ميان اظهر مولائي
سنڌ جو جاکوڙي صحافي
وفا رضا
هيءَ
دنيا هڪ ميلو آهي، جتي هڪڙا اچن پيا، ٻيا وڃن پيا. پاڻ واري شيڪسپيئر ته دنيا کي
اسٽيج به سڏيو آهي، جنهن تي هر ماڻهو پنهنجو ڪردار نڀائي منظر تان هليو ٿو وڃي. پر
ڪي ڪردار اهڙا به هوندا آهن، جيڪي منظر تان هٽي وڃڻ کان پوءِ به لوڪ جي حواسن تي
گهڻي وقت تائين طاري رهندا آهن. اُنهن کي جيترو به وسارڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، اوترو
ئي اُهي ياد پوندا آهن، جيئن مرشد لطيف چيو آهي،
چيتاريان
چُڻڪن، وِساريان نه وسري،
ويروتار
ڏُکَن، سَڄَڻَ ڀڳي هَڏَ جئن.
ڀڳي هڏ
جي خبر ته اُنهن کي ئي هوندي، جن اِهو درد سٺو هوندو. چون ٿا ته هڏ ڀڄڻ کان پوءِ
جيڪڏهن جُڙي به وڃي، تڏهن به سڄي حياتي اُن ۾ مٺو مٺو سور رهندو آهي، خاص ڪري
سرديءَ جي ڏهاڙن ۾ جڏهن اُتر اوتون ڏيندو آهي ته سياٽي سان گڏ سيءَ جون سٽون به
اُڀرنديون آهن. اِئين ئي وڇڙي ويل سڄڻ به دل ۾ رکي رکي دُکي پوندا آهن، سو اڄ هتي
جنهن سڄڻ کي سارڻ لڳو آهيان، سو ويجهڙ ۾ ئي وڇوڙي جو وڍ ڏئي ويو آهي.
صحافت
جي دنيا منجهه رهندي ڳچ سارن سڄڻن سان ڏيٺ ويٺ ٿي، جن مان وري ڪيترائي سڄاڻ ماڻهو
به ڏٺم. جن وري پنهنجي قلمي پورهئي سان نڀائيندي سدائين سچ لکيو . جن مان هڪ ميان
اظهر مولائي به هيو. ساڻس هونئن ته نيازمنديءَ جي واٽ پراڻي هئي پر ويجهڙائپ وري
عبرت سٿ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ ٿي. راڻيپور جي رهواسي ميان اظهر مولائيءَ جي سنڌ جي
صحافت ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ هئي. هن جي خبرن ۽ رپورٽن جو انداز نرالو هيو، هو جيڪو
اڪثر ڪري خبر سان گڏ تصوير ضرور اماڻيندو ۽ چوندو هيو خبر، تصوير سان ئي مڪمل
هوندي آهي. ميان صاحب جو مطالعو ۽ مشاهدو به وڏو هيو. اهوئي سبب هيو جو مون کيس
جڏهن به ڪنهن موضوعَ، جنهن بابت کيس ڪا ڄاڻ هوندي هئي، لکڻ لاءِ گذارش ڪئي هوندي
ته هن مانائتي موٽ ڏني هوندي. هن جا هٿ اکر به سهڻا هوندا هيا، جيڪو پنهنجي لکڻيءَ
منجهه پنهنجي ٻولي جا نج اکر به لکندو هيو. هن کي سنڌ جي تاريخ، ڪردارن ۽ ماڳ
مڪانن بابت به وڏي ڄاڻ هوندي هئي. ساڻن فون يا وري روبرو ڪچهري ٿيندي هئي ته، دل
چوندي هئي ته ميان صاحب ڳالهائيندو رهي ۽ آئون ٻڌندو رهان. اهوئي ڪارڻ هوندو هيو
جو آئون جڏهن به درازا جي دولهه سچل سائين جي حاضري لاءِ ويندو هوس ته، ميان صاحب
سان به ضرور ملندو هوس. سندس آشياني تي ڪچهري هجي يا راڻي پور جي پريس ڪلب منجهه
ويهڪ يا وري ڪنهن هوٽل تي رس رهاڻ، هو سائين گهور پيو ويندو هيو .
مهمان
نواز ته هو هيو ئي هيو، ساڻس ملجي ۽ ماني کائڻ کانسواءِ موڪل ڏي، اهو ته ناممڪن
هيو. ويندي ويندي سوکڙيون پاکڙيون ڏئي چوندو هيو منزل تي پهچي فون ضرور ڪجو. هن
سان جڏهن به ملڻ ٿيو اصغر مولائي به ساڻس گڏ هوندو هيو، جيڪو ڪچهري ڪندي کين ميان
صاحب چئي مخاطب ٿيندو هيو . هو پنهنجن جي سار لهندو رهندو هيو، جڏهن فون تي
ڳالهائيندي ٻه ٽي ڏينهڙا ٿي ويندا هيا ته پاڻ ئي ياد ڪندي حال احوال ڏيندو ۽ وٺندو
هيو. هن وٽان مونکي ته سدائين پنهنجائپ پلئه پئي. هو وڏي ڄمار ۽ طبيعت جي ناسازيءَ
باوجود به منهنجي پٽ جي شادي واري خوشيءَ منجهه شريڪ ٿيڻ لاءِ راڻي پور مان ڪهي ٽنڊي
آدم آيو هيو. سندس ڪهڙا ڳڻ ڳائي ڪهڙا ڳائجن؟ هن تي جيترو به لکجي سو گهٽ آهي. ميان
اظهر مولائي جيتوڻيڪ اڄ اسان وٽ جسماني طور موجود ناهي رهيو پر، سندن محبتون ۽ قرب
ڪچهريون وسارڻ پنهنجي وس ۾ ناهي. هن کي ته آئون جڏهن ڏسندو هيس، مون کي سچل
سائينءَ جي هيءَ سٽ ياد اچي ويندي هئي ته
’ڪو ڪيئن چوي
ڪو ڪيئن چوي،
مان
جوئي آهيان سوئي آهيان .....‘
No comments:
راءِ ڏيندا