; سنڌي شخصيتون: ستار موريو

13 September, 2026

ستار موريو

ڀائو ستار موريو

سنڌ ۾ قومي جاڳرتا جو هڪ مکيه ڪردار

آصف رضا موريو



ڀوري رنگ تي قدآور، ڀريل سينڌ، جسم ڊولائتو، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ماٺيڻو ۽ مجموعي طور تي سهڻي شخصيت وارو ادا ستار موريو ان لڏي جو مهندار هيو جنهن نه رڳو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جي حاصلات لاءِ سائين جي ايم سيد جي فڪر کي اڳتي وڌايو ويجهايو پر ان مقصد لاءِ پنهنجون زندگيون، جوانيون ۽ خواب به وقت جي ويرن ۾ لوڙهي ڇڏيا.


سنڌ ۾ جڏهن به ۽ جٿي به ڪامريڊي لڏي جي ڳالهه ٿيندي ته لاڙڪاڻو شهر کي ضرور ياد رکيو ويندو جتي مولوي نذير حسين جتوئي کان ڪامريڊ عبدالقادرکوکر تائين، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کان ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي تائين، محترم بشير خان قريشي کان ادا عبدالستار موريو جهڙن هزارين انمول هيرن جون پنهنجي مٽي، ماڻهن، ٻولي ۽ وجودي حقن جي حاصلات لاءِ جوٽيل مانائتيون جنگيون وقت جي لکيل، اڻ لکيل ورقن ۾ سامونڊي ساحلن تي وکريل ننڍن وڏن پٿرن جيان پکڙيل آهن.

سنڌيت جي سڏ تي وقت جي ظالم ويرين سان ويڙهاند ڪندڙ اهڙا تمام جوڌا انسانيت جي نظر ۾ مهان ۽ مانائتا آهن پر انهن سڀني ۾ سائين جي ايم سيد جي سياسي ميراث کي اڳتي وڌائيندي سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ جاکوڙ جي ڏوهن جي پاداش ۾ سڀ کان گهڻو عرصو جيل ياترائون، ڀوڳنائون ۽ سزائون ماڻيندڙ ڪامريد جو درجو سائين ستار موريو کي حاصل رهيو آهي.

ستار موريو ۹ مئي ۱۹۵۴ع ڌاري لاڙڪاڻو کان ۲۰ ڪلوميٽر ۽ نئون ديرو شهر کان ۶ ڪلوميٽر پرڀرو واقع ڳوٺ موريو فقير ۾ جيون واس ورتو جڏهن لاڙڪاڻو ۾ سندن گهر شهر جي مرڪزي محلي ”دڙي“ ۾ هوندو هيو جتي سندن خاندان جا پنج ڇهه گهر ٻيا به هوندا هيا. پاڻ شروعاتي پنج درجا گورنمنٽ پرائمري اسڪول دڙي محلي لاڙڪاڻو مان، ميٽرڪ گورنمنٽ پائلٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان ۽ انٽرميڊئيٽ جو امتحان گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيو. تنهن کان پوءِ بي اي آنرز ڪرڻ لاءِ هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا ورتي.

ان دور ۾ حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽي قومي تحريڪ جي جدوجهد جو ڳڙهه هوندو هيو ته ڪارڪنن لاءِ پڻ اهو دور تاريخي هئڻ سان گڏ عتابي، عقابي ۽ عذابي رهيو. شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلري واري دور ۾ قوم پرستن سان سندس ڪيل ارڏاين، ارهه زوراين ۽ جٺين سبب ٻين سوين ڪامريڊن سان گڏ ادا ستار موريو به سدائين شخصي، انتظامي ۽ رياستي عتابن هيٺ رهڻ سبب اڳتي پڙهي ڪونه سگهيو.

ذوالفقار علي ڀٽو ايوبي دور ۾ جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي کي وري نئين سر سموهڻ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو آيو ته شهر جي نوجوان قيادت طور ستار موريو، آغا خان جتوئي ۽ انهن جا ڪجهه دوست سنڌ گهمڻ دوران ساڻس گڏ رهيا جو ان وقت تائين اهي قومي سياست جي ڌاري ۾ شامل ڪونه ٿيا هيا. ستار موريو جي ڀٽو صاحب سان ٿيندڙ اهڙي ويجهڙائي سندس وڏڙن کي اکئين ڪونه ڀانئي ڇوته سندس والد ۽ ڏاڏي جي سياسي وابستگي سدائين ڀٽو مخالف سياستدانن جهڙوڪ ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل الله سان رهي هئي. تنهن ڪري سندس والد ميان عبدلفتاح طرفان کيس ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪنهن به قسم جي وفاداري نه رکڻ جي تنبيهه سبب والد جو حڪم مڃيندي ستار موريو بعد ازان پاڪستان پيپلز پارٽي کان هميشه پاسيرو رهيو.

ڪجهه عرصي کان پوءِ ستار موريو کي پنهنجي ويجهڙي دوست منصوراعواڻ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ سندس ميمبرشپ فارم ڀرايو ۽ اڳتي هلي چاهيندي نه چاهيندي تنظيمي سرگرمين ۾ بهرو وٺندي کيس احساس ٿيڻ لڳو ته هي پڌر سندس لاءِ بهتر آهي ”جتي مظلوم، بي واهي ۽ غريب شاگردن لاءِ هڙان وڙان ڪجهه ڪرڻ جا موقعا موجود هيا ته قومي سطح تي به پنهنجي مسڪين ماروئڙن لاءِ ٻارڻ ٻاري وڃڻ ۾ ڪو لاڀائتو ڪردار ادا ڪرڻ جون گنجائشون موجود هيون“. ان لاءِ پاڻ سندرو ٻڌي ان ڪاروان ۾ شامل ٿيو جنهن جو روح روان سنڌ جو قومي رهنما سائين جي ايم سيد هوندو هيو.

ستار موريو کي قومي جدوجهد ڏانهن آڻڻ ۾ ۱۷ آڪٽوبر ۱۹۸۴ع ڌاري ضلعي دادو جي شهر مانجهند ويجهو ٿيندڙ ٺوڙي ڦاٽڪ واري واقعي تمام اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن ۾ سرڪاري اهلڪارن هٿان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊيريشن جا پنج بيگناهه ڪارڪن امان الله وسطڙو، زڪريا ميمن، مٺو بليدي، انور عباسي ۽ مالڪ خشڪ مارجي ويا هيا جيڪي پنهنجي ساٿين سان گڏ يونيورسٽي جي ٻن بسين ۾ مهين جو دڙو بچايو سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻو وڃي رهيا هيا. ان رياستي دهشتگردي خلاف جيڪي واويلا، هل هنگاما، ڳوڙ گمسان ۽ احتجاج ناگزير هيا سي وڏي واڪي سان سموري سنڌ ۾ ٿيا. شاگردن طرفان سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن جي پاداش ۾ سوين شاگرد گرفتار ڪيا ويا پر ٻين سڀني کي آزاد ڪري صرف اٺن ڄڻن بشمول ستار موريو، گل محمد جکراڻي، دودو مهيري، اقبال تنيو، سڪندر ميراڻي، سليمان جتوئي، عمر الدين زرداري ۽ نذير تنيو کي گرفتار ڪري هٿ ٺوڪيا ڪيس مڙهي جيل اماڻيو ويو جن کي اٺن سال ذهني، جسماني، شخصي اذيتون سهڻ کان پوءِ ڪورٽ جي آرڊر تي آزاد ڪيو ويو.

ان کان پوءِ پنهنجي دوستن ۽ ساٿين سان گڏجي ستار موريو سنڌ جي آزادي واري هلچل ۾ گهڻو متحرڪ ٿيندي هڪ اڏول ڪردار ادا ڪيو. قومي جاڳرتا ۽ مڃتا جي آس جي ڏوهن جي پاداش هيٺ کيس گرفتار در گرفتار ڪندي سنڌ جي تمام جيلن ۾ ڪيئي سالن تائين نظربند رکيو ويندوهيو. مجموعي طور تي هن ۲۰ سال ۴ مهينن جو عرصو جيلن ۾ سزائون ۽ صعوبتون ڪٽيندي گذاريو. ان ڏس ۾ ٻيو شخص جنهن وڏو عرصو جيل ۾ گذاريو سو محترم دودو مهيري آهي

۲۱ ڊسمبر ۲۰۱۳ع ڌاري، ستار موريو کي سنا وارن امريڪا ۾ گهرائي کيس سندس ڪيل قومي جدوجهد جي مڃتا طور اعزاز ڏنو.

جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ جيئي سنڌ فيڊريشن جي سياسي ڪارڪنن لاءِDefense of Pakistan law, Safety act. Sindh Crime Control  جهڙا ڪارا قانون پاس ڪيا جن جي ڪري سنڌ جي تعليم، سياسي پود ۽ سماجي ترقي تمام گهڻو ڀوڳيو. اها حيرت انگيز ڳالهه آهي ته ستار موريو جي مٿان سموري عمر سماجي يا شخصي ڏوهه جو ڪوبه ڪيس داخل ڪونه ٿيو پر سمورا ڪيس رياست جا مڙهيل هوندا هيا. ان دور ۾ جڏهن هو ڪنهن به ڪيس جو مدو پورو ڪري يا سزا کائي جيل مان نڪرندو هيو ته کيس ٻيهر گرفتار ڪري اڪثر اوقات قمبر تعلقي واري حمل پوسٽ تي ٻه ٽي ڏينهن حبس بي جا ۾ رکي وري ڪو نئون ڪيس ٺاهي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو هيو ڇوته کيس کان سرڪار ۽ سرڪاري ادارن کي سدائين خوف هوندو هيو. کيس جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ پندرنهن ڦٽڪن جي سزا پڻ ملي هئي .

مير مرتضا ڀٽو جي جدوجهد ۽ مڙس ماڻهائپ جو ستار موريو قائل هيو تنهن ڪري سندس جلاوطني کان ملڪ واپسي تي حيدرشاهه ذريعي ساڻس ملاقات ڪيائين ۽ سندس پارٽي ۾ شموليت پڻ ڪيائين.

بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ عبدالله شاهه جي سنڌ ۾ وڏ وزارت دوران ڳالهين جي هڪ ويهڪ ٿي هئي جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي قومي تنظيم سان سلهاڙيل کوڙ سارا عهديدار جن ۾ ستار موريو، بشير خان قريشي، سڪو ميراڻي، گل محمد جکراڻي وغيره به شامل هئا جن کي پيپلز پارٽي ۾ شامل سنگت صلاحيوته ”سنڌ جي حقن جي حاصلات وارو ساڳو ڪم حڪومت ۾ رهي ڪيو“. ڳالهه وزن دار هئي جنهن سبب قوم پرستن جو هڪ وڏو انگ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سوچي رهيا هيا پر مير مرتضا ڀٽو جي اوچتي شهادت کان پوءِ اهي ڳالهيون گهڻي حد تائين ختم ٿي ويون پر پوءِ به ڪجهه دوستن پارٽي ۾ شموليت ڪئي هئي جن جا هٿ پڻ پيپلز پارٽي جي ڪوئلي واري ڪاروبار ۾ ڪارا ٿيندي ڏٺا ويا.

مير مرتضا ڀٽو جي شهادت جو انسانيت ناطي تمام ستار موريو کي تمام گهڻو صدمو رسيو هيو جو هو نه رڳو هڪ هونهار، بردبار ۽ ڪجهه ڪرڻ وارو جوان هيو جنهن جي آواز کي اسرڻ کان اڳ گهوٽيو ويو پر ساڻس تعلقات به ويجهڙا هوندا هيا.

ڪجهه عرصي کان پوءِ لاڙڪاڻو جي دوستن ۽ پيپلز پارٽي جي سرڪرده اڳواڻن جي مسلسل ڪوششن سبب ستار موريو پنهنجي وفات کان ڪجهه سال اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو ضلعي جو نائب صدر پڻ رهيو. هن سان پيپلز پارٽي ۾ سندس شموليت جي پسمنظر ۾ منهنجو سدائين اختلاف رهندو هيو ته ”ادا توهان اسان جا هيرو رهيا آهيو ڀٽو ۽ بينظير صاحبه جي ڳالهه ٻي هئي پر موجودهه چور قيادت ۾ توهان جهڙو هڪڙو به ماڻهو ڪونه آهي“. ادا ستار منهنجي اهڙي سوالن تي ڪمال هوشياري سان اها ڳالهه چئي نٽائي ويندو هيو ته ”ادا آصف ڪجهه به چئجي پر هاڻي اهي منهنجا اڳواڻ آهن، انهن جو ذڪر ڇڏيو جو توکي سمجهائي ڪونه سگهندم جو تون پنهنجي جاءِ تي درست آهين“.

پنهنجي ديس سان پيار ڪرڻ ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت ڪرڻ جي نه ڪنهن مذهب ۾ منع آهي نه ڪنهن سياسي سماجي دستور ۾ پر سنڌ واحد خطو آهي جتي پنهنجي ملڪ سان ساڻيهه جي حب غداري ڀانئي ويندي آهي. ستار موريو به گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران سنڌ سان محبت ناطي محترم جي ايم سيد جي لڏي سان لاڳاپيل هوندو هيو جتي ذوالفقارعلي ڀٽو ڊاڪٽر شبيهه حيدر رضوي نالي هڪ تعليمدان کي پرنسپل مقرر ڪيو.

امتحان دوران هڪ سنڌ جي ڪافي ڪامريڊن سان جٺيون ڪيون جن ۾ ستارموريو پڻ هيو جنهن جي تذليل ڪري هن اهو چئي سندس شلوار جي تلاشي به بري طريقي سان ورتي (جو کيس اڳٺ لهرائي) ته ”تون ڪاپي جومواد پنهنجي شلوار ۾ لڪايو آهي“، پر مواد نه نڪرڻ کان پوءِ کيس امتحاني سينٽر مان به ڪڍي ڇڏيو.

پرنسيپل جو اهڙو ڪريل عمل ٻڌائي ٿو ته هو سٺو تعليمدان نه پر هڪ سنڌين ۽ سنڌي ڪامريڊن ڏانهن تعصبي رويو رکندڙ انسان هيو جنهن کي سندس سرڪاري رهائش گاهه (جنهن ۾ هاڻي رحمت پور ٿاڻو آهي) تي رات اڻ ڄاڻ هٿياربندن فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو جنهن جي الزام هيٺ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پنج عهديدارن بشمول ستارموريو، مظفر بليدي، حسن سانگي وغيره کي گرفتار ڪري انهن جي والدين، گهر وارن، مٽن مائٽن ۽ دوستن لاءِ ايس پي پنڃيل رڻ ٻاري ڇڏيو هيو.

سنڌ ۾ اهو دور هونئن به ڌاڙيلن جي عروج جو دور هيو جتي اغوا، قتل ۽ ٻيون ڏهاري وارداتون عروج تي هونديون هيون پر جڏهن به ڪو هاءِ پروفائيل ڪيس ٿيندو هيو يا ماڻهو اغوا ٿيندو هيو ته انهن ڏوهن ۾ نالا جيئي سنڌ جي ڪامريڊن جا ڏنا ويندا هيا ۽ پوءِ انهن شريف والدين ۽ مٽن مائٽن سان جٺن جو سلسلو شروع ٿي ويندو هيو جن پيٽ ڪٽي ڪٽي پنهنجا ٻار يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائڻ لاءِ موڪليا هوندا هيا.

ڏسجي ته جيئي سنڌ جي نظرياتي عهديدرن ۽ ڪارڪنن کي اجايا ڪيس مڙهي، سندن گهر وارن جو تذليلون ڪري، ٿاڻا، ڪورٽون ۽ ٽارچرڪري حڪمرانن، پوليس ۽ فوج ”سائين جي ايم سيد جا ڏنگا ٻار“ تيار ڪيا جو آئي ڏينهن سنڌ ۾ رهندڙن ڪامريڊن جا والدين جيل ٿاڻن تي کنڀيا ويندا هيا. علائقي ڳوٺن يا تر شهرن ۾ ڏوهه ٿيندا هيا ته پيرا شاگرد هاسٽلن ڏانهن ورايا ويندا هيا.

ان ڳالهه کان به انڪار ڪونه آهي ته هڪ دور اهڙو آيو جو انهن ڪامريڊن مان گهڻن تڻن جو جيئندان ڪجهه ڏوهاري سرگرمين سان سلهاڙيل رهيو جو اهي هاسٽلين مان نڪرندي کنڀيا ويندا هيا، گهرن، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃڻ سندن لاءِ وهه هوندو هيو. ان صورتحال جو فائدو وٺڻ لاءِ ڪجهه اگهليل ذهن به ڪامريڊن جي لڏي ۾ لنگهجي پيا ۽ پنهنجون ڏوهاري سرگرميون پڻ جاري رکيون ۽ اهڙي ريت جي ايم سيد جهڙي آدرشي انسان جي تيار ٿيل تنظيمي فيبرڪ جي اصلوڪي ساخت ۽ صورت بدلجي پنهنجي گس کان هٽندي رهي ۽ ”ڪامريڊ“ جهڙو سهڻو لفظ سنڌي شاگردن تنظيمن جي عهديدارن لاءِ ”گار“ جهڙو ٿيندو ويو.

اسان جا ئي ڪجهه پڙهي لکيل سنڌي دوست مون کان ڪامريڊن تي تفصيلي مضمون لکڻ تي ڪاوڙبا آهن ته انهن ڪامريڊن سنڌ جا تعليمي ادارا تباهه ڪيا، يا اهي ڏوهاري هيا تڏهن جيلن ڪاٺن ۾ پيا هوندا، مان سندن اهڙي ڪندذهني ۽ سياسي اخلاقي ڪريل پڻي تي حيف موڪليندو آهيان.

ٺيڪ آهي ڪجهه ڪامريد ڏوهاري رهيا به هوندا ته ڪجهه کي مجبوري۾ ڪرڻو به پيوهجي پر سهڻي جو ايڊيٽر طارق اشرف ڪهڙو ڏوهاري هيو، “جنگ جنگ جنگ آهي منهنجي توسان جنگ آ، پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ“ جهڙي قومي گيتن جو خالق ابراهيم منشي ڪهڙيون بينڪون لٽيون هيون، عبدالواحد آريسر جهڙي نفيس، اديب ۽ شاندار انسان ڪهڙيون ڦرون ڪيون هيون، حبيب الله ناريجي ۽ آصف بالادي جهڙي نظرياتي ڪارڪنن ڪهڙا پيٽرول پمپ ڦريا هيا، ۽ سائين جي ايم سيد جهڙي خوبصورت، سخي ۽ سٻاجهي انسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو.

انهن کان علاوه ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار وو يار“ جهڙو سنڌ جو اتساهيندڙ گيت لکڻ واري شيخ ايازجهڙي شاندار ڪوي ڪهڙي بينڪن جا تالا ٽوڙيا هيا، ۽ اهڙ ٻيا شاعر، اديب، نظرياتي ڪارڪنن کوڙ جن بيگناهه جيلن اذيتن ۽ تڪليفن جو منهن ڏٺو هيو.

سڀني ڪامريڊن کي ڏوهي قرار ڏيندڙ ڏاهي ماڻهن کان منهنجو به هڪ سوال آهي ته ”جيڪڏهن پنجاهه سٺ ماڻهن جي وچ ۾ توهان جي ڪو همراهه شلوار لاهي ته توهان ان سان ڇا ڪندئو، ان کي گلن جا هار پارائي گهر وٺي ويندئو“.

سنڌ ۽ سنڌين سان اهڙي زيادتين جا سلسلا نه ختم ٿياآهن نه ئي کٽا آهن جو هاڻي به سنڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ تعليمي ادارن ۾ سنڌ سان محبت جي اظهار جو مطلب ملڪ دشمني آهي ۽ سنڌ جي پاڻي، ٻنين، باغن، واهن، حقن، نياڻين سياڻين سان ٿيندڙ نا انصافين تي اٿڻ، ڳالهائڻ ۽ احتجاج ڪرڻ کي ملڪ ۽ فوج سان غداري سمجهيو وڃي ٿو. هاڻي به هزارين سنڌ دوست جوان غائب آهن، جيلن ۾ سڙن ٿا، سندن عمريون ڳري ويون آهن پر ڪيس ختم نه ٿيا آهن جڏهن ته سنڌ جون سموريون غدار ڌريون اقتدار جو مزو وٺي رهيون آهن.

هاڻي جيئن ته ”کيت جي ٻاجهرين، چيٽ جي چيلهاڙي ڏينهن، ٿر جي مورن، ڪارونجهر جي ڀٽن، ڄامشورو جي هوائن تي شاعري ڪرڻ وارا ڪوي ڪونه رهيا آهن، ڀٽ کوڙي، هنگلاج، ڪيٽي بندر، مهين جو دڙو، شڪارپور، نيرون ڪوٽ جا وارسي ڪندڙ رکوال گم ڪيا ويا آهن، نياڻين سياڻين، اٻوجهه هارين نارين جي دانهن ورنائڻ وارا دادلا دودا به ظاهر نه آهن، سامون جهلڻ ۽ نڀائڻ وارا سامونڊي، هنگلاجي، ڏاهر، ماهر ۽ ساحر پنهنجا پنهنجا ترها تاري ٻيڙي ڪنڌي لائي ويا آهن ۽ سنڌ ۾ باقي بچيا آهيون توهان اسان جن مان ڪجهه ساهه، ضمير ۽ سرير بچائي حالتن ۽ مصلحتن جي اوٽ وٺي پنهنجا ٻچڙا پالي رهيا آهيون ته باقي سنڌ دوستي، انسانيت ۽ حب وطني جون ڳالهيون بي حيائي جي صندوقن ۾ لڪائي غيرن، ٿوڪن ۽ ويرين سان ملي سنڌ ۽ سنڌيت سان غداري ڪري پنهنجي پيٽ وڌائي رهيا آهيون.

خير ڳالهه پئي هلي ٺوڙهي ڦاٽڪ جي اسير ستار موريو جنهن پنهنجي زندگي جو ڳچ عرصو جيلن، ٿاڻ، صعوبتن، ٽارچرن ۾ گذاريو ۽ پيهن پنجويهن سالن جي جيل ڪٽن جي باوجود هن جي مٿان ٿڦيل ڏوهن جي ڪيسن مان هڪ جي به ثابتي ڪونه ٿي ۽ سندس مخالف حڪومتن به جڏهن پنهنجي پنهنجي عدالتن ذريعي کيس ”کين چٽ“ ڏئي آزاد ڪيو ته اسان توهان ڪير ٿيندا آهيون هن سنڌ دوست انسان تي تهمتون هڻڻ وارا پر اسان سنڌي عادي آهيون پنهنجي محسنن کي لتاڙي غدارن جي صفن ڏانهن ورانگهون ورائڻ وارا.

ادا ستار موريو سان اڪثر منهنجي ملاقات ٿيندي رهندي هئي جتي پنهنجي ڪچهري جو موضوع سندس زندگي جي جدوجهد وارا مرحلا هوندا هيا. ڪجهه سالن کان زيابيطس جي مرض سبب سندس طبيعت خراب رهندي هئي جنهن ڪري سندس گڙدن به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هيو ۽ زندگي جي آخري ڪجهه مهينن ۾ هر ٻئي ڏينهن سندس ڊائلاسس به ٿيندي رهندي هئي. ان جي باوجود سندس طبيعت ۾ ڪڏهن سڌارو ڏسڻ ۾ڪونه پئي آيو ۽ هيءُ شينهن جهڙو جوان ڪمزور ۽ نٻل به نظر ايندو رهيو.

وفات کان هفتو کن اڳ سندن تڪليف وڌي وئي ته کيس سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو جتي ۶ سيپٽمبر ۲۰۱۷ع ڌاري صبح جو ۷ وڳي سنڌ جي هن هونهار پٽ ميان عبد الستار موريو ۶۴ سالن جي عمر ماڻي دم ڌڻي جي حوالي ڪري پنهنجي سرير جا سانگ ساريا. مرحوم جو جسد خاڪي ڪراچي کان سندس ڳوٺ موريو فقير آندو ويو جتي شام جو ۷ وڳي جنازي نماز پڙهي کيس اباڻي قبرستان ۾ ان مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو ويو جنهن جي ازلي آزادي جي ڳالهه ورجائيندي ۽ آجپي جي ويڙهاند ڪندي هن پنهنجي ٻيڙي ڪنڌيءَ لاتي هئي.

 

(فيسبڪ پوسٽ ۷ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع تي رکيل)

No comments:

راءِ ڏيندا