشانيءَ
تي هر هر لڙڪي آيل وارن کي هٿ سان هٽائڻ وارو هن جو انداز ۽ سڀ کان وڌيڪ پرڪشش ۽ دل
۾ پيهي ويندڙ هن جي انهن شعرن جو انداز جن ۾ صرف انوکي لئه ۽ ترنم نه هو پر انهن ۾
خيال به خانه بدوش حسينائن وانگر ڪنهن خوبصورت پار جو پتو ڏيندا هئا.
هاڻي اهڙا
شعر ڪير لکندو؟ اسان کي ڪير ٻڌائيندو ته “چتر جي گهٽيءَ ۾ مصور ڪئين مئو؟” اسان کي
ان اڻ ڏٺل قوت جي باري ۾ ڪير ڏسيندو، جيڪا رات جو جوڙون جوڙيندي آهي. جيڪا هوا ۾ ميخون
کوڙيندي آهي! هاڻي اسان ڪجهه به ڪريون پر اسان کي بادلن جي رٿ تي بيٺل اهو شخص نظر
نه ايندو، جيڪو سڀني سهڻين ڇوڪرين جي انڪل ٿيڻ کان اڳ ان دنيا مان هليو ويو، جنهن دنيا
سان هن کي تمام گهڻو پيار هو. هو جيڪو سدائين حسرت سان سوچيندو هو انهن مختلف ذائقن
واري شراب جي باري ۾جن جا پيگ هن جي چپن تائين نه آيا. هو هميشه افسوس ڀريون تريون
مهٽيندو رهندو هو انهن خوبصورت منظرن جهڙين نارين جي باري ۾ گفتگو ڪندي جيڪي پوپٽن
وانگر هن جي هٿن تي پنهنجي پيار جا رنگين آٽوگراف نه رکي ويون.
هو جنهن
کي صرف اهي شعر لکڻ لاءِ دنيا ۾ نه آيو هو، جن ۾ هڪ ڇوڪرو هڪ ڇوڪريءَ کي سمجهائي رهيو
هو ته “اسان ٻيئي ٻار آهيون ۽ اسان جا پيار کل جهڙا آهن” هو صرف انهن سرن کي وکيرڻ
لاءِ وصالن جي واديءَ ۾ داخل نه ٿيو هو، جن سرن ۾ هو سرائڪي شاعريءَ جهڙي ڇوڪريءَ جي
جدائي جو قصو بيان ڪندي پنهنجي سڪ ڏسيندو هو، ان سمنڊ جي لاءِ جيڪو هن جي نظر ۾ ڪراڙو
ٿي چڪو هو. بلاشڪ اهي زبردست شعر هئا. اهي شعر جن ۾ “ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو” بڻجي
ويندي هئي. اهي شعر جن ۾ لاڙ جي انهن ڪولهين جا قصا واڪا ڪندا وتندا هئا، جيڪي سنجها
سمي پيالن تي پهچي پنهنجي ڳچيءَ مان غلاميءَ جا ڳٽ لاهي اڇلائيندا هئا. اهو ڪانڊيرو
جنهن هن جي شعر ۾ موت کان پوءِ ٻيهر مسڪرايو هو، سو ڄڻ ته ٻيهر مري ويو آهي ۽ محبت
جي گيتن جون سوڙهيون گهٽيون هاڻي ڪنهن لاءِ به پنهنجن آنچلن کي پرچمن وانگر نه لهرائينديون.
هاڻي ڪير ڪنهن کي اهو رومانوي راز نه ٻڌائيندو ته “اها عورت اها ناهي، اها جا تو هئي
سمجهي!!”
اهي شعر
ته هن صرف پنهنجي ڏات جو ڳلو صاف ڪرڻ يا پنهنجي فن جا ساز ملائڻ لاءِ تخليق ڪيا هئا.
هن جي حقيقي شاعري ته هن جي ڪويل ڪنٺ مان چاندني راتين مٿان چڙهائي ڪرڻ لاءِ اچڻي هئي.
هن کي پوري تاريخ سرن ۾ سمائڻي به هئي ۽ وقت جي واريءَ تي وري نئين جوار ڀاٽا وارئڻي
به هئي ۽ هن کي اهو ڪجهه بيان ڪرڻو هو. جيڪو اياز کان رهجي ويو هو. سنڌ جي خانابدوش
قبيلن جا گيت ۽ مختلف موسمن جو ادائون ۽ اهي نريون فضائون جيڪي صبح جي سرخي ڏسڻ جي
لاءِ سڪنديون رهيون.
هو هليو
ويو ۽ هن سان گڏ اهي سفر پنهنجي پوري سڪ سوڌا ڪنهن عجيب ڇڪ ۾ اچي ختم ٿي ويا. هو جنهن
جا پير ديس جي درد جي هر واٽ کان واقف هئا. هو جنهن کي صرف نثر پسند ڇوڪرا ۽ شاعري
پسند ڇوڪريون ئي نه پر اهي ڳوٺ به سڃاڻيندا هئا، جن ڳلين مان ڳئون گذرنديون هيون ۽
جن جي وڻن تي ڪانگ ويٺل هوندا هئا ۽ صرف اهي ڳوٺ ئي نه پر بيوفا عورتن جهڙا اهي شهر
به هن شخص کي پهرين نظر مان سڃاڻي وٺندا هئا، جيڪو دل ڦرڻ ۽ دل ڦرائڻ جي لاءِ ايندو
هو.
هو هليو
ويو ۽ ڇا صرف هو هليو ويو؟ هن سان گڏ ڄڻ ته پورو دور هليو ويون. ان دور جون اميدون،
ان دور جا انديشا، ان دور جون ڪچهريون ۽ ان دور جون خاموشيون، ان دور جا ٽهڪ ۽ ان دور
جا گونگا ڳوڙها، ان دور جا درد ۽ ان دور جا دهمان، ان دور جون خوشيون ۽ ان دور جون
خواهشون! سڀ ويون!!
اهي دوستيون
به هن سان گڏ دفن ٿي ويون، جن ۾ ڪا به دغا نه هئي!
اهي ڪردار
ڄڻ ته سستي سگريٽ جي ڦلن وانگر عمر جي آڱرين مان ڪري اڏامي ويا، جيڪي هڪ دور جي سهڻي
سڃاڻ هئا.
هاڻي هن
دور جي خالي دامن ۾ ڇا رکيو آهي؟
سواءِ ڪجهه
اهڙين بيڪار حسرتن جي جن کي ڪٻاڙ وارو به پنهنجي تارازيءَ ۾ تورڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو!!
اسان هن
جي ورسيءَ تي صرف هڪ فرد لاءِ نه پر هڪ پوري دور جي لاءِ اداس آهيون، جيڪو دور هن جيان
هن سان گڏ هن جي ڀر ۾ خاموشيءَ سان دفن ٿي ويو.
هاڻي فضيلت
۾ڦاٿل هن دور ۾ اسان اهو انسان ڪٿان آڻيون؟ جيڪو بهار جي جهوٽي وانگر آوارگيءَ تائين
آزاد هو.
اهو “آواره
گرد” جيڪو هاڻي مشائخ هوتيءَ هي هنج ۾ ستو پيو آهي، تنهن جي ابدي ننڊ واري تصوير هن
ديس کي ڪيترو نه دلگير ڪري رهي آهي!!!؟
حسن درس
جيڪو يادگيرين ۾ محفوظ آهي
رکيل مورائي
حسن هاڻ
اسان وٽ نه رهيو آهي سچ ته اهو آهي ته هو نهايت
تيزيءَ سان آيو، ۽ تيزيءَ سان سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو نجو مرتبو ماڻيائين ۽ تيزيءَ سان
اسان کان جدا ٿي ويو.
جيتوڻيڪ
سندس وڃڻ جو وقت نه هئو، جنهن سبب هڪ پاسي هن پنهنجا يادگار نظم پويان ڇڏيا ته ٻئي
پاسي سندس اڻ مندائتي موت جو حادثو، ڏکائيندڙ يادگيريون اسان سڀني جي دلين ۾ ڇڏي ويو،
جنهن ڪري هڪ پاسي هو سنڌي شاعراڻي ادب ۾ سدائين ياد رکيو ويندو ته ٻئي پاسي، هُو دوستن
جي دلين ۾ سدائين ياد رهندو.
سنڌ جي
سياسي تاريخ توڻي ادبي تاريخ ۾ گذريل صديءَ جو نائون ڏهاڪو ڪيترن ئي حوالن سان ياد
رکيو ويندو، جن سڀني مان هت فقط اهو حوالو کڻڻ جي گنجائش آهي، جنهن جو محرڪ حسن درس
آهي.
اسيءَ واري
ڏهاڪي ۾ نوجوان شاعرن جو هڪ چڱو چوکو انگ، سنڌي شاعريءَ جي آڪاس تي جرڪڻ لڳو هئو. ڇاڪاڻ
ته هن ڏهاڪي جون حالتون سنڌ لاءِ جنگي حالتون هيون، ان ڪري انهن جي شاعريءَ ۾ مزاحمت
جو اچڻ لازمي هئو. اها ڳالهه الڳ آهي ته ان دور جي شاعرن مان ڪن وٽ فقط مزاحمت رهجي
وئي، ڪن وٽ شاعريءَ جو علم رهجي ويو ۽ ڪن وٽ ڪجهه شاعري رهجي وئي، جيڪا به اڳتي هلي
کانئن پري ٿي وئي! اهڙين حالتن ۾ حسن اهڙو شاعر هئو، جنهن وٽ پنهنجي دور جي مزاحمت
به هئي ته تخليق به هئي. ساڳئي وقت اظهار جو
انوکو ڏانءُ به هُئو، جنهن ڪري هو پنهنجي همعمر توڻي همعصرن کان الڳ ڏسڻ ۾ آيو.
حسن درس
۾ اڻ ڳڻيون تخليقي صلاحيتون هيون، جن سڀني کي استعمال ڪرڻ جو کيس وقت گهٽ مليو. ساڳئي
وقت اها ڳالهه به ممڪن آهي ته هن پنهنجي تخليقي صلاحيت ڏانهن جوڳو ڌيان به گهٽ ڏنو.ان
جي باوجود هو پنهنجي طبيعت ۾ مڪمل شاعر هُئو، اهڙو شاعر جنهن وٽ ڪمال جي بيسا ختگي
هوندي آهي. حسن جي شاعريءَ ۾ هٿرادو ٺاهه ٺوهه جو عمل بنهه گهٽ/نه جهڙو ملندو.هُو پنهنجي
فطرت ۾ شاعر هُئو، سچ ته اهو آهي ته هُو شاعري نه ڪري ها ته پاڻ شاعري هُجي ها!
سنڌي شاعريءَ
۾ اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ حسن اهڙو شاعر ٿي اڀريو، جنهن سنڌي نظم کي خوشگوار موضوعاتي ڪشادگي
ڏني. ان حوالي ۾ سندس شاعريءَ مان ڪيترائي حوالا کڻي سگهجن ٿا. خاص طور سندس خانم گوگوش
جي باري ۾ لکيل نظم، سنڌي نظم جي تاريخ ۾ هڪ بيحد تخليقي ۽ منفرد نظم آهي. ائين سندس
ٻيا ڪيترائي نظم ۽ غزلن جابند حوالي ۾ آڻي سگهجن ٿا. جن ۾ اٿاهُه حُسن آهي، حسين ٻولي
آهي. اظهار جو انوکو استعمال آهي ۽ اهي سڀ شاعراڻا ڳڻ کيس سنڌ جو منفرد شاعر ڪري بيهارن
ٿا. ۽ چوڻ جو ٻيو پاسو اهو آهي ته، حسن پنهنجي طبيعت موجب فقط ڪجهه چوڻ ئي بهتر ڄاتو.
جيڪڏهن هُو پنهنجي لکيل ڪنهن به نظم/غزل تي هڪڙو ڀيرو وري ويچاري ها ته سندس اهي نظم
۽ غزل وڌيڪ حسين ٿي وڃن ها!
اڄ جڏهن
هُو نه رهيو آهي ۽ سندس ڪو به نظم پڙهجي ٿو ته اهو سڄي جو سڄو قبولڻ ۾ ڏکيائي محسوس
ٿئي ٿي، ان جا ڪي حصا اڀياس طور ڪو به اڀياسي کڻي سگهندو.
حسن جي
نظمن جا اهي حصا ڪنهن بيمثال شاعريءَ ۾ ڳڻائڻ جهڙا آهن ۽ پنهنجي دور جي سموري شاعريءَ
کان الڳ آهن ڇو الڳ آهن اهو مٿي ڄاڻايل آهي. هونئن حسن، ”جن تي“ شاعري ڪئي، انهن کي
جيترو وقت ڏنو، اوترو هن پنهنجي شاعريءَ کي ترتيب ڏيڻ لاءِ نه ڏنو ۽ سندس هلئي وڃڻ
کاپوءِ سندس مرتبن سندس شاعريءَ جي جيڪا ترتيب ڏني آهي، حسن پاڻ اهڙي طرح ڪنهن به صورت
۾ نه ڪري ها!
بهرحال
حسن سنڌي ٻوليءَ جو نرالو شاعر آهي. هُن جي سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪا جڳهه جڙي آهي، ٺيڪ
نه آهي. اها مخصوص آهي ۽ پڪ سان جڏهن سندس شاعريءَ جو سنجيدگي سان اڀياس ڪيو ويندو
۽ مٿس فني طور ڪجهه لکيو ويندو، ته اهو ٻيو هوندو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ هُن جو شاعر هوندو،
هُن جو شخص نه! ۽ شخص ڪڏهن نه ڪڏهن مٽي ٿي وڃڻو آهي، تخليق ئي زندهه رهڻي آهي. نالن
کي تخليق زندهه رکندي آهي ۽ اها تخليق جيڪڏهن حسن درس جهڙي تخليقڪار جي آهي ته اها
اوس امر رهڻي آهي.
شخصي طور
حسن پنهنجي ذات ۾ انساني چڱايون توڻي مٺايون رکندڙ شخص هُئو،هُو يارن جو يار هُئو
۽ جنهن سان نه پوندي هُئس ان کان پري رهڻ وارو هُئو. خوبصورت چهري ۽ حسين مرڪ وارو
بيمثال شاعر حسن درس اڄ اسان کي وري پنهنجي ياد ڏياري رهيو آهي. ياد جيڪا دل ۽ سدائين
ڪنهن ڏيئي جيان ٻرندي رهندي آهي.
اڄ شايد
سنڌي اديبن ۽ شاعرن کان حسن درس جي شاعري اها گُهر پڻ ڪري رهي آهي ته ان تي ادبي طور
۽ فني توڻي فڪري حوالي ۾ ڪي سنجيده اڀياس لکڻ گهرجن. ها! انهن ۾ علم، ادب، اڀياس ۽
تنقيد جا سڀ طريقا ستعمال ڪيا وڃن، عقيدن ۽ همدردين کان الڳ، ڇاڪاڻ ته انهن جي موجودگي
هُن سان انصاف نه ڪري سگهندي ۽ هُو تخليقي طور ٻئي طرف هليو ويندو. هُن کي هڪ شاعر
طور سامهون آڻڻ جي جستجو سنڌي ادب لاءِ اهم سمجهڻ کپي. کيس همدردين جي غلاف ۾ ويڙهڻ
کان بچايو وڃي. هي سٽون کيس ياد ڪرڻ لاءِ آهن، ڪنهن به اڀياس جو حصو نه آهن. هُن جي
ياد جيڪا هڪ حادثي جي صورت ۾ اسانجون اکيون آليون ڪري وئي ۽ حادثو جيڪو سنڌي شاعريءَ
کان هڪ انمول شاعر کسي ويو. هڪ نفيس شاعره کان پنهنجو محبوب گهوٽ کسي ويو. ڀائرن کان
هڪ دادلو ڀاءُ الڳ ڪري ويو، ۽ دوستن کان هڪ دلبر دوست کسي ويو ۽ بس!
حسن درس جي ياد ۾!
آچر خاصخيلي
صوفي وسند
فقير ۽ فقير سائل ڪوري جي دادلي محمد حسن درس کي وڇڙئي پنج سال ٿي ويا آهن. هُن ٽنڊي
آدم ڀرسان تعلقي جهنڊي مري جي تاريخي ڳوٺ مشائخ هوٿي ۾ فقير گھراڻي حاجي غلام رسول
درس جي گھر ۾ جنم ورتو ۶ يا ۷
سالن جي عمر ۾ هن کي راڳ ٻڌڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان جو اندازو
تڏهن ٿيو، جڏهن کيس سائل ڪوري هن کي ڪلهن تي کڻي مشائخ هوٿي ڀرسان اوطاقي ڪچهري جي
ڪوڏيي ۽ صوفي فنڪار سلام الله عرف سلامون فقير جي اوطاق تي کڻي ايندو هو، جتي هو راتين
جون راتيون ويهي راڳ ٻڌندو هو، اتي ويٺل مامون اڪ، سبحان علي، ليمون فقير، سائل ڪوري
۽ ٻين سڄاڻ عقلمند ڏاهن تڏهن ئي سمجهي ورتو هو ته هن نينگر ۾ ڪي ضرور ڪڻا، جنهن بعد
سلامون فقير جي فرزند ۽ صوفي راڳي وسند فقير صوفياڻي راڳ جي چوياري ۾ ويهاري هن کي
راڳ ٻڌائيندو هو.
حسن درس
جي اندر ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن لاءِ محبت سمايل هئي.
ٺٽو هجي يا بدين، ٽنڊوآدم هجي کڻي ٿر يا ڪوهستان پر سڄي سنڌ هن لاءِ پنهنجي پرينءَ
جو پاڇو هئي. هن سنڌ کي مڇيءَ جي اک مان به ويٺي ڏٺو. مطلب ته سڄي سنڌ هن جي محبت جو
محور هئي، جنهن جي هن عڪاسي پڻ ڪئي.
جڏهن به
حسن درس پنهنجي ڳوٺ مشائخ هوٿي ڏانهن ايندي ٽنڊي آدم مان لانگهائو ٿيندو هو، اُن کان
اڳ پريس ڪلب ۾ مون سان يا امداد راهيءَ سان ضرور ملندو هو يا آئون به ان سان گڏ ڳوٺ
ويندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڳوٺ اچي چوندو هو ته اڄ تنهنجي ڳوٺ جي ڪولهين جي ڀڳتي
راڳ ۽ ڀڄن ٻڌڻا آهن پوءِ اتي مرحوم ڀڳت جھمون، پونون ڪولهي، پوپٽ ڪولهي اچي ڀڳتي ۽
ڀڄن ٻڌائيندا هئا، جتي سڄو ڳوٺ حسن درس کي ڏسڻ ايندو هو.
اسڪول جي
تعليم کان پوءِ هُن جو گهڻو وقت حيدرآباد ۾ گُذرندو هو، ان ڪري ڳوٺ گھٽ اچڻ ٿيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن بخشڻ به ايندو هو ته ان جي
مزاحيه ڪچهري به ٻڌڻ لاءِ ڳوٺ جا ماڻهو ايندا هئا، اتي ڪچهري جو ڪجهه حصو وري سڀ گڏجي
چرچن ۽ ڀوڳن لاءِ ڪڍندا هئا، جتي بخشڻ گھڻي مزاحيه ڪچهري ڪندو هو. هڪ ڏينهن حسن منهنجي
مامي شوڪت کي چيو ته بخشڻ توهان سڀني کي تمام گھڻا چرچا ٿو هڻي، توهان مان ڪير جواب
نه ٿو ڏئي. تنهن تي ڳوٺاڻن چيو ته سائين مهمان آهي، وڏو آهي چڙي پوندو، ان ڪري جواب
ڪونه ٿا ڏيون ته حسن چيو بخشڻ سٺو، سهڻو دوست ۽ اوطاقي ڪچهرين جو ڪوڏيو اٿوَ، چڙندو
نه. هن اهو چئي ڳوٺاڻن جو حجاب ٽوڙيو بس ڳوٺاڻن کي ڪليئرنس ملي ويو. هنن پاڻ ۾ صلاح
ڪئي ته هاڻ بخشڻ چرچو هڻي ڪير به نه کلي، باقي ٻيو ڪير چرچو هڻي ته ڪچهري ۾ ويٺل سڀ
وڏا وڏا ٽهڪ ڏجو. پوءِ ٿيو به ائين، بخشڻ چرچو هڻي ته سڀئي خاموش، ڄڻ ماڪ پئجيو وڃي،
ڪو ٻيو ڳالهائي ته حسن سميت ٽهڪن جا ڪوڪريا ٿيو وڃن. جيڪا ڳالهه بخشڻ کي ڏاڍي ڏُکي
لڳي. پوءِ حسن ئي وضاحت ڪئي ته اِها سِٽ مون سَٽي هُئي، جنهن تي بخشڻ جي ناراضگي ختم
ٿي.
هو آخري
ڏينهن ۾ وري ٽنڊي آدم جي شهيد محمد علي کوسو لائبرري ۾ ويهي معظم کوسي سميت اسان سڀني
سان ڪچهري ڪري پوءِ ڳوٺ يا حيدرآباد نڪري ويندو هو. هن ان وقت ايف ايم ٽنڊوآدم تي به
پروگرام ڪيو ۽ هن ريڊيو تي ويهي پنهنجي شاعري ذريعي آئي ڊي ٺاهي علائقي کي ڀيٽا ڏني،
اول نانءُ
الله جو جنهن آھي جوڙيو جڳ،
مرسل مير
مهابي آهي ساٿ سلامت سڳ،
ٻيراڻيءَ
جي ٻانهن تي آهي ويڙهيچن جو وڳ،
ٽنڊوآدم
ٽانڪبو روح اسان جي رڳ،
ڳوٺ مشائخ
هوٿي آهي لال لطيف جي لڳ،
”درس حسن“ جو
دائرو آهي دونهين پاسي دڳ،
عشق ڏٺو
جنهن اڳ، آب ڏٺائين اڃ ۾،
ڪڏهن به
حسن کان ڪو سوال نه ڪيم نه ئي همت هوندي هئي. هن مون کي صحافت ۾ آندو. اولاد وانگر
پيار ڪندو هو. هو منهنجو محسن هو پر آخري ڏينهن ۾ هن جي طبيعت خراب هئي، اسان لائبرري
تان نڪتاسون ته اڳيان هلي ٿوري پنڌ تي بيٺو، شوڪارو هڻي استاد منظور علي خان جي گهر
سامهون بهي چيائين هيءُ گھر سنڌ اٿئي.
سامهون
استاد منظور علي خان جو ڀائيٽيو بيٺو هو، جنهن جڏهن مون سان ڳالهايو ته حسن هن جو آواز
ٻُڌي چيو، منظور علي جي خاندان مان ٿو لڳين؟ چيومانس ته ڀائٽيو اٿس، نادر شيخ پوءِ
هن سان فقيراڻي انداز ۾ مليو. اتي به هن جي طبيعت ڪجھه ناساز پئي لڳي.
حسن هڪ
تمام وڏو شاعر، درد رکندڙ انسان، سچو دوست، ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. اِهو هُن جي شخصيت
جو ئي ڪمال هو جو جيڪو به ساڻس هڪ ڀيرو ملندو هو، اُهو سندس دوستيءَ جي سڳي ۾ پروئجي
ويندو هو. اِئين سنڌ ۾ هزارين ماڻهو هوندا، جيڪي سندس دوستيءَ جو دم ڀريندا هوندا.
هُو من جو اُجرو ماڻهو هو، شهر ۾ رهندي به ڳوٺ سندس مَن ۾ سمايل هو، جنهن جو عڪس اسين
سندس شاعريءَ مان پسي سگهون ٿا.
رستا سوڙها
۽ ٻيا وڻ
واهڻ پوڙها
۽ ٻيا وڻ
بن ۾ مون
سان بيٺا آهن
منهنجا
ڳوڙها ۽ ٻيا وڻ
ڌرتي ڪيئن
جهُڪن هي تنهنجا
ارڏا گهوڙا
۽ ٻيا وڻ
تو سان
گڏ حسن هي پنڇي
جوڙا جوڙا
۽ ٻيا وڻ
حسن جڏهن
اسان ۾ موجود هو، تڏهن به هُو محبتن جو محور هوندو هو، سندس وڇوڙي تي دوست جهڙيءَ ريت
رُنا يا پوءِ سنڌي اردو اخبارن کان علاوه بي بي سيءَ تي جيترو مٿس لکيو ويو، سو گهٽ
ئي ماڻهن کي نصيب ٿيو آهي.
حسن درس
(ورسيءَ جي حوالي ۾- وري مند موٽي موٽئين نه تون)
ابو رافع
هن جو شعر پڙهي محسوس ٿيندو آهي ته بسنت جي سانجهه لاڙ ته مٽيءَ کي رنڱي
رهي آهي. آڪاس ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ اداس ابابيل اڏامندي محسوس ڪبا آهن، هن جي غزلن کي
پڙهي، لاڙ جي ڳاڙهن چانورن جي خوشبوءَ ايندي آهي. هن جي شعر کي پڙهي سچ پچ سنڌ پرين
ٿي پوندي آهي، اهڙو پرين جنهن لاءِ ڀٽائي چيو هو ته ”اکين ۾ ٿي ويهه، ته واري آئون
ڍڪيان“ ۽ خود هو اڄ ان پريئن جي پاڇي جيان گم ٿي ويو آهي، جيڪو لڪن پويان لهندڙ سج
جي ڳاڙهاڻ ڇڏي صبح جو اڀرندڙ سج جو اوسيئڙو اکين ۾ ڇڏي ويندو آهي.
سنڌ جي شاعراڻي ادب جي گذريل ٽيهن سالن ۾ هو هڪ اهڙي ڪويءَ طور اڀري آيو،
جنهن کي آڪاس جي وسعتن ۾ اڏامڻ جو ڏانءُ ايندو هو، هن جا شعر اڄ به ادب جي آسمان تي
ستارن جيان جرڪي رهيا آهن ۽ هو پاڻ پنهنجي شعرن مان مرڪندي نظر ا رهيو آهي. هن جي بي
ترتيب طبعيت جو اولڙو هن جي شعرن مان به بکندو آهي. هن جي آوارگي ۽ بي ساختگي هن جي
شعرن جي سڃاڻپ آهي ۽ اها اهڙي سڃاڻپ آهي جيڪا فقط هن جي نظمن جي صورت ۾ سنڌ جي جديد
شاعراڻي ادب جو نصيب بڻي آهي. هو سنڌ جو هڪ اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شعرن ۾ سنڌ ساهه
کڻدي محسوس ٿيندي آهي، هن جو تشبيهون سنڌي ڳوٺاڻي جي ڪلهن تي ويڙهيل اجرڪ جي انهن اڇين
ڦلڙين وانگر آهن جيڪي سدائين ستارن وانگر شفاف رهنديون آهن. جڏهن هن جو شعر پڙهبو آهي
ته صبح جي ڪنواريءَ هير جهڙي ڀاسندو آهي ۽ هن جون ڳالهيون... جيڪي کٽنديون ئي نه هيون.
ڪڏهن ڪڏهن لڳندو هئو ته هن جي ڳاليهن جو ڳجهه به هن جي نظمن جي سونهن بڻيو آهي. هن
جي نظمن جون سٽون ڪنهن به ڪٺور ڪنئيا جي من کي مڃ ڪرڻ جي شڪتي رکنديون آهن ۽ سندس دوستن
جو هڪ اهڙو به حلقو هو جيڪو فقط سندس ڳالهيون ٻڌي مٿس عاشق ٿي پوندو هو. ائين محسوس
ٿيندو هو ته هي اهو ئي مير محمد، جيڪو ماهر ڪنڀار وانگر ٽٽل دلين کي جوڙيندڙ آهي.
سورهن جون جو اهو اڀاڳو ڏينهن اسان کان ڪيئن وسرندو جنهن ڏينهن اسان کان
سنڌي ٻوليءَ جو هي خوبصورت شاعر پري ڪري ڇڏيو. پر شايد وقت اهو وساري ويٺو آهي ته جيڪي
دلين ۽ اکين ۾ رهندا آهن اهي اکين ۽ دلين جي سلامتي تائين سلامت رهندا آهن ۽ هو ته
سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي جنهن کي سنڌ سدائين پنهنجي جهوليءَ کان جدا نه ڪندي
۽ اسان پنهنجي اکين کان پري نه ڪنداسين هن برابر چيو هو ته:
هيءُ حسن آواره گرد آدمي،
ڇا ڏٺو آ تو ڀلا رولاڪ ۾.
۽ سچ پچ هن جي رولاڪي ئي سنڌي شاعراڻي ادب جي نصيب سنوارڻ ۾ مددگار
ٿئي هئي. هو سنڌي شاعريءَ جو نصيب هو ۽ اڄ جڏهن هو نه آهي ته محسوس ٿي رهيو آهي ته
ان نصيب ۾ سنڌ لاءِ ڪا کوٽ رکيل هئي. هڪ اهڙي کوٽ جنهن جو پورائو شايد ممڪن نه ٿي سگهي،
ڇاڪاڻ ته مشائخ جي مٽيءَ مان ڦهليل اها سرهاڻ جنهن سنڌ جي شعور جا واهڻ واسي ڇڏيا،
هاڻ مشائخ جي مٽيءَ ۾ ئي دفن ٿي وئي آهي ۽ جڏهن اها مٽي سورهين جون جي اداس سانجهيءَ
جو اسان هٿ ۾ کنئين هئي ته ان ۾ هڪ تازي گلاب جي خوشبوءِ ايئن محسوس ٿي هئي، جيئن هن
جي نظمن، غزلن ۽ ٻين شعرن مان محسوس ٿيندي هئي. تڪڙ ۾ هن جو سمورو لکيل شعر سهيڙڻ ڪجهه
ڏکيو ته هئو، پوءِ به هن جي ۽ اسان جي دوستن سندس چاليهي تي هڪ لاجواب ڪتاب چپرائي
ورتو آهي. جنهن جي جلد ۾ هن جا شعر محفوظ آهن ۽ جنهن جي ٽائيٽل تي سندس مرڪ محفوظ آهي،
اها مرڪ جيڪا سندس چهري تي سدائين رهندي هئي، پوءِ حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن. اڄ سندس
اها مرڪ سندس شعرن سان گڏ اسان وٽ آهي، سندس نالي سان، فقط ڪجهه اکرن جي واڌاري سان
جن کي ترتيب ڏئي لکيو ويو آهي. ” حسن درس جو رسالو.“
ها اهو يقين آهي ته ڪتاب جي جلد ۾ محفوظ ٿيل سندس شعرن کان سواءِ به گهڻئي
شعر آهن جيڪي اڃا ٻاهر رهيل آهن. وقت سان اهي به محفوظ ٿي ويندا، اهڙي پڪ آهي ۽ ساڳئي
وقت اهو اطمينان به آهي ته اڄ جو شاعريءَ جو ذهين نقاد اسان جي هن محبوب شاعر جي شاعريءَ
بابت بنهه نيڪ نيتيءَ سان هڪ عالماڻو اڀياس
لکندو ۽ ادب ۾ کيس اهو مقام ڏياريندو جيڪو هو لهڻي ٿو. اسان هن سنڌي ٻوليءَ جي حسين
شاعر کي حسن درس چوندا هئاسين ۽ اهو نالو اسين وساري سگهنداسين اها اڻ ٿيڻي آهي ۽ بس.
حسن درس جي
ياد ۾
فياض سومرو
زندگي
ڇا آهي؟ هي جيڪي منهنجا مٽ مائٽ ۽ عزيز دوست آهن يا جيڪي ذهني، روحاني ۽ جسماني
حوالي سان گڏ آهن يا رهي چڪا آهن، اهي ئي اصل ۾ منهنجي زندگي آهن. انهن سڀني
گهڻگهرن جي تصور ڪرڻ سان ئي آئون پنهنجو پاڻ هئڻ جي تصور کي محسوس ڪريان ٿو. اهي
سڀ ڄڻ ته منهنجي پنهنجي وجود جو حصو آهن. ڪئنيڊا ۾ رهندي، جڏهن به ڪنهن مٽ مائٽ يا
دوست جي باري ۾ اهڙي ڪا به خبر ٻڌندو يا پڙهندو آهيان ته پوءِ آئون خاموش ٿي ويندو
آهيان. تعزيت ڪرڻ جي بدرآن آئون روپوش ٿي ويندو آهيان. ڇو جو اهڙن موقعن تي مون وٽ
لفظ کٽي ويندا آهن، جيڪي منهنجي احساسن ۽ جذبن کي بيان ڪري سگهن. ٻين کي ڀلي خبر
نه هجي، پر مونکي پنهنجي صلاحيتن جي ڀلي ڀت خبر آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي سنڀالي نه
سگهي، سو نيٺ ٻين کي ڪهڙي آٿت ڏئي سگهي ٿو. اهڙن موقعن تي اڪثر منهنجو ذهن سوچ جي
مندرن ۾ ڀٽڪندي، ماضيءَ جي ويران ريگستانن ۾ گم ٿي ويندو آهي. سوچيان ٿو يا ته
آئون ماضيءَ جو اسير ٿي ويو آهيان، يا وقت بدلجي ويو آهي يا بدليل وقت کي آئون
سمجهي نه پيو سگهان يا وري سچ اهو آهي ته ماضي ۽ حال اهي ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ
تي منهنجي زندگيءَ جون اَٽل حقيقتون آهن.
اصل
۾ هتي حسن درس جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ ڳالهه مڪمل ۽ پوري نه ٿي سگهندي. حسن سان
منهنجي پهرين ملاقات شايد اڄ کان ٻٽيهه ٽيٽيهه سال اڳ اڻويهه سئو اڻاسيءَ يا اَسي
ڌاري ٿي هئي، جڏهن حسن اڃان اٺين درجي ۾ پڙهندو هو. ان زماني ۾ منهنجو وڏو ڀاءُ
محبوب ۽ ان جو دوست اعجاز جسڪاڻي سنڌ يونيورسٽي جي ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ گڏ پڙهندا
هئا. تڏهن اعجاز جسڪاڻي ڪجهه دوستن سان شيئر ڪري غريب آباد ۾ هڪ گهر ۾ رهندو هو ۽
حسن درس به اُتي ئي ساڻس گڏ رهندو هو. ان زماني ۾ اسان جو گهر حيدرآباد جي اَکين
واري اسپتال جي ڀرسان هوندو هو، جتان سائين ابراهيم جويو جو گهر پنجن منٽن جي پنڌ
تي ۽ حسن درس جو ٺڪاڻو ڏهن منٽن جي پنڌ تي هوندو هو. ائين ان زماني ۾ حسن درس سان
روزانو شام جو ملاقات ٿيندي هئي. اسين ٻئي ويهين صديءَ جي ازل جي رٺل ۽ ڪٺل روحن ۽
سڙڪ ڇاپ پرولتارين وانگر حيدرآباد جي آهستي آهستي ٺرندڙ شامن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪشادي
دڪيءَ تي ويهي ڪچهريون ڪندا هئاسين. ڳالهين دوران حسن چوندو هو ته اجهو هاڻي جو
هاڻي نازل ٿيو آهي ۽ هي شعر سڀني کان پهرين توکي ٻڌائي رهيو آهيان.
حسن
درس ڏاڍي دلڪش ۽ موهيندڙ شخصيت جو مالڪ انسان هو. مونکي سدائين سندس چهري تي
پُرڪشش اطمينان، منهن تي شرميلي يا الائي شرارتي مرڪ ۽ اَکين ۾ ازل جي اُڃ نظر
ايندي هئي. حَسن کي تعلق نڀائڻ ايندو هو. هيءُ مڻيادار انسان پنهنجي اندر ۾ هڪ
اهڙو ته قلندر ۽ سيلاني قسم جو شخص هو، جيڪو اڄ ۾ زنده رهڻ پسند ڪندو ۽ سڀاڻي جو
فڪر ڪرڻ سندس مسلڪ ۾ ڪفر هو. جڏهن فيس بڪ تي حَسن جي لاڏاڻي جي خبر پڙهيم ته
اعتبار ئي نه پئي آيو. توڻي جو آئون ڪمپيوٽر آڏو ڪرسيءَ تي ويٺو هوس، پر ائين پئي
لڳو ڄڻڪ ڪو نه ويٺو آهيان. وقت شايد ڪڏهن به ڪراڙو نٿو ٿئي. تڏهن ئي ته ماضيءَ جي
مهاساگر ۾ ٽٻيون پيو هڻان ۽ يادن جي درياءَ ۾ پيو لڙهان ۽ حسن سان ٿيل روح رهاڻين
۽ ڪچهرين جي هڪ عجيب سڳنڌ ۽ ڪيفيت اندر ۾ لهندي محسوس ڪري رهيو آهيان.
ان
زماني ۾ ڪامريڊ دوستن سان ملڻ لاءِ منهنجو پير ڪڏهن سکر، لاڙڪاڻي ۽ سَن ۾ هوندو هو
ته ڪڏهن ڪراچي، ٺٽو، بدين، تلهار ۽ ٽنڊو محمد خان ۾. هڪ دفعي ٽنڊي محمد خان ۾ هڪ
دوست کي پئي ڳولهيم. سندس سڀني ٺڪاڻن جي مونکي خبر هوندي هئي. سو ان دوست جي هڪ
ٺڪاڻي کان ٻئي ٺڪاڻي پهتس ته اهو دوست ته ڪو نه هو پر اتي حَسن هڪ گهاگهريليءَ سان
موجود هو. اهو ڏسي آئون تيزي سان واپس وڃڻ لڳس ڄڻ ته مون ڪجهه ڏٺو ئي نه آهي، پر
هن مانجهي مڻيادار شخص تيزي سان ڊوڙي اچي مونکي روڪيو هو ۽ ڪجهه لڪائڻ جي بدران ان
کي منهنجي باري ۾ ٻڌائڻ لڳو هو. خير ان ڳالهه کي هتي ئي ڇڏيون ٿا. بس ايترو ئي ته
اها ناري به حَسن لاءِ ڪنهن شعر وانگر هئي، حسن پنهنجي ڏات ۾ هنرمند هو، تنهنڪري
هنر ڳولهي وٺندو هو. حَسن دلين
کي اَسير ڪرڻ جو هنر ڄاڻندو هو. سندس منفرد شاعري ان ڳالهه جي شاهد آهي بلڪه سندس
شاعري ٻڌي ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻڪ اهو شاعري نه بلڪه دلين جا ڀيد
کولي آڏو رکي ٿو. زنده ادب اهو ئي ٿئي ٿو
جيڪو زندگيءَ ۽ سماج سان لاڳاپيل هجي. ڪو به ادب يا شاعري جيڪڏهن معاشري ۽ ماحول
جي تصوير ڪشي ڪرڻ کان محروم آهي ته پوءِ اها لفظن جو بواسير ته ٿي سگهي ٿي، پر ادب
سڏائڻ جو حق نه ٿي رکي. حَسن توڻي جو فطرت ۽ رومانيت پسند شاعر هو پر ان باوجود به
سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي به فحش نغما سرائي نظر نٿي اچي. اڪثر موقعن تي، نه رڳو سندس
پُرخلوص، ڪومل ۽ گلابي شاعري وصل جي راحتن جو اعلان ۽ هجر جي ڪلفتن کي بيان ڪندي
نظر اچي ٿي بلڪه ان سان گڏوگڏ حُسن، فطرت ۽ سنڌ جي ماحول جي عڪاسي ايڏو ته سادگي ۽
سچائي سان ڪري ٿي جو هڪ قسم جو سحر ۽ سُرور طاري ڪري ڇڏي ٿي ۽ اهو ئي شايد حَسن
مقبوليت جو راز آهي.
چون
ٿا ته مرد جي مقدر جون هڙئي سرمست قوتون ان وقت هڪ وڏو گهنڊ بڻجي وڃن ٿيون، جڏهن
ان جي شادي ٿي وڃي ٿي. ائين آئون به شاديءَ کانپوءِ نئين حقيقتن جي ڌٻڻ ۾ ڪٿي غرق
ٿي ويس ۽ پوءِ حَسن جي به شادي ٿي وئي ۽ پوءِ آئون گردش روزگار سبب ”گهاتو گهر نه
آئيا“ وانگر جلاوطن بڻجي ڪئنيڊا جي سنگدل موسمن جي لاهن ۽ چاڙهن ۾ ئي گم ٿي ويس.
ان ڪري مون کي حَسن جي شادي کانپوءِ جي زندگي جي باري ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ ناهي. ڪئنيڊا
وڃڻ کان پهرين منهنجي حَسن سان آخري ملاقات به اوچتو ائين ٿي هئي جو آئون شام جو
گهران ڊگهي واڪ ڪرڻ لاءِ نڪتو هوس جو قاسم آباد ۽ وحدت ڪالوني جي وچ ۾ مسلم هائوسنگ
سوسائٽي جي هڪ رستي تان لنگهندي اوچتو هڪ ڪار اچي منهنجي آڏو اچي بيٺي هئي ۽ پوءِ
ٻئي لمحي حَسن منهنجي آڏو هو، ايئن اسين هڪ وڏو ڀاڪر پائي مليا هئاسين. اُتي بيٺي
بيٺي ئي ڪلاڪ ڏيڍ هڪٻئي سان حال احوال اوريندا رهيا هئاسين. توڻي جو مُرڪڻ حَسن جي
فطرت هئي، پر آخري دفعو ٿيل حال احوالن مان مون کي محسوس ٿيو هو ته حَسن جي زندگي
۾ به ڪافي تلخيون آهن، جن کي هو منهن ڏئي رهيو آهي. هن هيءَ شاعري به شايد انهن
ڏينهن ۾ ئي ڪئي هئي.
تون ته سمجهين ٿي ته
منهنجي موهه جون مرليون سڀيئي،
بي سُريون بيڪار ٿيون،
۽ درد جو هر نانگ ڪارو
ڀٽ ۾ ڀٽڪي مُئو،
۽ سندس ئي احساس جيڪو،
ڄڻ ته گيڙو ويس آ
مون وڃائي آ ڇڏيو.
تون ته سمجهين ٿي ته
منهنجي سمنڊ سان ياري پراڻي وئي ٽٽي،
۽ ساحلن تي بي وفائي پيو بڪان،
۽ هاڻ ڪائي يادگيري
ڪا ڪياماڙي نٿي مون کي ڇُهي.
توڻي
جو دوستن جي معاملي ۾ آئون ڏاڍو خوشنصيب رهيو آهيان. ڇو جو مون کي اڄ ڏينهن تائين
دوست اهڙا مليا آهن، جن بنا ڪنهن ليکي چوکي جي منهنجو ساٿ ڏنو آهي ۽ سدائين ڏکين
مرحلن تي منهنجي رهنمائي ڪئي آهي. پر ساڳي وقت هڪ ٻئي قسم جي حوالي سان آئون دوستن
جي معاملي ۾ ائين بدقسمت رهيو آهيان جو منهنجا تمام پيارا ۽ عزيز دوست تيزيءَ سان
موڪلائي عدم ڏانهن روانا ٿيندا پيا وڃن. پهرين عرفان مهدي عدم ڏانهن راهي ٿي ويو،
پوءِ اي جي چانڊيو، نظير سومرو، عاصم آخوند ۽ هن دفعي حسن درس به بنا موڪلائڻ جي
ئي هليو ويو. مون سان مسئلو اهو آهي ته نوان دوست ٺاهڻ، عشق ڪرڻ ۽ دل جلائڻ جي عمر
گهڻو اڳ پٺيان ڇڏي آيو آهيان. هاڻي ته ڪئنيڊا جي بيچز تي آفتابي غسل وٺندڙ چنچل
چڪورين کان وڌيڪ لڙهي آيل لهرن ۾ انهن کي ڳولهيندو آهيان، جيڪي ڪڏهن همسفر رهيا
هئا.
جنهن
ترتيب سان منهنجا ويجها مٽ مائٽ ۽ عزيز دوست موڪلائي عدم ڏانهن راهي ٿي چڪا آهن،
ان حساب سان آئون پاڻ به ڄڻڪ ۷۰ سيڪڙو مري چڪو آهيان. باقي ٽيهه
سيڪڙو رهيل حياتي جا لمحا به ڌڪ ڌڪ ڪري گذري
رهيا آهن. اڄ حسن درس پڄاڻان سنڌ جا ٿرَ بَرَ ويڳاڻا آهن. پر اها ڳالهه اهي سڀ نٿا
سمجهي سگهن جن هجر ۽ جدائي جي تڪليف کي برداشت نه ڪيو هجي. اُڃ ڇا ٿيندي آهي ان کي
حسن درس جهڙن خيال نگر جي سيلانين، چولستان ۽ ٿر جي ريگستانن کان وڌيڪ ڪير به نٿو
ڄاڻي سگهي.
حسن درس
تون ڇا ڄاڻين
جدائيءَ جو درد ڇا ٿيندو آ؟
حسن مجتبيٰ
حسن
درس مري ويو، مون کي لڳو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ پنهنجي جوانيءَ ۾ مري وئي. اڃا هُن کي ۽
وقت کي ثابت ڪرڻو هو ته هو گذريل صديءَ جو سڀ کان وڏو سنڌي شاعر هو.
پر
هو همعصر سنڌي شاعري ۾ پنهنجي آخري لمحن تائين سڀ کان وڏو شاعر هو. سنڌ جي
خوبصورتي ۽ شاعريءَ کي نظر لڳي وئي. هو منهنجين آواره گردين جو ساٿي، منهنجو دوست،
منهنجو همدم مري ويو.
اسي عزيز ٿي آوارگي مين تنهائي
نه جاني آج ڪهان ڪس نگر گيا لوگو.
هي
سنڌ جو ڪميٽيڊ عاشق، شاعر ۽ آواره گرد، چنڊ گرهڻ واري رات جي پوئين پهر پنهنجي گهر
جي رستي تي مري ويو. ”تيز جيئو، جوانيءَ ۾ مري وڃو ته جيئن توهان جو لاش خوبصورت
لڳي“. هن هلندڙ ڦرندڙ ’انجمن قاتلان شب‘ کي رات قتل ڪري ڇڏيو. هو، جنهن تي پوري سنڌ
۽ پوري ملڪ جي دعويٰ آهي، ان تي منهنجي به دعويٰ آهي ته هو منهنجو تمام ويجهو دوست
هو. هُن خوبصورت راتين جي راهيءَ کي اجل جو گهوڙي سوار کڻي هليو ويو.
هو
سرمد به هو، اڀيچند به هو. آئون هن کي حافظ جو ترڪ شيرازي چوندو هوس ته هو کلي
پوندو هو. حافظ شيرازيءَ ته پنهنجي ترڪ شيرازيءَ جي رخسار جي تر تي فقط ثمرقند ۽
بخارا قربان ڪرڻ جي خواهش ڪئي هئي، پر حسن درس ۽ اُن جي شاعريءَ تي سنڌ قربان هئي،
مان هڪ ڇا هوس؟
اڪ تم نهين تنها الفت مين ميري سوا،
اس شهر مين تم جيسي ديواني هزارون هين.
مون
اوڻيهه سؤ اسيءَ جي وچ ۾ هُن جو ذڪر ٻڌو هو ته هو سنڌيءَ ۾ سڀ کان وڏو نئون شاعر
آهي، جنهن جي شاعريءَ ڌوم مچائي ڇڏي آهي. هُن کي مون پهريون ڀيرو پنهنجي هڪ دوست
سان گڏ حيدرآباد جي گول بلڊنگ جي سامهون ٺهيل ڪوٽڙي سوزوڪي اسٽاپ تي ڏٺو هو. هو هڪ
ڳڀرو جوان هو ۽ اُهي ٻئي ڄڻا گهڻي تڪڙ ۾ هئا.
منهنجي
دوست پنهنجي ڪلهي تي سفري ٿيلهو لٽڪائيندي اُن نوجوان جو تعارف ڪرائيندي صرف ايترو
ئي چيو هو ته ’هي حسن درس آهي،‘ هنن جي گاڏي اچي وئي ۽ هو تڪڙ ۾اُن تي چڙهي هليا
ويا.
”آتي جاتي خوبصورت آواره سڙڪون پر
ڪتني انجان لوگ مل جاتي هين،
اُن مين سي ڪڇ اڪثر ڀول جاتي هين،
ڪڇ اڪثر ياد رهه جاتي هين.“
ڪشور
ڪمار جي گاني جي هنن ٻولن جيان حسن درس بس ياد رهڻ وارن ماڻهن مان هو. اهڙو حسين
آواره گرد، جيڪو اوهان جي دل ۽ نگاهه ۾ هميشه گهر ڪري رهندو آهي. حسن درس مون کي
پوءِ هڪ ڊگهي عرصي تائين ڪڏهن نه مليو. ڪاش هو ڪڏهن نه مليو هجي ها ته شايد هُن جي
جدائيءَ جو ايترو افسوس نه ٿئي ها، جيڪو هاڻ آهي.
تو ڪيا جاني، دردِ جدائي ڪيا هوتا هي؟
پوءِ
هو مون ۽ مون سان گڏ منهنجي آواره گرد دوست ذوالفقار شاهه سان گڏ حيدرآباد گاڏي
کاتي جي حيدر چوڪ جي راتين ۾ ٻه ڀيرا مليو ۽ پري کان ئي سلام ڪري سامهون واري گليءَ
۾گُم ٿي ويو. جتي ڪڏهن سڀئي پري زاد رهندا هئا. ڪلو پڪوڙائي واري گلي، سنڌ جي
تاريخ ٺاهيندڙ گلي هئي.
تيستائين
نه مون حسن درس جي شاعري ٻڌي هئي نه پڙهي هئي ۽ نه ئي هُن سان ڪڏهن ٽڪي ڪري ملاقات
ٿي هئي. هڪ تشنگي هئي، جيڪا رهجي وئي هئي، تيستائين جيستائين پنهنجي طويل خاموشي،
جنهن کي تاريخ ۾ مان اُن جي وئڪيشن چوندو هوس، برصغير جي عظيم شاعر شيخ اياز
پنهنجو چپ شاهه جو روزو ٽوڙيندي ڊسمبر ۱۹۸۷ع جي پريس ڪلب ۾ سنڌي ادبي سنگت جي
طرفان ٿيندڙ هڪ يادگار فنڪشن ۾ مهمان خاص هو. جتي حسن درس پنهنجي معرڪته آرا سنڌي
نظم ”ننگي سرمد جي حضور“ ٻڌايو هو ته ’مان تنهنجو اُهوئي اڀيچند آهيان‘ مون تڏهن
ئي سوچيو هو؛ ’جيڪڏهن اڄ جي دؤر ۾ سرمد ۽ اڀيچند هجن ها ته اُهي بلڪل حسن درس جيان
هجن ها‘.
اُن
کان پوءِ هي سموري سنڌ جو اڀيچند منهنجي ٻن دوستن سيد منير شاهه ۽ لياقت رضوي جي
مون سان ٻيهر تعارف ڪرائڻ واري ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن مون سان گڏ گڏ رهيو. اسان جيون
ڀر ڪيترا ئي جام خالي ڪيا ها، پر تشنگي پوءِ به رهجي وئي.
هو
نهايت ئي ننڍڙي عمر ۾ هڪ عجيب فسون ڪار هو. بلڪل يورپ ۾ اُن خوبصورت روما جپسي
ٻارن جيان، جيڪي اوهان کي پنهنجي هوم سڪنس (گهر جي ياد) ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن.
خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن اُهي ٻار هي ويا هو ويا، پر اوهان جا ٻٽون غائب.
حسن
درس ڪنهن جو ٻٽون ته ڇا لڪائيندو پر پنهنجي ادا ۽ شاعريءَ سان دليون لٽي کڻي ويندو
هو ۽ ڪڏهن واپس نه ڪندو هو. جيڪڏهن اوهان حسن درس جا دوست آهيو، مرد آهيو يا عورت،
ڄاڻيندا هوندؤ هن هرجائيءَ کي.
مون
کي لياريءَ ڪراچيءَ ۾ هڪ شخص اهڙو مليو، جنهن چيو؛ حسن درس هُن وٽ صرف ڪجهه راتيون
گذاريون هيون ۽ چانهه طلب ڪئي هئي. اُن کان پوءِ هو سالن تائين هر رات چانهه جي
ڪيٽلي گرم ڪري دروازو کليو رکندو هو، نه ڄاڻ ڪهڙي مهل حسن اچي نڪري. پر حسن درس
ڪڏهن به نه آيو. مون کي ناهي معلوم ته حسن ڪڏهن چانهه پيئندو هو، مون کي اها خبر
آهي ته حسن چانهه ڪافي ته ناشتي ۾ به نه پيئندو هو.
هو
محمد حنيف، مصدق سانول جهڙن طبعزاد ماڻهن کان وٺي هزارين ٻين بدقماش قسم جي ماڻهن
جو دوست هو. اُن وسند فقير جو به، جيڪو سانگهڙ ضلعي ۾ ڪٿي جهڳي ٺاهيو، گيڙوءَ رنگ
جي صوفي پڳ ٻڌي يڪتاري تي عارفاڻا ڪلام ڳائيندو آهي ۽ اُن متعلق حسن پنهنجي هڪ نظم
۾ چيو هو ته هُن جي پٽڪي جي ورن ۾ تاريخ پنڪيون کائي رهي آهي. هو نه مردن جي ٺاهيل
اُن سنڌي چوڻيءَ جيان هو، ’چنڊي رن جا ٻار به گهڻا ته يار به گهڻا‘.
شراب،
گهوڙا، عورت، سمنڊ اُن جي شاعري ۽ زندگيءَ جا استعارا هئا.
حسن
ٻه آگسٽ اوڻيهه سؤ اٺاسي ۾ فوجي آمر جنرل ضياءَ تي هڪ طويل نظم لکيو هو، جنهن جون
آخري سٽون هيون:
”اسان چئون ٿا ته جنرل ضياءَ پنهنجي روپ ۾،
زندگيءَ کي حڪم امتناعي آهي،
هو موت جو ٻيو نالو آهي،
هن جو چاندنيءَ سان وير آهي،
سورج سان دشمني آهي،
هو ڪپهه جهڙين نرم گداز جوانين تي،
ڪريل پٿرن جو ڍير آهي،
هُن جو وجود ڌرتيءَ تي بڪواس آهي اضافي آهي،
۽ انسانيت لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آهي.
ٺيڪ
پندرنهن ڏينهن کان پوءِ ضياءَ الحق هوائي حادثي ۾ مري ويو.
حسن
درس ان نسل مان هو، جنهن هر تعصب ۽ آمريت جي هر شڪل سان لڙائي جوٽي رکي هئي.
انقلابي، عاشق، قيدي، حسين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هُن جي شاعري پنهنجن ٻٽوئن ۾ رکيو
گهمندا هئا. مان هُن کي پئبلو نرودا ۽ پروين شاڪر جي وچ واري ڪا ئي شيءِ چوندو
هوس. جيڪڏهن هن کي ڪو سٺو مترجم مليو ته هُن جي شاعري هُن کي دنيا جي چوٽيءَ جي
شاعرن ۾ آڻي بيهاريندي. هو سنڌ ۾ لامحاله شيخ اياز کان پوءِ سڀ کان وڏو سنڌي شاعر
هو.
هُن
پنهنجي پٺيان سنڌ جي افسانه نگار ۽ ناول نگار مهتاب محبوب خوشدامن، شاعره گهر واري
ارم محبوب ۽ ٻن عظيم صوفين جا نالا رکيل پيارا
ٻار روحل، چيزل ۽ ڌيءَ رڌم ۽ اسان سڀني کي، سنڌ کي ۽ پنهنجي محبوب وطن کي هميشه
لاءِ سوڳوار ڇڏيو آهي.
بلڪل
اڄ ائين لڳي رهيو آهي، جيئن اسان جي هُن دوست عرفان مهدي جي خودڪشيءَ تي لکيو هو، ’هُن
جي موت اسان سڀني جي تنهائي ايڪسپوز ڪري ڇڏي آهي‘.
حسن
درس ۽ هُن جي شاعريءَ جون هزارين ڳالهيون آهن، پر اسپيس ۽ زندگي ٿوري آهي.
(بي بي سي اردو جي ٿورن سان)
حسن درس
خوابن جو
شهزادو
تاج جويو
منهنجو
حافظو جيڪڏهن درست آهي، ته اُهو پڪ ئي پڪ ۰۱ جنوري ۱۹۸۳ع
جو ڏينهن هو، جو آءٌ ۽ منهنجو پيارو دوست رسول بخش درس، جيڪي سنڌي ادبي سنگت جا
مرڪزي عهديدار هئاسون، جُهڏي ۾ چاچي محمد خان مجيديءَ سان ملهائجندڙ شام ۾ شريڪ
ٿيا هئاسون. سخت لُري پئي لڳي ۽ سيءَ سَٽيو پئي، ان ڪري اسٽيج جي ڀر ۾ مچ ٻاريو
ويو هو. اوچتو پروگرام ۾ هڪ سنهڙو ڊگهڙو ڇوڪرو اسٽيج تي اچي شعر پڙهڻ لڳو، گلو
کليل، شايد شرٽ ۽ پينٽ پاتل هئس. جڏهن نظم، جنهن جو عنوان ”جيئي سنڌ“ هو، پڙهيائين
ته مجمعي ۾ موجود سامعين جي مٿي مان ٺڪاءَ نڪري ويا. اسٽيج تي ويٺل رسول بخش درس
چيو ته، ”ڇوڪري وٽ شاعريءَ جو ڏانءُ آهي، اڃا ته ٻارُ آهي، هي ڇوڪرو سنڌ جو پڪ ئي
پڪ نالي وارو شاعر ٿيندو.“ اتي ئي اسان کي خبر پئي ته اهو ڇوڪرو، هن ٿڌ ۾،
حيدرآباد مان اسڪوٽر تي آيو هو ۽ سندس نالو حسن درس هو. ان زماني ۾ حسن درس محمدي
پلازه گاڏي کاتي حيدرآباد جي فليٽ ۾ شايد مقبول نظاماڻيءَ وٽ رهندو هو ۽ ثانوي
تعليم پڙهي رهيو هو- ۽ پوءِ گاهي ماهي حسن درس سان مختصر ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽
سندس شاعري رسالن ۾ ڇپجندي رهي. ساڻس هڪڙي ملاقات ۱۹۸۵ع ڌاري
’محمدي پلازه‘ ۾ ئي ٿي هئي. جتي، مون مشڪور ڦلڪاري، حسن درس ۽ آڪاش انصاريءَ ڪچهري
ڪئي هئي ۽ اسان جو موضوع هو ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات“. حسن درس، جيڪو حسن
۽ جماليات جو شاعر هو، لطيف جي جمالياتي اظهار کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ چيائين ”مار!
لطيف ايڏو حسن پسند ۽ حسناڪ شاعر آهي.“ ۽ پوءِ هُن لطيف کي پڙهڻ شروع ڪيو هو.
هڪ
ٻيو واقعو حسن درس جي نسبت سان اهميت لائق آهي. ۳۱ ڊسمبر ۱۹۸۷ع
جي ڳالهه آهي، جو ۲۰ صديءَ جي وڏي شاعر شيخ اياز کي پريس ڪلب حيدرآباد ۾، سنڌي
ادبي سنگت سنڌ جي سيمينار - ”قومي
تحريڪ ۾ اديب جو ڪردار“ جي صدارت ڪرڻ لاءِ وٺي آيا هئاسين، جنهن ۾ ماهَتاب محبوب ۽
ٻين اديبن مقالا پڙهيا هئا. ان وقت شيخ اياز، محمد ابراهيم جويي، فقير محمد
لاشاري، دادا سنڌي، نصير مرزا، طارق عالم ۽ ٻين اديبن کي ’سنگت ادبي ايوارڊ‘ ڏنا
هئا. ان موقعي تي مون شيخ اياز جي آڏو سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾، سنڌ جي
صرف ٻن نمائندن شاعرن کان شاعري پڙهائي، مٿس واضح ڪيو هو ته سنڌ جي لوڪ شاعري ۽
جديد شاعريءَ جا هي ٻه نمائنده رنگ به ملاحظه ڪريو، جيڪي جديد سنڌي شاعريءَ جي واٽ
تي اڳتي وڌندڙ حسين قدمن جي نشاندهي ڪن ٿا- ۽ پوءِ اياز آڏو رمضان عرف شيطان فقير
سگهڙ، روايتي سگهڙن جي ”ڀلي آئين ڀلا پرين، ڀلا ڪمشنر“ واري روايت جي ابتڙ جديد
قومي شاعريءَ سان هم آهنگ هڪ طويل قومي نظم پيش ڪيو هو، ته شيخ اياز نه رڳو اُن
سگهڙ جو نظم ٻڌي حيران ٿيو هو، پر مون کي چيو هئائين ته ’هي ته ڪلاسيڪي لوڪ
شاعريءَ جي روايت ”ڪوسيون ڪَپارن ۾، چُهٽيو وجهن چَڪ“ جو تسلسل آهي- ۽ جڏهن جديد
شاعريءَ جي نمائندگي ڪندي، نوجوان شاعر حسن درسُ اسٽيج تي آيو هو ۽ هن ڳڀرو شاعرَ،
گرجدار آواز ۾ پنهنجو نظم ”ننگي سرمد جي حضور ۾“ پيش ڪيو هو، ته شيخ مون ڏي ڏسي
چيو هو ته ”تاج! آءٌ اياز گل کي ئي پنهنجو تسلسل سمجهندو هوس ۽ ان کان پوءِ منهنجي
مطالعي ۾ ڪو اهڙو نئون نالو نه آيو هو. ڇا اياز گل جي ٽهيءَ کان پوءِ به هن قسم جا
نوجوان شاعر پيدا ٿي چڪا آهن؟‘
اهو
نظم اڄ ۲۴ سالن کان پوءِ، آءٌ هڪ ڀيرو ٻيهر، اوهان جي آڏو، پنهنجي اڌ
صدي اورانگهيل اڌڙوٽ آواز ۾ پڙهان ٿو، جنهن ۾ حسن درس وارو بانڪپن ۽ بيباڪ پڻو ته
لازمي طرح نه هوندو:
مان تنهنجو ساڳيو اڀيچند
تهمتن جي ديس ۾،
ڌنڌلي ڪنهن شام جي هن شهر ۾
تنهنجي عريانيءَ جي مئخاني اڳيان
درد جا پيالا ڀري،
ڪي ڏوڪيان ٿو،
پاڻ کي ئي ٽوڪيان ٿو،
ڪنهن اگهاڙي موهه جي اقرار ۾،
پيار جو انجام ڪو،
گُهگهه اونداهين گهٽين جي ڀوڳنا ۾
بخت جون ساريون لڪيرون
تخت جي هيٺان اچي دٻجي ويون- ۽
وقت جيڪو،
رات جو سينو ڪُٽي، پٽبو رهيو،
رُتِ پنهنجا روڳ ڏيئي ،
تنهنجي پيرن مان جا ڦٽڻي هئي پرهَه،
مان ته ٿو تنهنجا اُهي ئي پير ڌوئان،
مان ته ٿو تنهنجا اهي انڌير روئان!
مان ته ڪنهن اُجڙي ويل ٻوٽي مثل
تون وڏو جهنگل،
جهين جو ڪاٺ ڀي ايڏو وڏو آواز آ، جو
ڏار ڌڙڪن!
مان ته هان ڪنهن،
وکريل جُهوٽي مثل
تون وڏو طوفان،
ڪوئي ٿرٿلو،
ڪو زلزلو،
جو هر گهر جي دل ڌُٻي
پو به تنهنجو هن وڏي دنيا اندر،
نانوَ پنهنجي جو ننڍو نذرانو ڏيان ٿو،
درد جو بچيل تنهنجو،
تنهنجي اوبر
ڏوڪيان ٿو!
مان تنهنجو ساڳيو اَڀيچند،
مان تنهنجو ساڳيو اڀيچند!!
اُهو
اڀيچند ڪير هو ۽ اُهو سرمد ڪير هو، اُن لاءِ آءٌ ڪنهن ’ست رنگي نقاد‘ جي فتويٰ ۽
ڪنهن ’اوجهري‘ ۾ اُلجهندڙ گاريالي تجزئي نگار جو رايو ٻڌڻ بدران تاريخ جي نقاد/
مستقبل جي سچي نقاد تي ڇڏيان ٿو، جيڪو حسن درس جي سموري شاعريءَ جو مطالعو ڪري،
اهو راز افشان ڪندو. في الحال جذبات جي وهڪرن کي ڀلي وهڻ ڏنو وڃي.
حسن
درس سنڌ جي خوبصورتين جو شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ رومانس ۽ انقلاب سان گڏ زندگيءَ
جا سمورا رنگ، موسمن جون سموريون رَعنايون، ماحول جون ساريون ڪڙايون، ڌرتيءَ جو
سمورو ڪَرب، ماحوليات جي سموري تباهيءَ ۽ سدا حيات ۽ سدا روان دوان سنڌوءَ جا نوحا
شامل هئا. حسن درس، اياز گل کان پوءِ واري ٽهيءَ ۾، روايتي لب و لهجي کان هٽي،
پنهنجو هڪ منفرد ۽ انوکو لهجو اختيار ڪيو هو. هن جا لفظ، هن جا اصطلاح، هن جا
ڪِنايا، هن جون تشبيهون ۽ هن جا استعارا پنهنجا ۽ هن سرزمين سنڌ جي مٽيءَ مان ڦٽي
نڪتل هئا. هن جو ڪو هڪ استعارو، ڪو هڪ ڪنايو ۽ ڪا هڪ تشبيهه کڻي ڪو نتيجو اخذ ڪرڻ
منهنجي نظر ۾ حَسن درس سان زيادتي ٿيندي. حسن مجتبيٰ ڪنهن حد تائين صحيح لکيو آهي
ته ’شراب، گهوڙو، عورت ۽ سمنڊ‘، حسن درس جي شاعريءَ جا استعارا هئا. پر جن حسن درس
جي جنم ڀومي هوٿي مشائخ ڏٺي آهي؛ جن هن سان بدين ۽ ٺٽي جا گڏجي سفر ڪيا آهن؛ جن
جاتي ۽ مغل ڀين، روپا ماڙي ۽ ڪڇ جي ڪٺار، هن سان گڏ گهمي ڏٺي آهي؛ جن هن کي هاڪس
بي ۽ ابراهيم حيدريءَ ۾ اڙٻنگايون ڪندي ڏٺو آهي؛ جن هن کي ڪاڪاهُو ڍنڍ ۽ اڇڙي ٿر ۾
ٽيلارا ڏيندي، مهراڻي ۽ پارڪر ۾ پسار ڪندي، گوڙهيار ۽ گوڙيءَ جا مندر گهمندي،
عمرڪوٽ ۽ پدمات جي پٽن، روحل واءِ ۽ ڇور واهه جي ڪنارن تي ڪچهريون ڪندي ڏٺو آهي،
جن هن سان گڏ ڪاڇي ۽ کيرٿر جا پنڌ ڪيا آهن، ڪينجهر ۽ ماڃر جا ماڳ ڏٺا آهن ۽ موهن
جي دڙي ۽ واهي پانڌيءَ ۾ اڪيلو پنڌ گهمندي ڏٺو آهي؛ سکر ۽ شڪارپور، خيرپور ۽ جيڪب
آباد، چولستان ۽ روهيءَ ۾ رلندي، ۽ سفر ڪندي ڏٺو آهي، تن وٽ هن جا اجرڪ، ٻانڌڻي،
رليءَ، گج ۽ الائي ڪهڙن ڪيترن قسمن جا استعارا ۽ ڪيتريون انوکيون ۽ اَڇُتيون تشبيهون،
پنبڻين جي پلڪن ۾ سانڍي رکيل آهن:
جڏهن عشق پائي اچي اجرڪون،
جڏهن پيار پائي اچي ٻانڌڻو،
جڏهن ڀونءِ ڀليءَ رليءَ جان لڳي،
سڄو ديس تنهنجيءَ ڳليءَ جان لڳي،
جڏهن چوٽ تان چنڊَ تارا تڪي،
جڏهن دريا سان گڏجي ڪنارا ڪهن،
جڏهن گجّ سارو ڪري گفتگو،
چُنيءَ تي سمورا ستارا لهن،
جڏهن ماڪ مکڙيون چپن جون چُمي،
خدا جي خدائيءَ تي خوش ٿيو وڃي،
جڏهن موتيو گُهورَ گهوري ڏسي،
پٽي اکّ ۽ اکّ پوري ڏسي،
تڏهن مان ٿو سمجهان ته منهنجي مٺي!
ازل کان اسين ٻيئي گڏ گڏّ آهيون،
اسين هڪٻئي لئه اُهو سڏّ آهيون!
حسن
درس، عبدالقادر جوڻيجي جي لفظن ۾ ’عمر جو چور‘ هو. آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته ۸۰ع
واري ڏهاڪي ۾ هاءِ اسڪول جي شاگرد هئڻ کان وٺي ۲۰۱۱ع ۾ هڪ
مئچوئر شاعر تائين، حسن درس ۾ هڪ البيلي ۽ لاڏلي ٻار واري چلولائي ۽ معصوميت بکندي
هئي. هن جي ياراڻين ۽ دوستين جا ڀاڪر هميشه ڀنل هوندا هئا، هن جي گفتگوءَ جو انداز
۽ هن جو ڪمهلو موت، آرٽ جو بي بدل نمونو هو.
آءٌ
هتي حسن درس جي ڪُمهلي موت کي سندس ڪن جذباتي عاشقن وانگر جسٽيفاءِ نه ٿو ڪريان؛
نه ئي سندس مڌ- پياڪي ۽ آواره گرديءَ کي ڪو معراج ٿو سمجهان- پر هتي دنيا جي ادبي
تاريخ جي انهن عظيم شاعرن جي قطار ۾ کيس بيهارڻ لاءِ سنڌ ۽ هند جي وڏي نقاد لڇمڻ
ڪومل جي، حسن درس بابت لکيل اُن ٻن صفحن واري مختصر مضمون جو حوالو ڏيڻ گهران ٿو،
جنهن، ٻه ماهي ’ڪونج‘، بمبئيءَ جي جولاءِ- آگسٽ ۲۰۱۱ع واري پرچي
۾ لکيو آهي ته:
-
سنڌ جي نئين نسل جي نمائندگي ڪندڙ هن شاعر جي نئين نڪوري ۽ اڻ ڇُتل شاعري رڳو حسن
درس جهڙن شاعرن جي ئي حصي ۾ آئي، جنهن جو خال ڀرڻ لاءِ هن سنڌ کي الائي ڪيترن سالن
جو انتظار ڪرڻو پوندو.
-
عظيم فرانسيسي اديب البرڪامئو، حسن درس جي عمر ۾ ڪار جي حادثي ۾ راهه عدم ورتي.
چيڪ اديب فرانز ڪافڪا به اُنهيءَ ئي عمر ۾ هليو ويو. روس جي عظيم انقلابي ۽
رومانوي شاعر ماياڪو وسڪيءَ به ايتري ئي ڄمار ماڻي.
-
الائي ڇو خوبصورت اديب ۽ شاعر زندگيءَ جو چوٿون ڏهاڪو پار ڪرڻ سان ئي اسان کان
وڇڙي ٿا وڃن!“
آءٌ
حسن درس جي خُماريل گهڙين ۾، پونم پيٽرول پمپ جي اُن نڀاڳي موڙ واري ’ڪنڊائتي
پارڪ‘ ۾ ٿيل حادثي کي، سندس ڪن دوستن پاران ’سوم رس جو معراج‘ ۽ ڪن پاران کيس
’ڪاني ڪرامت واري پير جو وڇوڙو‘ سڏڻ واري ڳالهه سان اتفاق نه ٿو ڪريان. حسن درس
پوين ڏينهن ۾ ڪنهن اندرين ڇِڪ يا Intuation تحت اهڙيون ڳالهيون پئي ڪيون، جيڪي سندس
’جوان موت‘ کان پوءِ ئي اسان کي شدت سان محسوس ٿيڻ لڳيون آهن. جڏهن اُن چنڊ گرهڻ
واري نڀاڳيءَ رات جي پهرئين پهر ۾، هو پنهنجي ونيءَ ارم ۽ سَسُ ماهتاب محبوب سان،
جنهن کي هو هميشه ’امي‘ جهڙي پوتر نالي سان سڏيندو هو، پنهنجي محبوب دوست طارق
عالم جي تڏي تي ويو هو، تڏهن هن سندس تعزيتي بُڪ تي لکيو هو ته: ”آهي“ ۽ ”هو“ ۾
ڪيترو فرق آهي؟ يا واپس ورندي ڄامشوري ۾، ماهتاب محبوب کي جيڪي لفظ چيا هئائين ته
”امي! انساني زندگي به چاٻيءَ تي هلندڙ رانديڪي وانگر آهي. چاٻي ڏي ته هلندو وتي،
چاٻي ختم ته بيهيو رهي“- ڪنهن ٿي ڄاتو ته طارق جي نوٽبڪ تي لکيل سندس آّخري لفظ ۽
اميءَ ۽ ونيءَ سان ڳالهايل سندس جملا يا عمر قاضيءَ ۽ مقبول سومري سان ٿيل سندس
آخري بحث ۽ ٻيون اهڙيون ڪيتريون شاهديون ۽ گواهيون گڏ ڪبيون ته معلوم ٿيندو ته حسن
درس کي ان ڦوهه جوڀن ۾ ئي وڃڻو هو ۽ اها کيس خبر هئي. اُن رات به کيس پَسڻَ پئجي
ويا هئا ته هن رات، هن چنڊيءَ چنڊ گرهڻ واري رات جو صبح ٿيڻو ئي نه آهي، ۽ واقعي
علي الصبح جو حسن درس اسان کي ڇڏي ويو. هو عمر جي آڱرين مان ڦُلي وانگر ڇڻي ويو.
هيءُ شعر سندس ان اندرئينءَ Intuation جو مظهر ئي ته آهي؟
عشق جي ڪرڻ ڦل مان قطرا ٿي،
سمنڊ خشڪيءَ ۾ غرق ٿئي ڏسجان.
ـــــ
ڇو رُنس ۽ رڙيس چوڪ تي
شهر وارا نه ڄاڻي سگهيا!
ڇا
اها حقيقت نه آهي ته حسن درس جي ڪار جي حادثي وقت پونم پيٽرول پمپ جا چوڪيدار، ۽
قاسم آباد ۽ جي.او.آر ڪالونيءَ جا پوليس وارا، حسن کي رَت ۾ لت پت ڪار ۾ ڏسي کيس
سڃاڻي نه سگهيا هئا، ۽ کين ايترو به شرم ۽ ڪهڪاءُ نه پيو هو ته ڪار جو شيشو ڌڪ هڻي
ڀڃي سگهن ها ۽ هن آخري پساهن کڻڻ وقت دوستن ۽ پيارن کي مس ڪالون ڪندڙ شاعر کي
بچائي سگهن ها؟
حسن
درس، واقعي ڪنهن چواڻي، جديد سنڌي شاعريءَ ۾، پنهنجن همعصرن ۾ آخري پساهن تائين هڪ
وڏو شاعر هو. سندس خوبصورتيءَ ۽ شاعريءَ کي شايد ظالم زماني جي نظر کائي وئي. شايد
کيس ’آوارگيءَ‘ ۾ به ڪنهن چواڻي ’تنهائي‘ پسند هئي- تڏهن ته روڊ تان گذرندڙ،
پيٽرول پمپ جا چوڪيدار ۽ ماڻهن جي کيسن ۾ چرس جون گوريون وجهي کين گرفتار ڪندڙ
سپاهي، سنڌ جي هن حسين شاعر کي سڃاڻي نه سگهيا، ۽ سندس ويجهو نه ويا.
اُسي عزيز تهي آوارگي مين تنهائي
نه جاني آخر کهان، کس نگر گيا لوگو!
حسن
جي من ۾ ’گهوڙي جي ٽاپولي‘ هئي، سندس اکين ۾ ڪو سمنڊ هو. هو عاشق هو، هن جو ڪو
ساحل هو، ۽ هو اُن ساحل ڏانهن ئي هليو ويو ۽ اسان لاءِ، ۽ اسان جي مٺڙي ڀيڻ ارم
لاءِ اوسيئڙا ۽ اوسيئڙن جا ليئڙا ڇڏي ويو، جن ۾ ڪيئي ڇوليون ڇلي رهيون آهن:
هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙي،
گهوڙي جي ٽاپولي آهي،
هر ماڻهوءَ کي سمنڊ ذرو آ،
هر عاشق کي ساحل آهي،
اوسيئڙو ۽ اوسيئڙي جي ليئڙي ۾،
ڪائي ڇلندڙ ڇولي آهي!
حسن
پنهنجي حياتيءَ جي حقيقت ڪنهن ’سگهڙ جي سٽ‘ ۾ سوگهي سمجهي هئي ۽ پنهنجي پياري دوست
اويس توحيد جي لفظن ۾ ’هو سنڌ ڌرتيءَ تي لٿل ڄڻ ته ڪنهن آواره بادل جيان هو، خوابن
۾ گم، بادلن جي پويان لڪل، آسمان جا راز بيان ڪندڙ، منزل جي تلاش ۾ خوابن جو
شهزادو.“
هو
خوابن جو شهزادو شاعر رات جي پوئين پهر ۾، هن وشال ڪائنات ۾ گُم ٿي ويو- هو هڪڙو
پورو دور هو، پوري دور جي پرولي هو- ۽ اُها پرولي اڃا ڪنهن نه ڀڳي آهي، ڇو ته هيءَ
ڪائنات وڏي آهي. وقت ضرور اُها پرولي ڀڃندو- ۽ جڏهن پرولي ڀڄندي- هر ماڻهوءَ ۾ هڪ
مور نچندو، ۽ ساري سنڌ پنهنجي هن حسناڪ شاعر جي شاعريءَ ۾ ’پرينءَ جو پاڇو‘ بنجي
اُڀرندي:
هر ماڻهوءَ ۾ مور نچي ٿو،
هر ماڻهوءَ ۾ چور نچي ٿو،
تارونءَ ۾ تلوارون ترندڙ،
هڪڙو پورو دور نچي ٿو،
هر ڪو دور پرولي آهي!
ـــــ
رات پوئين پهر ۾،
هن ڪاري قهر ۾،
جندڙي ڪمزور آهي،
جندڙي هيڪل جڏي آ،
ڪائنات ڪيڏي وڏي آ!
ڪائنات ڪيڏي وڏي آ!
ـــــ
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو،
جيڪو جر تي جاڳي پيو ٿو!!
(حسن
درس جي جنم ڏهاڙي ۰۵ سيپٽمبر تي لکيل پر پروگرام ۾ نه پڙهيل)
حسن درس
حُسن، فطرت، انسان ۽
انسانيت جو پرچارڪ
مٺل جسڪاڻي
حسن
درس وسريو نه آهي، پر ڪلهه کان ڪجهه گهڻو ياد پيو اچي ۽ اڄ صبح سوير سجاڳي به ڄڻ
ته حسن کي ساريندي ٿي آهي!...
يادگيري
يارن جي رهندي آهي، پسڻ پيارن جا پوندا آهن، پوءِ رشتو ڪو مائٽاڻو هجي، يا وري
دوستاڻو...
سڄڻن
جي سار جو سبب ڪو هڪ نه گهڻا هوندا آهن.
حسن ڇو
ٿو ياد اچي!؟
ڪو هڪڙو
ڪارڻ ڪونهي، پر مون کي حسن جي وڇوڙي واري وارتا سبب گهڻو ياد ايندو آهي، شايد ان ڪري
ته سندس ائين وڇڙڻ، جيئن ٻڌايو ويو، اخبارن ۾ پڙهايو ويو، منهنجي دل نه ٿي مڃي!
اعتبار ئي نه ٿو ٿئي!؟
منهنجي
دل مڃي به ڇو؟
حسن کي
ساريندي مون کي لڳندو آهي، حسن کي هميشه ٽريپTrap ڪيو ويندو رهيو. ٽريپ ڪرڻ
وارا بدلجندا رهيا.
حسن جو
وڇوڙو ٿيو، ته به حسن کي بخش نه ڪيو ويو، سندس جدائي کي به ٽريپ ڪيو ويو!
حسن کي
آخر ۾ ٽريپ ڪندڙ اڄ جا عزت احترام وارا اين جي اوز جا ڪرتا ڌرتا رهيا، جن حسن کي
جيئري به ته سندس وڇوڙي پڄاڻا به ڪئش Cash ڪرايو...
حسن جو
رسالو ڇپائي وڪرو ڪرڻ کان وٺي، رسالي جي رونمائي ۽ ياد ۾ پروگرام ڪري، حسن جي نالي
۽ تصوير واري شرٽ ورهائڻ تائين، حسن کي ڪئش نه ڪرايو ويو آهي ته ٻيو ڇا ڪيو ويو
آهي؟
مون کي
حسن جي ياد ۾ ڪا به سنجيده گڏجاڻي نه پئي سجهي، جيڪڏهن ڪي سنجيده ماڻهو ڪٿي گڏ ٿيا
به هوندا، ته اها گڏجاڻي ڪا عام نه ٿي هوندي، جنهن ڪري آئون بي خبر رهجي ويو
هوندس.
حسن تي
ڪو رفرنس ڇو نه ٿيو؟ ڪي محقق گڏجي ڇو نه ويٺا؟ سندس زندگيءَ جي ارتقائي مرحلن تي ڇو
نه ڳالهايو ويو، ڇو نه لکيو ويو؟ يا منهنجا ڪن ۽ اکيون خراب آهن، مون تائين پهچندڙ
اخبارون ڊمي آهن!؟
حسن
اهو نه هو جيڪو اين جي اوز عام ڪيو. حسن ته حسن هو.
موت
برحق آهي، پر اوچتو، حادثاتي، ۽ جواني واري جنهن وهيءَ ۾ حسن درس وڇڙيو، ان وهيءَ
۾ وڇڙيل لاءِ ”هو“ لفظ لکڻ، چوڻ ڏاڍو ڏکوئيندو آهي.
حسن
درس جيئن جسماني طور گهڻن کان گهڻو قداور شخص هو، تيئن ئي هو گهڻن ماڻهن سان ملندڙ،
انهن ۾ رلي ملي ويندڙ، انهن مان سکندڙ ۽ انهن کي سيکاريندڙ، گهڻو گهمندڙ ڦرندڙ شخص
هو، سندس مطالعو ۽ مشاهدو به گهڻن کان گهڻو هو.
حسن کي
دوست مڃيندڙن جو تعداد به ان ڪري ججهو آهي، ڇاڪاڻ ته حسن رنگين طبيعت جو ڌڻي هو.
هو جنهن جنهن سان به ملندو هو، ان جهڙو ٿي ملندو، ويهندو، ڪچهريون ڪندو هو. هو
لکيل پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، شهري توڙي ٻهراڙي جي عام ڳوٺاڻي سان، غريب سان غريب ٿي
ملڻ جُلڻ وارو اهڙو شخص هو، جنهن وٽ ڪنهن به قسم جي اوچ نيچ، ذات، مذهب جو ڪو
تضاد، ڪو مونجهارو نه هو. هو ننڍن سان ننڍو ۽ وڏن سان وڏو ٿي ويندو هو. جيڪو جهڙو
هوندو هو، حسن به اهڙو ٿي ويندو هو. جنهن ڪري هو گهڻي ڀاڱي اهڙو غير متنازع شخص
رهيو، جنهن کي هر ڪو هڪ جهڙو قبولي ٿو، ته حسن اسان سان هو، اسان جو هو. هن تي ڪنهن
به مخصوص سياسي، سماجي، ادبي گروهه جو ٺپو نه لڳو، هر ڪنهن سان هڪ جهڙو! اها سندس
سياڻپ، عقل ۽ فهم جي حد چئي ۽ مڃي سگهجي ٿي. هن هر عمر ۽ هر فڪر واري کان سکيو ۽
هر ڪنهن کي سيکارڻ جي ڪوشش به ڪئي. هو مسجد ۾، مندر ۾، مئخاني ۾، مزارن تي، ادبي،
سماجي ۽ سياسي محفلن ۾، جتي به هوندو هو، ان رنگ ۽ ڍنگ کي پڙهندو، پرکندو، ان مان
پرائيندو هو.
حسن
جيتوڻيڪ ڳوٺاڻو هو ۽ شهري به ٿي ويو هو، پر هن ۾ زماني جي چالاڪي ڪجهه گهٽ هئي ۽
اهڙو ته سڌو ۽ سادو هوندو هو، جو سندس ڪجهه ڏٺي جا ويري دوست، هن جا ڪجهه موقعي
پرست، لالچي دوست، هن سان ٺڳي، ويساهه گهاتي به ڪري ويندا هئا ۽ هي فقير منش، واقع
به فقيراڻي طبيعت سبب، حيران به رهجي ويندو هو ۽ خاموش به ٿي ويندو هو! ”جو وڙ جڙي
جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن“، حسن سان ته گهڻن گهٽ نه ڪئي، پر هن ڪنهن سان به بي وڙائي
نه ڪئي! ٻاڙو نه ٻوليو! هن کي سامهون آڻي، ٻين ٺڳن، ٺڳيءَ جا ٺاهه ٺاهي، هن کي
خوار خراب ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو، هن ۽ هن جي دوستن ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ جون ڪوڙين ڪوششون
ڪيون! پر حسن ڪنهن سان نفرت نه ڪئي. هو ته محبتي ماڻهو هو. هر ڪنهن سان محبتون
ورهائيندو هو. هو ته پيارو ماڻهو هو، ماڻهن سان، منظرن سان، پکي پکڻ، وڻن ٻوٽن،
پالتو توڙي جهنگلي جيوت، هر ڪنهن سان پيار ڪندو هو.
حسن جي
گهمڻ ڦرڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ، مشاهدي ۽ مطالعي، حسن جي ٻولي، حسن جي خيال، نظريي ۽
شاعري کي اها وسعت بخشي، جنهن حسن کي موجوده دور جو وڏو شاعر قرار ڏياريو، پر حسن
صرف وڏو شاعر ٿوروئي هو. هن ته نثر به ڏاڍو سٺو، وڻندڙ، متاثر ڪندڙ لکيو. حسن جي
شاعري توڙي نثر ۾ عام رواجي گهٽ، غير روايتي اهڙا ڪردار موجود آهن، جو پڙهڻ کان
پوءِ اندازو ٿئي ٿو ته مار... حسن ته گهڻو ڪجهه هو. هن هن سان مليو، هن هن وٽان
سکيو، هن هن جو مثال ڏئي سيکاريو... هو ته ڪچهرين جو به ڪوڏيو هو. هر محفل جو مور
هوندو هو.
حسن اهڙو
هو، جنهن جي مرتئي تي سڄي سنڌ سوڳ ۾ آهي. حسن اهڙو هو، جنهن جي مئي تي، ايترو ججهو
لکيو ۽ ڇپيو، جو شايد، ائين، ايترو، اڳ ۾ ڪنهن تي به نه لکيو ويو آهي.
جنهن
حسن تي ايترو ججهو لکجي چڪو هجي ۽ جيڪو حسن، منهنجي لاءِ عام رواجي واقفڪار به نه
هجي، ان تي آئون ڇا ڇا لکي سگهندس ۽ ڇا ڇا نه لکي سگهندس!؟ جيڪڏهن لکندس ته ڇا ڇا
نه ورجائجي ويندو ۽ ڇا ڇا نه لکڻ جهڙو به لکجي ويندو!؟ ۽ جيڪڏهن سڀ ڪجهه لکجي ويو،
ته پوءِ گهڻا خوش ته گهڻا ناخوش ٿي، رسي پوندا...!
حسن عام
ماڻهو هوندي به عام نه هو. حسن جهڙو به هو، پنهنجي ذات واري حوالي سان نهايت ئي
خاص هو. هو جيڪو به هو، جهڙو به هو، اهو سندس سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن سبب اهڙو هو،
جهڙو ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ ۾ آيو. هو سنڌ، سنڌي ماڻهن مان هو، هن تي سنڌ، سنڌ جي ماڻهن جو
اثر هو. هو نه رڳو پنهنجي ذاتي حوالي سان، پر سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ جي ماضيءَ، حال ۽
مستقبل جو اونو رکندڙ هو. حسن جي سوچ، لوچ، فڪر ۽ فلسفو رڳو حسن لاءِ نه هو، هو
انفرادي طور پنهنجي لاءِ، سندس ڪٽنب لاءِ به اهڙو فڪر مند هو، جهڙو هر انسان ئي نه
بلڪه هر جيوت، ماحول لاءِ فڪرمند هو. جنهن جو آئون ڪهڙو ۽ ڇو ثبوت ڏيان؟ سندس نطم
توڙي نثر ۾ اهو ئي ته آهي، ته هو حسن جو، فطرت جو، انسان ۽ انسانيت جو پرچارڪ هو.
حسن جي
وڃڻ واري وهي نه هئي، پر هو ويو به ڪٿي آهي. هن جون قرب ڪچهريون، هن جون مُرڪون ۽ ٽهڪڙا،
يادن جي صورت ۾ اسان سڀني سان گڏ آهن. هن جي قلمبند ۽ هٿيڪي رهجي سگهيل شاعري ۽
نثر، اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسل وٽ به موجود رهندو. حسن جن سان گڏ هو، انهن سان ته
گڏ رهندو، پر جيڪو حسن جي نظم ۽ نثر کي پڙهندو، حسن ان سان به گڏ هوندو ۽ رهندو...
برسات ۲۰۱۱ دوران حسن درس جي ياد:
حسن يار،
تون به اچي ڏس،
تنهنجي سڄي سنڌ،
جيڪا هئي پرين جو پاڇو،
سمنڊ جو ڏيک پئي ڏئي سا،
ڪچو توڙي پڪو،
لاڙ توڙي ڪوهستان،
اچي ڳولي ڏس،
ٿر توڙي ڪاڇو!
ڪٿي آهي،
پرين جو پاڇو!؟
(مٺل جسڪاڻي)
***
حسن جي وڇوڙي تي:
حسن يار، ياد ڪر-
پنهنجين شروعاتي ملاقاتن ۾،
تون، تنهنجي موڀي پٽ کان،
ٿورو سوايو،
بدن ۾ ڀريو ڀڪنو هئين...
تون،
اڳي جڏهن به وئين،
وري اچڻ لاءِ ويندو هئين،
تنهنجي هن وڇوڙي کي،
ڇا چئجي؟
تنهنجي هن اوچتي،
اڀاڳي، نڀاڳي وڇوڙي کي،
ڇا چئجي؟
هن جو ڪارڻ،
ڪهڙو ڳڻائجي!؟
ثقافت کاتو ته بچي ويو،
پر تنهنجا پياڪ دوست،
يا پوليس کاتو،
ڪينئن بچي!؟
کائڻ - پيئڻ ۽،
سفر ڪرڻ جو به،
ڪو مهل موقعو،
هجي ٿو مٺڙا!
تون ائين هليو ويندين،
ڪڏهن ڪنهن جي،
تصور ۾ به نه هو.
تو ته رئاري، رڙائي،
رلائي ڇڏيو،
پنهنجي معصوم ٻچڙن کي،
جيون ساٿيءَ کي،
هر گهر ڀاتيءَ کي،
هر پياڪ، اڻ پياڪ،
هر سنگتي - ساٿي کي...
تون ته ’واٽر ڪپ‘ جي هارياڻيءَ کي،
سڄي فطرت کي،
اڪيلو ڪري هليو وئين!؟
حسن يار،
توکي ائين وڃڻ نه گهربو هو...
تون ائين هليو ويندين،
ڪڏهن ڪنهن جي،
تصور ۾ به نه هو...
تون ئي ٻُڌاءِ جاني،
ڪنهن ڪنهن کان تعزيت،
وصول ڪيان يا-
ڪنهن ڪنهن سان-
آئون تعزيت ڪيان!؟...
حسن درس
اسان جا درد
صوفي هن....!
نثار کوکر
اها
حيدرآباد جي عام رواجي گرمين واري شام هئي، جڏهن موبائيل تي ڪال آئي، “ها ڪامريڊ
ڪاٿي؟” ڄاتل سڃاتل چهڪندڙ آواز ۾ هن پڇيو. مون کيس سادي ورندي ڏني، “فليٽ تي تون
ڪٿي؟” چڱو لهي اچ، آئون هيٺ بيٺو آهيان. اهو حسن جو اوچتو سرپرائيز ڏيڻ وارو
دلبرانه انداز هو. گاڏيءَ جي ڊرائيورنگ سيٽ تي ويٺو هو موبائيل تي به ڳالهائي رهيو
هو ۽ ٻئي هٿ سان پنهنجي وارن کي به سيٽ ڪري رهيو هو. موبائيل تي ڳالهه ختم ڪرڻ
کانپوءِ هن گاڏيءَ کي اڳتي ڪاهيو ۽ پڇيو؛ “ڪر خبر ڪيڏانهن هلون؟” مون بنا سوچڻ جي
چيو؛ “هل ته ڪٿي هلي چانهه ٿا پيون.” هن کلندي چيو؛ “هي به ڪو ٽائيم آهي چانهن پئڻ
جو. هونئن به توهان سنڌين جيڪا چانهه سان ويڌن ڪئي آهي، سا ڪنهن ٻئي نه ڪئي هوندي.
ڇڏ چانهه کي. اڄ هلون ٿا ائين ئي هوا خوريءَ لاءِ.” گاڏيءَ
جي ڊرائيونگ سيٽ به وٽس هئي ۽ ارادا به ان جا فالو ڪرڻ ۾ خاموشيءَ سان هائوڪار ڪرڻ
کانسواءِ ڪو چارو نه هو. ان گفتگو جو تفصيل ۽ تت اهڙو هو، جو ان بحث جي پڄاڻي هن
شاندار لفظن سان ڪئي ته “منهنجي دل آهي شاعر واري.”
حسن
درس لاءِ ڪير ڪيئن به چوي ۽ ڇا به سوچي، پر ان حقيقت کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي
ته هو هڪ حساس ۽ حسناڪ دل رکندڙ شاعر هو، جنهن ۾ شهري ماڻهن جا انداز به شامل هئا
ته ٻهراڙي جا ويليوز به. منهنجي ئي اصرار تي صدر ۾ مسٽر واڙي جي چاٽ کائڻ وياسون
ته هن سامهون واري گاڏيءَ ۾ ويٺل حسينائن جي ٽولي کي ڏسي چيو؛ “حُسن به حياتي
وڌائي ۽ دل کي ٽيڪ ڏيئي ٿو.”
حسن
عام زندگي، عام انداز ۾ ئي گذاريندو هو. هو شاعرن واري اجائي آڪڙ، وڏائي، حد کان
وڌيڪ مصنوعي قسم واري نياز نوڙت کان آجو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙن نون دوستن
سان ڪچهري ڪندو هو، جيڪي کيس شاعر طور نه سڄاڻندا هئا. انهن کي پنهنجي ادائن سان
ڪڏهن راضي ته ڪڏهن ناراض ڪندو هو، پر بعد ۾ جڏهن انهن ئي ماڻهن کي خبر پوندي هئي
ته هو حيران ٿي ويندا هئا ته اهو شخص “شاعر” به آهي.
جڏهن
سفر ۾ حسن سان گڏ هوندا هئاسين ته پاڻ کي ڪاليج ۾ نوان پهتل ڇوڪرا محسوس ڪندا
هئاسين. ائين اسان ڇوڪراڻيون حرڪتون ڪندا وڃي هڪڙي شام ڪوٽڙيءَ جي ڪرسچن ڪالوني
پهتاسين. پراسرار ۽ گمنام گهٽيون لتاڙي وڃي هڪ قبرستان آڏو بيٺاسين. هن فون ڪري
وڌيڪ رستي بابت پڇيو. منهنجي بيزاري باوجود هو سوڙهين ۽ اونداهين گهٽين مان ٿيندو
هڪ لوهي در اڳيان اچي بيٺو. حسن جو اهڙي گهر ۾ پهچڻ ڄڻ ڪنهن مرشد جو اچي وڃڻ هو. ٿوري
دير ۾ چانهه، بسڪٽ اچي ويا، هارمونيم اچي ويو، ۽ راڳ شروع ٿي ويو. ان محفل مان زبردستي
واندا ٿي اٿياسين ته ڪوٽڙي ڄامشورو روڊ تي هڪ وڏيري جي اوطاق ۾ موسيقيءَ جي محفل
متل هئي. سمورا سازندا، گلوڪار حسن جا ڄڻ ته مريد. هارمونيم جي ڌن کان وٺي طبلي
وڄڻ جي انداز تائين، هر آئيٽم ٻڌو ته صبح جا چار ٿي ويا. حسن جڳهه سوڙهي هوندي به
سمورن سازندن ۽ فنڪارن کي گاڏي ۾ کنيو. انهن سان انهن جي ئي مسئلن تي اڻ کٽ ڳالهين
جو سلسلو جاري رکيو. ان رات آئون ته گلستان سجاد وٽان لهي ويس، پر هو فنڪارن ۽
سازندن کي فنڪار ڪالوني ڇڏڻ لاءِ روانو ٿي ويو.
حسن
جي محبت ۽ سڪ جو سڳو ڪڏهن به ڪچي تند نه رهيو. هو پنهنجي پيار ۽ سڪ جي رشتي کي
اهڙي ته ڳنڍي ڏيئي ٻڌي رکندو هو، جو وقت جي وٿي، ان ۾ وڇوٽي وارو وار جيترو به،
فرق نه وجهي سگهندي هئي. هو جڏهن انگريزيءَ جي ناول نگار محمد حنيف سان ملڻ هليو
ته مون کي اندازو نه هو ته هو ڏهن سالن کان پوءِ ملي رهيا آهن. محمد حنيف جي ڪلفٽن
واري بنگلي جي لان تي اسان رات کي اڏاري ڏينهن ڪيو، پر هنن جا قصا نه پئي کُٽا،
جنهن ۾ کلڻ جو ايترو سامان هو، جو کلي کلي کيرا ٿي پئي وياسين، پر ان محفل کي
شاعري طرف حنيف موٽايو. حسن درس سنڌيءَ ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائي رهيو هو ۽ حنيف
اردوءَ ۾ ان جي تعريف ڪري رهيو هو. محمد حنيف، حسن جي شاعريءَ جو ايترو ته مداح
آهي، جو هاڻي سندس شاعري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي. حسن جي اها عجيب ۽
خوبصورت طبيعت واري ادا هئي، جو هن ڪڏهن به ڪنهن کي پنهنجي شاعري يا شخصيت تي لکڻ
لاءِ سڌو يا اشاري ۾ اهو نه چيو ته منهنجي تعريف ڪريو. هو پنهنجي تعريف کان پري
ڀڄندو رهيو ۽ تعريف سندس ڪڍ پئي گهمندي رهي.
اسان کي نه ڪو ئي درزي مليو،
نه ڪي ماپ من جي، نه ڪا ڪور ٿي
حسن
جيڪو يارن جو يار، دوستن جو دوست رهيو، تنهن جي زندگيءَ ۾ ڪي لمحا ڄڻ ته بيهجي ويل
هئا. هونئن ته ڪا خبر نه پوندي هئي پر جڏهن اسان اک ڪڪڙي ڪري اچي ڊفينس واري مرچي
تي بيهندا هئاسين ته هو مينو ٻڌڻ کان اڳ ۾ ئي چوندو هو؛ “منهنجي لاءِ بهاري ٻوٽي
چئوس.” ان بهاري ٻوٽي کائڻ سان هو حياتيءَ جي انهن هرک جهڙن لمحن ۾ واپس هليو
ويندو هو، جيڪي بقول حسن جي ته هن ڪراچي ڊفينس واري کڏا مارڪيٽ ۾ گذاريا هئا. ائين
ئي جڏهن فليٽ تي اڪيلا ويٺا يو-ٽيوب تان سانگس ٻڌندا هئاسين ته هو نصرت فتح علي
خان جو هڪ مخصوص ڪلام هلائڻ لاءِ چوندو هو. اهو ڪلام ٻڌڻ سان هو ذهني طرح ڪراچي جي
ان فليٽ ۾ هليو ويندو هو، جتي هن هڪ هفتو پنهنجي ان وقت جي عشق سان گڏ گذاريو هو.
ننگا ٻڌا سڻاسين آواز عورتن جا
دلڪش بدن، سمندر، انداز عورتن جا
مرد کي مصيبت آهي ڇهڻ جي عادت
۽ ڇوڪرين ڇتين کي آهي ڪهڻ جي عادت
انهن
ئي ڇهڻ ۽ ڪهڻ جي عادتن واري ذڪر ۾ هڪ ڏينهن جڏهن آئون اداس ويٺو هئس ته حسن مامري
کي ڀانپي ويو ۽ هن ٻڌائڻ شروع ڪيو ته، “ائين ٿيندو آهي چاليهه سالن ۾. عشق نه ڪنهن
کي ٻڌائڻ جهڙو، نه ڪنهن کان لڪائڻ جهڙو.” حسن جي ڳالهه ڪرڻ وارو انداز اهڙو ته
دلڪش ۽ من موهيندڙ هوندو هو، جو گهٽ ۾ گهٽ مون کان ته کل روڪيو نه رڪندي هئي.
سنڌين تي، سنڌي اديبن دانشورن تي، سنڌي ڇوڪرين تي، راڳين تي اهڙا اهڙا ته لطيفن
جهڙا گفتا پيو ٻڌائيندو هو، جو کلي کلي کيرو ٿي پوندو هئس. حسن جو سارون ساريندي
سندس ئي سٽن طرف ڌيان وڃي ٿو ته،
وس ۾ ناهين جو وساري ڇڏيان،
رات ناهين جو گذاري ڇڏيان،
درد آهن ته دل ڏکائين ٿا،
پکي هجن ته اڏاري ڇڏيان.
حسن
جي سدا ملوڪ جوان جماڻ شخصيت ۽ سندس ايندڙ نسلن تائين زنده رهندڙ شاعري کان گهڻا
ماڻهو متاثر، ته ڪجهه ماڻهو ساڙ به کائيندا هئا/ آهن. سڀ اديب سريلي ۽ سيبتي نصير
مرزا جهڙا حقيقت پسند ناهن، جيڪي کلي دل سان اعترافي بيان لکن ته “ٿي نه سگهيس
شاعر.” ڪجهه ماڻهن آخري سالن ۽ مهينن ۾ حسن جي دل ڏاڍي ڏکائي. کيس اجايو پريشان
ڪرڻ، تڪليفن ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو، پر هن ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪئي، صرف ايترو
چيو ته؛
“اسان جا درد صوفي هن،
اوهان جا قهر ڪوفي هن!”
حسن درس
واقعي اسان
سڀني کي ڇڏي ويو آهي...؟
سرفراز وسطڙو
صبح
جو ننڊ مان جيئن اٿڻ ٿيو تئين ميرپور خاص سان تعلق رکندڙ دوست جيڪو هميشه اديبن،
دانشورن، شاعرن ۽ صحافين سان لاڳاپيل مسئلن بابت ايس ايم ايس ڪندو رهندو آهي، جو
اهو ايس ايم ايس ته سنڌ جو حسن پرست، حسين ۽ نوجوان شاعر حسن درس روڊ حادثي ۾
لاڏاڻي ڪري اسان کان جدا ٿي ويو آهي،پڙهڻ وقت مون ان
ايس ايم ايس کي ان ڪري غير سنجيده ورتو ته شايد ان دوست اهو ايس ايم ايس حسن درس
متعلق نه پر ڪنهن ٻئي دوست متعلق ڪيو هوندو ۽ کانئس ڀل ۾ حسن درس جو نالو لکجي ويو
آهي ۽ پوءِ جڏهن مان بار بار انهي ايس ايم ايس کي پڙهندو رهيس ته انهي ايس ايم ايس
پڙهڻ دوران حسن درس سان لاڳاپيل ٻين ڪجهه دوستن جا پڻ اهڙي قسم جا ايس ايم ايس
ايندا رهيا ۽ پوءِ مجبورن انهي خبر جي تصديق ڪرڻ لاءِ جڏهن مون ٽي وي چئنلن خاص
طور تي سنڌي چئنلن تي حسن درس متعلق خبرون نشر ٿيڻ کانپوءِ ئي تصديق ٿي ته واقعي
اها بري خبر سچي خبر آهي، حسن درس يارن جو يار هو، سندس چهري ۾ مون ڪڏهن به گهنج
نه ڏٺو، هو جنهن به محفل ۾ ويندو هو ته اتي سمورن دوستن جي ڪچهري جو مرڪز بڻجي
ويندو هو، ڇاڪاڻ ته انهي ڪچهري ۾ حسن نه صرف سياست، علم، ادب، شوبز متعلق سڀني
دوستن کي وندرائيندو هو پر شاعر سان گڏو گڏ ڪجهه گيت جهونگاري پڻ سڄي سنگت
کي وندرائيندو رهندو هو، مون کي اڄ به ياد ٿو اچي ته هڪ وقت هڪ سنڌي چئنل سان
لاڳاپيل دوست طاهر آرائين حيدرآباد ڪنهن رڪارڊنگ جي سلسلي ۾ آيل هو ته حسن درس مون
کي رستي ۾ ملي ويو ۽ چيائين ته هل ته هلي ٻه ٽي منٽ طاهر آرائين سان ملي اچون ۽
پوءِ هلي ڪٿي کوڙ ساري ڪچهري ٿا ڪيون، ائين اسين طاهر آرائين سان ملاقات کانپوءِ
وڃي ڪنهن جاءِ تي ويٺاسين، سندس ڪچهري ۾ ڪٿي به ڪا بوريت نه ٿي، بلڪه کانئس ڪيتري
معلومات حاصل ڪيم، هو انهي ڪچهري ۾ پنهنجي زندگي جي تجربي جي بنياد تي مون کي
ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهائيندو رهيو ۽ اسان جي ڪچهري جي اهو سلسلو جاري رهيو ۽ هڪ
وقت پاڻ هڪ سنڌي اخبار ۾ سٺي پوسٽ تي ڪم ڪري رهيو هو. آڪاش انصاري به ساڻس پارٽنر
طور ڪم ڪري رهيو هو، مون کي پهرين فون
ڪري چيائين ته آڪاش انصاري جي گهر ويٺا آهيون هليو اچ ته ڪچهري ڪريون ۽ پوءِ
آئون جڏهن اتي پهتس ته آڪاش انصاري ۽ حسن درس سان گڏو گڏ عبدالحڪيم ميمڻ جيڪو پڻ
سندس ويجهن دوستن ۾ شمار ٿيندو هو ويٺا هئا ۽ ڪچهري ۾ رات کٽندي پئي وئي پر حسن جا
ٽهڪ ۽ مٺيون مٺيون ڳالهيون ختم نه پئي ٿيون ۽ سڀ دوست سندس شاعري مان لطف اندوز ٿي
رهيا هئاسين، هڪ ڀيري هو قاسم آباد ۾ يونين ڪائونسل جي آفيس ۾ ويٺو هو اتان مون کي
گذرندي ڏسي رڙ ڪري چيائين ته ڪاڏي ٿو وڃين، هيڏانهن اچ ٿوري ٿڌي هوا کائي وٺ پوءِ
وري ڪٿي گڏجي ماني ڳڀو کائون ٿا، حسن درس متعلق هر ماڻهو
اهو يقين سان چئي سگهي ٿو ته هن ۾ ڪڏهن به وڏائي يا غرور نه ڏٺوسين هو ٻارن سان
ٻار ته وڏن سان وڏو ٿي ويهندو هو، جنهن سان ويهندو هو ان جهڙو ئي ٿي ويهندو هو، هڪ
ڀيري هو ۽ سندس دوست پنهنجي گهر ويٺا هئا اچانڪ ٽن هٿياربند نوجوانن جو هڪ ٽولو
سندس گهر ۾ داخل ٿيو ۽ هٿيارن جي زور تي کانئس پئسا ۽ موبائيل ڦر ڪري ويا ۽ سندس
دوست کان پڻ اوڳاڙي ڪري وڃڻ لڳا ته حسن کين کلي چيو ته يار ٻيو ته سڀ ڪجهه کڻي
وڃون پر گهٽ ۾ گهٽ موبائل جي سم ۽ شناختي ڪارڊ ته ڏئي وڃون، حسن ۽ ڦورن وچ ۾ ڳالهه
اڃا هلي رهي هئي ته مٿان حسن جو فرزند اتي
پهتو ته ڦورن ان کي به بخش نه ڪيو ان کان به پئسا ۽ موبائيل ڦر ڪري وڃڻ لڳا ته حسن
هڪ ڀيرو ٻيهر کلي ڦورن کي چيو ته هن معصوم کي ته معاف ڪيو ۽ ٻي ڏينهن شام جو حسن
درس جڏهن پريس ڪلب وٽان گذريو ته پريس ڪلب ۾ داخل سڀني دوستن کانئس
ڦورن طرفان ڪيل ڦر جو واقعو ڊرامائي انداز ۾ بيان ڪري وڏا ٽهڪ ڏيندو رهيو ۽ لڳو ئي
نه پئي ته ڄڻ کانئس ٿيل ڦر تي افسوس ٿيو آهي، چار پنج ڏينهن اڳ
حسن درس شام ڌاري پريس ڪلب ۾ داخل ٿيڻ شرط پارڪ ۾ مون سميت
ويٺل لالا رحمان سمون، مهيش ڪمار، اسحاق مڱريو ۽ ڪجهه ٻين صحافي دوستن کي ڏسي پري
کان ئي کلندو آيو ۽ ويٺي خوش خيرعافيت ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جڏهن مون کانئس ڦر
بابت پڇا ڪئي ته ڦورن جي ڪا خبر پئي يا نه ته کلي چيائين ڦورن جي
سرپرستي ڪندڙ ٿيل ڦر واري رقم واپس ڏيڻ لاءِ راضي ٿيا آهن، پر مان ان ڳالهه تي بضد
آهيان ته ڦر ٿيل رقم ڀلي نه ڏياريو صرف ڦورن جا نالا ڏيو ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ ۾
مدد ڪيو پر ڦورن جي سرپرستي ڪندڙن ان ڳالهه تي راضي نه پيا ٿين، ان ڪري ٿيل ڦر
واري واقعي کي پاڻ وساري ڇڏيو اٿم، حسن درس هونئن ته مختلف سنڌي چئنلن تي سٺي پوسٽن
تي ڪم ڪيو پر ساڳئي وقت سندس عبرت گروپ آف پبليڪيشن سان پڻ پراڻي وابستگي رهي، مون
کي ياد آهي ته جن ڏينهن ۾ آئون به سياسي ورڪر طور پريس رليز کڻي سنڌو جي
گلستان سجاد واري آفيس ۾ ايندو هئس ته اتي لياقت رضوي ۽ مرتضيٰ سيال سان گڏو گڏ
حسن درس پڻ ويٺل نظر ايندو هو ۽ سڄي آفيس کي هو ريجهايو ويٺو
هوندو ۽ اتي به دل نه چوندي هئي ته آئون
ڪو پريس رليز ڏئي هليو وڃان، ڇاڪاڻ ته حسن جي ڪچهري ايترو سڪون ڏيندي هئي جو اتان
اٿڻ تي دل ئي نه چوندي هئي، پريس ڪلب جي پارڪ ۾ ڪچهري دوران مون جڏهن کانئس ڪنهن
چئنلن يا اداري سان وابستگي بابت پڇا ڪئي ته هو ڊگهي ڪچهري ۾ هليو ويو، پوءِ
حيدرآباد جي ٽريفڪ کان ويندي قاسم آباد ۾ امن امان ۽ بنگلن ڀرسان پيل گندگي ۽ بدبو
دار پاڻي کان ويندي بنگلن جي ڳرين قيمتن تائين تفصيلي ڪچهري ڪندو رهيو ۽ آخر ۾ اهو
چئي موڪلائي ويو ته هاڻي ڪا اين جي او کولي اٿم، ٻچن جو
گذر سفر سٺو هلي رهيو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن سٺي علائقي ۾ آفيس جي تلاش ۾ آهيان،
اوهان جو ڪو ڄاڻ سڃاڻ وارو هجي ته ٻڌايو ته اين جي اوز جي ڪم کي جلدي اڳتي وڌائجي،
حسن درس اين جي اوز جي ڪم کي ته اڳتي نه وڌائي سگهيو پر ڪيترن ئي دلين تي غم جا
پاڇا ڇڏي سڀني کي روئاري ويو آهي، اڄ جڏهن قاسم آباد جي واڌو واهه واري انهي
موتمار پل واري پلر تان گذرڻ ٿئي ٿو ته اکين مان ڳوڙها تري اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته انهي
پلر کي ڏسڻ شرط حسن درس جي تصوير اکين جي سامهون اچي وڃي ٿي ۽ يقين
نٿو اچي ته ۴ پنج ڏينهن اڳ پريس ڪلب جي پارڪ ۾ انتهائي خوشي واري ماحول ۾ ڪچهري
ڪندڙ حسن درس کي هي خون خوار پلر ڳڙڪائي ويو.
حسن درس
يادن جو هڪ
قافلو
عبدالقادر جوڻيجو
اوهان مُرڪي مِلي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏي،
اسان جي ڳالهه جي ڳل تان اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو،
عُمر جي آڱرين مان ڏس ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،
سڄڻ ڪنهن سگريٽ سستي جيئن ماڻهو سڙي ٿو پيو.
(حسن درس)
جنهن
ماڻهوءَ جي شاعري ۽ گفتگو ته ڇا، پر جيئڻ مرڻ جو انداز به آرٽ جو شاهڪار هجي، اهڙي
شخصيت ۽ شاعر تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر سندس ادبي اوسر به هن گناهگار بندي جي
اکين اڳيان ٿي آهي. سندس ڪچي وَهيءَ کان وٺي آخري ڏينهن تائين سندس ايڏيون ته
جهلڪيون کنوڻ جي ڌَڄن وانگر ڌڄنديون ٿيون نظر اچن، جو منجهي پيو آهيان ته ڇا
ڇڏيان، ڇا لکان. پر پوءِ به حال سارو حسن درس جي خدمت ۾ حاضر آهيان، جيڪو اڄ به
منهنجي تصور ۾ جيئرو آهي.
انگريزي
ٻوليءَ جي جڳ مشهور ليکڪا في ويلڊن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿي، “منهنجي ماءُ پوڙهپڻ
۾ گذاري وڃي ها ته ٻي ڳالهه هئي، پر هوءَ جوانيءَ ۾ گذاري ويئي، جڏهن هوءَ هڪ
سهڻي، ڦڙت ۽ جاندار عورت هئي. اڄ جڏهن آئون ذري گهٽ ستر سالن جي هڪ پوڙهي عورت
آهيان، ته به منهنجي ماءُ بار بار منهنجي تصور ۾ ايندي رهندي آهي. هوءَ جڏهن به
منهنجي تصور ۾ ايندي آهي ته اُها ئي جواڻ جماڻ، سهڻي، ڦڙت ۽ جاندار عورت هوندي
آهي. منهنجي ماءُ ڪڏهين به پوڙهي ڪو نه ٿيندي.” ائين ئي حسن درس کي ويهن ٽيهن سالن
کان پوءِ سندس دلبر ڀائر، اولاد، وني ۽ دوست جڏهن به ياد ڪندا ته هو اُهو ئي جواڻ
جماڻ، سهڻو، ڦڙت ۽ جاندار نظر ايندو. سندس لازوال مُرڪ ڪڏهن به مرڻي ناهي. کيس
پنهنجو اُهو ئي تصور ڇڏي وڃڻو هو. هُو ٻين کي ته رڻ ۾ رولي ويو، پر پنهنجي سدا
بهار جوانيءَ جو سهڻو تصور ڇڏي ويو، جيڪو ڪڏهين به مرڻو ناهي.
گوبي
جي ٿر ۾ پنهنجين اکين جو نور وڃائيندڙ چين جي هاڪاريل شاعر آئِي چِن جو هڪ شعر
آهي، “آئون ڪوئلو آهيان، هزارن سالن کان هزارين فوٽ هيٺ زمين ۾ پُوريو پيو آهيان،
پر جي اڄ به مون کي تيلي ڏيکاريندين ته ڀنڀڙ بڻجي ڏيکاريندو سانء.ِ”
حسن درس جي شاعري به ائين ئي ڀنڀڙ بڻجندي رهندي.
هڪڙو
زمانو هو، جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو ننڍڙو ڪوارٽر آواره گرد، باغي، ذهين ۽
تخليقي سگهه رکندڙ نوجوان شاگردن جي اوطاق بڻيل هو. ٻيا يار ته ايندا ويندا هئا،
پر حسن درس راتين جون راتيون ٽِڪي پوندو هو. هو بنا ڪنهن کٽ بستري جي فرش تي ليٽي،
ٻانهن کي وهاڻو بڻائي سمهي پوندو هو، چوندو هو، “مو کي پلنگن، کٽن ۽ هنڌ بسترن جي
بدران سنڌ جي زمين وڌيڪ آرام ڏيندي آهي.” حسن درس عُمر چور به هو، تنهن ڪري
يونيورسٽي جو شاگرد لڳڻ جي بدران مئٽرڪ جو شاگرد لڳندو هو. رڳو قد ڊگهو هوس.
انهيءَ زماني ۾ موجوده دور جي ملٽري اسٽريٽجيءَ جي ماهر ۽ مبصر عائشه صديقه پنهنجي
والده اردوءَ جي مشهور ناول نگار جميلا هاشمي جي ورسيءَ جي موقعي تي اهو ضد ٻڌي
ويهي رهي ته جميلا هاشمي جي فن تي صرف سنڌي ليکڪ اچي ڳالهائيندا. سندس لسٽ ۾
نورالهديٰ شاهه ۽ منهنجو نالو ته هو ئي هو، پر گڏوگڏ مون تي اهو بار رکيائين ته هڪ
عدد نئين پيڙهيءَ جو ليکڪ به کپي. ظاهر آهي ته حسن درس کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي ٿئي
سگهيو، جيڪو لاهور جي گهاگهه دانشورن اڳيان ڳالهائي سگهي. چيومانس ته ٻچا هل ته
هلون، چڙهه هوائي جهاز تي. اهو حسن درس جو هوائي جهاز ۾ پهريون سفر هو. جڏهن هوائي
جهاز ۾ ويٺاسين ته مون کي انهيءَ فڪر اچي ورايو ته حسن درس الائي ڇا ڳالهائيندو.
پڇيومانس، “تقرير لکي اٿئي؟” چيائين، “تقريرون ٿوروئي لکبيون آهن.” مون کي هڻي
وڄائي ڇڏيائين.
لاهور
پهتاسين ته اُتان جي ڪن دوستن چيو، “پاڻ سان ٻار وٺي آيو آهين، اِهو ڇا ڳالهائيندو.” آئون وري فڪر ۾
پئجي ويس. چيومانس، “يار، خوار ڪري نه مارين”، چيائين؛ “خواريون اڳي ئي پاڻ جي مٿي
جي ڀري آهن.” لاهور جي فائيو اسٽار هوٽل جي هال ۾ گهڙياسين ته منهنجي پيرن هيٺان
زمين نڪري ويئي ته حسن درس مارائي نه وجهي. سڀ هئا. چاچو اشفاق احمد، بانو قدسيه،
امجد اسلام امجد، مُنو ڀائي، انتظار حسين، اصغر نديم سيد، ڊاڪٽر انور سجاد، مطلب
ته هڪڙو ٻئي کان وڌ. اک نه ڏسي گوڏي کي. منهنجو ته مڙئي خير هو، جو مون کي
سڃاتائون ٿي، انهن بلائن جي منهن ۾ وڃڻ وارو پهريون حسن درس هو. پوءِ نور الهديٰ
شاهه جو وارو هو ۽ تنهن کان پوءِ مون کي ڳالهائڻو هو. بر وقت سوچي ورتم ته حسن درس
جو ڇڏيل بار مون کي کڻڻو پوندو. پر ڪمپيئر اصغر نديم ڀُل وچان لسٽ اونڌي ڪري ڇڏي.
پهرئين مون کي ۽ آخر ۾ حسن درس کي ڳالهائڻو هو. اها ڳالهه ٻڌي منهنجا ته وڻ وڄي
ويا. هڪڙو سنڌي ڇوڪرو، مٿان وري اُردوءَ ۾ تقرير، الائي ڇا ٿيندو. مون ته مختصر
تقرير ڪئي، پر نور الهديٰ شاهه وڏين تيارين سان ڊگهي تقرير ڪئي، پر ڀرئي ترئي هال
۾ ٿوري ٿوري چُپ رهي. ٻڌڻ وارا ئي اهڙا هئا ته ڇا ڪجي. جڏهن نامعلوم ڊگهو ڇوڪرو
حسن درس اسٽيج تي چڙهيو ته لاهور جا وڏا نالا وائڙا ٿي، هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا.
خود عائشه صديقه جو منهن به لٿل هو. اهو ئي سوچيو هوندائون ته ٻار قهر جي ناول
نگار جميلا هاشمي تي ڇا ڳالهائيندو. اسٽيج تي اچڻ ساڻ حسن درس پنهنجي تقرير
ميڪسيڪن نوبيل لاريٽ شاعر اوڪتاويو پاز (Octavio
paz) جي شعر سان ڪئي. شعر جي پهرئين سٽ هئي،
“هيءَ زندگي هڪ اهڙي چاڙهي بڻجي چڪي آهي، جيڪا نه مٿي ٿي چڙهي ۽ نه هيٺ ٿي لهي.”
انهيءَ کان پوءِ حسن درس درياهه وانگر چاڙهه کائيندو ويو ۽ لهرون مٿي چڙهنديون
ويون ۽ ٻوڙان ٻوڙ شروع ٿيندي ويئي. سڄي حال ۾ اهڙي چُپ ڇائنجي ويئي، جو سُوئي ڪري،
ته به آواز ڪري. حسن درس جي اها تقرير جرمني جي سنگيت ڪار باخ Bach)) جي سمفني وانگر
هئي. جڏهن تقرير پوري ڪيائين ته لاهور جي چونڊ انٽيليجنشيا اُٿي بيٺي ۽ پورو اڌ
ڪلال هال تاڙين سان ٻُرندو رهيو. انهيءَ کانپوءِ سڀ جا سڀ کيس ورائي ويا ۽ سنڌ جي
واهه واهه ٿي ويئي. انهيءَ انٽيليجنشيا ۾ لاهور جون نوجوان ڇوڪريون به هيون، جن جي
انٽيليڪٽ به سندن حُسن وانگر حسين هئي. ائين لاهور جو حُسن سنڌ جي حُسن کي ورائي
ويو. سون مٿان سهاڳو اهو جو سنڌ جي حُسن جي اٿاهه مرڪ لاهور جي حُسن کي اندران
کائيندي ويئي. نيٺ معاملو اتي وڃي پهتو جو سکين ستابن گهرن جي ٻن ٽن ذهين ڇوڪرين
حسن درس کي صلاح هنئي. مهينو ٻه مهينا فائيو اسٽار، سڀ خرچ پکا اسان تي، موٽ ۾ رڳو
حسن درس جي مُرڪ ملين. نيٺ اُهي ڇوڪريون مون وٽ به منٿون ٿي لنگهي آيون ته پنهنجي
ڇوڪري کي اجازت ڏي، پر ڇوڪرو پير کوڙي ئي نه. سنڌ جي حُسن ۾ ٻڏل حُسن مون کي ائين
چنبڙي پيو، جيئن ڳوٺن جا ٻار ماءُ کي چنبڙي پوندا آهن. دِليون جڏهن ڀڄنديون آهن ته
آواز ڪو نه ڪنديون آهن، ائين ڀڳل دِليون ڇڏي حسن درس مون سان گڏ هليو آيو. وري
ساڳئي آواره گردي، مِلي ته ٽڪي پوي، جي نه ملي ته مهينن جا مهينا منهن ڏيکارڻ کان
به وڃي. حسن درس فيض احمد فيض جي سٽ “ميري دل ميري مسافر” جو مظهر هو. ڏک ۾ هجون
ته حسن درس حاضر، سک ۾ هجون ته حسن درس غائب. ائين هو سنڌ ۽ سرائيڪي بيلٽ جي شهر
شهر ڳوٺ ڳوٺ ۾ رُلندو رهيو ۽ سندس شاعري گلن
وانگر ٽڙندي ويئي. ڪجهه ماڻهو کيس شيخ اياز جو تسلسل سمجهندا هئا. شيخ اياز برابر
نئين ٽهيءَ تي اثر ڇڏيو، پر حسن درس جي واٽ پنهنجي هئي، جيڪا شيخ اياز جي شاعريءَ
کان ڪوهين دُور آهي. باقي اها ڳالهه وڏي واڪ چئبي ته حسن درس جي شاعري شيخ اياز جي
شاعريءَ جي Parallel
آهي. ائين کڻي چئو ته شيخ اياز ويهين صديءَ جو وڏو شاعر آهي ۽ حسن درس ايڪويهين
صديءَ جو شاعر آهي. خير، اهو هڪ ڊگهو بحث آهي، سو ٻئي ڪنهن موقعي تي ڪبو. اچو
سائين آخري يادن تي جو وچ واريون يادون ڇڏيون ٿا، نه ته قصو ڊگهو ٿي ويندو. يادن
جا قافلا ڊگها ٿيندا آهن. حسن درس وٽ رب جو ڏنو گهڻو هو. سندس ڀائر ئي اهڙا آهن،
جو پنهنجي وات جو گِرهه به حسن درس کي ڏيڻ لاءِ تيار هئا. پر حسن درس جهڙو هر ڪو
ماڻهو چاهيندو آهي ته پنهنجو بار پاڻ کڻان ۽ پنهنجن پيارن کي پنهنجي تڪليف جي لکا
نه ڏيان. سندس ياريون باشيون به اهڙيون هيون، جو موجوده حڪومت کان جيڪو عهدو گهري
ها، سو مليس ها. پر آزاد منش حسن درس سرڪاري نوڪري جي واڙي ۾ وڙڻ وارو ماڻهو نه
هو. ڪرسيءَ جو قيدي بڻجڻ وارو نه هو. پر تڪليف ۾ هو. بي روزگاري وڏو ڀوت آهي، وڃي
ته ڪيڏانهن وڃي.
مرحوم
حليم بروهيءَ جي جيئري هوندي کيس وک وک تي سهارو ڏيندڙ مسعود لوهار درد دل رکندڙ
ماڻهو به آهي. دل جو سخي ۽ پهرئين نگاهه ۾ ماڻهوءَ کي صحيح ڪرڻ جو گُر به ڄاڻي ٿو
۽ نڀائي به ڄاڻي ٿو. حسن درس جي شاعري سندس دل ۾ کتل هئي. رڳو ملاقات جي دير هئي.
مسعود لوهار ڇا ڪيو جو کيس UNDP جو هڪ اهڙو پروجيڪٽ ڏيئي ڇڏيو. جنهن جو تعلق
مال ۽ وهٽن جي واڌ ويجهه سان هو. ڳالهيون ڪرڻ وارا ته گهڻي ئي هئا، پر مسعود لوهار
کڙهه تي کير پيارڻ وارو ماڻهو آهي. حسن درس کي پراجيڪٽ به مليو ۽ آزادي به ملي، جو
پراجيڪٽ ئي اهڙو هو. ائين حسن درس جي صحبت ۾ اچي مسعود لوهار به سيلاني بڻجي ويو.
مون کي به ساڻ کنيائون. مون کين عرض ڪيو ته هٿن پيرن کان لاچار آهيان، پر مون کي
چيائون ته، “اسان تنهنجا هٿ پير آهيون، پرواهه نه ڪر”. چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي
خبر يا جيل ۾ پوندي آهي يا ريل ۾. مون کي
هٿن تي کڻيو پئي هليا. اسان جي پهرئين منزل ڪرچاٽ هئي، جيڪا سنڌ ۽ بلوچستان جي
بارڊر وٽ آهي. اُتي ملڪ اسد سڪندر نه رڳو جهنگلي جيوت کي بچائي رکيو آهي، پر جي ڪو
سائو وڻ پٽ تي ڪريل هوندو آهي ته انهيءَ وڻ جي ٽاري به وڍڻ جي اجازت ناهي. جبل جي
انهيءَ انوکي پنڌ ۾ رستي تي ڪجهه نوجوان ڇوڪريون اڪيليون اڪيليون ايندي ويندي
ڏٺيوسين. انهيءَ مان لڳو ته ملڪ اسد سڪندر جبل جو لڄ پال به آهي، نه چوري نه چڪاري
۽ نه ئي ڪا هٿ کس. ير شابس هجيس.
ڪرچاٽ
۾ راڳ رنگ دوران حسن درس تقرير به ڪئي، جيڪا جنهن تنهن کي وٺي ويئي، ائين ئي جيئن
لاهور جا وڻ وڄايا هئائين. وچ ۾ مون کي پيشاب لڳو، آئون محفل مان نڪري ويس، پر
پيشاب ڪرڻ کان پوءِ منهنجي ڪمزور نروس سسٽم جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ اُٿي نه پيو سگهان.
ڇا ٿو ڏسان ته پويان حسن درس بيٺو آهي. گهڻي ئي ڇڏ ڇڏ ڪيم، پر حسن درس مون کي چيو،
“جڏهن آئون چولي ۾ هليس پئي ته تو مون کي سٿڻ پائڻ سيکاري، هاڻي منهنجو وارو آهي،
حجاب نه ڪر.” ائين چئي هن مون کي پنهنجين ٻانهن جي زور تي اُٿاريو ۽ سٿڻ جو اڳٺ به
ٻڌائين.
ٻئي
منزل ڪچي جي ڌاڙيلن جو دُن شاهه پنجو هئي. مسرور سومري جهڙا کلڻا يار ملي ويا،
تنهن کان پوءِ وري ڪينجهر. اُتي اسان جا يار محمد حنيف (جڳ مشهور ناولسٽ) ۽ مظفر
چانڊيو به ملي ويا. انهن پنڌن ۾ حسن درس جو ٻيو رنگ به نظر آيو. ڪارا ڪپڙا، ڪاريءَ
چادر سان منهن ڍڪيل، سخت گرمي هوندي ڪري به پير اگهاڙا. مست الست حسن درس، “مئڪون
ڪنجري بڻ ڪر نچڻ دي.” سنڌ جي عشق کيس اهو ئي سيکاريو هو.
حسن
درس ته هليو ويو هُن پار، پر سندس مُرڪ، سندس سونهن، سندس سنڌ سان نينهن ۽ سندس دل
کي جهٻيون ڏيندڙ شاعري پويان رهجي ويون آهن.
حسن درس
هڪ حسين شاعر
جو سفر
اظهار سومرو
پيدائش:
وڻن جي پاڇي ۾ پنهنجي پوري پراسراريت سان موجود ڳوٺ مشائخ هوتي ۾ حاجي غلام رسول
جي گهر ۾ پنج سيپٽمبر ۱۹۶۶ع تي جنم وٺندڙ ٻارڙو سڀاڻي جي سنڌ جو سرموڙ شاعر بڻجندو اها
ڳالهه ته ڪنهن کي خبر نه هئي. ٽن ڀائرن محمد رحيم عرف فياض علي درس ۽ ابوالحسن عرف
حاجي آزاد ۾ سڀني کان ننڍو محمد حسن جيڪو پوءِ سڄي سنڌ ۾ حسن درس جي نالي سان
سڃاپجڻ لڳو. ان جي ذهن جي فرحيءَ تي پنهنجي پيءُ جي گهوڙي سواري ۽ بسڪوٽن جون ڀريل
برنيون پوري ريت اڪاريل هيون. هو شڪل شبيهه توڙي عادت ۾ پنهنجي امڙ امرا
زادي وانگر سلڇڻو، سمجهدار، ڏاهو ۽ سڀني جو خيال ڪندڙ هو. پنجين درجي تائين ڳوٺ جي
پرائمري اسڪول ۾ نصابي ڪتابن سان مکا ميلو ڪيائين. اٺين درجي تائين گورنمينٽ مڊل
اسڪول مشائخ قاضي احمد مان پڙهڻ کان پوءِ چوڏهن سالن جي عمر ۾ هن فاروق نظاماڻي،
مقبول نظاماڻي ۽ اعجاز جسڪاڻي سان گڏ حيدرآباد جو رخ ڪيو. جتي پهرين نور محمد
اسڪول ۽ پوءِ گورنمينٽ مسلم هاءِ اسڪول لياقت ڪالوني ۾ ميٽرڪ جي تعليم پرايائين.
انٽر به حيدرآباد ۾ ڪرڻ کان پوءِ هن سنڌ يونيورسٽي جي سرسبز سرزمين تي انگريزي
شعبي ۾ داخلا ورتي پر ورسٽي جا پُر پيچ رستا هن کي موهڻ جي باوجود پنهنجي پيار ۾
پابند نه ڪري سگهيا. هو پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين جي باري ۾ سدائين هڪڙي پراسراريت
سان گڏ موجود رهندو هو. ان جو چوڻ هو ته سندس والد حاجي غلام رسول کين ڳوٺ جي دڪان
تي وڃڻ نه ڏيندو هو پر گهر ۾ ئي برنين ۾ بسڪوٽ ۽ کٽمٽا ڀري رکندو هو.
ان
جي سڃاڻپ ۽ بڻ بڻياد ڀٽائي جي ميزباني جو شرف رکندڙ ڳوٺ هوتي مشائخ سان هو. جتي
لاکاٽ مان هي لاکا ذات جا لڏي اچي هتي ترسيا هئا ۽ ميان هوٿي لاکي جي درس ۽ تدريس
واري عمل سبب درس سڏجڻ لڳا. ان جي ڏاڏي جو نالو به محمد حسن هو جيڪو مولود ۽ ڪافين
جو وڏو شاعر هو ۽ ننڍپڻ ۾ هن به پنهنجي امڙ جي آڏو اها معصوم خواهش رکي هئي ته هو
به شاعر ٿيڻ ٿو چاهي. جنهن تي امڙ کيس چيو هو ته وڃي درگاهه تي دعا گهري.
جواني:
هن جي جواني حيدرآباد جي ٿڌين هوائن ۾ ٻور ڇاڻيو، هن کي مڇن جي ساوڪ سان گڏ ڄڻ ته
ڌرتي جي ساوڪ جو به سيڪ سوايو ٿيڻ لڳو.
پهرين لياقت ڪالوني جي سوڙهين گهٽين ۽ پوءِ پٺاڻ ڪالوني ۽ ڊاڪٽرزڪالونيءَ جي پُرپيچ
رستن تي هو پنهنجي آئيندي کي ڳولڻ لاءِ پهتو هو. پنهنجي ذات جي تلاش ۾ نڪتل هي
ماڻهو سادي ۽ سُک سان ڀرپور جواني ۾ ڄڻ ته حيدرآباد شهر جي عشق ۾ گرفتار رهيو.
ڏينهن جي گرمي کان پوءِ جڏهن هِن شهر تي رات مهربان ٿيڻ لڳندي هئي ته ٽي شرٽ ۽
جينس ۾ ملبوس سلڪي وارن وارو هي ماڻهو ڪنهن شهزادي وانگر شهر ۾ نڪري پوندو هو.
ريڊيو جي رستي تان ٿيندي آگم جي اڱڻ ۾ اچي لهندو هو. ڪڏهن حيدر چوڪ ته ڪڏهن ٿڌي
سڙڪ جا رستا هن کي منڊيءَ تي ٽڪ وانگر سونهندا هئا. اهوئي وقت هو جڏهن ان حسناڪي
سان ڀرپور نظم گلابي ڪاغذن جي سيني تي اتارڻ شروع ڪيا هئا.
شاعري:
هو شاعرن جو شاعر هو، ان وقت جڏهن سنڌي ٻولي لطيف سرڪار ۽ شيخ اياز کي مڃتا جا موڙ
ٻڌائي ڇڏيا هئا تڏهن هو اڃا ٻارنهن سالن جو ڇوڪرو هو پر اسڪول مان وقت کان اڳ مليل
موڪل جو سياسي سبب ڳولڻ بدران هن واٽر تي ويهي اها وائي خلقي جيڪا پوءِ سڄي سنڌ
ٻڌي....
ڦاسيءَ جي جهولي ۾
هن کي ننڊ اچي ويئي....
وطن
سان پيار جي معاملي ۾ هو عاشق شاعر هيو. هن پنهنجي انفرادي ڏکن ۽ محرومين کي پوري
ديس جي درد وانگر محسوس ڪري پنهنجي شاعري ۾ اجتماعيت جو اهڙو انداز پيش ڪيو هو،
جنهن ۾ هڪ ئي وقت بي پناهه سنجيدگي ۽ سراپا حسن سمايل هو.
”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو، جيڪو جر تي جاڳي ٿو“ ڄڻ ته ان جي
شخصيت ۽ شاعري جي سڃاڻپ بڻجي ويئي.
شاعري
جي معاملي ۾ هو پنهنجي نرالي طبيعت جو ماڻهو هو، جنهن کي پنهنجي شاعري ڪنهن به ڏيڻ
تي دل نه چوندي هئي. ڪنهن فنڪار کي ڳائڻ لاءِ به هو ايتري آساني سان پنهنجو ڪو نظم
ڪڍي ڪونه ڏيندو هو. پروڙ رسالي جي ايڊيٽر کي ذاتي دوستي جي باوجود شروعاتي ڏينهن ۾
سڄي رات ويهي محبت جون مرليون وڄائڻيون پونديون هيون، تڏهن وڃي هو ٻه ٽي نظم دان
ڪرڻ لاءِ راضي ٿيندو هو پر لکڻ جي معاملي ۾ هو سراپا سنجيده هو. هو گهاڙيٽي وارو
شاعر نه هو ۽ شاعري جي تخليق دوران ڪمري ۾ ڊگهيون وکون کڻڻ، سگريٽ جا ڊگها سوٽا هڻڻ
کان پوءِ هو ڪا سٽ جهٽي اچي ڪاڳر تي ائين اتاريندو هو ڄڻ ڪو شڪاري مڇي کي ڄار مان
ڪڍي کاري ۾ رکندو هجي.
هن
جي شاعري ۾ موجود لافاني خيال ”اسين ايڏا پراڻا هون، هوا جيڏي پراڻي آ“.
شاعري
هن جو ٻيو عشق هئي ته پوءِ پهريون عشق ڪهڙو؟ هن جو ڳوٺ....
”وڏا وڻ ڳوٺ تنهنجي جا
وڏا پاڇا مٽي چيڪي“
يا
وري هي منظرڪشي ته ڏسو
”آسمان تي چنڊ آهي
۽ زمين تي گاهه آهي
تون ڪٿي آهين
پرڀرو هڪ ڳوٺ آهي
اوڏڙو واري دڙا ۽
وچ تي هڪ واهه آهي
تون ڪٿي آهين“.
موضوعاتي
لحاظ کان هو ڪنهن هڪڙي عنوان جي بريڪيٽ ۾ بند نٿو ڪري سگهجي. عالمگيريت واري اک
رکندڙ، فطرت سان، آبي جيوت سان، غربت ۾ گهاريندڙ ماڻهن سان، ٻهراڙي جي رنگن سان،
شهرن جي انگن سان هن کي بي پناهه پيار هو. پنهنجي شخصيت جي مڪمل پراسراريت هن
شاعري جي موضوعن مان ڳولي لڌي هئي.
ذاتي
زندگي ۾ درگذر ڪري ڇڏيندڙ، معاف ڪري ڇڏيندڙ شخص شاعري ۾ انتهائي بي رحمي سان
پنهنجي ڳالهه سچي پچي چئي ڏيندو هو. هن جي نظمن جا موضوع خانم گگوش، ضياءُ الحق جو
اونداهو دور، احمد فراز جي المارين جو ذڪر ۽ يهودين جي باري ۾ پيش ڪيل خيال ان
ڳالهه جي تصديق ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.
پنهنجي
وطن جي چپي چپي کي هن لفظن ۾ اکين سان ڇهيو ۽ چپن سان چميو آهي. هن جو پڇاڙڪو نظم
”سنڌو آهي شينهن قدرتي“ پنهنجي ديس جي درياهه سان پيار جو انتهائي ارڏو انداز آهي.
هو
رڳو جهمپير جي تاڙين، ڪارونجهر جي ڪولهين تي لهندڙ شام، روهڙي جي سومهاڻي ۽ لڪي شاهه
صدر تي لهندڙ منظر سان پيار نه ڪندو هو پر هن جي دل ۾ ڌرتي جي سڀني ماڻهن لاءِ
اٿاهه پيار هو. هن جو نظم ” هو حواري بومدين“ ان جو خوبصورت روپ آهي. حسن جي شاعري
کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ دوران ان ڳالهه جو پوريءَ ريت احساس ٿئي ٿو ته هن جا خيال
عالمي ۽ آفاقي آهن جن کي سرحدن جون زنجيرون ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن.
گيڙو
رتي روپ ۾ هن جا لفظ رومي جو رقص ڪندا رهن ٿا ۽ هو سيوهڻ جي ميلي جي منظر کي ڪجهه
هيئن بيان ڪري ٿو.
”قلندر تي رقاصه نچي ٿي پئي
چوان ڪيئن ته مجرو ڪري ٿي پئي“.
يا
وري ان جو ڪراچي ۾ پڙهيل اهو نظم جنهن کي پاڪستان جي سطح تي سڀني ادبي حلقن ڀرپور
حيراني سان ساراهيو هو.
”ڪونيا جي ڪيف ۾، رومي جو رقص آهي.“
هو
صوفي لاڪوفي، ڪو جوڳي هو، ٻيجل هو يا راءِ ڏياچ جهڙو سخي هو، ڪير ڄاڻي ته هو ڇا
هو، ڪٿان آيو هو پر هو پنهنجي باري ۾ ڪجهه ايئن چوي ٿو.
”هي جسم خود وڳو آ
پنهنجو اسان کي پاتل
هي جسم خود پراڻو
آهي لباس لاٿل“
رولاڪي:
رولاڪي شاعر لاءِ ائين ضروري آهي جيئن پوهه سياري ۾ پهاڙ جي پاڇي ۾ رهندڙ ڪنهن
پيرسن لاءِ ڪاٺين جي تلاش ضروري آهي.
هن
جڏهن پاڻ اعتراف ڪري ورتو ته پوءِ سمورا اعتراض اجايا ٿي وڃن ٿا
”هي هوا تنهنجي حسن جي هاڪ ۾
ٿي رلي هر گام ۽ هر ٿاڪ ۾
هي حسن آوارا گرد آدمي
ڇا ڏٺو آ تو ڀلا هن رولاڪ ۾“
هو
پنهنجي خيالن کي منظرن سان ڀرپور بڻائڻ لاءِ ئي ته ڳوٺ کان نڪري شهر ڏانهن آيو هو.
هن جي سموري رولاڪي ۾ هڪ اهڙي اک جو احساس هو جيڪا وڏي سڪون سان هر احساس ۽ منظر
کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ بيتاب هئي.
هن
ڀٽائي وانگر جهر جهنگ جهاڳيا ۽ محبت جي مشاهدي سان هو پاڻ به نسورو سون ٿي پيو. هن
جي دوستي جو دسترخوان ماءَ جي دل جيترو ويڪرو هو، جهمپير ۾ رسول بخش درس وٽ ترسڻ
دوران هو اتان جي مندرن جي خاموشي کي معنيٰ ڏيندو رهيو، شاهه پنجو سلطان ۾ ميزبان
مسرور کان وڌيڪ ماڻهو ڄڻ ته هن کي ويجها هئا، ٽنڊي ۾ اصغر وٽ هو ڄڻ ته مهمان خصوصي
رهيو.
سنڌ
جي سفر کانپوءِ هو دور پهاڙن ڏانهن ڪيلاش وادي ڏانهن هليو ويو، جتي جي حسن هن کي
حيران ڪري ڇڏيو. جتان موٽڻ کانپوءِ هو لاهور ۽ اسلام آباد جي حسينائن جي حسن جي ساراهه
جا ڍڪ ڀريندي دوستن جي مشڪري ۾ ڪيل ٽوڪ تي پنهنجي شاعراڻي انداز ۾ ورندي ڏيندي چوي
ٿو،
”ڇڏڻ لاءِ ڇوڪريون ڇڏجن
مگر پوءِ ڇا ڀلا کڻجي.“
هندستان
هن جي دل جي دفتر ۾ سدائين تاريخ جي پراڻي ڪتاب وانگر پيل رهيو. هو پاڻ به ڄڻ ته
سرمد ۽ دارا شڪوه جي وچ ۾ هڪ نئين دوستي جو عنوان هو. مظفر چانڊئي ۽ جامي چانڊئي
سان گڏ هن هندستان گهمڻ جو فيصلو ڪيو، اٽاري جي اسٽيشن تان ڪنهن ريلوي جي ملازم
کان سفر جو سامان حاصل ڪرڻ کانپوءِ هو دهلي، ممبئي، آگري ۽ ڪلڪتي جا رستا ائين
گهمندو رهيو، ڄڻ هو پنهنجي ئي ديس ۾ هجي.
ٽيگور
جي ديس ۾ پهچي هن پولي جي سائيڪل تي جيڪا سواري ڪئي ان هن جي اندر جي شاعر کي نوان
احساس ۽ نوان منظر ڏنا. ممبئي جي رنگين بيچن کان وٺي آگرا جي اڇين عمارتن تائين هو
هر هنڌ خوبصورت منظرن ۽ پيارن ماڻهن کي پنهنجو دوست بڻائيندو رهيو. حياتي ۾ سنڌ
کان ٻاهر پرديس ۾ هن جو هي پهريون ۽ آخري سفر رهيو. هن سفر جا پاڇا سدائين هن جي
قد آور شخصيت کي وڌيڪ وڌائيندا رهيا.
شادي:
هو دوستن سان گڏ گذاريل جواني جي ۲۷ ورهين واري لاابالي واري زندگي
کانپوءِ ۴ فيبروري ۱۹۹۳ع جي شام حيدرآباد ۾ سنڌي ادب جي تمام
وڏي نالي مهتاب محبوب ۽ انتهائي نفيس شخصيت جي مالڪ محبوب شيخ جي نياڻي ۽ سنڌي جي
خوبصورت شاعره ارم محبوب سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو. هن جي زندگي جو هي نئون سفر
۽ پوءِ هن جي باغ ۾ ٽن گلن جو ٽڙڻ يقينن هن جي زندگيءِ کي باغ و بهار ڪرڻ لاءِ
ڪافي هو. هن جا ٻار وڏو پٽ روحل جيڪو ۲۱ نومبر ۱۹۹۴ع تي ڄائو،
جنهن لاءِ هو چوندو هو ته هي مون وانگر دوست سان
گڏ گهمڻ ۽ دعوتون ڪرڻ ۾ خوش ٿئي ٿو، روحل کانپوءِ رڌم آئي جنهن جو نالو هن پنهنجي
امڙ جي نالي تي امرا زادي رکيو، ۲ سيپٽمبر ۲۰۰۰ع ۾ پيدا ٿيل
رڌم جو رنگن ۽ آرٽ سان گهڻو شوق ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيندو هو. ۲۵ جنوري ۲۰۰۱ع
تي هن جي اڱڻ تي چيزل موٽي آيو جنهن جي
لاءِ هو چوندو هو ته منهنجي خيالن ۽ روحاني سفر جو تسلسل چيزل آهي.
ڪاميابي:
زندگي کي زندگي وانگر ته هو گذاريندو ئي هو پر زندگي کي هن ذميواري
وانگر به گذاريو، نوڪري جي معاملي ۾ هو پنهنجي پسند جي چونڊ ڪندو رهيو، عبرت اخبار
۾ ڪالم لکڻ کان وٺي عبرت مئگزين جي شاعري جي شعبي سان سلهاڙجڻ کان وٺي عبرت مئگزين
جي ايڊيٽر ٿيڻ تائين هو پنهنجي شاعراڻي انداز سان گڏ صحافتي دنيا ۾ به داخل ٿي چڪو
هو. خلق اخبار ۾ هن جون تحقيقي رپورٽون سنڌي صحافت ۾ هڪ نئون رجحان کڻي آيون جنهن
کانپوءِ سوال اخبار جي ايڊيٽرشپ دوران هن جا لکيل ايڊيٽوريل سچ به اخباري ادب کان
گهڻا مٿانهان هئا، تنهن کانپوءِ هو روشنين جي شهر ڪراچي ڏانهن هليو ويو جتي موسيقي
سکڻ کان وٺي سرڪاري ٽي وي تي پروگرام ڪرڻ ۽ خالد احمد جي دوستي ۾ ٽي وي جي ڪجهه
اردو ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ تائين هو پنهنجي اندر جي فنڪار کي هر ڀيري نئين روپ ۾
آزمائيندو رهيو.
سنڌي
صحافت ۾ جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ نئين لهر آئي ته هو سنڌ ٽي وي جي بانيڪارن مان هو.
ٽي وي چينل جي پروگرام مئنيجر جي حيثيت هئڻ باوجود هن پنهنجي شاعراڻي اک سان اڇڙي
ٿر سميت سنڌ جي مختلف ماڳن مڪانن تي يادگار ڊاڪيومينٽريون ٺاهيون.
۽
پوءِ هن فيصلو ڪيو ته انڊس جي نالي سان هڪ ميڊيا هائوس جوڙيو وڃي ان دوران هن انڊس
فائونڊيشن تحت يو اين جي سمال گرانٽس پروگرام جي مدد سان سنڌ ۾ گهوڙن جي اصلوڪي
نسل تي هڪ زبردست تحقيق ڪئي جنهن دوران هو پنهنجي گهوڙن جي شوق کي به شڪار ڪندو
رهيو.
الوداع:
”پاپا آئي مس يو“ فيس بوڪ جي هڪ صفحي تي رڌم جا لکيل اهي لفظ ماڻهو
کي کن پل ۾ اهڙي گهري ڏک ۾ وٺي وڃن ٿا جيڪو پيءَ جي وڇوڙي ۾ ورتل معصوم نياڻي جي
دل ۾ وڇوڙي جو آکيرو ڪري ويهي رهي ٿو.
هو
پنهنجي خاندان جي لاءِ جيڪا اوچتي موت جي صورت ۾ درد ناڪ ڪهاڻي پويان ڇڏي ويو آهي،
سٽيزن ڪالوني جي ان گهر ۾ موجود هن ڏک کي هر دل رکندڙ ماڻهو محسوس ڪري سگهي ٿو.
هن
جي دوستن جي دلين ۾ به تڏا وڇايل آهن، هن جا ڀائر، ڀائٽيا ۽ ڀاڻيجا حيران آهن ته
حسن درس جي دوستي جو دائرو ڪيڏو نه وسيع هو.
چنڊ
گرهڻ جي رات ۱۶ جون جو سج اڀرڻ کان اڳ قاسم آباد حيدرآباد جي پونم پمپ وٽ
سنڌي شاعري جو هي سج ڪمهلي موت جي صورت ۾ پاڻ ته هليو ويو پر پويان دوستن جي دلين
۾ جدائي جي گهري روڳ سان گڏ هميشه جي لاءِ رهجي ويو.
ملڪ
مشائخ هوتي کان وٺي ٽنڊي محمد خان جي انهن اوطاقن تائين، ڪينجهر جي ڪنارن ۽ جهمپير
جي اشارن کان وٺي، هن جي پوئين ڏينهن جي ٺاهيل تڪئي واري هنڌ شاهه پنجو سلطان
تائين هر هنڌ هن کي ماڻهو ڳولي رهيا آهن. ڪي چون ٿا ته هو اڄ به اسان جي وچ ۾ ويٺو
آهي، آبشارن جهڙي آواز وارا هن جا ٽهڪ سڀني جي ڪنن ۾ ٻري رهيا آهن.
هو
ڪنهن خيال وانگر اوچتو آيو ۽ پويان سڀني جي دلين ۾ حيراني ڇڏي هليو ويو، ڪن ماڻهن
جو موت سمجهه ۾ نه اچي سگهندو آهي هن جو وڇوڙو به اهڙي عجب حيراني سان گڏ هتي
موجود رهي ٿو.
ان
ڏينهن جڏهن هو ايمبولنس ۾ حيدرآباد جو سفر ڪري پنهنجي ڳوٺ پهتو ته ان وقت نه هن جي
هٿن ۾ حرڪت هئي ۽ نه ئي هن جي اکين ۾ اها ساڳي پراسراريت کي ڳولڻ جي جستجو هئي، هو
ان وقت به ائين ستو پيو هو ڄڻ ڪنهن ڊگهي سفرتان موٽڻ کانپوءِ ٿوري دير لاءِ آرام
ڪرڻ کانپوءِ اجهو ڄاڻ ٿو اٿي ويهي. اها ئي تمنا آهي جيڪا سڀني جي سيني ۾ آهي ۽
سڀئي هن کي ياد ڪري خاموش ٿي وڃن ٿا پر هو پنهنجي موڪلاڻيءَ جي اڳڪٿي پنهنجي نظم ۾
ڪجهه هن ريت ڪري ويو هو ته منجهند ڌاري جڏهن ڪانوَ ڀتين تي ويٺا هوندا ان مهل ماڻهن
جي هجوم ۾ مان اڪيلو واپس ويندس....
حسن زنده باد،
سنڌ پائنده باد!
تاج جويو
جديد
سنڌي شاعريءَ جو حسين شهزادو، حسن درس، چنڊ جهڙو سهڻو شخص هو. نه صرف سندس حسين
هاٺي ۽ سارُوپا ان جو مثال هئا، پر سندس اندر تهائين وڌيڪ حسين هو، جنهن ۾ جل ٿل
جذبا جنم وٺي، حسين شاعريءَ جو روپ اختيار ڪندا هئا. هونئن به چنڊ ۽ چنڊ راتيون،
هر جينئس شاعر وانگر حسن جي شعري استعارن جي تاڃي پيٽي ۾ شامل هئا:
چنڊ راتين جو کڻي هٿڙا نرم،
تو اُگهيا ڳوڙها اجهل منهنجا گرم!
ڪنهن چنڊ تي ٺَرون يا سورج مٿان ٻَرون،
دنيا کان وڃي دور- مگر پيار ٿو کپي!
چنڊ به پورڻماسي آهي،
پوءِ ڇو رات اُداسي آهي،
شبنم شبنم قطرا ڪِريا،
ڀونءِ تڏهن ڀي پياسي آهي!
رات سپني ۾ مون ٿي گهُمي ڪهڪشان،
چنڊَ ماتم ڪيو پئي ٿي مڪليءَ مٿان!
هي
ته مون حسن جي غزلن مان ٻه چار مثال ڏنا آهن، اصل ۾ چنڊ حسن کي ڏاڍو وڻندو هو، ۽
اُهي وڻڻ جون ڪيفيتون، يقيني طور وقت ۽ ماحولَ جي مناسبت سان هميشه ساڳيون نه
هونديون هيون. ڪڏهن چنڊ- راتين ۾ نرم هٿڙا هن جا گرم ۽ اجهل لڙڪ اگهندا هئا؛ ڪڏهن
چنڊ تي ٺَرڻ جي تمنا ۽ سورج مٿان ٻَرڻ جي خواهش، کيس خلائن ۾ اُڏائي دُور کڻي
ويندي هئي، پر پوءِ به هو ’مگر پيار ٿو کپي‘ جون صدائون هڻندو نظر ايندو هو. ڪڏهن
چوڏهينءَ جي پورڻماسيءَ ۾ به هن کي رات اُداس لڳندي هئي، ۽ هن جي نيڻن مان ڳڙيل
شبنم جا قطرا ڀونءِ جي پياس وڌائي ڇڏيندا هئا. ڪڏهن تاريخ جي جهروڪن ۾ نظر وجهڻ
لاءِ ڪهڪشائن ۾ پرواز ڪرڻ لڳندو هو ۽ مٿان کيس نظر ايندو هو ته چنڊ مڪليءَ تي ماتم
ڪري رهيو آهي. اهو چنڊ جو ماتم، سنڌ جي تاريخ جو ماتم هو، جنهن جو زنده مثال
مڪليءَ جو وسيع ۽ عريض قبرستان هو، جنهن جي پٿر پٿر ۽ ٻاڙيءَ ٻاڙيءَ ۾ سنڌ جون
ڪيئي المناڪ ۽ حسناڪ ڪهاڻيون لڪل هيون. اها مڪلي، اياز کان وٺي حليم باغيءَ تائين
۽ حليم باغيءَ کان وٺي حسن درس تائين جي سجده گاهه رهي آهي، تڏهن ئي ته عبدالواحد
آريسر جهڙي حقيقي محب وطن دانشور ۽ سياستدان چيو هو ته ”جيڪو به سنڌي (پوءِ اُهو
ملڪي سربراهه هجي يا عام ماڻهو) پرڏيهه کان واپس وري ته مڪليءَ تي اچي دولهه دريا
خان جي آستاني تي سلامي ڀري.“ ڇو ته سنڌ جي تاريخ ۾ ٺٽي جي چانئٺ کي دولهه دريا
خان جي ڏنل آخري چُمي اڌ ۾ رهجي وئي هئي- ۽ هي اسان جا سمورا قومي ڪردارَ ۽ حسين
قومي شاعر، اُن ”اڌ ۾ رهجي ويل چُميءَ“ جي تڪميل لاءِ سڄي ڄمار آسائتا رهيا.
مڪلي
به حَسن آواره گرد آدميءَ جي شاعريءَ جو نه رڳو استعارو، پر آماجگاهه ۽ پناهه گاهه
به رهي هئي. هونئن ته سڄي سنڌ هن لاءِ پرينءَ جو پاڇو هئي،
پر مڪلي، ٺٽو، ڪينجهر، سجاول، بدين ۽ سڄو لاڙ، حَسن جي دل جي سلطنت، ۽ ورهه جو وطن
رهيو آهي:
سُڻان جت روز هڻڪارون، وڇيرن جو وطن آهي،
گهمن جت گهوٽ ۽ گهوڙا، وڏيرن جو وطن آهي.
ڀٽائي جت هليو هڪليو، ڏٺائين ڏيهه ساري کي،
پرينءَ جت پنڌ ڪيو، تنهن جي ئي پيرن جو وطن آهي.
تپايو لوهه لوهارن، مڙي مسعود سان گڏجي،
دنيا ’دينار ٽالپر‘ کان سويرن جو وطن آهي.
آئون
هتي ڪا تاريخي ڪٿا ڪونه پيو بيان ڪريان ۽ نه ئي سنڌ جي تاريخ ۾ ’آرين ۽ دراوڙن‘
واري تڪراري ٿيوريءَ تي بحث پيو ڪريان ته آريا اصل هتي جا هئا، يا دراوڙ- پر حَسن،
تاريخ جي اها اکِ آهي، جنهن آرڪيالاجي، انٿراپالاجي، علم اللسان ۽ علم تاريخ جا
شعوري ۽ لاشعوري سمورا لڪ لانگها لنگهي فيصلو ڏنو آهي ته:
اسين ڪجهه آريا ۽ لوڪ اصلوڪا ڪنارن جا،
درواڙ دوست پنهنجن ۽ دليرن جو وطن آهي.
حسن هي سنڌڙي سهڻي، اسان جي جند سان رهندي،
نه ميرن جو، نه ايرن جو، نه غيرن جو وطن آهي.
وطن
سان اها لازوال محبت برصغير جو شيوو رهي آهي، پر سنڌ راءِ سهاسي، راجا ڏاهر، دودي
سومري، مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، شاهه عنايت، شاهه ڪريم، شاهه لطيف کان وٺي،
جي. ايم. سيد، اياز، نيازَ، آريسر ۽ حسن درس تائين هن سرزمين سان، هن ڀونءِ ماتا
سان جيڪو نينهن- سنيهه ڪيو آهي، اُهو دنيا ۾ مثالي آهي ۽ لازوال آهي:
جيءَ اچي نه جهل،
تو کي ڪهڙي ڪل:
مون کان سنڌ نه وسري. (اياز)
آءٌ نه ڄاڻان ٻولي ٻي، آءٌ نه ڄاڻان وِرد ورود،
ذڪر ڪريان ٿو سنڌڙيءَ جو، پڙهان ٿو ان تي لک
درود،
حق موجود، سنڌ موجود!!
اها
محبت، اها شاعري، شيخ اياز ۽ نياز همايونيءَ کان سفر ڪري، جڏهن جديد سنڌ جي جديد
شاعر حسن درس تائين پهچي ٿي ته هو پنهنجي منفرد نگاهه هن سرزمين جي نظارن ۽ مظهرن،
لقائن ۽ لياڪن تي وجهي ٿو ته کانئس اجهو هن قسم جون سٽون سِرججي وڃن ٿيون:
اُڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنهن سار وانگي هو،
لڙيو پئي لاڙ تان سورج، مهاڻي ٻار وانگي هو!
وڻن تي ڪانگ ها ويٺل، ڳليءَ ۾ ڳئون پئي آيون،
پُراڻو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو!
--
پکي پرديس جا، سورجُ پرن پويان لڙي ٿو پيو،
’ورڙ‘ اُن واٽ تي ويٺل اڳيان جِت رِڻ رڙي ٿو
پيو.
’ورڙ
۽ جاڄوها‘ سنڌ جون ٻه اهڙيون قديم ذاتيون آهن، جن جي باقيات بدين ۽ قاضي احمد
ڀرسان ئي وڃي رهي آهي، ۽ حسنَ، تاريخ جي انهن قديم ذاتين سان لنوَ لڳائي، سنڌ
ڌرتيءَ سان پيارَ جو نئون ناتو ڳنڍيو آهي. اِهو وطن سان پيار، اِهو سنڌ جي سونهن
سان سنيهه اهڙو آهي، جو اُنهيءَ واٽ تي جن پيرَ رکيا، سي حسن جي نظر ۾ سندس ئي هن
شعر جو مظهر ٿي اُڀريا:
جن به تنهنجيءَ سونهن جي ساراهه ڪئي، سي
شاهه، سانگي ۽ حمل، منٺار ٿي پيا!
توهان
اُنهن عظيم شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو ڪريو، سنڌ وطن جو نالو اوهان کي سندن
شاعريءَ جي ڪنهن هڪ اڌ سٽ ۾ نظر ايندي، پر جڏهن سندن شاعريءَ جو اڀياس ڪبو ته اها
’مجسم سنڌ‘ نظر ايندي آهي، ائين جديد همعصر شاعريءَ ۾ حسن درس جي شاعري به مجسم
سنڌ آهي:
ڪاڙهي تتي جو ديسُ ٿو آئون تڏهن گهمان،
منجهند جيان ملي به وڃن ٽاڪ محبتون،
مون ساڻ منهنجون موسمون گڏجيو پيون گهمن،
رَب جو قسم ته روح جون رولاڪ محبتون.
جيڪو
شخص، جيڪو شاعر، ڪاڙهي تَتي جو ديس گهمي ۽ پنهنجون موسمون پاڻ ساڻ کڻي گهمائيندو
وتي، اهو وقت جي پلن ۽ لمحن کان ڪيئن ٿو گم ٿي سگهي. چنڊ گرهڻ جي رات، فجر ويل،
حَسن هڪ حادثي ۾ اسان کان ضرور کسيو آهي، پر هن جي شاعري اهو ڪرشمو، اهو معجزو
آهي، جيڪا هن کي موسمن سان گڏ اسان وٽ هر هر کنيو اچي ٿي.
هُو
ڏسو سامهون حسن بيٺو آهي، هو ڏسو حَسن، اوهان جي، منهنجي، مسعود، ماهتا، ۽ ارم جي
اکين ۾ ڏسجي پيو. هو گم ڪٿي ٿيو آهي؟ هو هوٿي مشائخ جي مٽيءَ جي قبر ۾ ڪٿي آهي؟ هو
ته مجسم رسول بخش درس ۽ نصير مرزا جي نيڻن ۾ لڪو ويٺو آهي، يار اکيون کوليو، قسم
اٿو، ائين نه آهي؟ جي ائين نه آهي ته پوءِ حسن هي شعر ڪيئن لکيا آهن:
هڪڙِي حَسن حياتي ويندي وڃائجي،
ضايع ٿيان ضرور، مگر پيارُ ٿو کپي.
هوا ۾ روح رُخصت ٿيو، مٽيءَ ۾ دل دفن ٿي وئي،
شهادت جي شفق هيٺان ڪَلِي هرڪا ڪفن ٿي وئي.
ائين ماڻهو بدلجي ملڪُ ۽ هڪ قومَ ٿي ٿو پئي،
وطن تان جانِ وئي وارِي، وري سا خود وطن ٿي وئي.
-
ته حسن جيڪو ماڻهو هو، حسن جيڪو شاعر هو، انهيءَ جو روح هوا ۾ ضرور رُخصت ٿيو آهي
۽ سندس دل کي هوٿي مشائخ جي مٽيءَ ۾ ضرور دفن ڪيو ويو آهي، پر هو هڪ شخص نه آهي،
هو ته شخص مان بدلجي هڪ ملڪُ ۽ هڪ قومَ ٿي پيو آهي، جي واقعي چئو ٿا ته حسن مري
ويو آهي ته پوءِ آءٌ پُڇان ٿو ته ڇا سنڌ ۽ سنڌي مري ويا آهن؟ جي نه، ته سنڌ زنده
آهي، حسن زنده آهي. سنڌ زنده باد، حسن پائنده باد! اهو ئي سبب آهي، جو چيزل، هي
حسنَ جو چيزل زنده آهي، روحل زنده آهي، رِدم زنده آهي ۽ حسن جنهن ماهتاب جي باغِ
ارم ۾ رهندو هو، ان جي مالهڻ به زنده آهي.
اُن
ڪري آءٌ حسن جي هنن سٽن تي انتها ٿو ڪريان ته:
هزارين دردَ لمحا ديسَ ۾ گُذريو نه ٿا گذرن،
گهڙي هڪ گهاءُ ٿي بيٺِي، ڪٽڻ کان ئي ڪٺن ٿي وئي،
حياتي ائن سدا روشن رکڻ آ ڪم شهيدن جو،
مرڻ جي واقعي مان ڏس جيئڻ جو نئون جتن ٿي وئي!
(’حسن درس جو رسالو‘ ڪتاب جي مهورت واري پروگرام ۾ ۴.۱۱.۲۰۱۱ تي پڙهيل)
حَسن
فطرت پسند
شاعر
حميد ابڙو
حَسن ۽ حُسن ۾ ڪيتري نه هڪجهڙا ئي آهي. جيڪر زبر ۽ پيش نه هجي ته پتو ئي نه پوي ته حَسن آهي يا
حُسن. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ به حُسن سان ايتري ئي هڪجهڙائي رکندو هو. جيتوڻيڪ اسين
سندس دوستيءَ جي دائري ۾ ايترا قريب نه هئاسين، جيترو ڪي ٻيا، پر بهرحال ساڻس
دوستيءَ جي دعويٰ ڪندڙن ۾ پاڻ کي شامل ضرور سمجهون ٿا.
ساڻس آخري ملاقات طارق عالم ابڙي جي وڇوڙي وقت ٿي هئي. طارق عالم جي
تدفين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ جڏهن ڄامشوري وڃي رهيو هوس ته دل ۾ ڪئين ڀيرا اِهو خيال آيو
هو ته منهنجي نه ته اياز سان ويجهڙائي ۽ نه ساقي سان سڃاڻپ، تڏي تي ويندس ته ڪير
سڃاڻيندو؟ ان سوچ ساڻ کنيو جڏهن طارق جي گهر ويجهو پهتو هوس ته حَسن تي نظر پئي
هئي. دل مطمئن ٿي وئي هئي ته پنهنجو ماڻهو بيٺو آهي. اِهو سچ به هُو ته هو هزارن ۾
پنهنجو هو. طارق جي تڏي تي اسحاق سميجي سان گڏ ويٺل هو. آئون به ساڻن گڏ وڃي ويٺو
هوس. اڌ مُني ڪلاڪ تائين اُتي ويٺي ڳالهيون ڪيون هيون ۽ انهن ڳالهين دوران حَسن
چيو هو، ”آهي ۽ هُو ۾ ڪيتري نه ٿوري وٿي آهي.“
هاڻ جڏهن حَسن جون اُهي سموريون ڳالهيون پنهنجي ذهن ۾ سهيڙيان ٿو ته
پاڻ تي ندامت ٿيڻ لڳي ٿي ته اُن چنڊ گرهڻ واري اڀاڳي رات ساڻس ڇو نه مليو هوس،
جڏهن مون وٽ ويٺي عمر قاضي هُن سان نور احمد خواجي جي گهر ڪچهريءَ جو پروگرام رکيو
هو، جنهن ۾ حَسن مون کي به اچڻ جو چيو هو. ندامت ته مون کي ان ڳالهه تي به ٿئي ٿي
ته هُن سان اُن وقت ساٿ ڇو نه ڏنو هو، جڏهن هُن حيدرآباد بئنگلوز ۾ پراڊڪشن هائوس
کولڻ جو رٿيو هو. جتي جيتوڻيڪ ڪمپيوٽر به مون ئي سيٽ ڪري ڏنا هئا پر اُتي ڪم ڪرڻ
کان اهو چئي انڪار ڪيو هو ته ”حَسن سان پئسي پائيءَ جو حساب ڪجي، اِهو مناسب نٿو
لڳي.“ ۽ هو بضد هو ته آئون ساڻس پگهار جو ڳالهايان.
مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪي ٿورا ماڻهو ڏٺا هوندا، جن سان حساب واري واٽ
اختيار ڪرڻ تي دل نه چاهيندي هُجي. حَسن سان به اهڙي واٽ رکڻ نه ٿي گهري پر هُو
پنهنجي مخصوص انداز ۾ چوندو هو، ”تنهنجو ڏوهه ناهي سنڌي ماڻهو آهين، تنهن ڪري ڪڏهن
به پروفيشنل سوچ نه ڌاريندين.“
حالانڪ سچ اهو هو ته هُو پاڻ به ڪڏهن پروفيشنل سوچ اختيار ڪري نه
سگهيو. سوال اخبار جو ايڊيٽر هُجي يا عبرت مئگزين جو ايڊيٽر، هيٺين اسٽاف سان سندس
رويا ائين هُئا جهڙوڪ ننڍپڻ جا سنگتي هجنس. چاچي رفيق کان وٺي جاويد ڏومري تائين
سڀني سان کل ڀوڳ لڳي پئي هوندي هئس. اهڙي مزاج جو ماڻهو مون کي ٻيو ڪو نٿو سُجهي.
بلڪ اڪثر ائين ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن کي هريڙ هٿ آئي ناهي، بس وڏو پاساري بڻجي ويندو
آهي. حَسن ۽ اسان جا ڪي گڏيل دوست اهڙا به آهن، جن جي قول ۽ فعل جو هاڻ جڏهن جائزو
ٿو وٺان ته گهن ٿي اچڻ لڳي. پر هُن شخص مٿان ڪي به تهه نه هئا، هُو جيڪو هئو سو
هُئو. هُن پنهنجي مٿان ڪي به ڍَڪَ رکڻ نه چاهيا، ڪڏهن به وڏي ماڻهوءَ جي خول ۾ نه
رهيو. بلڪ هُو غريبن ۽ فقيرن سان وڌيڪ خوش ڏسبو هو. ڪئين ڀيرا ائين ٿيو جو راهه ويندي
پراڻي ايفيڪس ڀرسان اچي رُڪجندي هُئي ۽ حَسن آواز ڏيندو هو، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين،
ويهه ته ڇڏي اچانءِ.“ هُن جي ان وڏماڻهپي آڏو پاڻ کي بنهه ننڍڙو محسوس ڪندا هئاسين
۽ کيس ڪونه ڪو بهانو ٻڌائي مهرباني چئبي هئي.
حسن زندگيءَ جي سڀني رازن کي ڄاتو ٿي ۽ کيس ڀرپور زندگي گذارڻ جو
ڏانءُ به هو. هُن جتي ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار سان لڳايو، اُتي اسان جهڙن کي
خودڪشيءَ جي سحر مان به ٻاهر ڪڍيو. سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن کي سندس نظم زباني ياد
هئا. اڪثر جڏهن به اسين ڪجهه دوست حيدرآباد جي هوائن ۾ رولاڪي ڪرڻ لڳندا هئاسين ته
هُن جا نظم ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪچهريءَ جو موضوع بڻجي ويندا هئا. ايوب گل جڏهن
هُن جا نظم پڙهڻ لڳندو هو ته ڳوٺ، وڏا وڻ، رليون ٽاڪيندڙ سگهڙ عورتون ۽ ڀُٽي جي
ڦاهيءَ وارا منظر اسان جي اکين آڏو چٽا ٿيڻ لڳندا هئا.
حسن کي سندس حياتيءَ ۾ جتي بي پناهه پيار مليو، اُتي سندس اوچتي
وڇوڙي تي به هزارين ماڻهن کي اوڇنگارون ڏيندي ڏٺو. پنهنجي حياتيءَ ۾ اهڙيون
اوڇنگارون ڪنهن اديب يا شاعر لاءِ مون اڳ نه ڏٺيون هيون. ڇا اهڙو پيار ٻيو ڪنهن جي
نصيب ۾ اچي سگهي ٿو؟
حَسن جيتوڻيڪ عالمگيريت جو حامي هو پر هُن کي پنهنجي وطن جي ڪرڙ،
ڪانڊيري، واهڻ وستي ۽ ٿر بر سان تمام گهڻي اُڪير هُئي. اُن حوالي سان سندس سنڌ ٽي
ويءَ تي ٺاهيل ڊاڪيومينٽريز مثال طور ڄاڻائي سگهجن ٿيون ۽ سندس نظم جيڪي هُن ديس
جي نانءُ ڪيا هُئا اُهي پڻ پڙهي سگهجن ٿا. جيئن ’دکي ديس جي هڪ ڪوتا‘ واري عنوان
سان هُن لکيو هو،
اُس ۽ عاشقي،
مون ڪيتري آهي اُڻي،
هن ديس جي در در اڳيان،
آئون واٽن تي جڏهن وکري ويس،
سار تنهنجي جا سوين ساوا پکي،
اوچتو آيا اڏامي،
۽ اچي مون کي چڳيا،
۽ عاشقي جي اگهاڙي اڀ ۾،
ڦـڙ ڦـڙ ڪندا ويا ڦهلجي،
دور تائين هو پٺيان پيڇو ڪري،
هوا جا پر ڪٽن ٿا،
زندگي نوچن پٽن ٿا،
۽ منهنجي هڪجيڏن جي جوانين کي،
۽ انهن جي محبوبائن جي نشانين کي،
شامن جي ڳلن تي،
ڦـٽي پوندڙ چپن کي،
هو اجاڙيندا اچن پيا،
مک مهانڊا،
پوسٽرن وانگي ڦاڙيندا اچن پيا،
۽ منهنجي نئين نسل جون،
مور جي رنگ جهڙيون،
سڀ اميدون،
۽ ٻٻر جي ٻوُر جهڙيون اهنسائون،
ٽهڪ ڏئي ٻارن پيا،
وڻ، پکي، ماڻهو گڏي مارن پيا،
۽ منهنجو ديس ننڍڙو ٻار بنجي،
روح منهنجي ۾ ڪري ٿو روڄ راڙو،
۽ آئون،
پنهنجي پيڙهيءَ جي نرڙ جو پگهر بنجي،
در مٿان ٽپڪان پيو،
۽ پنهنجو پاڻ کي پيو پوکيان،
هن ديس جي در در اڳيان،
هن ديس جي گهر گهر اڳيان.
حَسن فطرت پسند هو ۽ هُو سدائين پنهنجن ماڻهن جي وچ ۾ رهيو. هونئن
اسان وٽ اڪثر اِهوئي ڏٺو ويو آهي ته اديب ۽ شاعر عام ماڻهوءَ کان ڪوهين ڏور هوندا
آهن، پر سنڌ جي مٽيءَ مان ڳوهيل حَسن جي وَس ۾ نه هو ته هو ماڻهن کان ڌار رهي
سگهي، بلڪ هُن ماڻهن کي سدائين اِهو ئي ٻڌايو ته،
اسان ئي ته اوندهه سان اُلجهون ۽ اٽڪون،
اسان جي نه ڏات جا ڏيئا اُجهاڻا.
حَسن سچ به ته فطرت جو شاعر آهي، سندس شاعري تي هن وقت تائين جيڪو
ڪجهه ڳالهايو يا لکيو ويو آهي، اُهو نه ته حتمي آهي ۽ نه ئي ڪافي. بلڪه حَسن جي
شاعري تي زمانا ڳالهائيندا ۽ اُهي ئي طئي ڪندا ته حسن ڪيڏو وڏو شاعر هو.
حسن درس
پنهنجو مَٽ پاڻ!
امين چانڊيو
جديد سنڌي شاعري جو قدآور شخص، اونداهي ۾ ٽمڪندڙ ڏيئو، روح ٺاريندڙ
شاعري ڪندڙ حسن درس اسان جي سٿ مان جڏهن ۱۶ جون ۲۰۱۱ع چنڊ گهرڻ جي ميري
انڌياري جي دوکي واري سوجهري ۾، جڏهن اسان کان ساٿ ڇني ويو هو ته پوءِ سنڌ جي علمي،
ادبي، سياسي، سماجي ۽ ادب دوستن جي گهرن ۾ ڄڻ ته سوڳ ڇانئجي ويو هو. رب العالمين
جي اهڙي رضا تي منهنجو ادنيٰ عقل ان راز کي پروڙي ته نٿو سگهي. بقول هن مٽي جي مهڪ
جهڙي شاعر جي غزل جو هڪ ٿلهه پڙهون ٿا ته ڪا ٿوري گهڻي رمز رسي ٿي پوي.
”جيڪو چوي ٿو،
سو ئي ٽوڙي ٿو.“ (حسن درس)
حسن درس جي چاهيندڙن جون اکيون جيڪي جيئن آليون ٿيون هيون سي اڄ
تائين اُس ۽ واءُ به سڪائي ناهن سگهيون، هن جي يادن جا گل وقت جي گذرڻ سان وڌيڪ
ٽڙندا رهن ٿا. سندس ئي شعر جي پسمنظر ۾ اسان جا ارمان ٻرن ٿا پيا:
”هي هوا تنهنجي حسن جي هاڪ ۾،
پئي ڦري هر ٿام ۾ ۽ ٿاڪ ۾.
تون نه موٽئين مون نه سودي ننڊڪا،
نيڻ ڏيئن جيئن ٻريا پئي تاڪ ۾.“
وقت ڪيترو به کڻي اڳتي وڌي وڃي پر اسان جي نيرين اکين جي تاڪن ۾ سندس
ساروڻين جو ڏيئو پيو ساروڻين کي چانڊوڪي ڏيندو. پر سنڌي شاعري کي نقصان جو خدشو ته
پيو رهندو. ان نقصان جو انديشو اسان جي انتهائي ڀلوڙ شاعر تاج بلوچ هن کي نظم ڀيٽا
۾ ڏيندي اکين مان لڙڪ ڪڍي ٿو ڇڏي:
”شاعري جا انگ ميرا ٿي ويا،
سرد جذبا ٿي پيا ڄڻ چاهه جا،
عاشقي جون شوخيون اجڙي ويون،
دل جي دامن تان سڪي ڳوڙها ويا.
ٺوٺ ڌرتيءَ جيئن ٿو منظر لڳي...
رک جيئن وکري ويو،
رک جيڪا جسم لهسائي نٿي،
روح گرمائي نٿي،
ائين ڪوئي اوچتو وڇڙي ويو،
زندگي جا نقش ڌنڌلا ٿي ويا.“
حسن درس دفن ته جسماني طور تي هوٿي مشائخ جي صوفين واري سنگ جي
قبرستان ۾ جيجل جي جهولي ۾ آهي، پر هي تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيندڙ شاعر ادب دوستن جي
اکين ۾ ٻيجل وارا ٻول ٻوليندو ٿو رهي، ڄڻ ته جدائي ٿي ئي نه آهي.
هوٿي مشائخ صوفي درويشن جي دعا اهڙي ته لڳيس جو پيارو ماڻهو سون جي
پاڻي ۾ رڱجي ويو. اصل فڪري آسمان ڇهي ويٺو. آزاد هوائن جي هڳائن ۾ تازن گلابن جهڙا
گيت، غزل ۽ نظم لکي پريمين جو ڄڻ ته پنڇي بنجي ويو. اڄ به حسن درس ادب جي افق تي
پنهنجو مٽ پاڻ آهي. حسن درس جو خوبصورت رسالو جڏهن ڪي نرمل نيڻ ڏسن ٿا ته هانءُ کي
ڏڍ اچي ٿو وڃي. هن صوفي طبيعت واري ماڻهو جي شاعري ۾ خوشبوئن واري چنڊ کي
شرمائيندڙ ڇوڪري وڏيون چلولايون ڪري من موهي ٿي وجهي. اها ڇوڪري ڪڏهن ڪڏهن لاغرض، هٺيلي، جذبن کي چهڪ
ڏيندڙ به نظر اچي ٿي ته ويلنٽائن ڊي تي پنهنجي چرئي عاشق کان گلن جا تحفا به وٺندي
رهي آهي ته اتي مرڪي به رهي آهي. هن جي تخليق جون خوبيون بي حساب آهن. ان ڪري هن
ڀلوڙ شاعر جي فڪر ۾ ترتيب، هنري سگهه آهي، جيڪا سگهه هن ڪوشش سان نه پر ورثي ۾
مليل محسوس ٿي ڪرائي. ان زور تي هن نوجوان شاعر بهارن جون پرمسرت رتون هجن، يا پن
ڇڻ جون بي رحماڻيون سرد موسم هجن، انهن ڪيفيتن ۾ حسن درس عوامي ترجماني ڪندڙ هو.
الهامي ڪوتائون هميشه پنهنجي رنگ ۽ روغن ۾ الستي محسوس ٿينديون آهن. هي صلاحيتون
وقت کان ڪڏهن به ضايع نه ٿيون ٿين. الهامي قوت ئي تخليق ۾ سڀاءُ پيدا ڪندي آهي.
حسن جي فن جي دنيا به حسن جيئن حسين هئي، جنهن ۾ هر شخص هر عڪس، هر
رقص ظاهر ٿي پوي ٿو. فنڪار جي نظر مان جيڪي منظر گذري رهيا سي قلمبند به ڪري ٿو ته
اتي دلچسپي جو احساس ڏيارڻ انهن تي ضابطو رکي پنهنجي فني خوبين کي يقيني بنائي ٿو.
اهڙين تصويرن کي تخليقون ۽ ذهانتون ئي لکي سگهجن ٿيون. حسن درس روايتي ۽ رپيٽيشن
جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ نڪور تخليقون ڏئي وڏيون ترقي پسند ڪوششون ڪيون.
سماجي ناهمواري، ظلم، جبر تي لکيل هڪ ڪردار جي تصوير ڪشي اهڙي طرح
سان ڪئي آهي جو اهو خاڪو سامهون اچي ٿو وڃي. نظم ۾ هن شاعر جي مصوري ڪيتري نه اکين
کي ويساهه ٿي ڏياري. هن نظم جي شاهڪار حقيقت سامهون آهي:
”ڪنهن فقيرياڻيءَ جي ٽٽل چتين لڳل
چولي جي ڦاٽل حصي منجهان
نڪتل اُرهه کي چهٽيل ٻار
هڪ دفعو ڇرڪ ڀري توڏي نهاري
وري ڪنڌ ورائي چهٽي وڃي ٿو
ڄڻ پنهنجي مالڪيءَ جو حق جتائي ٿو.
ڇا مان پنهنجو حق نه جتايان.“
شاعر جي هن نظم ۾ ڏاهپ ۽ احساسن جي ڪيڏي نه لاٽ ٿي ٻري پئي.
”ننڊ قتل ٿي وئي جن جي!
تن سان توکي هلڻو پوندو!
فردن جا اڄ درد هزارين،
هڪ ٻئي سان گڏ گڏجن پيا
ڌرتي ڦاٽي ڌوڙ اڏاڻي،
ڪير هوا ۾ سڏجن پيا؟
ڳوٺن ڳنڍ ڇڏي جن ڏيئي،
تن سان توکي هلڻو پوندو
ماڻهو جيڪي پنهنجي من جي،
مٽي ۾ مدفون ٿيا
پريت ڦٽندي ۾ پئي جن جي،
تن سان توکي هلڻو پوندو،
ننڊ قتل ٿي وئي جن جي.“
حسن درس جي رسالي ۾ جيڪڏهن مزاحمت، چٿر، چڙ، ظلم تي سخت جنبش ۾ گندي
ماحول مافيائن خلاف فڪر جي ڦري سان پنهنجي فني خوبين واري طلسم سان حقيقت نه مڃڻ
وارن عناصرن کي ٻرندڙ شعلا ڏيکاري ميدان ملهائي ٿو. حسن درس شروع کان آخر تائين
وزني تخليقون سرجيون، کاکڙ کوکڙ لکڻ کان الرجي هوندي هيس. اها خوبي تخليقي ادب جي
هوندي آهي. هر شاعر پنهنجي احساساتي نظر سان هميشه ڏکندڙ رڳ تي مرهم رکندو آيو
آهي. هيئن به دردمندي جو احساس، جذبو، تخليقڪار ۾ سڀاءُ پيدا ڪندو آهي. حسن درس ۾
به درد جي ماريلن جو درد به سرسري طور تي نمايان نظر اچي ٿو. هن جي عڪس شاعري جون
خوبيون به هن کي ادب جي افق تي مٿاهون ڪري بيهارين ٿيون. رومانوي، جمالياتي ڪيفيتن
جو به ڪاريگر فنڪار آهي. عشق جي احساساتي دنيا جا ته اهڙا ڪرشما ڏيکاري ٿو جو
پڙهندڙ وڏو لطف اندوز ٿي پوي ٿو. ان جو سبب اهو هو ته حسن درس فطرتي طور عاشق مزاج
پر حقيقي حسناڪ پر فطرتي رنگن رمزن وارو، تڏهن حسن ۽ سنڌ جا حسين نظارا ان جي سيني
۾ سمائجي ويا هئا.
”ساري سنڌ پرين جو پاڇو!
جيڪو جر تي جاڳي ٿو!
ٿڌ وسي ٿي واري تي،
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو.“
لکڻ لاءِ ته سڀڪو لکي ٿو پر تشبيهن، اصطلاحن ۽ دل جي اک سان لکڻ جو
ڏانءُ تمام ٿورن تخليقڪارن جي نصيب ۾ هوندو آهي. تهه کان تهه تائين پهچڻ سو به
عوامي رنگت واري روپ ۾ اهي ڪي حسن درس جهڙا ڄاڻ ۽ پيار جا تاساريل سڄاڻ شخص ئي سکي
ٿا سگهن. سندس نظم جو ڪجهه ٽڪرو پيش ڪندس، جنهن ۾ شاعر جو آرٽ، فن ۽ حرفتون ۽
جدوجهد جا جهٽڪا محسوس ٿيندا، جنهن جي پهچڻ سمجهڻ سان روح ڪنبي ٿو وڃي:
”مڇي جي اک ۾ ويٺي ڏٺو مون هر ڏهاڙي کي،
لڙاٽيل وقت جو لمحو ڪنهن ڄار وانگي هو.
صفا سنسان مندر ۾ جڏهن سانجهي ملي مون سان،
اتي آواز عشق جو سنهڙو ڪنهن ڄار وانگي هو.
ڇا ته شاعر پنهنجي ڪلاسڪي فڪر جو جوهر ڏيکاري ٿو، جو من ۾ ميزائيل
وانگي لهي ٿو وڃي. حسن درس جون اهڙيون ڪيئي پرمغز تخليقون پٿر تي ليڪ ٿي رهنديون.
جديد سنڌي شاعري جي سينڌ ته اڻڀي ٿي وئي آهي پر هن کي وسارڻ به دل جي وس ۾ نه آهي.
غفار تبسم جو شعر آهي ته:
هڪ عمر تنهنجي سنڀارن ۾ وئي هلي،
هڪ ٻي حياتي توکي وسارڻ لئه کپي. (تبسم)
No comments:
راءِ ڏيندا