; سنڌي شخصيتون: مولانا عبدالڪريم لغاري - محمد اشرف لغاري

15 April, 2011

مولانا عبدالڪريم لغاري - محمد اشرف لغاري


مولانا عبدالڪريم لغاري
محمد اشرف لغاري
تاريخ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جيڪي پنهنجي عظيم ڪارنامن جي ڪري هميشه امر ٿي وينديون آهن. انهن مهان شخصيتن مان حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رح به هڪ هئا.
حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري، سنڌ جو صاحب تقويٰ بزرگ، نالي وارو محقق ۽ تاريخدان ٿي گذريو آهي.
هي سنڌ جو عظيم شاعر ۽ اديب 12 مارچ 1915ع ۾ ٽنڊوالهيار جي هڪ ڳوٺ ڳاڙهو صدر ۾ پيدا ٿيو.
سائين پنهنجي علمي سفر جي شروعات پنھنجي ڳوٺ وٽان ڪئي. وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي جيد ۽ برک عالمن جو رخ ڪيائين. جهڙوڪ مولانا نوح خاصخيلي، شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني، حضرت مولانا محمد عثمان قراني رح، بعد ۾ علم جي تڪميل لاءِ برصغير جي عظيم اسلامي يونيورسٽي دارالعلوم ديو بند (انڊيا) ويا. اتي ٽي سال رهي واپس پنهنجي وطن موٽيا.
حقيقت ۾ سندس شخصيت دارالعلوم ديوبند ۾ نکري. ان دور ۾ برصغير تي انگريزن جو راڄ هو. آزاديءَ جون تحريڪون عروج تي هيون. دارالعلوم ديوبند آزادي پسندن لاءِ هڪ فيڪٽري جو ڪم ڏئي رهي هئي. جتي سياسي طور تي آزاديءَ جو امام مولانا عبيدالله سنڌي جن جي تربيت جاري هئي.
ان سان گڏ مولانا حسين احمد مدني رح جيڪي پنهنجي شاگردن کي علمي، سياسي ۽ روحاني طور تي تيار ڪري رهيا هئا. حضرت مولانا حسين احمد مدني پنهنجي علم سان هي ڳالهه سمجهائي ته هن درسگاهه مان فراغت بعد توهان کي هڪ مسجد يا هڪ تنگ سوچ تائين محدود ناهي رهڻو. ملڪ ۾ اوهان کي معاشرتي طور تي هڪ فعال ۽ خدمت خلق جي جذبي سان سرشار شهريءَ جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
سچ پچ حضرت مولانا عبدالڪريم دارالعلوم مان فارغ ٿيندي ئي مسڻ جهڙي تمام پوئتي پيل علائقي ۾ محنت جو ميدان بنايو، جتي پوري علائقي ۾ تعليم جو ادارو نه هو.
پاڻ فارغ ٿيڻ شرط، پهرين پنهنجي هڪ سؤٽ مولانا محمد اسماعيل لغاري جي قائم ڪيل مدرسي ۾ معلمي جا فرائض سرانجام ڏنائون. بعد ۾ مستقبل جي حالات کي مدنظر رکندي، هڪ پرائمري اسڪول ملا مڪتب جي نالي سان قائم ڪيائون.
ان کان پوءِ سنڌ مدرسته الاسلام جي طرز تي هڪ اسلاميه هاٰءِ اسڪول جو بنياد رکيائون. جنهن ۾ غريبن ۽ مسڪينن کي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ مفت ۽ وظيفو پڻ ڏنو ويندو هو. هن اداري مان نالي وارا شاگرد پيدا ٿيا. جن پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي ۽ ديس جي ناماچاريءَ ۾ اضافو ڪيائون. ان کان علاوه مسڻ ۾ ٽپال گهر، گرلس پرائمري اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول ۽ مسڻ کان سلطان آباد تائين روڊ جو بنياد به سندس ئي رکيل هو.
حضرت مولانا عبدالڪريم بلند پايه عالم دين ۽ عربي فارسي ۽ سنڌي جو مشهور اديب ۽ شاعر هئا. سندس شاعريءَ جا مجموعا؛ بياض ڪريم ۽ بياض زاهد قلمي صورت ۾ لائبريري اشاعت العلوم مسڻ ۾ محفوظ آهن. ان کان علاوه ڇپيل ڪتاب، مرد قلندر ۽ سڪ جو سفر (انڊيا جو سفر) به آهن. تاريخ جي سلسلي ۾ سندس مشهور ڪتاب ”ٿڌا وڻ ولهار جا“ وڏي اهميت جو حامل آهي. جنهن جو مھاڳ ڊاڪٽر بلوچ جن جو لکيل آهي. ان کان علاوه وقت بوقت سنڌ جي تاريخ جي خدمات تي مقالا لکندا رهندا هئا.
آخر ۾ هڪ ڪتاب قصيده برده شريف لغت سميت لکيائون. آخري ڀيرو ديار حرمين مان هڪ تاريخي خط پنهنجي پرسنل سيڪريٽري امان الله ڪنڀار ڏانهن لکيائون، جيڪو ادبي دنيا جو وڏو شاهڪار آهي. جنهن جي پڙهڻ سان خبر پوي تي ته پاڻ عشق محمدي جي ڪيڏي نه عظيم رتبي تي پهتل هئا.
افسوس سنڌ جو هي عظيم انسان 27 نومبر 2004ع تي، هن دنيا مان رخصت ٿي، پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.
تنهنجي تربت تي فلڪ، بارش جي باراني ڪري
پاڪ پرور تنهنجي نئين گهر جي نگهباني ڪري
سال تنهنجي روح تي رحمت هجي رب پاڪ جي
تاقيامت شل هجي ترتازگي هن خاڪ جي.
   

No comments:

راءِ ڏيندا