شاهنواز جوڻيجو
سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو - ورسيءَ
جي مناسبت سان
نور سنڌي
سنڌ ۾ ڪلاسيڪل بي
تاج بادشاهه ۽ وڏيري طور مشهوري ماڻيندڙ شاهنواز جوڻيجي جي وفات کي ۱۴ سال گذري ويا آھن پر اڃا تائين يقين نٿو
اچي ته ڪو ھو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اڄ هو اسان جي وچ ۾ ناهي پر
سندس انيڪ ساروڻيون ۽ سندس ڪردار صدين تائين ياد رهندو. شاهنواز جوڻيجو هڪ ننڍڙو ۽
عام زميندار هو، سندس رهڻي ڪهڻي، روزانو فيصلن لاءِ ايندڙ سوين ماڻهن کي ماني
کارائڻ کانسواءِ نه ڇڏڻ واريون روايتون علائقي توڙي سنڌ واسين کان ڪڏهن به نه
وسرنديون، منجهس جيڪي خوبيون هيون، اهي ايتريون ته وزندار هيون جو شاهنواز جوڻيجو
خلاف سخت پروپيگنڊه جي باوجود به هن تي اثرانداز ٿي نه سگهيون. شاهنواز جوڻيجو هڪ
بهادر، بي باڪ، ارڏو ۽ ذهين ماڻهو هو، هالا جي مخدوم خاندان سان سندس شروع کان وٺي
نيازمندي رهي، پاڻ مخدوم طالب الموليٰ کان ڏاڍو متاثر هو. جواني کان وٺي هفتي ۾ ٻه
ٽي ڀيرا مخدوم هائوس تي ضرور ويندو هو. بعد ۾ هو مخدوم هائوس تي فيصلا مخدوم طالب
الموليٰ جي سربراهي ۾ ڪندو هو. سندس انداز مان مخدوم طالب الموليٰ به ڏاڍو متاثر ٿيندو
هو ۽ شاهنواز جوڻيجو کي ڏاڍو ڀائيندو هو ۽ پنهنجي پيچيده ۽ منجهيل مسئلن بابت به
شاهنواز جوڻيجو سان مشورا ڪندو هو. مختصر عرصي ۾ فيصلن جي حوالي سان نه رڳو سنڌ پر
بلوچستان ۾ به مشهور ٿيڻ لڳو. مخدوم هائوس تي اچڻ وڃڻ دوران سندس مخدوم امين فهيم
سان ويجهڙائپ گهري دوستي ۾ تبديل ٿي وئي. شاهنواز جوڻيجو فيصلا منصفاڻا ۽ مکڻ مان
وار ڪڍڻ واري چوڻي جيان ڪرڻ جي ڪري هر ماڻهو جي اها خواهش هوندي هئي ته فيصلو
شاهنواز جوڻيجو کان ئي ڪرايان ۽ سندس ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ سندس اوطاق تي فيصلا ڪرائڻ
وارن ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا.
