; سنڌي شخصيتون: October 2014

28 October, 2014

قرة العين حيدر - زاهده حنا

قرة العين حيدر
جيڪس يادِ ڪَياسِ
زاهده حنا
ڏکڻ ايشيا مان غربت جي خاتمي تي سيفما سائوٿ فري ميڊيا ايسوسيئيشن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس ۱۸ آگسٽ ۲۰۰۷ع تي ختم ٿي ۽ اسان ۱۹ آگسٽ جو صبح سويري ڪولمبو کان ۵۰-۵۵ ميل پري ڪالوتارا پهتا آهيون. هڪ ننڍڙو ڳوٺ جنهن جي سينڌ ۾ ريل جي پٽڙي سندور وانگر نڪتل هئي. رائل پام بيچ ريزورٽ جي پهرين منزل تان مان سج کي هندي سمنڊ جي غضبناڪ لهرن ۾ ٻُڏندي ڏسي رهي هئس. هو اولهه طرف جهڪندي جهڪندي اوچتو نگاهن کان اوجهل ٿي وڃي ٿو ۽ اونداهي ڇانئجي وڃي ٿي. اونداهي ۽ لهرن جي شور ۾ يادن جو ڪُن آهي، جيڪو مون کي ڳهي رهيو آهي. عيني آپا ياد اچي رهي آهي. ڪيترا سال پهريان ڪولمبو جو سفر مون ”سيتا هرڻ“ جي صفحن تي ڪيو هو. ان وقت به مون کي ”سيتا هرڻ“ جا منظر ياد اچي رهيا هئا. ۱۹۷۶ع ۾ جڏهن مان پهريون دفعو ڪولمبو پهتي هئس ته ايئرپورٽ تي پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نيول اتاشي ڪمانڊر خورشيد زيدي ۽ ان جي زال گيتي آرا منهنجا منتظر هئا. اسان ٽيئي هڪ ٻئي جي لاءِ اجنبي هئاسين پر تعلق جي ان ڌاڳي سان ٻڌل هئاسين، جيڪو عيني آپا ۽ منهنجي وچ ۾ هو. خورشيد زيدي کي ڪراچي مان مخدومي عثمان حيدر ۽ ان جي زال محموده عثمان حيدر فون ڪيو هو؛ ”زاهده بي بي، بمبئي عيني وٽ وڃي رهي آهي. ان کي هندستان جو ويزا ڪولمبو مان ملندو. تنهنجي گهر ترسندي.“ محموده ڀاڀي جنهن ڪيترا سال اڳ ”مشاھداتِ بلادِ اسلاميه“ لکيو هو ۽ ان جي هڪ ڪاپي مون کي عنايت ڪئي هئي، ان کي جڏهن مون چيو ته؛ ”ڀاڀي هيءَ ته اها ئي ڳالهه ٿي ته: مڃ نه مڃ مان تنهنجو مهمان“ ته محموده ڀاڀي مون کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته؛ ”بس هاڻي اڳيان هڪ لفظ نه ڳالهائجانءِ.“ مان چپ ٿي ويس ۽ جڏهن مان ايئرپورٽ تي لٿي آهيان ته اُهي ٻئي موجود هئا ۽ انهيءَ ڳالهه تي خوش هئا ته ماسي عيني ۽ پڦي عيني جي دوست جي ميزباني ڪندا.

27 October, 2014

لعل پشپ - اخلاق انصاري

لعل پشپ
هڪ جديد ڪهاڻيڪار
اخلاق انصاري
ڪهاڻي ڇا آهي؟
هڪ سوال، جيڪو مان سمجھان ٿو ته اڃا سوال ئي آهي.
مختلف دورن ۾ مختلف ماڻهن، مختلف ڪهاڻيڪارن، نقادن، مختلف انداز سان جواب ڏنو آهي.
پر اڃا تائين ان جو مڪمل جواب يا مڪمل وصف نه آئي آهي. ها باقي، سگھارا جواب آهن، سگھاري وصف آهي، پر مڪمل ناهي.
لعل پشپ چوي ٿو؛ ”ڪهاڻي ٽٽل جذبن جو اظهار آهي“. ها بالڪل ڪهاڻي اندر جو اظهار آهي جو مڪمل نه ٿو ڪري سگھجي. پور-وڇوٽ به ڪجھه آهي، جيڪو رهجي وڃي ٿو.

26 October, 2014

فاطمہ زهره قاضي

فاطمہ زهره قاضي

ٿر جي اَڏول عورت

مهتاب اڪبر راشدي



توهان سن ۱۹۲۷ جي ان وقت جو تصور ڪيو. جڏهين ۴- اپريل تي جمع جي ڏهاڙي ڏيپلي جي زميندار گهراڻي، وڏيري گل محمد مُکيءَ جي گهر ۾ هڪ نياڻي پيدا ٿي ٿئي. جنهن جي ماءُ سندس والد جي ٻي گهرواري هئي. جنهن جو نالو، سندس والد صاحب فاطمہ زهره رکيو ۽ ڏاڏي کيس پيار مان ”پَنِلَ“ ڪوٺيو، جو اُهو سندس اُن ڀيڻ جو نالو هو، جيڪا گذاري وئي هئي. اُن ڏاڏي، هن لاءِ سندس ننڍپڻ ۾ اها پيشنگوئي ڪئي هئي ته؛ ”ننڍڙي پَنِلَ وڏا سفر ڪندي، هن جي پير ۾ پدم آهي، وڏي ڀاڳ واري آهي.“ ڀاڳ واري ته فاطمہ زهره يقيناً آهي. ڇو ته هن جيڪو زندگيءَ ۾ حاصل ڪيو، اُهو خوشقمست عورتن کي ئي نصيب ٿيندو آهي. پر اِهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ هن عورت جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي، جيڪي ڪشالا ڪڍيا اٿس. اهڙي جدوجهد وري ڪا عورت ورلي ئي ڪري سگهي ٿي.

غفور گل - ناصر قاضي


غفور گل
سنڌ جو سريلو فنڪار
ناصر قاضي
صدين جي سفر تي محيط تاريخي پسمنظر کي جاچڻ سان يقيناً اهو اندازو ٿي ويندو ته اسان جي سونهاري سنڌ جهڙي نموني هتان جي اصلوڪن ڄاين جي ماتر ڀومي آهي، اهڙي ئي طرح هيءَ ڌرتي پرانهن پارن کان آيلن جي لاءِ به مٿي ڇانوَ بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ پالڻهار پاران، درويشن جي دعائن سان اهڙي ڪا ڪشش، اهڙي ڪا ڇڪ رکيل آهي، جو جنهن به بشر هن ڌرتيءَ جو رخ ڪيو آهي، سو وري ڪنهن ٻيءَ جوءِ ۾ سک سان ساهه ناهي کڻي سگھيو، اهوئي ڪارڻ آهي جو تاريخ جي ظالم ڪردارن کان وٺي مٺڙن ماروئڙن تائين جن به هن ڌرتي تي پير رکيو ۽ ان پاڻي چکيو آهي، سو هتان جو ئي ٿي رهجي ويو آهي. اُهو ته ڪو بي ضمير يا بي لڄو ماڻهو ئي هوندو جنهن هن ڌرتي تي رهندي به هن ڌرتيءَ سان نينهن نه نڀايو هجي.

25 October, 2014

صوفي فقير محمد ابراهيم ميمڻ - نثار مڱريو

صوفي فقير محمد ابراهيم ميمڻ
نثار مڱريو
دنيا جي گولي تي ڪجهه اهڙا انسان به آباد آهن، جن جي نظر ۾ دنيا صرف ٽن ڏينهن جو کيل آهي، هڪ ڏينهن ڄمڻ، ٻيو ڏينهن دنيا ۾ رهڻ ۽ ٽيون ڏينهن  مرڻ، خفو ۽ خفت، لالچ، ڪروڌ، وڏائي، تڪبر، انسانن کي ايذائڻ، پرايو حق کائڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، ظلم ڪرڻ، تڪليف ڏيڻ، دل ڏکائڻ، نفرت ڪرڻ، ڪنهن جا عيب ڳولڻ اهي ظاهر ڪرڻ، اهي انسان انهن سڀني ڪمن کان نه صرف آجا هوندا آهن پر اهو ڪم ڪندڙن کان پڻ پناهه گهرندا آهن. اهي انسان مسلمان، هندو، سک، عيسائي، يهودي، ٻُڌَ، پارسي سميت تمام مذهبن، فرقن، لسانيت ڇڏي پنهنجي ئي رمز ۾ مگن هوندا آهن، اهي چوندا آهن مذهبن منجهايو ماڻهن کي نه ته مهربان ٻاجهاري خلقڻهار ته آدم مان انسان ٺاهيو هو، هي ماڻهو صوفي آهن، جهوڪ واري سائينءَ تي صوفي راڳي.

جيجي زرينه بلوچ

جيجي زرينا بلوچ

مادرِ سنڌ

ارشاد ڪاغذي



جيجي زرينا بلوچ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بي لوث خدمتگار هئي، مسڪين، غريب ۽ محتاجن جي مددگار هئي. جيجي سنڌ جي ام ڪلثوم هئي جنهن جي مڌر گيتن تي سنڌ جو عوام ظالم ۽ آمر حڪمرانن سان مقابلو ڪندو هو. ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار! جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي ڪرندا ڪنڌ هزار او يار!“ ۽ ”تون ڪهڙو فاضل ماريندي، اڄ هاري ناري فاضل آ، اڄ سنڌڙي ساري فاضل آ“ ۽ ٻيا سوين ۽ هزارين انقلابي، قومي، لوڪ گيت، سهرا ۽ لاڏا وغيره ڳائي پنهنجي فن کي جلا بخشي. جيجي زرينا بلوچ هڪ پورو زمانو جنهن ۾ هو زنده هئي، هن جيڪي ڪم ڪار ڪيا، اهي سياسي، سماجي هجن يا وري هڪ استاد جي حيثيت سان هن جيڪا تعليم ۽ شاگردن سان محنت ڪئي، فنڪار جي حيثيت سان ٽي وي، ريڊيو يا اسٽيج تي هن جيڪا پرفارمنس ڏني، اها ڪنهن کان وسرڻ جهڙي ناهي. جيجي زرينا بلوچ گھڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ هئي ۽ سندس هر هڪ پاسو۽ پهلو مڪمل، منفرد نرالو ۽ نمايان هو ۽ آهي. جهڙو نالو هيس اهڙي ٻاجهاري ۽ همدرد هئي. جيجي جي مان، شان، مرتبي ۽ ماڻ مريادا جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ان گڻن ۽ خصلتن جي ڪري سنڌين جي دلين جي ڌڙڪن بنجي وئي.

24 October, 2014

بيگم نصرت ڀٽو

بيگم نصرت ڀٽو
خاتون اول کان، مادر جمهوريت تائين
مولائي ملاح
انسان فطري موت تي ته صبر ڪري ٿو وٺي، پر غير فطري موت کيس نهوڙي وجھي ٿو. نصرت اصفهانيءَ کان بيگم ڀٽو تائين ۽ بيگم ڀٽو کان مادر جمهوريت جي لقب ماڻڻ تائين، نصرت ڀٽو جي زندگيءَ ۾ غير فطري موت جو گھرو گھاءُ رهيو آهي، جنهن درد کيس هڪ ڏهاڙي هلڻ کان لاچار بڻائي ڇڏيو. هلي ته هلي نه سگھي واري درد جي ان ڪيفيت ۾ آڻڻ کانپوءِ کيس اڇي ڪفن ۾ آڻي پنهل جي پاسي پهچايو. سندس زندگيءَ جو سڄو سفر شاهه جي سورمي جھڙو رهيو آهي. هن کي شهيد ڀٽو جي غير فطري موت کانپوءِ سندس پيارن پٽن شاهنواز ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو جي موت کيس دردن جي دنيا ۾ اهڙو اڪيلو ڪيو جو هن آخر تائين هوش ۽ حواسن جي اک نه کولي ۽ شهيدن جي آستاني ڳڙهي خدابخش ۾ آرامي ٿي.

22 October, 2014

مظهر الدين ميمڻ - محمد اياز ميمڻ

مظهر الدين ميمڻ
محمد اياز ميمڻ
روز مرن پيا اهڙا ماڻهو، سچن هيرن جهڙا ماڻهو،
ملهه ناهي جن جو ڪو ئي، اڻ لڀ آهن اهڙا ماڻهو،
مظهرالدين ميمڻ موري شهر جي واپاري خاندان سيٺ محمد رمضان ميمڻ جي گهر ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع ۾ ڄائو. مظهرالدين پرائمريءَ جي تعليم احمد شاهه اسڪول مان حاصل ڪئي. ۱۹۶۶ع ۾ مئٽرڪ سائنس سيڪنڊ ڊويزن ۾ هاءِ اسڪول موري مان پاس ڪئي. ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ يونيورٽيءَ مان ايم ايس سي فزڪس جي سند ورتي ۽ ۱۹۸۰ع ۾ ٽيڪنيڪل ايڊوڪيشن ۾ ڊپلوما گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج سائيٽ ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي ۽ انهيءَ ئي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ هن ۲۶ (ڇويهه) سال استاد جي حيثيت ۾ گذاريا. شيخ اياز جڏهن ون يونٽ جي قهري ڪوٽ، ايوبي آمريت ۽ سنڌيت سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين خلاف قومي شاعريءَ ذريعي شعور ڏنو ۽ سنڌ جي نئين نسل ڏانهن نهاريندي صدا هنئي ته تون ئي جواب صدين جي سوال جو ”ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منهنجو خواب،“ مورو سنڌ جي شاگرد تحريڪ جو مرڪز هو. ون يونٽ خلاف وڏا مظاهرا جلسا جلوس هڙتالون به موري ۾ ٿيندا هئا. جنهن ۾ سڄي سنڌ کان ڪارڪن شرڪت ڪندا هئا. مظهرالدين ميمڻ به هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. مظهرالدين ميمڻ سنڌ جي انهن حالتن جي پيداوار هو. جنهن سنڌ جي پڙهيل لکيل اديبن، شاعرن، دانشورن سان گڏوگڏ هارين ۽ مزدورن به ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. آخرڪار ون يونٽ به ٽٽو ۽ سنڌ هڪ دفعو وري آهستي آهستي ظاهر ٿيڻ لڳي.

غلام رسول کوکر - طالب کوکر

غلام رسول کوکر
هُو جو دردن جو درمان هو
طالب کوکر
حيدرآباد هڪ اهڙو وسيع دامن وارو شهر آهي، جتي ڪيترا ئي ماڻهو پنهنجي ضمير سوڌو گم آهن. پر هي صاحب جڏهن به پنهنجي جنم ڀومي ڳوٺ ونگو ميرپور ماٿيلو ٿي وريو ته ضمير ۽ شخصيت جو عَلم اُتي جو اُتي بيٺل ۽ ويتر اُوچو نظر ٿي آيو. هو سدائين خوشين ۽ غمين تي پنهنجي اٻوجهه ۽ سادن مٽن مائٽن سان اچي گڏبو هُيو. ڳوٺ اچڻ کان پوءِ اوڙي پاڙي جا سڀئي ماڻهو، انهي جا مائٽ ٿي پوندا هئا. ڇو ته احساس جهڙو ٻيو ڪو به رشتو نه آهي. هُن سان ملڻ لاءِ آيل هر ماڻهو، ساڳي حيثيت رکندو هيو. ڪيترن ئي مائٽن ۽ پاڙي وارن جون عيدون سندس جي ڪري خوشين ڀريون ٿي پونديون هيون. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن سان غرور ۽ فخر سان ڪو نه ڳالهايائون. سندس آواز ۾، الله تعاليٰ اهڙي مقناطيسيت رکي هئي جو هر ٻڌڻ وارو، دل و جان سان اچي حاضر ٿيندو هو.

سرويچ سجاولي


سرويچ سجاولي
ڇا سندس خواب ساڀيان ٿي سگھندا؟
مير نادر علي ابڙو
اڄ سنڌ ڌرتي جي مهان ڪوي سرويچ سجاولي جي ٻي ورسي ملهائجي رهي آهي. سرويچ سجاولي ڪينسر سان ويڙهاند ۾ نيٺ جيون جي جنگ هارائي. سندن لاڏاڻي انقلابي شاعري جي ميدان ۾ نه ڀرجڻ جيڏو خال پيدا ڪيو. سنڌ جي هن عظيم انقلابي شاعر محمد صديق عرف سرويچ سجاولي پنهنجي ڳوٺ سرويچ نگر ۾ زندگي سان کيڏيل راند نيڻن ۾ ڪيترائي سپنا سمائي هارائي. پاڻ ۱۴ مارچ ۱۹۳۷ع ۾ سجاول ڀرسان ڳوٺ تارڙا ۾ جنم ورتائين ۽ شاعري جي شروعات ۱۹۵۵ع کان ڪيائين ۽ سندس ڪتاب “آليون اڻڀا وار” ۱۹۷۲ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته سندن شاعري جا چار ڪتاب “سراسر انقلاب آهيان” “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون”، “دل ۾ نه ڪج” ۽ “سا دل مستو مست مدام” اڻ ڇپيل آهن. سندن هڪ ڪتاب “آليون اکيون ۽ اڻڀا وار” کي ڪراچي يونيورسٽي جي ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو آهي. 

استاد ارباب علي خان کوسو - ناصر قاضي

استاد ارباب علي خان کوسو
سنڌي سنگيت جو روشن سج
ناصر قاضي
ورهاڱي کان اڳ ننڍي کنڊ، خاص ڪري سنڌ ۾ آل انڊيا سطح تي ڪلاسيڪل راڳ جون وڏيون وڏيون محفلون منعقد ڪرائڻ جو رواج عام هوندو هو. اڪثر ڪري اتر سنڌ جو شهر شڪارپور اهڙين ڪلاسيڪل ڪانفرنسن جو مکيه مرڪز هوندو هو، جتي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جا پروگرام ڪثرت سان منعقد ٿيندا رهندا هئا. اهڙين محفلن ۾ پوري انڊو-پاڪ جي وڏن وڏن ڪلاسيڪل گوين کي دعوت ڏئي گھرايو ويندو هو، جنهن جا منتظمين خاص طور تي هندو هوندا هئا، جيڪي پنهنجي ذاتي خرچ تي اهڙيون ڪلاسيڪل محفلون منعقد ڪرائيندا هئا، جن محفلن کي ڪلاسيڪل اصطلاح ۾ ’هانڍا‘ پڻ چيو ويندو هو.

مير محمد پيرزادو


مير محمد پيرزادو
ڏي ٽهڪ ته منهنجي ڏات کِلي
ياسر قاضي
مير محمد پيرزادو سنڌ ادب ۾ هڪ گيت جي شاعر جي حيثيت سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ سندس اها سڃاڻپ ڪنهن هڪ صنف ۾ مهارت هئڻ جي حوالي سان کيس محدود ڪو نه ٿي ڪري ڇاڪاڻ ته مير محمد نه رڳو گيت عمدگيءَ سان لکيو آهي پر هن سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪي توڙي جديد هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ هر صنف سان اهڙو سهڻي نموني نباهه ڪيو آهي جو مان هن کي نه صرف گيتن جو بهترين شاعر چوندس بلڪ کيس آل رائونڊر شاعر ڪوٺيندس. ڇاڪاڻ ته هن جنهن به صنف تي قلم کنيو ان صنف کي امر ڪري ڇڏيو. اهڙا شاعر سنڌ ۾ گهٽ پيدا ٿيا آهن جن گيت کي پنهنجي سڃاڻپ بنايو هجي خاص طور تي اهي گيت جا ئي شاعر آهن. سنڌ ۾ گيت جي بي تاج بادشاهه بردي سنڌيءَ کان پوءِ سندس همعصر شاعرن يا کانئس پوءِ وارن شاعرن مان سواءِ سائين مير محمد جي ٻيو ڪو به اهڙو پختو شاعر ڪونه ٿو ملي جنهن گيت کي ايڏو سنجيدگيءَ سان لکيو هجي. پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا “مکڙيون ماڪ ڦڙا” ۽ “ليار نيڻن ۾ ڦٽا” منظر عام تي اچي مڃتا ماڻي چڪا آهن جن ۾ ان گيت کان سواءِ دوها، بيت، وايون، نظم ۽ غزل پڻ جهجهي تعداد ۾ ڏنا آهن جيڪي پڻ گيتن جا سڀ جا سڀ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا آهن. اچو ته پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جي ڪتاب “ليار نيڻن ۾ ڦٽا” جا ورڪ ورايون. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي سينئر معروف شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسيءِ لکيو آهي. جنهن مان هن مٿي چيل ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، چوي ٿو ته “بردي سنڌيءَ کانپوءِ هن ئي شاعر گيت جي صنف سان لئون لاتي آهي. کانئس پوءِ مير محمد پيرزادو گيت جي صنف جو بهترين شاعر آهي.” ساڳي ڳالهه جي تصديق تاج جويو ڪتاب جي آخر ۾ سائين مير محمد جي شخصيت تي لکيل مقالي ۾ به ڪري ٿو ته مير محمد پيرزادو، هري دلگير، گورڌن محبوباڻي، شيخ اياز ۽ بردي سنڌيءَ کانپوءِ گيت جو وڏي شاعر آهي. هن جا بيت دوها ۽ وايون به آئون چوندس ته سندس گيتن توسيع آهن ته پوءِ اچو ته گيت جي ان بهترين شاعر جي گيتن کي پڙهي ڏسون. گيت ڳائجڻ واري صنف آهي، جنهن کي هرڪوئي هر وقت آسانيءَ سان جهونگاري سگهي، ان لاءِ گيت جي سڀ کان پهرين ضرورت اها لئه ۽ رڌم آهي جيڪا ڳائيندڙ لاءِ اٽڪاءَ جو باعث نه بڻجي ۽ ٻڌندڙ به ان لئه جي تسلسل تي جهومي، انهن ٻنهي شرطن کي سائين مير محمد اهڙي سهڻي انداز ۾ پورو ڪيو آهي جو سندس هر گيت پنهنجو الڳ حسن رکي ٿو ۽ سندس هر گيت وري وري ڳائڻ جهڙو آهي. جدائيءَ جي آلاپن ۽ پرينءَ جي اچڻ جي آس سان واسيل هن گيت ۾ بيقراريءَ جو بيان ڪيڏو پيارو ٿيل آهي.

21 October, 2014

ڪرشن کٽواڻي - رکيل مورائي

ڪرشن کٽواڻي
ناميارو ڪهاڻيڪار - هڪ رومانس جي پڄاڻي
رکيل مورائي
اها منهنجي زندگيءَ جي ڪيترين اجاين گذاريل شامن ۾ هڪ نهايت سجائي گذاريل شام هئي. جيڪا مون انڊور ۾ اجهو اڏي ويٺل، ساهتي پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي شهر ٺارو شاھ ۾ ستين جولاءِ اوڻيهه سؤ ستاويهه عيسويءَ تي جنم ورتل، سنڌي ڪهاڻيءَ کي رومانوي/ اشتراڪي رخ ڏيندڙ ڪهاڻيڪار ڪرشن کٽواڻي سان ڪچهري ڪري رهيو هوس.

نواز علي ’نـياز‘ جعفري - احمد علي صابر چانڊيو

نواز علي ’نـياز‘ جعفري
عمدة الشعراء
احمد علي صابر چانڊيو
سنڌ ڌرتي هر دؤر ۾ جليل القدر جامع الصفات انسان پيدا ڪيا آهن. ڪي عالم، ڪي عشاق، ڪي مفڪر، ڪي فيلسوف، ڪي اديب، ڪي شاعر، ڪي ٻلواڻ، ڪي مصلح، ڪي فلسفي ته ڪي حڪيم. ڪي نقاد ڪي دانشور ۽ دانش آموز، ڪي مؤرخ، ته ڪي اولياء، ڪي سالک ته ڪي صوفي.
سنڌ ڌرتيءَ کي صوفي بزرگن ۽ اوليائن جي نگريءَ جو لقب حاصل رهيو آهي. اهڙن املھه انسانن ۾ خان صاحب نواز علي نياز جعفري پڻ ”عمدة الشعراء“ طور تي ڄاتا ۽ سڃاتا ٿا وڃن.

20 October, 2014

ڪامريڊ علي محمد عباسي - احمد علي صابر چانڊيو

ڪامريڊ علي محمد عباسي
چانڊڪا پرڳڻي جي قديم ”ڪلھوڙا عباسي“ گهراڻي جي مانائتي شخصيت
احمد علي صابر چانڊيو
قديم سنڌو ماٿر جي قديم تھذيبي ماڳ موهين جي ماٿر ۽ ماهوٽين جي ڪيڙِ وچ ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي قديم گهراڻي ۾ حڪيم سعيد خان عباسي جي آڳر تي ڪامريڊ علي محمد عباسي روشن سج جيان ۱۹۰۱ع ۾ نکري نروار ٿيا. سندن ٻالڪپڻ به عجيب گذري، ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ ٻالڪپڻيءَ جون سڀ شوخيون ۽ ارڏايون ختم ڪري ڇڏيون هيون، هو ڄمندي ڄام هئا. وڏڙن جي ڪچھري ۽ ادب جي شغل ۾ رهندا هئا. وڏيرڪي گهر ۾ رهندي غريب نادارن سان ازحد پيار ڪندڙ هئا. امان سانئڻ کي علي محمد عباسيءَ سان گڏ سندس جا ڪيئي غريب يتيم ٻار سنڀالڻا پوندا هئا. هوءَ کلي چوندي هئي ته علي محمد جي ڪري مونکي ڪيترن ئي نادارن جي امڙ جو شرف مليو آهي. ٻالڪپڻي ڄڻ سندن ورثي ۾ ئي ڪانه آئي هئي. هو جديد سوچ جا پيرا کڻي اڳتي وڌيا هئا. ڪامريڊ جي آمد وقت هتي ۱۹۰۱ع ۾ لاڙڪاڻي کي ضلعي جو درجو مليو. ڪامريڊ جو ڳوٺ وليد لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ گهاڙ واهه جي ڪنڌيءَ تي آهي، پاڻ ننڍپڻ کان ئي تعليم پرائڻ سان گڏوگڏ سماج سڌارڪ هئا. لچ لوفر سان بنھه ڪين لڳندي هئن، اجايو ٺٺ ٺانگر ڪوڙ لٻاڙ ۽ عام وڏيرن وانگر زندگي گهارڻ کان کين ازحد نفرت هئي. ڪامريڊ علي محمد عباسي پيار ۽ پاٻوهه سان ڌرتيءَ ڄاون سان گهارڻ کي بھتر ڄاڻندو هئو.سندن ذهن ۾ وڏيرڪي سوچ جي بجاءِ هاري ۽ مزدور سان پيار ڪرڻ بھتر هئو. هو ڄاڻن پيا ته ”الڪاسب حبيب الله“ پورهيتن سان پيار ڪرڻ الله سان پيار ڪرڻ جي برابر هئو. پاڻ حقيقي معنى ۾ مسلمان هئا. صوم و صلواة جا پابند انسانيت سان پيار ڪندڙ،نياڻين جي تعليم و تدريس جي حق ۾ هئا، علم جي فروغ لاءِ هميشه ڪوشان رهندڙ هئا. سندن جو پھريون قدم ئي ڪامياب ٿيو جنھن امان اشرف اشرف عباسيءَ جي روپ ۾ وڏي مھانتا ماڻي. هو روشن خيال هاري دوست عمل ۽ انقلاب جا حامي هئا. جن سنڌ مدرسي لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪيائون. اسڪول جي وقت ۾ تقرير ۽ تحقيقي مقالن ۾ سندن موضوع ئي هاري هئو، جنھن ڪري کين ڪامريڊ جو لقب مليو. سندن سوچ ۾ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو  سندن محور هئا. جن هن وانگر هارين مزدورن ۽ نونھالن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ اهميت ڏني هئي. ڪامريڊ جي گهڻ پاسائين شخصيت هئي، هڪ طرف اديب ۽ شاعر، ٻئي طرف سماج سڌارڪ، ٽئين طرف سياستڪار ته هڪ طرف سچا مسلمان ۽ بھترين انسان هئا. امن، اتحاد لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هئا. هر وقت انسان ۽ انسانيت جي ڪمن ۾ رڌل رهندا هئا. نه صرف ايترو بلڪ سنڌ جي عالمن، سياستڪارن سان گڏجي چڱائي پکيڙڻ جي ڪمن ۾ اڳتي رهندا هئا. ان سلسلي ۾ پنھنجي سوچ ۽ ساڃاهه کي پھچائڻ لاءِ اخبار ”العباس“ ڪڍيائون. ۱۹۳۵ع ۾ ڪلھوڙا عباسي تنظيم جوڙي ”آواز“ رسالو ڏنائون. سياست جي ميدان ۾ ”هاري حقدار ٻيڙا پار“ جي نعري ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جا دست راست هئا. سندن جي فڪر ۽ فراست جو چرچو هر هنڌ هارجاءِ هُلي ويو. سنڌ واسي ڪامريڊ کي علم سان ادراڪ سان پيار هئو. هن پريس جو وجود رکيو ۽ تنظيم پاران نادار ۽ بي پھچ ٻارن کي علم جي زيور سان سجائڻ جو ذمو پڻ کنيائون. پاڻ هر ڪم عملي طور ڪندڙ هئا. ڌوڪي، دغا ۽ فريب کان کين نفرت هئي.

مولانا دين محمد وفائي

مولانا دين محمد ’وفائي‘

هڪ ادارو هڪ ادراڪ

احمد علي صابر چانڊيو



انڊلٺ جھڙا رنگ رکندڙ انمول انسان حضرت مولانا دين محمد وفائي رح سنڌ ڌرتيءَ جي ماٿر کان ڌرتيءَ جي مھد طرف ۱۱ اپريل ۱۹۵۰ع مطابق ۲۲ جمادي الآخر ۱۳۶۹ع اڱاري  رات  ڪوچ ڪري ويو. جڏهن مولانا ڌرتيءَ تي ڏات وکيري ويو هئو ته اڃا منھنجي وجود جو پاڇو به ڌرتيءَ تي ڪين پيو هئو. اهڙن انسانن کي جڏهن به نظر ڇھندي آهي ته هڪ ارمان هڪ آهه ۽ تجسس جنم وٺندو آهي، اي ڪاش! اهڙن سپورنجهه انسانن جي وقت ڇو نه آيم، اڄ هي دؤر الله امان هر طرف نفرتون، مايوسيون، ناڪاميون، نااميدون ۽ نامرادون، ادب براءِ ادب ڪين ادب براءِ وهنوار رهيو هجي. مولانا دين محمد کي ڊبل نمونيا جي راڪاس ڳڙڪائي ڇڏي هئو. مولانا کي حيدرآباد سان ته پيار هئو پر الائي ڇو ڪا ڳالهه ٿي هر هر کٽڪيس جو سنڌي مرڪزي بورڊ ۱۹۴۲ع کيس سنڌ سرڪار طرفان ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ کيس لغت جوڙڻ لاءِ مقرر ڪيو هئو ۽ پاڪستان کي وجود ۾ اچڻ سان کيس اهم ذميواري ڏني وئي هئي. ۱۹۴۹ع  هڪ ڪميٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ تي کيس حيدرآباد وڃڻو پيو هئو. هن پنھنجي پٽ علي نواز وفائي سان دل جي ڳالهه ڪئي ته هي سفر هن لاءِ انوکو ٿو لڳي ۽ ان ئي سفر ۾ هو پيارن کان جدا ٿي ويو هئو.

سڪندر علي سَرگاڻي - ناصر قاضي

سڪندر علي سَرگاڻي
سنگيت نگر جو سهڻو ڪلاڪار
ناصر قاضي
هن ڌرتيءَ تي سدا بهار آواز جي مالڪ، سدا سريلي موسيقار، مٺڙي توڙي ٻاجھاري انسان خانصاحب استاد منظور علي خان سنڌي موسيقيءَ کي هڪ مڪمل مڪتبه فڪر ‘school of though’ ڏنو. خانصاحب استاد منظور علي خان جي ٻڌايل ڏس ۽ گس تي عمل ڪندي سندس مڙني شاگردن جيان خانصاحب استاد گلزار علي خان به پنهنجي استاد جي ٻاريل شمع جو پروانو بڻيو ۽ ان شمع کي گـُل ٿيڻ نه ڏنو. جنهن جي محنتن جي نتيجي ۾ استاد گلزار علي خان جي تڏي تي ڪهي آيل ڪيترا ئي موسيقيءَ جا عاشق فيضياب ٿيا. جيڪي اڄ سوڌو سندس نقشِ قدم تي عمل پيرا آهن. استاد گلزار علي خان جو اصل تعلق ته سونهاري سنڌ جي ساهتي پرڳڻي سان هو ۽ اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز ۾ ’ديهات‘ نالي سان هڪ وسندي سندس جنم ڀومي هئي، پر موسيقيءَ وارو فيض ڦهلائڻ واسطي استاد گلزار علي خان جي دل، نظرَ توڙي روحَ اتر سنڌ جي سهڻي تاريخي شهر لاڙڪاڻي جو انتخاب ڪيو، جتي مراد واهڻ محلي ۾ موسيقيءَ جي هڪ مڪتب جو بنياد رکيائين، جتان پوري سنڌ سميت خصوصي طور تي ضلعي لاڙڪاڻي جا شاگرد ڪجھه سرسيءَ سان سرشار ٿيا.

روبينا قريشي


روبينا قريشي
روبينا قُريشي ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۴۰ع ڌاري، حيدرآباد جي صدر واري علائقي ۾ ڄائي. پاڻ اصل ذات جي شيخ ۽ الاهي بخش شيخ جي ڌيءَ آهي. سندس اصل نالو عائشه شيخ“ آهي، سندس خاندان پڙهيل ڳڙهيل ۽ واپار سان واڳاپيل هو. هُن ريڊئي پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ ڪري ۽ پنهنجي اصل شناخت مٽائڻ لاِءِ پنهنجو نالوعائشه مان ڦيرائي رُوبينه رکيو ۽ جيئن ئي هُن مشهور فلم اسٽار مصطفيٰ قريشيءَ سان ۱۹ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ شادي ڪئي ۽ ته عائشه شيخ  مان ڦري رُوبينه قُريشي“ ٿي پئي. کيس هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائُر آهن. جن مان هڪڙو ڀاءُ الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو ۽ هُن جو وڏو ڀاءُ عبدالغفور شيخ به ڳائيندو آهي.

14 October, 2014

جيون گرسهاڻي- شخصيت قاسم راڄپر

جيون گرسهاڻي
سنڌي ناٽڪ جي قد آور شخصيت
قاسم راڄپر
ڊرامو انساني جذبن جي اظهار جو منفرد ذريعو آهي، جيڪو آڳاٽي زماني کان سمورين ثقافتن ۾ سڀاءَ جو انتهائي ڪارائتو نمونو رهيو آهي. حقيقت ۾ڊرامو انسان جي بنيادي سرگرمي پڻ آهي. ادب جي ٻين صنفنن جي ڀيٽ ۾ ڊرامي جو اثر تيز ۽ ديرپا آهي، شاعري، ڪهاڻي ۽ ناول ۾ پڙهندڙن آڏو سماج جي جيڪا تصوير پيش ڪئي ويندي آهي، اها ڊرامي وسيلي وڌيڪ بهتر نموني سان پيش ڪئي وڃي ٿي، ڇو ته ڊرامو مڪالمن، ڪردارن، ويس وڳن، ٺاهه ٺوهه، منظرن وغيره کي عملي صورت ۾ آڻي ڏسندڙن کي سماج جي حقيقي زندگيءَ جي گهڻو ويجهو آڻي بيهاري ٿو. سنڌيءَ ۾ مطالعاتي ناٽڪ جو جنم ته ۱۸۸۰ع ۾ مرزا قليچ بيگ جي لکيل ناٽڪ “ليليٰ مجنون” سان ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کان هڪ سال اڳ امام بخش خادم به ناٽڪ لکي چڪو هو، جيڪو نه اسٽيج تي آيو ۽ نه وري شايع ٿي سگهيو. ورهاڱي تائين سنڌي ناٽڪ ڦوهه جواني ماڻي چڪو هو، پر ورهاڱي سبب سنڌي اسٽيج ناٽڪ جا سرپرست هندو سنڌي ڀارت لڏي ويا. اُتي به هو ڪنهن هڪ هنڌ تي ٿائينڪا ڪونه ٿيا. ٻيو ته اهي هتي ڀريل گهر، هلندڙ ڪاروبار ڇڏي ويا هئا، تنهن ڪري نئين ديس وڃي سڀ کان اڳ هنن پنهنجي پيٽ پالڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. پر پنهنجي وطن جي اُڪير ۾ هنجون هاريندڙن جو ڏک ونڊائڻ لاءِ انهن کي وندرائڻ لاءِ سڀ کان اڳ رام پنجواڻيءَ ڪوشش ورتي. هن پنهنجي ساٿين سان گڏ جدا جدا شهرن ۾سنڌين جي ڪئمپن ۾ وڃي، پنهنجن مٺڙن ٻولن سان وندرايو. ان عمل جا بهترين نتيجا اچڻ سبب ان لاءِ باضابطا پليٽ فارم جوڙڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. بمبئيءَ ۾ جنوري ۱۹۴۹ع ۾ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي سرواڻيءَ ۾ ترقي پسند ليکڪن ‘سنڌي ساهت منڊل’ ٺاهيو. جنهن ۾ هفتيوار ادبي ڪلاسن سان گڏ ڪانفرنسون ڪيون ويون ۽ ناٽڪ ڏيکاريا ويا. ساڳئي سال (۱۹۴۹ع) ۾ دهلي ڪاليج ۾ “دهلي ڪاليج ساهتيه سڀا” ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻيءَ جي سرپرستيءَ ۾ کلي. ان سڀا سنڌي ناٽڪ خاص طور ايڪانڪي اسٽيج ڪرڻ شروع ڪيا. ڊاڪٽر هرو مل سدا رنگاڻيءَ سان گڏ ٻي اهم شخصيت جيون گوبند رام گرسهاڻيءَ جي هئي. جيڪو اڳتي هلي نه رڳو دهلي پر هندستان ۾ سنڌي ناٽڪ جو وڏو نالو بڻيو.

12 October, 2014

مدد علي سنڌي - رکيل مورائي

مدد علي سنڌي
پنهنجي ادبي ڌارا جو خالق
رکيل مورائي
سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ مدد علي سنڌي ان ڌارا جو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي ادب ۾ ايندڙ مغربي، ادبي ڌارائن جي سانچي ۾ هروڀرو فٽ ڪرڻ جي گهرج نه آهي. ها! هو اهڙو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي پڙهي، پرهندڙ پنهنجي روح سان رهاڻ ڪرڻ لڳندو آهي.

11 October, 2014

اظهار قاضي- مصطفيٰ ملاح

اظهار قاضي
پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو خوبصورت اداڪار
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ واحد اداڪار اظهار قاضي هو، جيڪو اڪثر فلمن ۾ غير ملڪي هيروئين سان هيرو طور آيو. ڪيترا ئي فلم ميڪر هن کي اداڪار اميتاڀ بچن سان هم شڪل طور فلمي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ لڳا. جڏهن ته پاڻ ڪڏهن به هن اميتاڀ بچن جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. اداڪار اظهار قاضي، ڪراچيءَ جي لياري جي کڏا مارڪيٽ واري علائقي ۾ ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۵۷ع ۾ اک کولي هئي.

معمور يوسفاڻي - ڊاڪٽر اسد جمال پلي

معمور يوسفاڻي
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
محمد عمر معمور ولد حاجي محمد يوسف پلي جو جنم ۲۸ جنوري ۱۹۲۹ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ ٿيو. مڪتب جي ابتدائي ديني تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ مولانا عبدالخالق ’عبد‘ پلي کان حاصل ڪيائين، ان بعد ايم اي سنڌي (گولڊ ميڊلسٽ) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائيويٽ شاگرد طور حاصل ڪيائين، ان کان سواءِ اديب فاضل سنڌي، منشي فاضل فارسي ۽ اديب فاضل اردو جا امتحان امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين. هو ايجوڪيشن سرڪل سپروائيزر ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ ۾ سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور به رهيو، ان کانسواءِ سنڌ ادبي بورڊ  جو ميمبر ۽ ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. هو علمِ موسيقيءَ جو پڻ ماهر هو، مولود خوانيءَ ۾ پنهنجي وقت جي صفِ اول جي مولود خوانن سان شغل پڙهيائون، سنڌي نثر جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي لکيائين ۽ سنڌي نظم جي به سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين.

ڊاڪٽر فياض پيرزادو - امر پيرزادو

ڊاڪٽر فياض پيرزادو
ٻلهڙيجيءَ جو مسيحائي ڪردار
امر پيرزادو
سڄي سنڌ ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي، ڀٽائي شناسائي، ترقي پسند ادب سرجيندڙ ۽ سياسي شعور رکندڙ هڪ منفرد ڳوٺ مڃيو ويندو آهي جنهن۾ ڪيترائي لازوال ڪردار جهڙوڪ انور پيرزادو، گلاب، لطف، فَقير يار محمد، محب، ڊاڪٽر محمد حسن، قربان، بهشت خاتون، ڊاڪٽر زبيده، ملڪه، مير محمد پيرزادو، شاهه محمد،فيض پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا شاعر، صحافي، سياسي ۽ سماجي ورڪر توڙي صوفي فقير شامل آهن. انهن لافاني ڪردارن کان سوا به ٻلهڙيجي ۾ ڪيترائي اهم گمنام ڪردار آهن جن کي اسان جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا نه ٿي سڃاڻي پر انهن جو ٻلهڙيجي جي تاريخ ۾ تمام وڏو ڪردار آهي . انور پيرزادي پنهنجي حياتي ٰءَ ۾ ٻلهڙيجي هسٽاريڪل سوسائٽي جو بنياد وڌو هيو، جنهن جو مقصد ٻلهڙيجي جي تاريخ ۽ ان جي انوکن ڪردارن کي سهيڙي قلمبند ڪرڻ هيو. ان هسٽاريڪل سوسائٽي جي گڏ ڪيل ڊيٽا مطابق ٻلهڙيجي ۾ جملي ٽياسي ته صرف شاعر موجودآهن. پر افسوس ته اها هسٽاريڪل سوسائٽي به انورپيرزادي سان گڏ اسان کان وڇڙي وئي ڇو ته اهو ڪم به انور پيرزادي جهڙو ويزن رکندڙ ڪو انسان ئي ڪري سگهي ٿو. سو ٻلهڙيجي جي اهڙن انوکن ڪردارن منجهان هڪ گمنام ڪردار ڊاڪٽر فياض پيرزادو به آهي جنهن لاءَ هتي لفظ گمنام صرف ميڊيا جي حوالي سان لکي رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته ٻلهڙيجي ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ هي ڪردار اُتان جي اليڪشن ۾ بيهندڙ سياستدانن کان گهڻو مقبول آهي ڇو ته سياستدان اُتان جي ماڻهن جي ايتري خدمت ناهن ڪندا جيتري هي فرشتي جهڙو انسان اڪيلي سر ڪندو آهي. ٻلهڙيجي جي پيرزادن جي لڳ ڀڳ سڀني گهرن ۾ جڏهن به ڪو مرد، عورت، ٻار يا ٻڍو بيمار ٿيندو آهي ته سڀني کان اڳ ۾ فياض کي ئي سڏيو ويندو آهي، هو ڄڻ ته ٻلهڙيجي جو عبدالستار ايڌي آهي جيڪو بنا دير مصيبتن ۾ ڦاٿل مسڪينن جي گهر پهچي فرسٽ ايڊ ڏئي مريض جي حياتي بچائڻ لاءَ ان کي لاڙڪاڻي يا ڪراچي کڻائي ويندو آهي، جتي مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ، ان جو اٽينڊنٽ ٿي ان جي خدمت ڪرڻ ۽ گهر ڀاتين کان به وڌيڪ ان لاءِ متحرڪ رهڻ هن ثواب جهڙي زندگي گزاريندڙ شخص جو معمول آهي. نه فقط ٻلهڙيجي پر اوسي پاسي  جي ڳوٺن جا مريض به ڊاڪٽر فياض کي پنهنجي ڏکين وقتن ۾ وڏو آٿٽ محسوس ڪندا آهن، ڏينهن هجي يا رات، گرمي هجي يا سردي فياض هر ان مريض سان گڏ نظر ايندو جيڪو جسماني هيڻائي ۽ غربت سبب ڪنهن سهاري جي تلاش ۾ هوندو آهي. مضبوط جسماني بيهڪ رکندڙ هي قداور ۽ سهڻو انسان ٻلهڙيجي مان انسانيت جو وهندڙ سنڌو درياهه لڳندو آهي. هن جي عزت ڳوٺ جو هر ننڍو وڏوانسان دل سان ڪندو آهي جنهن جا ٻه بنيادي سبب آهن، هڪڙو ته هي غريبن جو وڏو ڀرجهلو آهي،ٻيو ته هي ڪڏهن به پنهنجا احسان ٻين ماڻهن تي جتائيندي نظر ناهي ايندو. هن وٽ گهرتوڙي ٻاهر جي مريض کي ڏسڻ جي ساڳي اک آهي! هن شايد ايتريون راتيون پنهنجي گهر ۾نه گذاريون هونديون جيتريون مريضن جي خدمت ڪندي اسپتالن ۾ گذاريون هونديون. جڏهن هن مڙس ماڻهو جي شادي ٿي هئي تڏهن تر جي ماڻهن هن کي ايترا ته پيسن جا هارَ پاراياهئا جو هر هر هن جي ڇاتي تي ڀرجي ويندڙ هار لاهڻا پيا پون ته جيئن ٻيا ماڻهو به هن کي محبتن جا هارَ وجهي سگهن. هو مسڪينن جو آئيڊيل ۽ هيرو آهي.

10 October, 2014

غلام محمد لغاري- اڪبر خان لغاري

غلام محمد لغاري
وڏي وٿ هيام
اڪبر خان لغاري
هو جڏهن ۱۶ سالن جي عمر ۾ علامه مشرقي جي سڏ تي خاڪسار جٿي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مائٽن کان لڪي ميرپورخاص جي اسٽيشن تي اچي ويٺو ته سندس هر هاري پيءُ محمد خان لغاري کيس ڳوليندو اسٽيشن تي پهتو ۽ اڪيلي پٽ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين ته نوجوان غلام محمد ٺپ جواب ڏنو ۽ ٻين خاڪسارن سان گڏ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ روانو ٿي ويو. خانيوال (اڳوڻو منٽگمري) اسٽيشن تي انگريز فوج سندن ڏٻي کي ٻي ٽرين کان ڪٽي باقي ٽرين رواني ڪئي ۽ سندن گهيرو ڪري ڇڏيو. سالار جي حڪم تي خاڪسار بيلچن سان هٿيار بند انگريز فوج سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيا، ٻه خاڪسار شهيد ٿيا ۽ باقي غلام محمد سميت زخمي حالت ۾ ملتان جيل ڀيڙا ٿيا، جتي سمري ٽرائيل ڪري کين سزائون ڏنيون ويون ۽ غلام محمد لغاري کي چار سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ڏني وئي. والد وري پريشانيءَ ۾ ملتان جيل پهتو ۽ غلام محمد کي چيائين ته ”مون مرشد (ملتان وارو پير) سان ڳالهايو آهي ۽ مرشد چوي ٿو ته  تون معافي لکي ڏي ته آزاد ڪرايان..“ ”مري ويندس، پر انگريز کان معاف نه وٺندس“ هن ٺپ جواب ڏنو. غريب پيءُ ميڙن منٿن باوجود مايوس ٿي واپس ويو. جيل ۾ برصغير جا مشهور ڪميونسٽ هاري اڳواڻ ڪامريد موني سنگهه ۽ سندس ساٿي اڳ ئي موجود هئا، جن مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي پڙهيل غلام محمد لغاري جي تعليم ۽ تربيت ڪئي، زمين تي ڪاٺيءَ سان اي بي سي پڙهايائون، سماجي اڻت، هارين جي حالت، ڪائنات جي ارتقا، مارڪسي فلسفو ۽ ٻيا علم سادي ٻوليءَ ۾ سمجهايائون. چار سالن جي سخت سزا، جنهن ۾ واڻ ۽ نوار ٺاهڻ جي مشقت ۽ ملتان جي سخت گرمي ۾ کيس ٽي بي ٿي ويئي، سزا پوري ٿيڻ کانپوءِ ۱۹۴۰ ۾ جڏهن غلام محمد لغاري آزاد ٿيو ته جسماني طرح ڪمزور پر ذهني ۽ روحاني طرح مضبوط ٿي نڪتو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري سنڌ جي هارين۽ پورهيتن جي حقن لاءِ مرڻ گهڙي تائين جدوجهد ڪندو رهيو. هن زندگي جا ۲۴ سال ست مهينا پاڪستان جي تقريباً سڀني جيلن ۾ گذاريا، جن ۾ عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور، سکر، ملتان، ساهيوال، لائلپور (فيصل آباد) ڪوٽ لکپت ۽ لاهور جو قلعو شامل آهن. پر نه ڪڏهن جهڪيو ۽ نه معافي ورتائين. جيلن ۾ رهڻ دوران ئي سندس والد محمدخان لغاري وفات ڪئي ۽ والده به ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندي ڪکجي پئي ۽ وفات ڪري ويئي، کيس سندن منهن ڏسڻ به نصيب نه ٿيو.