; سنڌي شخصيتون: January 2020

28 January, 2020

وجئه ڪمار - منصور گاڏھي


وجئه ڪمار
ھڪ فلم اسٽار جو ڪربناڪ زوال
منصور گاڏھي/ سڪندر گلاب سومرو
خيرپورناٿن شاهه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ (پيڄاهو) ۾ جنم وٺندڙ علي حسن، ۱۹۵۰ع ڌاري فلم انڊسٽري جي سدابهار ماحول کان متاثر ٿي، اداڪاري لاءِ ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو ۽ نه چاهيندي به ادنى کان ادنى ڪم ڪيا. جڏهن ته سندس اداڪاريءَ واريءَ ڏات کي ڪيترن ئي حوالن سان پرکيو ۽ ساراهيو به ويو. عليءَ جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ وارو خواب اسان کي ان وقت بابت ٻڌائي ٿو، جڏهن هندستاني فلمن جي پاڪستان ۾ باضابطا طور تي نمائش ٿيندي ھئي.

24 January, 2020

سيد عابد عباس ڪاظمي


سيد عابد عباس ڪاظمي
رياضت ٻرڙو
عابد ڪاظمي سينئر براڊڪاسٽر، ڪالم نويس ۽ شاعر آهي. هن اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا پڻ ٻنهي ٻولين ۾ لکيا آهن.
سندس پورو نالو سيد عابد عباس ڪاظمي آهي. سندس والد، مرحوم سيد جعفر شاهه خوراڪ کاتي سنڌ ۾ بجيٽ اينڊ اڪائونٽس آفيسر هو. سندس پڙڏاڏو سيد فضل علي شاهه ۽ سندس نانو سيد مظفر علي شاهه صوفي شاعر ٿي گذريا آهن.

01 January, 2020

شهيد شان ڏهر


شهيد شان ڏهر
منهنجو عظيم دوست جنهن کي لکندي ڏسي مون لکڻ شروع ڪيو
آصف رضا موريو
شان ڏهرسان منهنجي پهرين ملاقات روزاني سنڌي اخبار پاڪ جي دفتر واقع چوٿين ماڙ، نامڪو سينٽر، ڪيمپبيل اسٽريٽ، نيو چالي ڪراچي صدر ۾ ۲۵ مارچ ۱۹۹۹ع ڌاري ٿي هئي. منهنجي ويجهڙي دوست فدا حسين ملاڻو جي خلاف پاڪ اخبار ۾ هڪ خبر هلائي وئي هئي جتي شان ڏهر ايڊيٽر هيو. فدا ملاڻو ان خبر جي ترديد لاءِ مون کي چڱو مڙس ڪري وٺي ويو جو مان ان دور ۾ دوستن جي حلقي ۾ داداگير ليکيو ويندو هيم. اخبار جي دفتر ۾ پهرين ملاقات يوسف جوکيو سان ٿي. جنهن کي داٻا ساٻا ڏنا ته هن شان صاحب سان ملائڻ ۾ عافيت سمجهي، اسان چرين مان جان ڇڏائي. ڊگهيرڙي قد، سنهڙي جسم، ڀورتري سانورڙي رنگ، گهاٽن مٿي کنيل وارن، سنهڙي مڇن واري هن جوان يعني شان ڏهر کي سليقي سان پينٽ شرٽ پهريل هئي. سندس اٿڻ، ويهڻ ۽ گهمڻ ۾ سليقو هيو، ڳالهائڻ ۾ تميزداري، پين پڪڙڻ مان ئي ڏات ڌڻي پيو لڳي، ڌيان ڏئي ٻڌڻ ۾ ۽ پنهنجو موقف سمجهائڻ جي ڍنگ ۾ برجستو لڳو ۽ هن شايد اسان جهڙا چريا کوڙ ڏٺا هيا ان لاءِ فضيلت سان آفيس ۾ ويهاري مان ڏنو، چانھ پياري ٿڌو ڪري ڇڏيائين. مان پنهنجي زندگي ۾ اهڙو طرح دار ماڻهو ڪو نه ڏٺو هيو هو. ھو نه باڊهه جهڙو لڳندو هيو، نه لاڙڪاڻو يا ڪراچي جهڙو. بلڪ هو اڃا ڪنهن ٻئي جڳ جو جهانگي هيو. خير جنهن ڪم لاءِ وياسين، ان خبر جي ترديد ته هن ٻئي ڏينهن ئي ڪري ڇڏي. پر ان ڏينهن کان جو هن سان پريم جو پيچ پيو، ان جي ترديد اسان ٻنهي مان ڪنهن به ڪڏهن ڪو نه ڪئي.