; سنڌي شخصيتون: July 2016

30 July, 2016

جمال الدين فقير - نواز ڪنڀر

جمال الدين فقير
جيڪو پڻ جدا ٿي ويو
نواز ڪنڀر
ھو سُر وکيرڻ کان اڳ ۾ ئي سنڌ، صوفيت، سادگي ۽ فقيري جو ٻاھريون تعارف پنھنجي وضعداري سان دنيا آڏو ڪرائي ڇڏيندو ھو ۽ ڳائيندي جھڙوڪر ھو سنڌ جي دکن ۽ دردن جي ڪھاڻي بيان ڪري ڇڏيندو ھو. ميندي رتا ڳاڙھا وڏا وار، مڇون ۽ ڏاڙھي، گيڙو رتا ڪپڙا ۽ انھن رنگن سان ڀيچ کائيندڙ سندس چمڙي، ھن جي پنھنجي تعارف جا اھڃاڻ ھئا. ھو تمام مٿين سُرن تي ڳائڻ مھل ڄڻ ته واڪا ڪري ڪنھن سان مخاطب ھوندو ھو، ويٺلن کي ڪجھ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، ٻڌندڙن جو ڌيان ڪنھن خاص ڳالھ ڏانھن ڇڪائڻ جي جُستجو ڪندو ھو، اھا ڳالھ، اھو درد، اھا پيڙھا جيڪا اڪثريت ڪڏھن به سمجھي نه سگھي! سندس اندر جو درد، جيڪو ھو دنيا آڏو انھيءَ طريقي سان نروار ڪرڻ جي ڪندو ھو. اھو شخص جنھن کي دنيا جمال الدين فقير جي نالي سان سڃاڻندي ھئي، پر ھو پاڻ لاءِ چوندو ھو ته فنڪار ھڪ الڳ شي آھي ۽ فقيري الڳ. آئون فنڪار نه، فقير آھيان. پر دنيا سندس اھو پيغام صحيح طرح سمجھي نه سگھي!

ساقي شاهه - وحيد مراد سيال

ساقي شاهه
سندس ياد ۾
وحيد مراد سيال
سيد سلطان شاهه ساقي هڪ فرض شناس پرائمري استاد هو جيڪو پنهنجي پيشي سان تمام وڏو پيار ڪندو هو. جڏهن به اليڪشن يا ٻيون ڊوٽيون سنڌ سرڪار هڻندي هئي ته هي انهن جي خلاف احتجاج ڪندو هو ته اسان معصوم ٻارن کي تعليم ڏيندڙ استاد آهيون اسان کان اليڪشن ۽ پوليو جي ڊيوٽي وٺي معصوم ٻارڙن جي تعليم تباهه نه ڪيو. ساقي شاهه اسڪول پابندي سان ويندو هو.سيد سلطان شاهه ساقي هڪ بهترين شاعر، ليکڪ، اديب دانشور ته هو ئي هو پر ان کي شاهه عبداللطيف جي ٻولي جي وڏي ڄاڻ هئي. ساقي شاهه ڪچهري لاءِ ويهندو ئي شاهه لطيف کي ڄاڻن لاءِ هو ڇو ته هو هميشه شاهه عبداللطيف کي سمجهڻ پئي چاهيو هن جي اها به خواهش هئي ته هو ڪراچي ۾ گمنام شاعرن، اديبن، دانشورن  ۽ سماجي ورڪرن تي ٻڌل ڪتاب آڻي جن ماڻهن وٽ ڪتاب ڇپرائڻ ۽ وڏن وڏن پروگرامن ۾ اچڻ جي سگهه نه هئي انهن لاءِ هو وڏي همدردي رکندڙ هو.

جمال فقير - لياقت علي ٿهيم

جمال فقير
سڀئي عالَم اُن جو- هندو مسلمان
لياقت علي ٿهيم
سائين جمال فقير سان مان پهريون ڀيرو جهول ڀرسان ٽي سال اڳ، هڪ هوٽل تي مليو هوس. انهي سال سنڌ ۾ ارڙي جو ڪال ڪاهي پيو هو ۽ ڌڙا ڌڙ ٻار مري رهيا هئا. مان تڏهن سانگھڙ جي هڪ غير سرڪاري اداري ۾ ڪم ڪندو هوس ۽ ويڪسين هڻڻ واري هڪ ٽيم سان گڏ رپورٽ لکڻ ويو هوس. شايد وساڻن جو ڳوٺ هو جتي ڪولهين ۽ اوڏن جي گھر گھر ۾ بيمار ٻارن جا ڪيهاٽ پئي پيا. انهي ساڳئي ڳوٺ ۾ اداري جو هڪ اسڪول هوندو هو جنهن کي هڪ پرديدار ۽ تمام خانداني مائي پنهنجي گھر ۾ هلائيندي هئي. انهي اسڪول  جي ٻارن تي اسٽوري پڻ ٺاهڻي هيم.

29 July, 2016

شاهنواز جوڻيجو


شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو - ورسيءَ جي مناسبت سان
نور سنڌي
سنڌ ۾ ڪلاسيڪل بي تاج بادشاهه ۽ وڏيري طور مشهوري ماڻيندڙ شاهنواز جوڻيجي جي وفات کي ۱۴ سال گذري ويا آھن پر اڃا تائين يقين نٿو اچي ته ڪو ھو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اڄ هو اسان جي وچ ۾ ناهي پر سندس انيڪ ساروڻيون ۽ سندس ڪردار صدين تائين ياد رهندو. شاهنواز جوڻيجو هڪ ننڍڙو ۽ عام زميندار هو، سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه وسرنديون، منجهس جيڪي خوبيون هيون، اهي ايتريون ته وزندار هيون جو شاهنواز جوڻيجو خلاف سخت پروپيگنڊه جي باوجود به هن تي اثرانداز ٿي نه سگهيون. شاهنواز جوڻيجو هڪ بهادر، بي باڪ، ارڏو ۽ ذهين ماڻهو هو، هالا جي مخدوم خاندان سان سندس شروع کان وٺي نيازمندي رهي، پاڻ مخدوم طالب الموليٰ کان ڏاڍو متاثر هو. جواني کان وٺي هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مخدوم هائوس تي ضرور ويندو هو. بعد ۾ هو مخدوم هائوس تي فيصلا مخدوم طالب الموليٰ جي سربراهي ۾ ڪندو هو. سندس انداز مان مخدوم طالب الموليٰ به ڏاڍو متاثر ٿيندو هو ۽ شاهنواز جوڻيجو کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ پنهنجي پيچيده ۽ منجهيل مسئلن بابت به شاهنواز جوڻيجو سان مشورا ڪندو هو. مختصر عرصي ۾ فيصلن جي حوالي سان نه رڳو سنڌ پر بلوچستان ۾ به مشهور ٿيڻ لڳو. مخدوم هائوس تي اچڻ وڃڻ دوران سندس مخدوم امين فهيم سان ويجهڙائپ گهري دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. شاهنواز جوڻيجو فيصلا منصفاڻا ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ واري چوڻي جيان ڪرڻ جي ڪري هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي هئي ته فيصلو شاهنواز جوڻيجو کان ئي ڪرايان ۽ سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ سندس اوطاق تي فيصلا ڪرائڻ وارن ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا.

نسيم کرل - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

نسيم کرل
سنڌي ادب ۾ اول درجي جو ڪهاڻيڪار
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
نسيم احمد ولي حاجي عبدالڪريم کرل 29 جون 1939ع تي خيرپور رياست جي ڳوٺ کرل ۾ جنم ورتو. هو سنڌي ادب جي مهان ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان مشهور آهي، سندس ڪم مقدار ۾ ٿورو پر معيار ۾ بلند آهي، هن پهرين ڪهاڻي ’سور سمجهي ڪو‘ 1958ع ۾ لکي ۽ اهو ئي سال هو جڏهن هو بي اي فائينل جو ڪاليجي شاگرد هيو ۽ سندس ڪلاس فيلو جمال رند ۽ خواجه سليم هيا ۽ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ سندس استاد هئا ڊاڪٽر اياز قادري ۽ پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه. نسيم کي اياز قادري سنڌي ادبي سنگت ڏي وٺي آيو ۽ اهڙيءَ ريت هو ڪهاڻيون لکي سنگت جي ادبي محفلن جو روح روان ٿي وڌندو ويو ۽ ادب تي ڇانئجي ويو. سندس پهريون مجموعو “شبنم شبنم ڪنول ڪنول” 1968ع ۽ ٻيو “چوٽيهون در” ۽ ٽيون “ڊمي” آهن، جيڪي 1973ع،  1984ع ۾ شايع ٿيا. “ڊمي” ۾ ڪجهه مضمون پڻ آهن ۽ انهن سڀني ڪتابن جو گڏيل مجموعو ”نسيم کرل جون ڪهاڻيون“ 2007ع ۾ شايع ٿيو. انهن ٽنهي مجموعن جي گڏيل ڪهاڻين جو ڳاڻيٽو ٻٽيهه آهي پر اڄ اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود نسيم کرل جون ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ تمام وڏي جڳهه والارين ٿيون ۽ سندس ڪتاب يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل آهن ته عام پڙهندڙن ۾ پڻ اڄ ڏينهن تائين مقبول آهن. سندس ئي لفظن ۾ ته،
”اهڙو ادب تخليق ڪجي جنهن کي دائمي قدر هجن، سٺو اديب اهو آهي جو مقصد لاءِ ۽ سماج جي سڌاري لاءِ لکي ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ لکي ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ ماڻهو ياد رکن.“

استاد محمد بچل - رکيل مورائي

استاد محمد بچل
سُرن کي روشني ڏيندڙ آڱرين جي موڪلاڻي
رکيل مورائي
استاد محمد بچل حادثاتي طور سنڌ جي سُرن کان جدا ٿي ويو. سنڌ جو ادب سندس لاڏاڻي تي اداسُ ڪو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا اڪثر اديب کيس ڪو نه سڃاڻن. ان ڪري هنن جو سندس وفات تي قلم کڻڻ ڏکيو آهي، انهن جو ڏوهه به نه آهي. هو سنڌ جي مختلف هنرن ڏي ڌيان گهٽ ڏيندا آهن. هو فقط عالمي ڄاڻ رکندا آهن. پر....

شفيق حسين ميمڻ - محمد سليم ميمڻ

شفيق حسين ميمڻ
محنتي ۽ سادگي پسند شخصيت
محمد سليم ميمڻ
شفيق حسين ميمڻ سنڌ جي تاريخي شهر هالا نوان ۾ نامور صحافي ۽ تحريڪ آزادي جي مرد مجاهد حاجي محمود هالائيءَ جي گهر ۾ 22 جولاءِ 1961ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالرحيم ارباب اسڪول هالا ۽ مخدوم طالب الموليٰ اسڪول هالا ۾ حاصل ڪئي. جنهن بعد ميٽرڪ جو امتحان گريڊ I ۾ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان 1979ع ۾ پاس ڪيو. انٽرميڊيٽ پري انجنيئرنگ جو امتحان 1981ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان پاس ڪيو. جنهن بعد هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽر آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪئي.

فقير عبدالغفور


فقير عبدالغفور
آواز آلاپ جو راڻو - ورسيءَ تي ڀيٽا
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
يڪتارو چپڙي هٿ ۾ کڻي جڏهن فقير عبدالغفور آ ڪندو هو ته سندس آواز جي گونج پري پري تائين پهچي هلندن کي بيهاري ڇڏيندي هئي. هن جو آواز ايترو وڏو هو جو هروڀرو لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت نه پوندي هئي. ڊگهي قد ڪاٺ وارو همراهه ڳائڻ وقت نچي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو.

مير غلام الله ٽالپر - مخمور مهيري

مير غلام الله ٽالپر
سندس غمناڪ وڇوڙو- چاليهي جي مناسبت سان
مخمور مهيري
سنڌ ڌرتي اُها شاداب ۽ سرسبز ڌرتي آهي، جنهن زندگي جي هر شعبي ۾ هميشه ناياب ۽ نامدار شخصيتون پيدا ڪيون آهن، پوءِ ڀلي اهو شعبو علم جو هجي، ادب جو هجي، سياست جو هجي، سماج جو هجي، مذهب جو هجي، محبت جو هجي، مزاحمت جو هجي، زراعت جو هجي، ٽيڪنالاجي جو هجي يا وري زندگي جي ڪنهن ٻئي وهنوار سان واڳيل هجي يا واسطو رکندو هجي. جيڏانهن به نظر ۽ نگاهه ڪجي ٿي ته ڪيتريون ئي قدآور شخصيتون ستارن جيان چمڪندي ۽ جرڪندي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. تاريخ ۾ امر ۽ رقم ٿيل اهڙين شخصيتن جي ڪم ۽ ڪردار کي اڄ تائين وقت جو واچوڙو وڃائي نه سگهيو آهي. اهڙن قربدار، خوشبودار، مک ۽ خلق جي خدمت ڪندڙ چهرن کي ياد ڪندي هن وقت جنهن شخصيت جو چهرو اکين اڳيان اُڀري رهيو آهي، انهن ۾ سابق تعلقي ناظم ٽنڊو محمد خان مير غلام الله ٽالپر به هڪ آهي.

معراج محمد خان - رياض سهيل

معراج محمد خان
کاٻي ڌر جي اصول پرست سياستدان جو لاڏاڻو
رياض سهيل
معراج محمد خان جو خواب ملڪ تي مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن جي حڪمراني هئي ۽ هو اهو خواب اکين ۾ کڻي ئي دنيا ڇڏي ويو. ان خواب جي پورائي لاءِ هن ايوب خان ۽ جنرل ضياءُ الحق کان علاوه ان پيپلز پارٽيءَ کي به ڇڏي ڏنو هو، جنهن جي منشور ۾ سندس سوچ ۽ فڪر جو به نچوڙ شامل هو.

24 July, 2016

نارائڻ شيام

نارائڻ شيام

هجي جا کاڻ خوبين جي

وينا شرنگي



پهتاسين ڪهڙي ماڳ وڃي ڇا ڪندين پڇي

ها، ڏس ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان.

(شيام)

سدا حيات شاعر شيام ڪهڙو ماڳ وڃي وسايو آهي، ان جو انت لهڻ ته مشڪل آهي، پر زندگيءَ جي سفر ۾ هو ڪٿان ڪٿان رهگذر ٿيو، ان سفر جو پيرو کڻن ته مشڪل آهي، جنهن  تخليقي شعور جي منزل ۽ ماڳن جي بلندين کي شيام ڇهيو تنهن نقش پا، جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ هڳاءَ جو واس جڏهن به، جنهن به ماڻيو آهي، اهو مدهوشيءَ جي عالم ۾ پاڻ وڃائي ويٺو آهي، هو سچ ۽ سنهن جو شاعر هو، سندس ٻوليءَ ۾ مٺاس، ۽ ان جو استعمال اهڙي ته ٺهڪندڙ نموني ڪيو آهي جو عبارت ۽ سندس اسٽائيل ٻين شاعرن کان الڳ ٿي بيهي ٿي، سندس شاعري بلندين کي ڇهي ٿي، پوءِ چاهي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل تشبيهون هجن يا وري مُحاورا يا مثال – شيام پنهنجي رچنائن ۾ جا ٻولي ۽ لفظ ڪتب آندا آهن، تن جي باري ۾ شاعر سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته : هو اهڙا لفظ نه گهڙيندو آهي جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو هجي، شيام پنهنجا لفظ گهڙيندو ضرور آهي پر اهڙا جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگهي، دهليءَ جي سدا حيات شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن کي اوهان آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، شيام سان ڪهڙي سال ملاقات ٿي، اهو ته ياد نه آهي پر ماضيءَ جي جهروڪن مان سندس ماٺيڻي شخصيت جا ڪي عڪس ۽ اولڙا اُڀري اچن ٿا، سندس گفتگو ٿڌي هير جيان، اڄ به اچي دڳ جهلي ٿي بيهي، تقريبن اڌ صديءَ شيام شاعريءَ جي نانءِ ڪري ڇڏي، دهليءَ جي هن سدا حيات شاعر جو جنم ۱۹۲۲ع ۾ ٿيو، ۱۹۳۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس پتا ڪامورو هو، سندس ادبي پونجي.

23 July, 2016

واجد منگي

واجد منگي

جا پيڙ هئي پرواني ۾

منظور ڪوھيار



’واجد‘ سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي ته مون ٽي ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون. هڪ ته هو خوشخط آهي. ٻيو ڦڻي ڦوڪاري جو شوقين آھي. ٽيون سندس لفظن جي ادائيگي زبردست آهي.

واجد سان منهنجي ڇتڙن جي ياري ته ڪو نه هئي. پر پنهنجي، ”عليڪ سليڪ“ ادبي ميڙاڪن ۾ ٿي، ۱۹۷۵ع ۾. ڪجهه ويجهڙائپ وڌي ته چار چونڪ گيان باغ جي نام نهاد ليڊيز پارڪ ۾ ويهي ڪُٽيندا هياسي. جنهن ۾ عورتون گھٽ، مرد گھڻا ويٺا هوندا هيا. انهيءَ دؤران مون کيس انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ واجد مون کي شاعريءَ جو بحر وزن سمجهائڻ جي. ٻئي ناڪام وياسي.

17 July, 2016

ماسي سدوري - منظور ڪوھيار

ماسي سدوري
قربائتو ڪردار
منظور ڪوھيار
عبدالرحيم ڪلهوڙي جي ڳوٺ جو ذڪر نڪتو، ته هڪ اهڙو قربائتو ڪردار ياد اچي ويو، جنهن جي قرب جو احساس اڃا تائين ذهن ۾ ٻيرن جي خوشبوءِ ۽ کجيءَ جي ڏوڏن جي مٺاڻ مثل تازو آهي. اهو ڪردار هيو، ماسي سدوريءَ جو. سچ پچ ته ماسي سدوري، رڳو نالي جي سدوري نه هئي، پر لڳندي به سدوري هئي. ٻاجھاري ٻولي، منهن ۾ نيمڪ، چپن تي مرڪ، ڪڻڪ رنگي، سنهڙي، ڦڙت جھڙوڪر ڇيهل. ماسي سدوري هئي، ته منهنجي نانيءَ جي سنگتياڻي، پر اَمان جو اُن کي ماسي سڏيندي هئي، سو اسان ٻارن جي به ماسي هئي.

فقير محمد لاشاري

فقير محمد لاشاري

علم ادب ۽ سماج جو سونھون

فقير محمد سنڌي



فقير محمد لاشاري صحافت ۽ ادبي صحافت جي اهميت کي چڱي ريت ڄاڻي ورتو هو، پنھنجي اوسي پاسي سياسي، سماجي، مذهبي حالتن جو پورو پورو ادراڪ رکندڙ باشعور سجاڳ ذهن جو مالڪ، جنھن هر وقت پاڻ سان گڏ معاشري کي سجاڳ رکڻ جو حوصلو ڏيڻ ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪامياب ٿيو.

12 July, 2016

عبدالستار ايڌي

عبدالستار ايڌي
الوداع! الوداع
مهتاب اڪبر راشدي
”هم“ ٽي وي لاءِ عبدالستار ايڌيءَ جو انٽرويو ورتو هيم، آخر ۾ انٽرويو ختم ڪندي جڏهن هي اکر چيم ته؛ ”هن انٽرويو ذريعي مان ٽي وي ڏسڻ وارن کي ڏيکارڻ ٿي چاهيان ته ڏسو! فرشتا ههڙا ٿيندا آهن.“ تڏهن ايڌي صاحب هڪ لمحي لاءِ ششدر ٿي ويو. زبان ڏندن هيٺان ڏنائين. ڄڻ توبهه ڪندو هجي ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙها ڇُلڪي پيا.

10 July, 2016

ڊاڪٽر تنوير عباسي

تنوير عباسي
شخصيت ۽ شاعري جا ڪجهه عڪس
رکيل  مورائي
جيئن ئي تو کي ڏٺم،
زندگيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو،
توسان ڪجهه ڳالهيون ڪيم،
دوستيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو،
تنهنجي نيڻن کي چميم،
روشنيءَ ۾ ٿي ويو ايمان تازو.
سچ پچ مون سان بلڪل ائين ٿيو هئو، جڏهن مان هُن سان پهريون ڀيرو مليو هوس. سنڌالاجي جي سيد حسام الدين راشدي آڊيوٽوريم ۾ مون کيس جهڪي ملي چيو هئو ته مان رکيل مورائي آهيا ته هن وڏو ڀاڪر ڀري ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو هئو ۽ جدا ٿيا هئاسين ته هن پهريون جملو چيو هئو ته؛ “ڪاٿي آهين هيترا ڏينهن، مليو به ناهين، تو کي امانتون مليون”؟ تو کي لڇمڻ ڪومل ڏاڍو ٿو ساري “هو تازو انڊيا مان ٿي آيو هئو ۽ اتان دادا لڇمڻ ڪومل  ڪتابن سان گڏ ڪجهه ٻيون شيون به مون لاءِ کيس ڏنيون هيون. هن سگريٽ جو هڪ وڏو ڪَشُ هنيو ۽ وري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيائين، اهو منهنجو ساڻسن پهريون مکا ميلو هئو.

بدر ابڙو

بدر ابڙو

رکيل مورائي



لڳي ٿو هاڻ هُن مڪمل ويراڳ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هو ڪنهن به تقريب، جيڪا سچ پچ نج ادبي تقريب هوندي آهي، ان ۾ به شريڪ نه ٿيندو آهي، جتي سندس ڳالهائڻ جي گهرج هوندي آهي، اتي به هو گهٽ ئي ايندو آهي، سندس نه اچڻ سبب سندس جڳهه تي جيڪو ڳالهائڻ وارو هوندو آهي، اهو اديب، تخليقڪار، تنقيد نگار، تحقيقڪار نه هوندو آهي، پر انهن گهڙين ۾ هو پاڻ اهو سڀ ڪجهه هجڻ جو ڏيک ڏيندو آهي.

فقير جانڻ چن

فقير جانڻ چن

موت جي مارڻ جو مان ناهيان

ابراهيم لاشاري



پنهنجي سنڌ ڌرتي کي اهو اعزاز حاصل آهي هي سرزمين صوفين، فقيرن، امن، رواداري وارن جو ديس سڏيو وڃي ٿي هن ڌرتي هر دور ۾ ڪيترن ئي املهه انسانن کي پنهنجي سيني تي جنم ڏئي پنهنجو پنهنجي ديس جي ماڻهن جو نالو هميشه جرڪايو آهي، اهڙي طرح منهنجي شهر وارهه کي پڻ اهو شرف حاصل آهي ته هن علائقي جي املهه انسانن جنهن ۾ عالم، اديب، شاعر، سگهڙ، ڪالم نگار، سياستدان، صحافي، پڻ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هن ڌرتي سان گڏ پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي  انهن منجهان وارهه ڀرسان ڳوٺ  ٿرڙي هاجران جي فقير محمد حسن چن کي اها گهڙي نهايت خوشين جي نصيب ٿي جو سال ۱۸۹۵ع ڌاري صوفي مشن ٻار جانڻ چن جي نالي سان سندس گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد فقير محمد حسن چن بلوچستان جي هڪ (بروهي قبيلي) منجهان رحيم خاتون سان شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي نڪاح ڪيو هو هن صوفي فقير جانڻ چن جو ٻانگ جو نالو (جان محمد چن) رکيو ويو مڱر فقير جانڻ چن کي مرشد وري (صادق علي) جي خطاب سان هميشه ڪوٺيندا هئا. پاڻ  شاعري ۾ تخلص وري (جانڻ چن) استعمال ڪندو رهيو جڏهن هي صوفي صفت ٻار نصابي تعليم جي عمر کي پهتو ته گهر وارن سندس کي  ديني تعليم ڏيارڻ خاطر مدرسي منجهه ويهاريو مسلسل (ٽي سال) هي صاحب ان مدرسي منجهه پڙهيو مڱر قرآن پاڪ جو ڪجهه (ايميون) پڙهي پڙهڻ کان نابري واريون، مدرسي جي معلم سندس گهر وارن سان هن جي پڙهائي جو سربستو احوال اوريو ته هي ٻار هت پڙهي نه سگهندو  پوءِ جلد جانڻ سائين پڙهائي واري سلسلي منجهان هٿ ڪڍي وڃي مال چارڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي جهنگ ۾ اڪيلائي پسند ڪرڻ لڳو، جان محمد المعروف جانڻ چن صاحب يارهن، ٻارهن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته سندس والد ديني عالم فقير محمد حسن چن هن دنيا مان وصال ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، جانڻ سائين پاڻ هميشه اڪيلائي پسند ڪندا هئا انهي زماني منجهه پيرن جي پير (سيد عبدالقادر جيلاني بغدادي رح) تي ڀروسو رکندي هر ڏکي گهڙي منجهه هميشه زبان تي (يا دستگير) جو اسم اوچاريندي نظر آيا سال ۱۹۱۹ع ڌاري خلافت تحريڪ واري زماني منجهه مسلمان ۽ هندو هڪ ٿي انگريزن (گورن) خلاف مخالف ٿيا هئا ته جانڻ چن سائين پنهنجي ڀاءَ بخشل چن سان انقلابي شاعري ڪرڻ شروع ڪيائون جلد ئي شاعري جي ڪري عام خلق خدا وٽ وڏي مشوري ماڻيائين، پاڻ جانڻ سائين ٽيهن سالن جي ڄمار کي پهتو ته وارهه تعلقي جي (کيٽاڻ) ڳوٺ جي کيٽاڻ  خاندان جي معزز گهراڻي منجهان شادي وارو نڪاح ٿيو جنهن منجهان رب سائين پنج نِاڻين ۽ چار نرينان اولاد عطا ٿيس جن منجهان ٽي نياڻيون ننڍي هوندي رحلت فرمائي ويون پٽن ۾ فتح علي چن، شوڪت علي چن، محمدعلي چن مست ۽ هڪ فرزند ننڍي هوندي رب سائين کي پيارو ٿي ويو هو فقير جانڻ چن پيٽ گذر لاءِ (درگاهه حيدر شاهه تعلقه وارهه) ان جي ڀرسان هڪ هندو سيٺ جي (ڏهه جريب) زمين هارپي تي ڪري پنهنجي زندگي جو گاڏو پئي گهليائين اسان جو ملڪ پيارو پاڪستان جڏهن آزاد ٿيو ۽ هندن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي ته هندو جڏهن ملڪ ڇڏي هليا ويا ته اها زمين سندس جي نالي تي الاٽ ٿي مڱر زمين جي وارثي نه ڪيائين فقير جانڻ چن سائين ننڍي وهي کان ئي توڪل تي يقين رکندڙ انسان هئا صدائين من ۾ (حق موجد) جو آواز بلند ڀائي ڪندي نظر آيا هميشه من منجهه اهيو خيال هوندو هيس ته (اڄ ڏنو ٿين سڀاڻي به ڏيڻ وارو رب ڪريم آهي) فقير جانڻ چن غريبن جو هڏ ڏوکي انسانيت جو علمبردار ٿي لوڪان لوڪ مشهوري ماڻيائين جڏهن هاري تحريڪ جو پايو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وڌو ته هي فقير به ان تحريڪ جو حصو بڻجي غريبن، هارين، مسڪين، ماروئرن جي دردن جو درمان بڻجي ان وقت جي اليڪشن منجهه ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو چٽو پٽو ساٿ ڏنائين ان اليڪشن ۾ تر جي مشهور زميندارن حاجي خان ڪلهوڙو ۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب وڏو اثر رسوخ استعمال ڪري سندس جي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ پئسن جو طرح طرح جون لاچون ڏئي حاصل ڪرڻ پئي چاهيو مڱر هي صوفي مشين شاعر سمورين لاچن کي ٿڏي غريبن رهارين جي حقن جو آواز بلند ڪندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿ ڏنو، ان زماني منجهه پنهنجي من جو آواز انقلابي شعر چئي عام خلق ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو پاڻ ان زماني منجهه هارين جي حقن جي ڳالهه ڪهڙي نه بهترين نموني ڪري عام خلق کي ٻڌائي ٿو؛

شاهه نصير

شاهه نصير

صوفي شاعر

گل مورو


هيڪر ويهه اچي، نوشهري ۾ نصير چوي...

صوفي شاهه عنايت شهيد، ڀٽائي، سامي، سچل جو صوفياڻو فڪر ۽ شاعري هند توڙي سنڌ ۾ دنيا جهان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تصوف واري فڪر يعني انسانيت واري فڪر سان اڄ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، اهو ئي پيغام کڻي هند ۽ سنڌ جو صوفي شاعر شاهه نصير، جنهن ساهتي پرڳڻي جي شهر نوشهروفيروز ۾ ۱۲۲۳ هجري ۾ ان وقت جي ناليواري صوفي شاعر عبدالحي نقشبندي جي گهر ۾ جنم ورتو. اهو ئي سندس والد عبدالحي نقشبندي جهوڪ ميرانپور جي صوفي شاعر ۽ تصوف جي پرچارڪ فضل الله قلندر جو دوست بڻيو ۽ ان جي وفات کان پوءِ صوفي شاهه نصير سندس اها واٽ جيڪا شاهه عنايت شهيد واري فڪر مان سندس والد کي نصيب ٿي هئي، اهو ئي پيغام کڻي جهر جهنگ ۾ نڪري پيو، جنهن جي شاعري سنڌي، اردو، فارسي، سرائيڪي اڄ به ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي، جنهن ۾ سندس مشهور صوفي ڪلام آهي ته:

علي نواز تڳر - مظهر خاصخيلي

علي نواز تڳر
ھڪ انسان دوست استاد
مظهر خاصخيلي
جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ جنم وٺي ٿو، ان کي هڪ نه هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏي موت جو مزو چکڻو پوي ٿو. پر ڪي موت اڻ مندائتا ٿيندا آهن، اهي جيءَ کي جهوري وجهندا آهن. ائين ئي ۱۸ اپريل تي فقير صفت ماڻهو ۽ تعليمي ماهر استاد علي نواز جي وڇوڙي وڍ وڌا آهن. سندس موت هزارين دلين کي جهير وجهي ڇڏيا آهن ۽ نوشهروفيروز باءِ پاس ڀرسان سندس ڳوٺ گل محمد تڳر ۾ جڏهن سوين ماڻهو مختلف برادرين سان واسطو رکندڙ ڪيترن ئي سياسي پارٽين ۽ تنظيمن جا اڳواڻ سندس جنازي ۾ جڏهن شامل ٿيا هئا ته ان وقت هر ماڻهو ائين اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو هو ڄڻ علي نواز تڳر ان جي گهر جو ڀاتي هجي. اهو رشتو ڪي ڪي ماڻهو جوڙيندا آهن جنهن رشتي کي نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، ۽ اهڙو ماڻهپو گهٽ ماڻهن ۾ ڏسڻ لاءِ ملندو آهي، جن لاءِ هر اک روئندي هجي ۽ هر دل دانهون ڪرڻ تي آتي هجي. اهي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب ماڻهو ليکيا ويندا آهن. استاد علي نواز تڳر کي گهڻي ڀاڱي نوشهروفيروز جي آسپاس جي ڳوٺن جا پڙهيل لکيل نوجوان ۽ ٻهراڙي جا ڳوٺاڻا سائين علي نواز ڪري سڏيندا هئا. اڄ جڏهن هو اسان سڀن وٽ جسماني طور موجود ناهي، ان وقت ان جي ڪمي محسوس ڪجي ٿي. ڇو ته اسان نوشهروفيروز ضلعي جا رهواسي، ان استاد علي نواز جهڙي ٻاجهاري ماڻهو کي ٻيهر ان ديس تان ڪيئن ورائي وٺي اينداسين، جنهن ديس تي هيڪر ڪير به ويو ته اتان ٻيهر واپس ناهي وريو ۽ سائين علي نواز به اهڙي ڏوراهين ديس تي جسماني طور موڪلاڻي ڪري هليو ويو آهي.

علڻ فقير


علڻ فقير

ورسيءَ تي ڀيٽا - ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُل، تڏهن ملنداسين
محمد سليمان وساڻ

سنڌ جي مٽي هميشه مها راڳين کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي مخصوص آلاپ ۽ سُر ذريعي ماڻهن کي موهت ڪيو آهي ۽ جهومايو آهي. اڄوڪو ڏينهن ۴ جولاء به سنڌ جي هڪ اهڙي درويش راڳي علڻ فقير جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي جنهن پاڻ سان گڏ دنيا کي جهومايو آهي.
شاهه لطيف جي ڪلام کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندي ۽ پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافتي ڊريس اجرڪ جو پٽڪو ۽ هٿ ۾ دنبورو کڻي ڳائيندڙ علڻ فقير ۱۹۳۲ع ۾ سنڌ جي موجوده ضلعي ڄام شورو جي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ آمري ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي زندگي جا ننڍپڻ وارا ڏينهن مانجهند ۾ گذاريائين. علڻ فقير جو تعلق هڪ مڱڻهار قبيلي سان هو ۽ سندس والد ۽ ڏاڏو پڻ مڱڻهار هو. سندس وڏا پنهنجي ڳوٺ ۽ پاڙي اوڙي ۾ برادرين جي شادين ۾ دهل وڄائيندا هئا.

مائي ڀاڳي

مائي ڀاڳي

ٿر جي ڪويل (سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا)

محمد سليمان وساڻ



ٿر جتي نازڪ دليون، جانٺا جسم ڏينھن جي سختين سامھون اڏول رات جي ٿڌڪار ۾ ڏھرن ۽ ڀٽن جي ڀر ۾ ڪنن تي ھٿ رکي ڪڏھن ٽيجون الاپين ته ڪڏھن ورساڙو ۽ ڪجلئي ٻول جا چئي پنھنجي اميدن ۽ آسن کي مظبوط ڪري ايندڙ اڀرندڙ سج سان سيني ساھڻ جون تياريون ڪن. زندگي نھايت سخت آھي تيز ٻرندڙ سج ۽ سالن جو سوڪھڙو مقابلي لاءِ ھر وقت موجود آھي ان ۾ زندگي کي ڏورڻ ۽ ان جي مشڪلن کي مڙس ٿي مقابل ٿيڻ جو احساس شامل آھي ۽ اھوجذبول تڏھن وڌيڪ وڻندڙ ۽ ھانو کي ٺاريندڙ لڳندو آھي جڏھن ٿر جي ٿڌين راتين ۾ پر انھين ڀٽن مان ڪوئل جي ڪوڪ وانگر ڪو اوچتو آواز اسرندو ھو ۽ اھو ڏھرن توڙي ڀٽن کي پنھنجن سرن ۾ سمائي سرھو ڪري ڇڏيندو هو.

ڊاڪٽر فهميده حسين

ڊاڪٽر فهميده حسين

نامياري محقق، اسڪالر ۽ ليکڪ کي جنم ڏينهن جون واڌايون

محمد سليمان وساڻ



نامور ليکڪا، اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر فهميده حسين، ۵ جولاءِ ۱۹۴۸ع تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ پنهنجي وقت جي مثالي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم حيدرآباد جي مسلم گرلس اسڪول مان؛ سيڪنڊري ڪجهه عرصو ميران اسڪول مان پڙهي ۽ پوءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿي، جتان ۱۹۶۴ ۾ امتيازي نمبرن سان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۶۸ع ڌاري ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس سي ڪري، ۱۹۷۰ع ۾ ايم اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اتان ئي ۱۹۷۲ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم اي، ڪيائين. ٻنهي ڊگرين ۾ هن ٻين پوزيشن حاصل ڪئي. هن ۱۹۸۱ع ۾ ايل ايل بي ۽ ۱۹۹۰ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما به ڪئي. ڊاڪٽر صاحبه ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ عنوان هيٺ ۱۹۹۲ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽر اياز قادري (مرحوم) سندس پي ايڇ ڊي گائيڊ رهيو. ڊاڪٽر فهميده حسين کي ادب ۽ علم سان چاهه ننڍپڻ کان پنهنجي خاندان مان ئي حاصل ٿيو، سندس والد محمد يعقوب ’نياز‘ نه رڳو سٺو شاعر، پر هڪ عالم شخص ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ هو، جنهن ڪلاسيڪي فارسي شاعر حافظ جي شاعري ’ڪلام حافظ‘ جي نالي سان ترجمو ڪئي هئي ۽ سنڌي لغت بورڊ ۾ به هڪ عرصي تائين ڪم ڪيو هو. کيس عربي، فارسي، سنسڪرت هنديءَ ٻوليءَ تي به عبور هو. ڊاڪٽر صاحبه جو وڏو ڀاءُ سراج ميمڻ به سنڌي زبان جو وڏو اسڪالر، ڪهاڻيڪار ۽ لسانيات جو ماهر آهي. سندس ٻيا ڀائر ڀيڻون به سنڌي ادب سان وابسته رهيا جن ۾ عبدالحق عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر ’بادل‘، جميله ’تبسم‘ ڪهاڻيڪار ۽ انيس ميمڻ شاعر ۽ ايڊيٽر رسالو ’سگهڙين سٿ‘ شامل آهن. اهڙي علمي ادبي ماحول ۾ سندس پرورش ٿي.ڊاڪٽر فهميده حسين عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نيوز ٽرانسليٽر جي نوڪريءَ سان ڪئي. ان بعد ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. ڪجهه وقت اتي پڙهائڻ بعد جڏهن ۱۹۷۴ع ۾ سندس شادي جناب عبدالحسين سرائيءَ سان ٿي ته کيس ڪراچيءَ وڃي رهڻو پيو جتي ۱۹۷۸ع ۾ هوءَ سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، اتي ترقي ڪندي ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۵ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر؛ ۱۹۹۵ع کان ۱۹۹۷ع تائين پروفيسر؛ بعد ۾ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن مقرر ٿي. ان بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر طور ڏهه سال خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ لطيفيات جي حوالي سان جديد تقاضائن موجب ڪيترائي ڪتاب ڇپايائين. ٽماهي تحقيقي جنرل ’ڪلاچي‘ سندس ادارت ۾ جاري ٿيو. ڪيترن نوجوانن ريسرچ جي ميدان ۾ سندس رهبريءَ هيٺ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. ان کان پوءِ کيس سنڌ حڪومت طرفان مئي ۲۰۰۸ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ هن ڏينهن رات محنت ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت واري جذبي سان فرض نڀايا آهن.