محمد صفر ابڙو
شهدادپور جو صوفي فقير
نور سنڌي
صوفي
فقير محمد صفر ابڙو دل جو دورو پوڻ ڪري ۶۵ ورهين جي ڄمار ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن صوفي ازم ۽ صوفين جي
پيار محبت کي پکيڙڻ ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر پنهنجو ڪردار ادا
ڪيو. شهدادپور جي ابڙا پاڙي ۾ هڪ فقير منش گل محمد ابڙو ڪوتار جي گهر ۾ جنم ورتو.
ننڍي هوندي کان ادبي ۽ تاريخي ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکندڙ شاگردي دور ۾ مختلف راندين
سان گڏ ادب سان دلچسپي رکندڙ محمد صفر ابڙو بي اي ڪرڻ بعد بئنڪ ۾ اڪائونٽنٽ ٿيو.
ننڍي هوندي کان کيس صوفيت ۽ راڳ ويراڳ سان لڳاءُ هو. بئنڪ ۾ اڪائونٽنٽ جهڙو ٽف جاب
هئڻ جي باوجود سڄي سنڌ ۾ صوفين، درويشن جي ميلن، ڏهاڙن ۾ شريڪ ٿيندو هو. تقريبن ۲۰۰۱ع ۾ پاڻ گولڊ هينڊ شيڪ تحت وقت کان گهڻو اڳ رٽائرڊ ٿيو ۽ پاڻ سنڌ جي مشهور
صوفين سان ملاقاتون ڪيون ۽ صوفيت جي حوالي سان ڪتاب پڙهيا ۽ بعد ۾ مشهور صوفي بزرگ
علي مراد زرداري جي طالب صوفي فقير خدا بخش جو طالب ٿيو ۽ ابڙا پاڙي ۾ پنهنجي گهر
ڀرسان آشرم قائم ڪيو، جيڪو شهدادپور جي صوفين جو مرڪز رهيو، جتي روزانو صوفيانه
راڳ ويراڳ ۽ صوفيت جي پرچار ٿيڻ لڳي. بعد ۾ صوفي فقير محمد صفر ابڙو پنهنجي خاندان
جي مشهور صوفي بزرگ ٻيڙو فقير جنهن جي مزار شريف لغاري روڊ تي آهي، اتي ميلا مچائڻ
شروع ڪيا. هر مهيني جي چوڏهينءَ جي رات اتي صوفيانه راڳ سگهڙن جون ڪچهريون، ادبي
پروگرام ڪرائڻ لڳو ۽ بعد ۾ ان بزرگ جو صوفيانه انداز ۾ عرس مبارڪ ملهائڻ لڳو، جنهن
۾ سنڌ جي تقريبن صوفي فنڪارن ڊيوٽيون ڏنيون. پاڻ هر سال شهدادپور جي ابڙا پاڙو ۾
جشن عيد ميلاد النبي جي حوالي سان ۱۴ ربيع
الاول تي وڏي ليول تي محفل ڪرائيندو رهيو، جتي سنڌ جا مشهور صوفي سهڻيون ڳالهيون
ٻڌائيندا هئا ۽ ان موقعي تي سڄي رات پرهه ڦٽي تائين ذڪر فڪر هلندو هو، جنهن ۾
مشهور راڳي ڊيوٽي ڏيندا هئا. پاڻ ۲۰۰۲ع ۾
شاعري به شروع ڪئي، ڪجهه شعر به لکيا، پر خبر ناهي ڇو شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ پاڻ
صوفيانه راڳ به سکيو ۽ مختلف درگاهن تي ٿيندڙ صوفيانه پروگرام ۽ حضرت ٻيڙو فقير جي
عرس مبارڪ ۾ صوفي فنڪارن جي سنگ سان گڏ خوبصورت انداز ۾ ڳائيندو به هو. ڪڏهن ڪڏهن
مئخاني تي به يڪتارو کڻي ڳائڻ شروع ٿي ويندو هو.
کيس
اعجاز شاهه جو ڪلام، ’اسان تي قرب محبت جي عنايت ڪئي ته حيدر ڪئي‘، نواب ولي محمد
جو ڪلام ’ڪا جا روح رهاڻ جيڏيون ڙي، ڪيئن مون پرين سان ويهي ڙي ڪيون‘. مانجهي فقير
جو ڪلام اوهان جا عاشق هزارين آهن اسان جي ياري قبول پوي شل، ڏاڍا پسند هئا، جڏهن
وجد ۾ ايندا هئا ته يڪتارو کڻي اهي ڪلام پرسوز آواز ۾ چوندا هئا. پاڻ سڄي سنڌ ۾
صوفي بزرگن جي ميلن ۾ ٿيندڙ صوفيانه راڳ رهاڻ جي محفلن ۾ باقاعده حاضري ڏيندا هئا.
ميلن کانسواءِ به پاڻ پنهنجي دوستن ۽ طالبن کي گڏ وٺي صوفي بزرگن جي مزارن تي
حاضري ڏيندا هئا. اتي خير خيراتون به ڪندا هئا.
ڪجهه
وقت کان ٻيڙو فقير جي درگاهه واري آشرم کي به پاڻ مچايو، اتي به لنگر هلندو هو.
جڏهن به اتي ويندو هو ته آسپاس واري علائقي جا صوفي فقرائن جو ميڙو مچي ويندو هو.
پاڻ خوش اخلاق، خوش مزاج شخصيت جو مالڪ هو. صوفي ازم تي کيس عبور حاصل هو. صوفي
ازم تي ڪيترائي ڪلاڪ ڳالهائي ويندو هو. ڪجهه سال پهرين عمري جي سعادت به حاصل
ڪيائين. سنڌ ۾ سندس هزارين چاهيندڙ هئا، جتي به ويندو هو ماڻهن جو هجوم رهندو هو.
ڳالهائڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ هو. صوفيت تي ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو جهڙو سندس
لفظ لفظ موتين داڻا هجن، کيس صوفي فنڪارن مان عثمان فقير، مانجهي فقير، جمال الدين
فقير وڻندا هئا. جڏهن به سندن محفلن ۾ ويندو هو ته سندس ڳائڻ ٻڌي وجد ۾ اچي ويندو
هو.
شاهه
سائين جي رسالي جو پڻ پارکو هو، کيس لطيف سائين، سچل سرمست، منٺار فقير، محمد فقير
کٽياڻ، اعجاز سائين، مخدوم طالب الموليٰ ۽ ٻين لاتعداد صوفي شاعرن جو ڪيترو ئي
ڪلام بر زبان ياد هوندو هو. نجي محفلن ۾ صوفي شاعرن جو ترنم ۾ڪلام به ڳائيندو هو.
پاڻ دل ۽ هٿ جو سخي هو. غريب هئڻ جي باوجود وڏو مهمان نواز هو. ۱۵ جنوري تي رات جو ۸ وڳي ڌاري آشرم تان گهر آيو، آرام ڪرڻ لاءِ ليٽيو ته سندس ساهه جو سڳو ٽُٽي
پيو ۽ پاڻ حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. سندس جنازي نماز ۾ سوين ماڻهو شريڪ ٿيا. جڏهن
جنازي نماز پڙهي وئي ۽ سندس آخري ديدار لاءِ سندس چهري مبارڪ تان ڪفن هٽايو ويو ته
ان وقت سندس وصيعت موجب مشهور صوفي راڳي مانجهي فقير پنهنجي سنگ سان گڏ سازن سان
گڏ صوفيانه راڳ ڳايو، جڏهن مانجهي فقير سنگ سان گڏ سندس ڪلام ”دنيا دور چل ڦل جو
هڪهڙا ايندا ٻيا ويندا. سچن جي پيار جا ميلا هميشه يار پيا ٿيندا.“ ڳائي رهيو هو
ته اتي موجود سوين ماڻهن جي نيڻن جا بند اٿلي پيا. هر طرف روڄ راڙو شروع ٿي ويو،
هر طرف سڏڪن آهُن، دانهن جو آواز اچڻ لڳو. ڪيترائي صوفي محمد صفر ابڙو سان پيار
ڪندڙ بيهوش ٿيڻ لڳا.
اڃا به
سندس تعزيتي تڏي تي سندس ڀائرن سليمان جي ابڙو، محمد رفيق ابڙو، بشير گل ابڙو،
فقير محمد جي ابڙو، مراد جي ابڙو ۽ ٻين سان ڏک ونڊڻ لاءِ ويندي سندس آشرم وٽان
گذريس ته اهو اداس هو، تعزيتي تڏي تي سندس چاهيندڙ، سندس طالب اداس هئا. ان ويل
لطيف سائين جو شعر:
نيڻ
نهاري منهنجا روئي رت ٿيا
جي
هتان هوت ويا سي اچن ته آجي ٿيا.
ذهن تي
ايندي نيڻن جي بندن کي روڪي نه سگهيس. صوفي فقير محمد صفر ابڙو ظاهري طور ته اسان
کان جدا ٿي ويو آهي پر روحاني طور اسان سان گڏ آهي. محمد صفر ابڙو جهڙيون شخصيتون
مري مات نه ٿينديون. مون کي ائين لڳو جهڙو سندس آشرم اهو سوال ڪندو هجي ته ڇا هاڻ
مون کي ڪير آباد ڪندو؟ مون کي ائين محسوس ٿيو جهڙو ٻيڙو فقير سوال ڪندو هجي ته مون
تي هاڻ محبت وارا صوفين جا ميلا/ ڏهاڙا ڪير ملهائيندو؟
No comments:
راءِ ڏيندا