; سنڌي شخصيتون: مرزا قليچ بيگ

03 April, 2011

مرزا قليچ بيگ


مرزا قليچ بيگ

چوڻي آهي، ته ماڻهو مريو وڃن، پر سندن ڪم انهن جا يادگار رهجي وڃن. مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو انسان ٿي گذريو آهي.
سرڪاري نوڪريءَ ۾ ته مرزا صاحب گهڻائي تعريف جهڙا ڪم ڪيا، جن لاءِ سرڪار کان کيس گهڻو ئي داد مليو، پر جن ڪمن تي سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي ناز هئڻ گهرجي، سي آهن مرزا مرحوم جا خانگيءَ طور سرانجام ڏنل ڪم. اُهي آهن سندن جدا جدا مضمونن تي ليک لکڻ ۽ ڪتاب ٺاهڻ.


مرزا صاحب نوڪريءَ جي ساري عرصي ۾ ڪتاب لکندو ۽ ترجمان ڪندو رهيو، جن مان ڪي سرڪار جي حڪم پٺيان لکيائين، جن جي لاءِ انعام مليس ۽ ڪي ايڊيوڪيشنل کاتي پاران درسي ڪتاب يا انعام ڪتاب يا لائبريريءَ لاءِ ڪتاب ڪري منظور ڪيا. ملان مڪتب جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترا ڪتاب خاص ملن ۽ سندن شاگردن جي لاءِ لکيائين. ڪيترا ڪتاب زنانن مڪتبن لاءِ ۽ ڪيترا خاص ڪتاب مذهب بابت لکيائين، جو مسلمانن ۾ تعليم جو شوق گهٽ هو ۽ انهيءَ جي ترغيب جي ضرورت هئي. ڪيترائي ڪتاب خاص ٻين مذهبن ۽ سوسائٽين جي اصولن بابت سندن فرمائش موجب لکيائين. انهن مان گهڻا نثر ۾ آهن ۽ ٻيا گهڻا نظم ۾ آهن.
سنڌي شعر کان سواءِ فارسي، اردو ۽ ترڪي شعر به چيائين ۽ ناٽڪن جي ڪتابن ۾ ڪي سنڌي گيت به ٺاهيائين. ڪٿي وري خاص سوسائٽين يا جماعتن جي جلسن ۾ تقريرون ڪيائين ۽ ٻين جي ڪتابن لاءِ ديباچا ۽ تمهيدون لکيائين. مطلب ته جدا جدا مضمونن تي نظم ۽ نثر ۾ ننڍا وڏا اٽڪل ٻه سئو ڪتاب لکيا اٿس، جي سنڌ جي جدا جدا جاين تي ڇپايا ويا آهن ۽ جن اڄ تائين ماڻهن جي دلين ۾ سندن لافاني يادگار قائم ڪري رکيو آهي. مرزا صاحب جو ناٽڪ ”ليليٰ مجنون“ انهيءَ وقت جو پهريون ناٽڪ هو، جنهن ۾ شعر به اچي ٿي ويو.
انهن ڪمن جي لاءِ مرزا صاحب مرحوم کي ڪهڙو انعام مليو؟ عام ماڻهن جي طرفان انعام هو قدر شناسي ۽ عزت افزائي. سرڪار جي طرفان مرزا صاحب مرحوم کي پينشن وٺڻ کان ٿورو اڳ ”قيصر هند“ جو چانديءَ جو ٻلو انعام مليو ۽ پينشن وٺڻ کان پوءِ وائسراءِ جي طرفان ۽ سندس صحيح سان کيس ”سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ“ مليو. پبلسٽي ڪاميٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪمشنر صاحب کيس آفرين نامو ۽ هڪڙي سوني واچ جو انعام ڏنو. سن 1924ع جي جنوري مهيني جي  پهرين تاريخ مرزا صاحب کي شمس العلماّءُ جو لقب مليو.
اصل نسل ۽ وڏن جو احوال:
مرزا صاحب مرحوم جي والد بزرگوار جو نالو فريدون بيگ هو. اصل عيسائي مذهب جي هڪڙي گهراڻي مان هو ۽ سندس اصلوڪو نالو ”سڊني“ هو. هو سن 1814ع ۾ سڪز نالي هڪڙي شهر ۾ ڄائو هو، جو جارجيا يعني: گرجستان جي گاديءَ جو هنڌ ٽفلس کان ڪي ٿورا ميل پري آهي. هو هڪڙي گرجستاني امير جو پٽ هو، جنهن کي گهڻيءَ پيدائش واري جاگير هٿ ۾ هئي، ۽ اتي جي بادشاهه هرقل يا جنهن کي ”هراڪلوس“ به چوندا آهن، جي راڄ ۾ سرحد جي ويجهو هڪڙو ڪشادو پرڳڻو به مليل هئس، جنهن جو ملڪي ۽ جنگي انتظام سڄو ئي سندس حوالي هو.
نادر شاهه جي مرڻ کان پوءِ، احمد شاهه بادشاهه ايران جي تخت تي ويٺو. تنهن جي ته بلڪل مرضي نه هئي، ته جارجيا جهڙو وڏو ۽ آباد ملڪ سندس قبضي مان هليو وڃي. تنهنڪري سٺ هزار لشڪر سان هو پر ايران مان نڪتو. احمد شاهه جي اوچتي اچي ڪنڌ تي چڙهڻ ڪري ”هراڪلوس“ کي روس جي مدد ملي نه سگهي ۽ هو ٽفلس کان پندرهن ميلن جي پنڌ تي، لڙائيءَ ۾ شڪست کائي مٿو لڪائڻ لاءِ جبلن ڏي ڀڄي ويو.
اها ٽفلس واري لڙائي، جنهن ۾ هيتري خونريزي ٿي گذري، تنهن ۾ ميرزا فريدون بيگ جو پيءُ پنهنجو سرحدي لشڪر وٺي هراڪلوس جي مدد لاءِ آيو ۽ آخر ٻين سان گڏ شڪست کاڌائين. مرزا فريدون بيگ جو پيءُ پاڻ، پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن جان ۽ سڊني سوڌو قيد ٿي پيو ۽ ظاهري مسلماني دين قبول ڪري، موت کان آزاد ٿي، ايران ۾ ٻين قيدين سان گڏجي آيو.
ايران ۾ بادشاهه سندس نالو مٽائي منوچهر رکيو ۽ سندس وڏي پٽ جو نالو جمشيد ۽ ننڍي جو فريدون رکيو.
هاڻي منوچهر بيگ مرزا ايران ۾ ماٺ ڪري نظربنديءَ واري زندگي پيو گذاريندو هو ۽ سندس مسلمان هئڻ ۽ ماٺ واري هلت رکڻ ڪري، منجهس ڪنهن جو شڪ ڪونه هوندو هو. نيٺ هو ڪنهن حيلي سان پنهجي وڏي پٽ جان يا جنهن کي ايرانين جمشيد جو نالو ڏنو هو ۽ جو هاڻي سورهن ورهين جي ڄمار جو جوان هو، تنهن سوڌو ڀڄي نڪتو ۽ پنهنجي سرحدي قوم گڏ ڪري اچي پنهنجن سان گڏيو. جيتوڻيڪ هن پنهنجي وطن ۽ قوم طرفان ايمانداري ڏيکارڻ ۾ ڪين گهٽايو، پر تڏهن به سندس حياتي اچي پوري ٿي هئي، سو پٽ سوڌو نيٺ ارس واريءَ جنگ ۾ مارجي ويو. منوچهر بيگ جي هن طرح ڀڄي وڃڻ ۽ ايرانين سان وڙهڻ ڪري، ايران جي سرڪار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هن جي زال ۽ ننڍي پٽ فريدون کي دڙڪا ڏنائون، ته توهان کان وير ورتو ويندو. هن ڊپ ۽ شرم کان منوچهر بيگ جي بيبي هڪ رات زهر کائي پاڻ کي ماري ڇڏيو، ۽ فريدون کي اڪيلو هن پرڏيهه ۾ يتيم ڪري وئي.
سيد مرتضيٰ شاهه نالي هڪڙو امير، جنهن کي اصفهان ۽ تبريز ۾ وڏيون جاگيرون مليل هيون، سو هڪ ڏينهن جارجيا جي قيدين جي تماشي ڏسڻ لاءِ آيو. تنهن کي ننڍڙي فريدون جي غريبي، ڦڙتائي ۽ تيز فهمي ڏسي مٿس گهڻو رحم آيو. هو هلنديءَ وارو ماڻهو هو، تنهنڪري هن شاهه وٽ عرض معروض ڪري انهيءَ ڇوڪر جي ٻانهن ورتي. انهيءَ شرط تي، ته هو هن جي پرورش به ڪندو ۽ هن جي هلت جو به ذميوار رهندو. پوءِ هن کي مٿيون سيد پهريائين تبريز ۾ وٺي آيو ۽ ڪن ڏينهن کان پوءِ وري اصفهان ۾ آندائينس، جتي هن فارسي ۽ عربي ٻوليءَ جي تعليم ورتي.
انهيءَ وقت ۾ فتح علي شاهه قاچار، ايران جو حڪمرا هو ۽ مير ٽالپر سنڌ جا حاڪم هوندا هئا. تن ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ تي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان ويٺل هئا. مير ڪرم علي خان کي اولاد ڪونه هوندو هو، جيتوڻيڪ هن کي حرم گهڻا ئي هئا، تنهنڪري هن پنهنجي وڪيلن کي اها هدايت ڏيئي ڇڏي هئي، ته ايران مان ڪي ننڍا ٻار هٿ لڳي سگهن، ته آڻين. هنن وڪيلن مان اتفاق سان هڪڙي جي ملاقات شاهه جي درٻار ۾ انهيءَ سيد سان ٿي ويئي ۽ هنن جو پاڻ ۾ رستو ٿي ويو. تنهنڪري هُن کي هِن ڇوڪر ي جي هلت چلت ۽ اُٿ ويهه، توڻي ٻي لياقت ڏسي گهڻي خوشي حاصل ٿي ۽ احوال به معلوم ٿيس. تنهنڪري سيد کي گهڻو زور ڪيائين، ته هن کي ڇڏي، ته مير صاحب ڏي سندس طرفان تحفو ڪري وٺي وڃي. پڪ ڏنائينس، ته سنڌ ۾ ڇوڪر ڏاڍو سکيو رهندو ۽ چڱو نصيب ٿيندس ۽ مير صاحب به ڏاڍو خوش ٿيندو ۽ سيد جو احسانمند رهندو. انهيءَ ڪري سيد کي لاچار ٿيو ۽ فريدون بيگ جي ٻانهن هن جي سپرد ڪيائين، انهيءَ طرح اهو وڪيل هن کي سنڌ ۾ وٺي آيو.
ميرزا قليچ بيگ جا ڀائر:
مرزا فريدون بيگ کي ست فرزند ۽ ٻه نياڻيون هيون. سڀني کان وڏو مرزا غلام رضا بيگ مُنڍ ۾ پرشن ٽيچر حيدرآباد هاءِ اسڪول جو ٿيو، پوءِ ميرپورخاص ۽ ٽنڊي محمد خان جي ننڍن ميرن جو استاد ٿيو ۽ پوءِ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو، جنهن عهدي تي اوچتو ڪراچيءَ ۾ سن 1895ع ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس مڙهه حيدرآباد آڻي دفن ڪيو ويو.
مرزا صاحب مرحوم جو ٻيو ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ، جو ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهي سنڌ مان پهريون مسلمان بي.اي ٿيو. سو پهرين شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو، پوءِ ڪراچيءَ ۾ بوڪ ڊيپو جو ڪيوريٽر ۽ ايڊوڪيشنل ٽرانسليٽر ۽ سرڪاري ”سنڌ سڌار“ نالي اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. پوءِ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر پڻ ٿيو.
چوٿون ڀاءُ مرزا علي قلي بيگ به تعليم کاتي ۾ پهرين پرشن ٽيچر هو، پوءِ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ سن 1904ع ۾ پينشن کان اڳي ئي وفات ڪيائين.
سندس پنجون ڀاءُ مرزا جعفر قلي بيگ هو، جنهن پهرين بمبئيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج جو امتحان، ايل.ايم.ائنڊ.ايس پاس ڪيو ۽ اتي هوشياريءَ ۾ نالو ڪڍيائين. پوءِ لنڊن ۾ وڃي ٻه ٽي امتحان ڏنائين ۽ اتي شادي ڪيائين. اتان موٽي سنڌ ۾ اچي، ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اسپتال کوليائين ۽ نالو ڪڍيائين. هو ٻيو ڀيرو به ولايت ويو. مرزا صاحب سنڌ ۾ پهريون شخص هو، جو تعليم وٺڻ لاءِ ولايت ويو هو. آخر سن 1898ع ۾ پليگ جي بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين.
ڇهون ڀاءُ ميرزا نجف قلي بيگ، انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ سب ڊويزنل آفيسر هو ۽ ڏاڍو آزمودگار ۽ هوشيار ماڻهو هو. نوڪري ڪندي قنبر ۾ نمونيا جي بيماريءَ ڪري ڳوٺ آندو ويو ۽ سن 1891ع ۾  وفات ڪيائين.
ستون ڀاءُ مرزا حيدر قلي بيگ، پهرين ميهڙ سب جيل جو جيلر ٿيو، پوءِ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ٿيو. جتان استعيفيٰ ڏيئي ڊاڪٽر مرزا جو  اسسٽنٽ ٿيو ۽ سندس اسپتال هلائيندو هو. سن 1891ع ۾ نمونيا جي ڪري وفات ڪيائين..
ٻاراڻي وهي، ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم:
مرزا قليچ بيگ مرحوم ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پنهنجي پيءُ واري اباڻي گهر ۾ ڄائو هو. اها سن 1270 - هجري 1853ع جي محرم مهيني جي چوٿين تاريخ هئي.
مرزا صاحب مرحوم ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق رکندو هوندو هو. ٻيا سڀ ٻار راند ڪرڻ ويندا هئا، پر پاڻ قلم ۽ مس کڻي ويهي ڪاغذ ڪارا ڪندو هو. ماڻهن کي عجب لڳندو هو، ته هن کي ٻين وانگي ڇو راند جو شوق نٿو ٿئي! انهيءَ شوق وڌائڻ لاءِ سندس والده مرحومه کيس رنگ رنگ جا پنا، قلمدان ۽ ڪمانگري ڦرهيون وٺي ڏيندي هئي. رڳو لکڻ پڙهڻ جو نه، مگر خاص شعر چوڻ جو به شوق هوندو هئس. ستن اٺن ورهين جي عمر ۾ بيت ٺاهي پنهنجي پيءُ ۽ ناني مرحوم کي ڏيکاريندو هو ۽ پڙهي ٻڌائيندو هو، جي کيس داد ڏيئي همٿائيندا هئا. جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن تيئن سمجهه جهڙا شعر چوڻ لڳو ۽ ڪڏهن فارسي به چوندو هو. مرزا صاحب جو والد اڪثر سندس شعرن جي اصلاح ۽ درستيون ڪندو هو. جڏهن مرحوم مير حسن علي خان يا آغا زين العابدين شاهه يا ڪو ٻيو معزز ماڻهو ملاقات لاءِ يا مهمان ٿي وٽن ايندو هو، تڏهن مرزا صاحب کي سڏيو ويندو هو ۽ پنهنجا شعر انهن کي پڙهي ٻڌائڻ لاءِ  چيو ويندو هو، هو تعريف ڪندا هئا ۽ شاباس ڏيندا هئس. انهيءَ ڪري شعر جو شوق وڌندو رهيس ۽ نيٺ شاعريءَ ۾ ڪماليت کي پهچي ويو.
جڏهن مرزا صاحب پڙهڻ جهڙو ٿيو، تڏهن پهرين پنهنجي ڳوٺ جي خانگي مڪتب ۾ آخوند شفيع محمد وٽ وهاريو ويو، جتي سندس وڏا ڀائر ۽ ٻيا ماروٽ به پڙهندا هئا. جڏهن سندس وڏا ڀائر انگريزي اسڪول ۾ وهاريا ويا ۽ پاڻ به قرآن شريف پورو ڪيائين، تڏهن کيس ۽ سندس ڀاءُ علي قلي بيگ کي حيدرآباد جي سنڌي اسڪول ۾ وهاريائون، جتي سندس پهريون استاد آخوند ولي محمد هو. ڪن ڏينهن کان پوءِ وري قاضي حاجي احمد مٽيارين وارو، سنڌي اسڪول ۾ سندن هيڊ ماستر ٿيو، جو سنڌي ۽ فارسي پاڙهيندو هون. مرزا صاحب گلستان، بوستان، انوار سهيلي، سڪندر نامو ۽ ٻيا فارسي ڪتاب انهيءَ وٽ پڙهيو. بلڪ ڪجهه عربي به پڙهيو. سنڌي اسڪول ۾ فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هو ڏاڍو هوشيار هوندو هو، گهڻا انعام پڻ مليس، جي گولڊ سمٿ صاحب، موئر صاحب ۽ پوءِ نارائڻ جڳنناٿ صاحب هٿ سان ڏنا هئس.
سنڌي اسڪول ۾ پڙهندي مرزا صادق علي بيگ، جو تڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، سو مرزا صاحب کي گهر ۾ پڙهائڻ لڳو. سگهوئي پوءِ پاڻ وڃي ائنگلر ورنيڪيولر اسڪول ۾ ويٺو. اڳيئي ٻه ڪتاب انگريزيءَ جا پڙهيا هئائين، تنهنڪري هڪدم ٻئي ڪلاس ۾ رکيائونس. هيڊ ماستر مسٽر لڪشمڻ وشنو مرهٽو هوندو هو. انهيءَ اسڪول ۾ چڱو نالو ڪڍيائين ۽ هميشه پهريون نمبر ايندو هو. اها ائنگلر ورنيڪيولر اسڪول جي عمارت اُها آهي، جتي پوءِ هاءِ اسڪول بڻيو هو. اُتان چڙهي پوءِ هاءِ اسڪول ۾ آيو، جو تڏهن گهڙيال واريءَ عمارت ۾ هو، جتي هاڻي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد آهي. اسڪول ۾ انگريزي پڙهندو هو، مگر گهر ۾ والد صاحب جي مدد سان فارسي ۽ عربي به پڙهندو رهيو. اُتي والد صاحب کان شعر جا ڪتاب خاص طرح، حافظ، صائب، بيدل، شاهنامو وغيره اتي پڙهيو.
انگريزي هاءِ اسڪول ۾ پنهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي وانگر نالو ڪڍيائين ۽ امتحانن ۾ مٿي آيو ۽ وڏا وڏا انعام کٽيائين. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ يعني: 1871ع ڌاري مرزا غلام رضا بيگ هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر مقرر ٿيو هو ۽ فارسي پڙهائيندو هو پر پوءِ سگهو ئي مرزا غلام رضا بيگ ميرپورخاص جي ميرن جو ماستر مقرر ٿيو، ۽ سندس جاءِ تي چاليهه رپين تي مسٽر فلٽن ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مرزا صاحب مرحوم کي پرشن ٽيچر ڪري رکيو، جتي پاڻ پڙهندو به هو ۽ ٻين ڪلاسن کي فارسي پڙهائيندو به هو. انهيءَ سال مئٽرڪ امتحان ۾ ”ايلس پرائيز“ سٺ رپين جو سنڌي ٻوليءَ تي رکيو ويو هو. انهيءَ لالچ تي عربي ۽ فارسي ڇڏي سنڌي کنيائين ۽ اهو انعام کٽيائين، جو بمبئي يونيورسٽيءَ مان کيس مليو ۽ انهيءَ جا ڪتاب اڄ تائين سندس ڪتبخاني ۾ موجود آهن.
جواني ۽ وڌيڪ تعليم جو احوال:
پيءُ جي وفات کان پوءِ ٻئي سال مرزا صاحب بمبئي ويو ۽ ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو. مسٽر چئٽفيلڊ تڏهن ڪاليج جو پرنسپال هو. سندس پروفيسر مولوي عبدالفتاح هو، ٿورو ئي پوءِ هُن جي جاءِ تي پروفيسر مرزا حيرت آيو ۽ ڪاليج جو پرنسيپال ورڊس ورٿ ٿيو.
ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ تي مرزا صاحب کي سنڌ مان ويهن رپين جي هڪڙي اسڪالر شپ ملي، جا اڳي سندس وڏن ڀائرن کي ملندي هئي. وقت جا پروفيسر يا فيلو سڀ مرزا صاحب مان خوش هوندا هئا ۽ مٿس مهربان رهندا هئا. خاص طرح پروفيسر ميرزا حيرت، جو کيس نه فقط شاگرد، پر پٽ وانگي سمجهندو هو ۽ کيس ڏاڍي محبت ڏيندو هو. پهرئين سال ۾ ئي هن کي معلوم ٿيو، ته مرزا صاحب فارسي ۽ عربي زياده ڄاڻي ۽ وقت بوقت امتحانن جي فارسي جي پيپر ۾، هو کيس هميشه سؤ مارڪون ڏيندو هو، جنهن تي ٻيا سڀ پروفيسر کلندا هئا ۽ مرزا حيرت جي هلت تي حيرت ۾ پئجي ويندا هئا. خانگي وقت ۾ هو ساڻس هزارين موضوعن ۽ مضمونن تي گفگتو ڪندو ۽ جدا جدا شاعرن جا کيس شعر ٻڌائيندو هو. جيڪي مضمون هر ٽرم جي پوري ٿيڻ تي شاگردن کي ڏيندا هئا ۽ جن تي انعام به آڇيل هوندا هئا، تن ۾ هميشه فارسيءَ ۾ مرزا صاحب کي انعام ملندو هو. فارسيءَ ۾ شعر جوڙي مرزا حيرت کي ڏيکاريندو هو، جن ۾ هو درستي ڪندو هو ۽ علم عروض جا قانون کيس چڱيءَ طرح سمجهائيندو هو. پروفيسر حيرت ٻين گهڻين ٻولين ۾ به هوشيار هو. ترڪي به ڄاڻندو هو، تنهن ڪري مرزا صاحب کي به ترڪي سکڻ جو شوق ٿيو ۽ ايتري ترڪي سکي پيو، جو انهيءَ ٻوليءَ ۾ شعر چوڻ لڳو، جنهن جي درستي به پروفيسر حيرت پاڻ ڪندو هو.
مرزا صاحب جو ڪاليج ۾ پارسي مت جي شاگردن، مرهٽن ۽ گجراتين سان گهڻو واسطو رهندو هو ۽ انهن سان دوستي هئس. انهن جي سنگت ۾ سنسڪرت سکڻ جو به شوق ٿيس ۽ پهريان ٻه ٽي ڪتاب پڙهيائين. گجراتي ٻولي به سکيو جا چڱيءَ طرح لکي پڙهي ويندو هو. ساڳيءَ طرح مرهٽي ٻولي به ٿوري گهڻي سکيو ۽ پڇاڙيءَ تائين انهن مڙني ٻولين جي لکڻ پڙهڻ جو استعمال ڪندو آيو. انهيءَ شوق ۽ صحبت ڪري، هندن ۽ پارسين جي مذهبي ڪتاب پڙهڻ جو به شوق ٿيس، انهن تي انهيءَ مذهب جي شاگردن سان بحث ڪرڻ جو به چڱو وجهه مليس، جنهن ڪري منجهانئس تعصب نڪرندو ويو ۽ ٻين مذهبن جا اصول به چڱيءَ ريت سمجهڻ لڳو. مرزا حيرت تصوف مان به واقف هو ۽ پڪو صوفي هو، تنهنڪري مرزا صاحب کي به کانئس تصوف جي پوري واقفيت حاصل ٿي. مطلب ته جيئن ننڍي هوندي پنهنجي پيءُ جي صحبت مان علمي سرمايو وڌايو هئائين، تيئن ممبئيءَ ۾ ميرزا حيرت جي صحبت مان گهڻو ئي ڪُجهه حاصل ڪيائين.
فارسيءَ ۾ هوشياري ڪري ۽ شاگردن جي تعداد وڌيڪ هئڻ ڪري، پروفيسر مرزا حيرت جي لکڻ تي مرزا صاحب کي ڪاليج ۾ بي.اي پاس ڪرڻ کان به اڳ فيلو مقرر ڪيائون، جو هيٺين ڪلاسن کي بلڪ ڪڏهن مٿين ڪلاسن کي به فارسي پڙهائيندو هو. جهڙيءَ طرح هاءِ اسڪول ۾ پاڻ پڙهندي، ٻين کي فارسي پڙهائيندو هو.
مرزا صاحب ممبئيءَ ۾ هو، ته سندس غير حاضريءَ ۾ سندس والده سن 1293 هجري - 1876ع ۾ وفات ڪئي. ترت پاڻ به موڪل تي گهر آيو. کيس ماءُ جي وفات جي خبر نه هئي. ڳوٺ اچي ڏٺائين، ته ٽيجهي جي ماني اوطاق ۾ پئي هلي ۽ ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. مرزا صاحب کي ماءُ جي مرڻ جو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو. اها سڄي موڪل ماتم ۾ گذاريائين. پوءِ لاچار ممبئي ويو، نه ته وڃڻ جي مرضي نه هئس. ممبئيءَ ۾ به سندس حال خراب رهڻ لڳو، نتيجو اهو ٿيو، ته بي.اي ۾ فيل ٿي پيو. پوءِ سگهو ئي بيمار ٿي پيو ۽ پيچش ۽ سوري ٿي پيس. اها بيماري مهينن جا مهينا هلي. آخر ڊاڪٽرن خوف ڏيکاريو ۽ صلاح ڏني، ته ممبئيءَ جي گهميل هوا کان نڪري پنهنجي وطن جي خشڪ هوا ۾ وڃي رهي. سوبه سمنڊ رستي وڃڻ ۾ بيماري وڌيڪ وڌڻ ٿيڻ جو خوف ڏيکاريائون. تنهنڪري لاچار ريل جي رستي روانو ٿيو. انهيءَ طرح ڪاليج جي پچر ڦٽي ڪري. هوا بدلائڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ وٽ ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو.
اهڙيءَ ريت ڪراچيءَ ۾ ٻه ورهيه گذارڻا پيس. ٻيو ڪم ڪار ڪونه هوندو هئس. بيماري گهڻي ڪاٽي هئائين، تنهنڪري هوا بدلائڻ، آرام وٺڻ ۽ تندرستي وڌائڻ جو چڱو وجهه مليس. ان طرح ڪراچيءَ جي ٻين ڪن هندُن ۽ مسلمانن سان اچ وڃ ٿيس. خاص ڪري مسٽر حسن علي، مسٽر ڏيارام ۽ ڪن ٻين سان. پوءِ جڏهن مسٽر ڏيارام جيٺمل سنڌ ڪاليج کوليو ٿي، تڏهن اهڙي رٿ پيش ڪئي هئائين، ته مرزا صاحب کي فارسيءَ جو پروفيسر ڪري رکجي، پر پاڻ پسند نه ڪيائين، جو ارادو هئس، ته روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪري. مسٽر حسن علي تڏهن مدرسو قائم ٿي ڪيو، تنهن کي به انهيءَ ڪم ۾ مدد ڏني هئائين.
نوڪريءَ جي ڏينهن جو احوال:
مرزا صاحب سڀني جي مرضيءَ موجب روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ ڪري قاعدن جا ڪتاب اٿلائڻ لڳو ۽ آفيسن ۾ وڃي ڪم ڏسڻ لڳو. انهن ڏينهن جي ڪليڪٽر ڪرنل لامبرٽ کان لکيل اجازت ورتائين، ته مختيارڪاري يا ڪليڪٽريءَ ۾ وڃي، آفيس جو ڪم ڏسي واقف ٿئي. لالا گيانچند سيوهڻ وارو، تڏهن ڪراچيءَ جو مختيارڪار هو ۽ مسٽر فرامروز پنٿڪي پارسي تعلقي جو هيڊ منشي هو، جن سان خاص طرح دوستي ٿي ويس ۽ جي کيس ڪم ڪار سيکارڻ لڳا. آخر مئجسٽريٽي امتحان ڏنائين، جيتوڻيڪ انهيءَ سال امتحان به مشڪل هو، تڏهن به جيڪي اميدوار ويٺا هئا، تن سڀني مان فقط هڪڙو مرزا صاحب ئي پاس ٿيو.
ٿوري وقت کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر آليونت وري ڪمشنر ٿي آيو، تنهن جي خاص مهربانيءَ سان ۽ صلاح سان مختيارڪاريءَ جي ڪم سکڻ لاءِ شڪارپور ضلع جي ڪڪڙ تعلقي جو هيڊ منشي ٿي ويو. ٻه ٽي مهينا ڪڪڙ ۾ رهيو، پوءِ ميهڙ ڊويزن جي ٿرڙي محبت جو مختيارڪار ڪيائونس، جتي ٻه ٽي ورهيه گذاريائين ۽ اهڙي ريت چڱيءَ هلت رکڻ ۽ نوڪريءَ جا فرض ادا ڪرڻ لڳو، جو مٿيان آفيسر ۽ زميندار ماڻهو منجهانئس ڏاڍا خوش ٿيا.
ٿرڙي محبت کان پوءِ ميهڙ تعلقي ۾ ٿورن ڏينهن لاءِ مختيارڪار ٿي ويو، پر سگهو ئي وري جوهي ۽ پوءِ وارهه يا نصيرآباد تعلقي ۾ بدلي ٿيس، جتي ٻه ٽي ورهيه مختيارڪار رهيو.
ٿرڙي، ميهڙ ۽ وارهه تعلقن ۾ نوڪري ڪندي، ميهڙ جي ڊاڪٽر بينجمن سان سندس واقفيت بلڪ دوستي ٿي، جنهن ميرزا صاحب کي شاديءَ جي خيال ۾ ڏسي صلاح ڏني، ته رٽائرڊ ميجر صوبيدار سردار بهادر شيخ اسماعيل جي ڌيءُ خوبصورت به آهي ۽ پڙهيل به آهي. انهيءَ جي سڱ وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهو ميجر صوبيدار اصل بني اسرائيل قوم جو فرد هو، جو پوءِ مسلمان ٿيو هو ۽ دهليءَ ۾ هڪڙي مغل خاندان مان شادي ڪئي هئائين ۽ انهيءَ مان اولاد هئس. محمد يعقوب سندس وڏو پٽ هو، جو پوءِ سردار ٿيو ۽ وڏي درجي کي پهتو ۽ نالو ڪڍيائين.
نيٺ پنهنجي ڀائرن جي صلاح سان تاريخ 25 ڊسمبر 1888ع ۾ مرزا صاحب پهرين شادي ڪئي. اها موڪل جي وقت ۾ ٿي هئي ۽ موڪل پوري ٿيڻ تي مرزا صاحب جي بدلي گهوٽڪيءَ ۾ ٿي، جتان وري روهڙي بدلي ٿيس. سال 1889ع ۾ هائر ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪيائين ۽ ٽن مهينن لاءِ ائڪٽنگ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي شڪارپور جو سٽي مئجسٽريٽ ٿي رهيو. سگهوئي پوءِ پڪو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي لاڙڪاڻي ۾ آيو ۽ مسٽر ميولس جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. پوءِ وري سيوهڻ ڊويزن ۾ آيو ۽ مسٽر ليوڪس اسسٽنٽ ڪليڪٽر کان اچي چارج ورتائين ۽ ڪوٽڙيءَ واري بنگلي ۾ رهڻ لڳو. اتان وري جيڪب آباد بدلي ٿيس، جتي مسٽر قادر داد افغان طاراڻيءَ کان چارج ورتائين، جو رياست خيرپور جو وزير ٿي ويو. جيڪب آباد ۾ ٽن ورهين تائين رهڻ ڪري بلوچن جي صحبت ۾ بلوچي ٻولي به سکيو، جا لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪرڻ لڳو.
مارچ 1904ع کان مرزا صاحب موڪل ورتي، انهيءَ وقت حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ پليگ جي وبا پکڙيل هئي. شهر ۾ لڏپلاڻ گهڻي هئي. انهيءَ پليگ ۾ تاريخ 19 - مارچ 1904ع مرزا صاحب جي زال وفات ڪئي، جنهن کي پنهنجي خاندان جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. انهيءَ گهرواريءَ مان ميرزا صاحب کي ٻه فرزند: مرزا نادر بيگ، مرزا اختر بيگ ۽ هڪ نياڻي ٿي.
اڪيلو رهڻ مشڪل نظر ايندو هئس ۽ هر دم زال کي ياد ڪندو پيو هو ۽ اٻاڻڪو رهندو هو. اها حالت ڏسي، مرزا صادق علي بيگ ۽ سردار محمد يعقوب وري شادي ڪرڻ جي صلاح ڏنس. آخر پنهنجي ماروٽ مرزا قزلباش بيگ جي نياڻيءَ سان مئي 1907ع ۾ شادي ڪيائين. وري ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جي صحبت ۾ خوش رهڻ لڳا، ته اوچتو ئي اوچتو ٻئي سال 1908ع جي مئي مهيني ۾ اها سندس زال به هڪڙو پٽ ڄڻي ويم دوران وفات ڪري ويئي. انهيءَ زال سان به مرزا صاحب جي گهڻي محبت هئي ۽ انهيءَ ڪري وري ٻيو تازو صدمو پهتس. انهيءَ گهرواريءَ منجهان هڪ فرزند ٿيس، جنهن جو نالو مرزا همايون بيگ هو.
ٻيءَ زال جي وفات کان پوءِ وري به مرزا صاحب جي طبيعت پريشان رهڻ لڳي ۽ بيمار ٿي پيو، تنهنڪري 1909ع ۾ ٽن مهينن جي موڪل ورتائين، جنهن جي پوري ٿيڻ تي به طبيعت برابر نه رهيس ۽ ٽيهه ورهيه نوڪري به پوري ٿي هئس، تنهن ڪري اڌ پگهار تي پينشن ورتائين. انهيءَ وچ ۾ 1909ع جي نومبر مهيني ۾ وري به مرزا قلب علي بيگ جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان مرزا صاحب مرحوم کي اٺ پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن.
مذهب ۽ مذهبي فراخدلي:
مرزا صاحب پنهنجي مذهب بابت جيڪي هٿن سان لکيو آهي، سو اکر به اکر ڏيان ٿو، پوءِ ڀل ته هر هڪ پڙهندڙ پنهنجي راءِ قائم ڪري، ته مرزا صاحب جو مذهب ڪهڙو هو:
”مذهب جي نظر تي اسين گرجي مرزا شيعا آهيون، يعني جعفري يا اثنا عشري. بابو ۽ نانو مرحوم ننڍي هوندي پنهنجي وطن مان نڪري پهرين ايران ۾ رهيا، جتي شيعن جي مذهب جي تعليم ملين. وري جڏهن سنڌ ۾ آيا، تڏهن به مير ٽالپرن وٽ رهيا، جي پڻ شيعا مذهب جا هئا، تنهن ڪري پڇاڙيءَ تائين انهيءَ مذهب ۾ رهيا. سنڌ ۾ رهڻ ڪري اسان جو توڙي اسان جي وڏن جو اهل سنت سان گهڻو واسطو رهيو، تنهن ڪري انهن جا اڳيان تعصب ظاهر ڪرڻ پسند نه ايندو هون. مون کي ياد آهي، ته نانو مرحوم سنين سان گڏ سنين جي نماز پڙهندو هو، اسين ڀائر به ائين ڪندا اچون. اگرچ اسان مان ڪي شيعي مذهب جا زياده پابند آهن ۽ ڪي سنين سان به ظاهري طرح شامل ٿيندا آهن. جيئن ته جمعي يا عيد جي نماز وقت يا ٻين وقتن تي سني جماعتن سان نماز پڙهڻ وقت مون کي ٻين مذهب جي ڪتابن ۾ پڙهڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونه ٿيندو آهي، اگرچ منهنجي ڪن عزيزن کي ٿيندو آهي. مون کي پاڻ شوق رهندو آهي، ته ٻين مذهبن جا ڪتاب پڙهان ۽ انهن جي اصولن جو اسلام جي اصولن سان تقابل ڪريان. انهيءَ خيال سان شيعن جا مذهبي ڪتاب توڙي سُنين جا گهڻا پڙهيا اٿم ۽ طرفين جي ٻارن لاءِ ٻنهي مذهبن جا ڪتاب لکيا به اٿم. عيسائين، هندن، ٿياسفي، تصوف، بهائي ۽ ٻين مذهبن جا ڪتاب به اڪثر شوق سان پڙهندو آهيان ۽ انهن جا ڪيترا ڪتاب ترجما به ڪيا اٿم. جيئن ته توريت، انجيل، زبور، ٿياسافي وغيره. تصوف وارو مذهب صُلح ڪُل جو سڀ کان بهتر آهي، جو نج اسلام آهي ۽ جنهن ۾ سڀ اصلوڪا مذهب اچي وڃن ٿا ۽ جنهن موجب سڀ انسان فرق کانسواءِ هم مذهب ۽ ڀائر ٿي سگهن ٿا، ماڻهو مون کان پڇندا آهن، ته تنهنجو ڪهڙو مذهب آهي؟ سني آهين يا شيعو؟ يا وچؤن ڪو ٻيو مذهب اٿئي؟ تنهنجو پِيرُ يا مُرشد ڪير آهي؟ اهڙن وقتن تي آءٌ منجهي پوندو آهيان ۽ نيٺ چوندو آهيان، ته آئون سني به آهيان ۽ شيعو به آهيان. بلڪه سڀني مذهبن جو آهيان. سڀني مذهبن جا اصول ڄاڻان ۽ انهن تي ڪتاب لکيا اٿم ۽ سڀني سان تعصب کان سواءِ گذاريندو آهيان. ”ڪيو تعصب ڌار ٻاهر هندو ۽ مسلمان جو ٿانءُ، نه ته اندر ميخاني ۾ ساقي به هڪ پيالو به هڪ“
سادگي:
مرزا صاحب پنهنجي عزيزن بلڪ دوستن ۾ نماڻو، نهٺو، نرم دل، صبر وارو ۽ ٿور ڳ لهائو شمار ڪيو ويندو هو. پاڻ انهيءَ کي فخر سمجهي خوش ٿيندو هو. جيتوڻيڪ ماڻهو انهيءَ کي سندس عيب سمجهندا هئا ۽ حد کان وڌيڪ نرمائي يا ڀورڙائي شمار ڪندا هئا. ڀورڙائي ۽ سادگيءَ سان گڏ نرمي ۽ قياس جي حالت به مرزا صاحب ۾ خاص طرح هئي. ٻه ڄڻا وڙهندي ڏسندو يا ٻڌندو هو، ته دل جو لاڙو ضرور لاهيڻي يا ضعيف جي پاسي هوندو هئس ۽ مدد ڪرڻ به انهيءَ کي چاهيندو هو، جيڪو ڪرندو يا هارائيندو يا غم ڪندو هو، تنهن جي لاءِ گهڻو ارمان ٿيندو هئس. ٻين ڌارين ماڻهن جي گهر ۾ قضيي ٿيڻ ڪري پاڻ روئندو هو ۽ ٻين جي غم جو احوال ٻڌي روئڻ ايندو هئس.
صبر، قناعت، بي طمعي ۽ توڪل:
پاڪ پروردگار مرزا صاحب کي دل ۾ صبر، قناعت ۽ توڪل جا خزانا بخشيا هئا ۽ دنيا جي طمع بلڪل نه ڏني هئس، تنهن ڪري پيسي ميڙڻ جو شوق به ڪونه هوندو هئس. ايمانداريءَ جي رستي خوشحاليءَ جي حالت تائين پهتو ۽ اميد رکندو هو، ته خدا پاڻهي سندس اولاد کي به چڱي حال ۾ رکندو ۽ انهن جي مدد ڪندو، اهڙيءَ حالت ۾ دنيا جي طمع گهٽ هئڻ ڪري، دنيا ۽ آخرت جي عزت ۽ سرخرو ئي هميشه خدا کان گهرندو هو، پر نه دنيا جي دولت، نه اجائي رستي سان نالو ناموس. وڏي عهدي ۽ وڏي درجي يا لقب لاءِ ڪڏهن به خواهش نه ڪيائين ۽ نه ڪڏهن ڪوشش ڪيائين. پينشن وٺڻ کان پوءِ سرڪار مهرباني ڪري هزار ايڪڙ زمين جا هلڪي مالڪاڻي تي ڏيڻا ڪيا هئس، گهڻن ڪشالن کان پوءِ ٽنڊي محمد خان جي پاسي زمين هٿ ڪيائين، پر انجنيئر پاڻي ڏيڻ تي اعتراض آندو، جيڪر وڌيڪ پيسا خرچ ڪجن ها، ته انجنيئري کاتو به راضي ٿي ضرور موڪل ڏئي ها، پر پاڻ اهڙي رستي وڌيڪ پيسا خرچڻ نه گهريائين ۽ ڏاڍي نفرت سان زمين جي دعويٰ ڇڏي ڏنائين. اهو سندس طبعيت ۽ دل جي ميل، توڪل ۽ قناعت جو هڪڙو مثال آهي. جيڪا حالت هوندي هئس، انهيءَ تي خوش رهندو هو ۽ پاڻ سمجهندو هو، ته آءٌ لائق به انهيءَ جو آهيان. پاڻ انهيءَ بابت هڪڙي ڏاڍي سهڻي رُباعي لکي اٿس، چوي ٿو:
تون حرص ۽ هوس جو، دل ۾ ڪو ساز نه ڪر،
خودبيني ۽ خود فروشي، آغاز نه ڪر،
جي تنهنجي مراد ٿي، نه پوري نه پڪار،
آئين تون نياز لاءِ  هت ناز نه ڪر.
علم جو شوق:
هاڻي آءٌ مرزا صاحب مرحوم جي لکڻ پڙهڻ جي شوق ۽ عادتن جو ڪجهه تفصيلي ذڪر ڪندس. مٿي ڏيکاريو اٿم، ته مرزا قليچ بيگ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان گهڻو هوندو هو، بلڪ راند کان به اهو شغل وڌيڪ پسند ايندو هئس ۽ ننڍي هوندي کان ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو شوق رهندو هئس. جيئن علم وڌيڪ ٿيندو ويس، تيئن ڪتاب گڏ ڪرڻ جو به شوق پيدا ٿيس. انهيءَ ڪري جيڪي سندس وڏن جا قيمتي ۽ عمدا ڪتاب هئا، سي خاص طرح پاڻ لاءِ هٿ ڪيائين، بلڪ ٻيا به انگريزي، عربي، فارسي، اردو، ترڪي ۽ ٻين ٻولين جا ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ لڳو. پڇاڙيءَ تائين هميشه نوان ڪتاب گڏ ڪندو ايندو هو. گهڻو ڪري سنڌ ۾ جيڪو نئون ڪتاب ڇپيو هو، تنهن جو مصنف هميشه هڪڙي ڪاپي کيس موڪليندو هو. خود سندس جوڙيل ڪتابن جي به هڪڙي وڏي لائبريري هئي، جا اڃا تائين موجود آهي. ڪتاب اڪثر علم، حڪمت، فلسفي، اخلاق ۽ مذهب جي موضوع جا پسند ايندا هئس ۽ اهي پڙهندو هو. جهڙا انگريزي تهڙا ٻيا. ناول ۽ قصا گهڻو ڪري نه پڙهندو هو. اکين سان ڏسي دل ۾ پڙهندو هو ۽ تمام تڪڙو پڙهندو هو. مگر ڌيان سان پڙهندو هو ۽ ڪتاب جي چڱن عمدن ڀاڱن تي نشان ڪندو ويندو هو، جي پوءِ ڪتاب پوري ڪرڻ بعد جدا نوٽ بُڪ تي لکندو ويندو هو. اهڙا چونڊ نوٽ بڪ به گهڻا ئي هئا. فارسي، عربي ۽ اردو واري چونڊ جو نالو ”ابڪار الافڪار“ رکيو هئائين ۽ انگريزي چونڊ جو ”انگلش جيمس“.
تصنيف جو شوق:
ڪتابن پڙهڻ جي شوق مان ڪتابن لکڻ جو شوق پيدا ٿيس. ڪي ڪتاب ته اسڪول ۾ پڙهندي ۽ ڪي ڪاليج ۾ پڙهندي لکيائين. ڪي ڪتاب نوڪريءَ کان پوءِ ڪي اڳي لکيائين ۽ ڪي ته وري خود نوڪريءَ جي عرصي ۾ لکيائين. انهيءَ ڪري ماڻهن کي سواءِ اُجوري جي ڇاپڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ جيڪي ڇاپيل ڪاپيون ملنديون هئس. سي سنڌ جي جدا جدا لائبريريءَ وارن جي درخواست تي انهن کي پڻ ڏيندو هو ۽ غريب شاگردن کي اسڪولن ۽ مڪتبن جي امتحان وٺڻ تي انعام ڏيندو هو ۽ ڪي يارن دوستن کي تحفي ۾ ڏيندو هو. ڪتابن لکڻ ۾ ڪو وقت ضايع ڪونه ڪيائين. جڏهن ڪڏهن ڪو فراغت جو وقت ٿورو يا گهڻو بچندو هئس، ته ماٺ ڪري ويهڻ يا راند ڪرڻ يا اجائي ڳالهائڻ جي بدران ڪجهه پڙهي يا لکي وٺندو هو. سرڪاري نوڪريءَ ۾ به فرض ڪيل ڪم ڪرڻ کان پوءِ واندڪائيءَ جو وقت پڙهڻ ۽ لکڻ جي ڪِرت ۾ لڳائيندو هو. اڪثر اهو ڪم رات جو ڪندو هو. خاص اَسر جو. انهيءَ ڪري هڪڙو ئي ڪتاب گهڻا ڏينهن کائي ويندو هئس. اهو ڪتابن لکڻ جو شوق مشهوري يا پيسي ميڙڻ لاءِ نه هوندو هئس. خاص مطلب ٽي هوندا هئس:
پهريون اهو، جو واندڪائيءَ جي وقت ۾ هڪ چڱي ۽ مفيد ڪرت رهندي هئس ۽ وقت اجايو نه ويندو هئس ۽ اجاين خيالن ۽ اجاين ڳالهين ۽ حرڪتن ڪرڻ کان بچندو هو.
ٻيو اهو، ته ڪتابن لکڻ لاءِ پهرين چڱن ڪتابن کي غور ۽ ڌيان سان وري وري پڙهڻ جو وجهه ٿي مليس، جنهن ڪري علمي ماپو وڌيڪ ٿيندو هئس.
ٽيون اهو، ته چڱن ڪتابن لکڻ مان ٻين ماڻهن کي فائدي رسائڻ جو وجهه ملي ٿي سگهيس ۽ اها به خيرات يا زڪوات هئي. ڄڻ ته اها علم جي زڪوات هئي، جيئن دولت ۽ مال تي زڪوات واجب آهي. سندس نظر ۾ علم ۽ ڄاڻ به هڪڙي سچي دولت هئي ۽ جيڪي ڪتاب وٽسڪ هئا، تن کي هڪڙو خزانو سمجهندو هو.
شعر ۽ تصوف جو شوق:
صبح جو جڏهن هوا کائڻ ويندو هو، تڏهن رستي ۾ اڪثر خيال پچائيندو ويندو هو ۽ شعر به انهيءَ وقت جوڙيندو هو. يا ته وري شام جو سمهڻ کان اڳي اهڙا خيال پچائيندو هو. بعضي جي فرمائش موجب ڪو راڳ يا شعر جوڙيندو هو، ته انهيءَ خيال ۾ گهڻو ڀاڱو رات جو به گذري ويندو هئس.
اڪثر سندس شعر جدا جدا موضوع ۽ عنوان تي آهي. اسلامي ۽ مذهبي مضمونن تي جيتوڻيڪ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ قرآن، حديث ۽ فقهه جي بنياد تي مضمون ڏنا اٿس، تڏهن به حڪمت ۽ فلسفي وارا مضمون تصوف جي بنياد تي لکيا اٿس. جيتوڻيڪ وڏن بزرگن تصوف جا اصول بيان ڪيا آهن ۽ اهي شرعيت جا پابند رهيا آهن، ته به اڪثر عام شرعيت وارا انهن تي اعتراض آڻيندا آهن. بلڪ ڪي ته انهن کي ڪافر يا غير شرعي ڪم ڪرڻ ۽ ڳالهين ٻڌائڻ وارا سڏيندا آهن. تنهن ڪري اهڙي تهمت کان مرزا صاحب به آزاد ناهي. ڪيترن مسلمانن سني توڙي شيعا انهيءَ نسبت ۾ کيس سوال وڌا، جن جا جواب پئي ڏنائين. پر انهيءَ ۾ سندس ظاهري شرعت موجب هلت کيس پئي بچايو. تنهنڪري ٻين بزرگن وانگي سندس به اها راءِ هئي، ته شرعي ۽ ديني ڪمن ۽ رسمن جي نسبت ۾ حقيقي خيال ڪهڙا به هجن، ته به اهي پنهنجي جند جي لاءِ رکڻ گهرجن، نه خلق کي ٻڌائڻ ۽ واعظ ڪرڻ لا”، نه ته شيخ حسين منصور حلاج واريءَ سزا ملڻ جو خطرو آهي يا ته خلق ۾ خواريءَ جو ڊپ آهي. شاهه ڀٽائيءَ جي قول موجب هلت ڪرڻ گهرجي، جا پڻ ٻين مشهور صوفي بزرگن جي رهي آهي.
روزا ۽ نمازون ، ايءُ پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم ، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.
پيري، گوشه نشيني ۽ وفات:
جيتوڻيڪ مرزا صاحب ٽيهه ورهيه سرڪاري نوڪري ڪئي، ته به هميشه دل ۾ اها خواهش رهندي هئس، ته نوڪري پوري ڪري پينشن وٺي، ته پنهنجي دل جي خواهشن موجب ڪتاب مطالع ڪرڻ ۽ لکڻ واري شغل ۽ عبادت ۽ رياضت ۾ وڌيڪ وقت گذاري سگهي. جيتوڻيڪ نوڪريءَ هوندي به اڪثر انهيءَ مشغوليءَ ۾ رهندو ٿي آيو. ڏينهن جو جڏهن به سرڪاري ڪمن کان فرصت ملندي هئس، تڏهن ايئن ڪندو هو، پر رات جو خاص طرح اهي ڪم ڪندو هو ۽ انهيءَ لاءِ پنهنجي ننڊ ۽ آرام ڦٽائيندو هو. نوڪريءَ هوندي به کيس اڪثر اڪيلائي، گوشي نشيني ۾ رهڻ ۽ خيال ڪرڻ پسند ايندو هو. اڪثر صبح جو اڪيلو گهمڻ نڪري ويندو هو، جيئن پڇاڙيءَ تائين ڪندو رهيو، قبرستانن يا قبن يا ڦٽل ڳوٺن ۽ دڙن تي وڃي رهندو هو، زماني جي گردش، وقت جي گذرڻ، انسان جي حالت ۽ خدا جي قدرت جو خيال پچائيندو هو. پر جڏهن نوڪريءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري خانگي ڏکن، مصيبتن ۽ صدمن جا اتفاق ٿيڻ لڳس، دل بي آرام ۽ غمگين رهڻ لڳس، تڏهن ته پاڻ اڪيلائي، گوشي نشينيءَ جا خيال وڌيڪ پيدا ٿيس ۽ خدا کان دعا گهرندو هو، ته ڪنهن طرح سان جلد جند ڇڏائي آزاد ٿئي ۽ پنهنجي دل گهري مشغولي ڪري.
پينشن وٺڻ مهل مرزا صاحب جي عمر پنجونجاهه ورهيه هئي، تنهن ڪري جواني ڇڏي پيريءَ ۾ داخل ٿيو هو. مگر نوڪريءَ جي محنت، ڪشالي، ورزش ۽ تندرستي ۽ عادتن جي نظر تي اڃا پاڻ کي بلڪل جوان ٿي ڄاتائين. پڇاڙيءَ تائين گهمڻ ڦرڻ، هوا کائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ايترو ڪندو آيو، جيترو نوڪريءَ ۾ ڪندو هو، بلڪ وڌيڪ خدا جي مهربانيءَ سان پڇاڙيءَ تائين مقرر عادن جي ڪري تندرست رهيو ۽ بيماري به گهٽ ٿيندي هئس. ڏند به سڀ سلامت هئس ۽ نظر به چڱي هوندي هئس. جيتوڻيڪ سنهن اکرن پڙهڻ وقت عينڪ ڪم آڻيندو هو.
پينشن وٺڻ کان پوءِ نواب شاهه ۾ جيڪا زمين مرزا صاحب کي سرڪار کان خانداني آبروءَ جي نظر تي مليل هئي ۽ جنهن جي سنڀال مرزا صادق علي بيگ ڪندو هو، تنهن جي نظرداري ڀاءُ جي وفات کان پوءِ پاڻ تي کنيائين ۽ اڪثر اتي پنهنجي ديهه تي ويندو رهندو هو ۽ پنهنجو ذاتي شغل، لکڻ پڙهڻ جو ڪم به ڪندو رهندو هو.
ٻي سڄي مشغولي، ته ڪتابن ٺاهڻ، لکڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جي شعر چوڻ جي هئس، جنهن ۾ گهڻو ڀاڱو وقت جو گذري ٿي ويس. نه رڳو پنهنجا ڪتاب لکندو هو، پر اڪثر سنڌ جا جدا جدا ماڻهو، هندو يا مسلمان ليکڪ جيڪي ڪتاب يا شعر ٺاهي، ڏسڻ لاءِ يا اصلاح ۽ درستيءَ لاءِ يا راءِ يا صلاح لاءِ موڪليندا هئس، سي واندڪائيءَ مهل ڏسي درست ڪري موڪليندو هو. بلڪه ڪنهن ڪتاب جي لکڻ ۾ ڪو مدد گهرندو هئس، ته خوشيءَ سان ڏيندو هو ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ ٻين مخزنن ۽ رسالن ۾ ڇاپڻ لاءِ ڪو مضمون يا شعر گهرندا هئس، ته اهو به خوشيءَ سان ڏيندو هو يا ڪتابن جي منڍ ۾ ديباچي يا تهميد وانگي لکي ڏيڻ  لاءِ چوندا هئس ته اهو به لکي ڏيندو هو. سرڪاري ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. عربي، فارسي ۽ اردو نوان ڪتاب، جيڪي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن وٽ ايندا هئا ۽ هو موڪليندو هو، تن تي راءِ ڏيندو هو. انهيءَ کان سواءِ عملي، اخلاقي يا پنگتي يا پرهيز جي سوسائٽين يا جماعتن ۾ ليڪچر ڏيڻ يا انهن لاءِ ڪنهن مضمون لکڻ لاءِ چوندا هئس، ته اهو به لکندو هو. سرڪاري ڊپارٽمينٽل امتحان يا يورپين آفيسرن جي سنڌي امتحانن لاءِ اڪثر ڪمشنر صاحب چوندو هئس يا سڏائيندو هئس. تعليم جي نسبت ۾ سرڪاري يا خانگي ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چوندا هئس، ته خوشيءَ سان شامل ٿي سندن فرمائش موجب تقرير يا تجويز ڏيڻ کان نٽائيندو نه هو. جانورن کي ظلم کان بچائڻ لاءِ جا حيدرآباد ۾ هڪ نيم سرڪاري سوسائٽي آهي، تنهن جو به ميمبر هو. بلڪ وائيس پريزيڊنٽ به ٿي رهيو هو ۽ انهيءَ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ضروري ليک به لکندو هو. انهيءَ کان سواءِ شهر جي بلڪ سنڌ جي ”انجمن اسلاميهء جو به ميمبر هو ۽ خاص ڪري ’انجمن اماميه‘ حيدرآباد يا شيعا ڪانفرنس آل انڊيا واريءَ جو به ميمبر هو. بلڪ انهيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر لکنوءَ ۾ يا لاهور ۾ هو.
اهي آهن مشغوليون، جي پينشن وٺڻ کان پوءِ مرزا صاحب رکندو هو. اھي دل ۽ روح جي موافق هئس. ميونسپالٽيءَ ۾ ڪائونسلر ٿيڻ لاءِ يا لوڪل بورڊ ۾ ميمبر ٿيڻ لاءِ اسپيشل مئجسٽريٽ يا بئنچ مئجسٽريٽ ٿيڻ لاءِ، آفيسرن وقت بوقت مهرباني ڪري آڇ پئي ڪيس، بلڪ زور پئي ڪيس، ته به معافي گهري قبول نه ڪيائين، جو اهو ڪم سندس طبعيت مطابق نه هو. ڪائونسل ۾ ويهڻ لاءِ به سنڌ جي گهڻن دوستن صلاح ڏني هئس، پر پاڻ قبول نه ڪيائين. خيرپور رياست جي وزارت خالي ٿيڻ وقت مير علي مراد خان، پوءِ مير فيض محمد خان جي وقت کان وٺي مير صاحب پاڻ مهرباني ڪري وزير ٿيڻ لاءِ پئي چيس، پر پاڻ ڪو نه ڪو عذر ڏيئي معافي گهرندو آيو.
نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ مرزا صاحب مرحوم کي چئن قسمن جي مصروفيت رهندي هئي. پهرين ٻارن ٻچن جي پرورش ۽ تعليم ڏيڻ جي، ٻي خلق جي سڌاري، فائدي ۽ مدد ڏيڻ جي، خاص علم ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ، ٽين ڪتابن لکڻ ۽ شعر ٺاهڻ جي، جنهن مان پڻ خلق جي فائدي جي نظر هئس ۽ چوٿين پنهنجي جند جي بهتري ۽ خدا تعاليٰ جي بندگيءَ جي.
مرزا صاحب اپريل جي پهرين تاريخ 1929ع هالن جي مخدوم صاحب جي گهرائڻ تي اوڏانهن ويو. رستو تمام خراب هو ۽ موٽر جي لوڏن ۽ تڪليف ڪري گردي ۾ سور ٿي پيس. ٿورن ئي ڏينهن ۾ نمونيا ٿي پيس. جنهن تمام تڪليف ڏنس ۽ جيتوڻيڪ خدا جي مهرباني ۽ ڊاڪٽر شيخ نور محمد جي علاج سان صحتياب ٿيو، پر بلڪل ضعيف هو ۽ دل جي ڪمزوري، جا گهڻي وقت کان هئس، سا به زور وٺي وئي. ڊاڪٽرن آرام جي هدايت ڪيس، پر پاڻ واندي ويهڻ کان وري به پنهنجي دستور موجب روزانو ڪم ڪار ڪندو رهيو. هميشه ڊاڪٽر نور محمد، جي علاج هيٺ رهيو، جو سندس طبعيت کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ ساڻس دوستيءَ جو رستو به هئس. تاريخ 3 - جولاءِ 1929ع سڄو ڏينهن اداس ۽ غمگين گذاريائين. سڄي ڏينهن ۾ اهڙيون اهڙيون ڳالهيون پئي سمجهايائين ۽ ڪيائين. جيئن ڪو ٻاهر وڃڻ وارو ماڻهو وڃڻ کان اڳي سمجهائي ڪندو آهي. رات جو هميشه وانگر ماني کائي سومهڻيءَ جي نماز پڙهي، نائين وڳي ڌاري وڃي ستو. اٽڪل ساڍي ڏهين وڳي سندس اک کلي، کنگهه جي شڪايت ڪيائين ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيس. ٿوري ئي وقت ۾ کنگهه تمام گهڻي ٿيڻ لڳي، تنهن سبب سندس زال پنهنجن عزيزن کي گهرايو. مرزا منوچهر بيگ، مرزا سڊني بيگ ۽ ٻيا هڪدم اچي وٽس گڏ ٿيا. ٿوري وقت ۾ کنگهه بند ٿي ويئي ۽ رڳو ساهه تمام مشڪلات سان ٿي کنيائين. انهيءَ بعد بس هڪڙو دفعو وڏي آواز سان الله چيائين ۽ سندس روح خاڪي پڃري مان آزاد ٿي اُڏامي ويو. انا لله وانا اليہ راجعون.

No comments:

راءِ ڏيندا