; سنڌي شخصيتون: پير علي محمد شاھ راشدي

29 April, 2011

پير علي محمد شاھ راشدي

پير علي محمد راشدي

عبدالستار ڀٽي



سنڌ ۾ ڪيترائي خاندان اهڙا آهن جيڪي تاريخ جو حصو آهن، يا سندن خاندان جي حوالي سان تاريخ جڙي آهي، اهڙن معتبر خاندانن مان هڪ راشدي خاندان آهي. جنهن ۾ ڪيترا ئي جڳ مشهور اديب محقق، دانشور ۽ اڳواڻ پيدا ٿيا، جن سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي باب پنهنجن ڪارنامن وسيلي جوڙيا آهن، اهڙين نه وسرندڙ هستين ۾ سنڌ جو ڏاهو زيرڪ سياستدان، ادب ۽ لفظن وسيلي موتين مالا ٺاهيندڙ اديب، سنڌين جي صدين جي رسم ۽ رواج تي کوجنا ڪندڙ محقق، ٻئي کي جملن ۾ مٺڙي جادو ساڻ پنهنجي مقصد تي راضي ڪرائيندڙ سفارتڪار، صحافي، ايڊيٽر جنهن پنهنجي قلم ڪالم اخبار ۽ ايڊيٽوريل وسيلي سنڌي قوم جي حقن ۽ سنڌ ۾ قائم سياسي پارٽين جي تنظيم سازي ۾ مدد ڪئي. نظرين جو پرچار ڪيو، تحريڪن کي رهنمائي ڏني ۽ تحريڪن جو پيغام عوام کي پهچايو اهو پير علي محمد راشدي صاحب آهي. سنڌ جي هن مهان هستي پنهنجي زندگي جا ڀرپور ۸۲ سال تحرير ۽ تقرير ۾ تحريڪ سان گذاريا. جنهن پنهنجي قلم کي عبادت سمجهندي تحريڪن لاءِ گس ۽ لاڙا ڏنا پوءِ چاهي اها سنڌ ۾ انگريز راڄ خلاف تحريڪ هجي يا مسجد منزل گاهه، يا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۽ تحريڪ پاڪستان هجي. هن پنهنجي قلم سان سنڌي اردو ۽ انگريزي اخبارن وسيلي سنڌ جو مقدمو وڙهيو، جبل جيڏي هن اعلى دماغ شخصيت جي زندگي عملي طرح سان ڪجهه حصن ۾ ورهائيل آهي، جنهن ۾ هڪ زميندار ۽ پير گهراڻي ۾ پيدا ٿيڻ پر پنهنجي صلاحيت ۾ جدوجهد وسيلي قوم ۾ شناخت ڪرائڻ، ٻيو صحافت، ادب، ٽيون سياست ۽ سفارت شامل آهن. پير علي محمد راشدي ڪيترن ئي دورن جو ترجمان ۽ تاريخساز انسان هيو جنهن زندگي ۾ جيڪو به ڪم يا شعبو هٿ ۾ کنيو ان ۾ پنهنجي فن ۽ ڪمال سان ڪاميابي ماڻي. سندس سحر انگيز شخصيت ۾ دنيا جي گهڻين ٻولين تي عبور کي وڏو دخل هيو. هن صحافت، ادب ۽ سفارت جي عهدن تي تاريخساز ڪارناما سر انجام ڏنا. جنهن جي تحقيق ڪرڻ بعد اسان کي اڄ ۽ سڀاڻي تي ناز رهندو پر پير علي محمد راشدي جي سياسي دور ۾ حڪومتن جي جوڙ توڙ ۽ ون يونٽ قائم ڪرڻ سخت تنقيد جو نشانو بڻيو رهندو. سندس سياسي غلطيون اڄ جي وڏيرن، سياستدانن لاءِ سبق آهن. هن طوفاني شخصيت جنهن پنهنجي سوچ عقل ۽ عمل سان منصوبابندي ڪري حاڪمن جي سوچن جا رخ بدلايا، سندس منصوبن سان اقتدار ڊهندا ۽ ٺهندا رهيا. سياسي تاريخ جا ورق ۽ حالتن جا موڙ مڙيا. مٿس ڪجهه لکڻ کان اڳ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته سندس پيدائش وارو دور پيري جاگيرداري جي عروج وارو دور هيو. هي جهالت جو دور هيو، علم ڪو نه هيو. پير علي محمد راشدي صاحب جو خاندان لڪياري سيدن جي شاخ مان آهي. سندن نسب جو سلسلو سيد علي مڪي جي سنڌ ۾ اچڻ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ۱۱۲۷ع ڌاري سنڌ ۾ لڏي آيو. سيد علي مڪي جي اولاد لڪيءَ جي ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿي تنهن ڪري لڪياري سڏجڻ لڳا. راشدي خاندان جي باني سيد محمد راشد جي پيدائشي شجري مطابق سيد محمد راشد شاهه جنهن ۶ جون ۱۸۱۸ع تاريخ وفات ڪئي، ان کي ٻه پٽ هيا هڪ سيد ميان صبغت اللھ  شاهه اول جيڪو صاحب دستار يا پير پاڳارو سڏيو ويندو هيو. ٻيو سيد محمد ياسين شاهه جيڪو صاحب علم يا جهنڊي وارو پير سڏيو ويندو هيو، پير ميان صبغت اللھ  شاهه ۱۸۳۱ع جي تاريخ ۱۸ فيبروري تي وفات ڪئي، کيس ٻه فرزند هيا، هڪ سيد علي محمد شاهه جنهن مان راشدي خاندان آهي، ٻيو ننڍو سيد علي گوهر شاهه جنهن مان حضرت پير پاڳارو جو اولاد آهي، سيد علي محمد شاهه جي وفات ۱۷ جولائي ۱۸۶۷ع تي ٿي کيس پنج فرزند هيا جنهن مان هڪ سيد پير شاهه کي هڪ فرزند سيد محمد حامد شاهه ٿيو، جيڪو ۳۱ مارچ ۱۹۳۷ع تي گذاري ويو. سيد حامد شاهه کي ٽي فرزند ٿيا. هڪ سيد پير علي محمد شاهه راشدي ٻيو پير حسان الدين راشدي ٽيون سيد احمد شاهه آهن. پير علي محمد راشدي تاريخ ۵ آگسٽ ۱۹۰۵ع جمعي ڏينهن صبح جو ساڍي پنجين وڳي قديم ڳوٺ ”بهمڻ“ تعلقو رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.


سندس بنيادي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي ڇاڪاڻ ته ان وقت جو وڏيرو، پير ۽ جاگيردار تعليم لاءِ اسڪول کي پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ گناهه جو اڏو سمجهندو هيو، ان وقت جي رهبرن ۽ حاڪمن سنڌ ۽ سنڌين کي تعليم جهڙي شعوري انقلاب کان پري رکيو. پير صاحب ننڍپڻ ۾ مولوي محمد سومار ۽ مولوي محمد صديق وٽ عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪئي، خانگي طرح چار درجا انگريزي ماستر محمد رفيق ۽ پوءِ نصرت ريلوي اسٽيشن جي ماستر کان پڙهيا، پير علي محمد راشدي صاحب تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي جي ڪورس يا ڪتابن ۽ امتحان جو محتاج نه رهيو. سندس استاد زمانو، حالتون، گردش ۽ روزانو ملندڙ ماڻهو هيا، سندس ڊگري سرٽيفڪيٽ نه پر زندگي جو تجربو آهي. کيس سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي، عربي ۽ چيني زبانن تي پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ تائين مڪمل عبور هيو. هن شخص پنهنجي علم ۽ ڄاڻ درياهه جيتري وڏي بڻائڻ لاءِ جهنگن ۽ ڳوٺن ۾ ڏينهن راتيون گذاريو، پنڌ، پيچرا، ڏک ڏولاوا ڏٺا، ديس پرديس جهاڳيا ۽ روايتي پيرن ۽ نذرانو وٺندڙ مرشد گهراڻي کان علاوه هڪ زميندار گهر جي هن شخص پنهنجي شناخت لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ زندگي کي مقصد ڏيڻ لاءِ پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ بک به ڪاٽي پر آخر پاڻ مڃايو. هن ڏاهي زندگي جو آغاز صحافتي شعبي سان ڪيو. ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ قادري خاندان جي اخبار ”الحقيقت“ ۾ مضمون لکندو رهيو ۽ رپورٽر ٿيو. پوءِ سال ۱۹۲۴ع ۾ پنهنجي ڳوٺ مان ماهوار رسالو ”الراشد“ ڪڍڻ شروع ڪيو. ۱۹۲۴ع ۾ ”سنڌ نيوز“ جي نامه نگار جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. ۱۹۲۵ع کان ۱۹۲۹ع تائين ”الحزب“ شڪارپور ۽ ”الامين“ سکر جا ايڊيٽر رهيا، ۱۹۲۹ع کان ۱۹۳۰ع تائين سکر مان خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي سرپرستي ۾ نڪرندڙ اخبار ”سنڌ زميندار“ جا ماهوار ۵۰ رپيا پگهار تي ايڊيٽر رهيا. هن اخبار وسيلي راشدي صاحب سنڌ ۾ هندو مسلم مسئلن تي باقائدي مسلسل جذباتي انداز ۾ مضمون لکيا. جنهن جي نتيجي ۾ هندن ۽ هندو دوست خلاف سنڌ ۾ طوفان کڙو ٿي ويو، پوءِ باقائدي ماحول ٺاهي مسلمانن کي منظم ڪيائين، سندس قلم اخبار کي مسلم آرگن بڻايو. ڪجهه عرصي بعد راشدي صاحب جي سياسي ڏاهپ ڏسندي خانبهادر محمد ايوب کهڙي کيس پنهنجو پرائيويٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو پر ۱۹۳۲ع ۾ کهڙي صاحب سان اختلافن سبب استعيفا ڏنائين وري پير حسام الدين سان گڏجي ۱۹۳۴ع ۾ سکر مان اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪيائين. هن اخبار سنڌ ۾ ڪامورن، هندن ۽ دولتمند مسلمانن جي غلط ڪارين خلاف باقائدي سلسلو هلايو. اخبار خلاف ڪيس داخل ٿيو جيڪو انگريزي جج وٽ لڳاتار ٽي سال هليو. هي ڪيس راشدي صاحب پاڻ ڳايو ۽ کٽيو. هيڏي ساري پيرن ۽ وڏيرڪي گهراڻي جو فرزند سچ جو ايترو ساٿاري هيو جو هن پاڻ لاءِ به هڪ مضمون ۾ چيو آهي ته جڏهن کهڙي صاحب جي اخبار سنڌ زميندار ڇڏي تڏهن ٻنهي ڀائرن وٽ لاڙڪاڻي وڃڻ لاءِ ڪرايو ڪو نه هيو ۽ بغير ٽڪيٽ سفر لاءِ اسٽيشن تي پهتا. هڪ مريد مليو جنهن ٽڪيٽ خريد ڪري ڏني. ٻئي هنڌ چيو اٿائين ته سکر مان اخبار ”ستاره سنڌ“ جاري ڪرڻ مهل وٽن پئسو به ڪو نه هيو ۽ ننڍو ڀاءُ حسام الدين راشدي روزانو سکر کان هندن جي ساڌ ٻيلي تائين پنڌ ويندو ۽ ايندو هيو، هو اتان هندن ۾ تقسيم ٿيندڙ ننگر پاڻي، پوڙيون ۽ پرشاد وٺي ايندو هيو جيسين وٽن بندوبست ڪو نه هيو تيسين سڄو ڏينهن ان مان گذاريندا هيا. وڏيرڪي ۽ پيرن جي اولاد لاءِ اهڙا ڏکيا ڏينهن گذارڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي پر وٽن اعتماد هيو جو هٿين خالي ٻئي شهر ۾ اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ڪاميابي ماڻي. کين اخبار لاءِ به ورڪر ساٿين مدد ڪئي ۽ پريس ۽ ٻيو سامان به هڪ جيڪب آباد جي وڏيري دوست وٺي ڏنو. ۱۹۳۶ع ۾ ڪراچي منتقل ٿيا ۽ ”صبح سنڌ“ اخبار جاري ڪيائون، جيڪا ان وقت سنڌ ۾ سر شاهنواز ڀٽو جي قيادت ۾ قائم ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جي پروگرام لاءِ ڪم ڪندي هئي،۱۹۴۰ع ۾ ڪراچي مان انگريزي اخبار ”مسلم وائيس“  جاري ڪئي جيڪا ۱۹۴۶ع تائين هلي. مسلم وائيس اخبار وسيلي سنڌ جي مسلمانن پاران مسلم ليگ ۽ تحريڪ پاڪستان لاءِ هلندڙ تحريڪن کي همٿائڻ لاءِ ڪم ڪيو. پر وري ۱۹۴۵ع کان ۱۹۴۷ع تائين سائين جي ايم سيد جي سهڪار سان ”قرباني“ اخبار جاري ٿي جنهن اخبار وسيلي تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌي ليڊرن کي مسلم ليگ مان ڪڍڻ خلاف ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڀرپور موقف پيش ڪندي جدوجهد ڪئي. اڳتي هلي هن اخبار جي لکيل ايڊيٽوريل ”فرياد سنڌ“ ڪتاب جي شڪل ماڻي. جيئن ته هن اخبار جا ايڊيٽوريل ۽ مضمون مسلم ليگ خلاف هوندا هئا، تنهن ڪري پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جي پهرين وزير اعلى محمد ايوب کهڙي صاحب اخبار تي پابندي لڳائي ڇڏي. پوءِ راشدي صاحب ۱۹۴۸ع کان ۱۹۵۱ع تائين محمد ايوب کهڙي صاحب جي سرپرستي ۾ نڪرندڙ انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ جو ايڊيٽر ٿيو. هن اخبار وسيلي سنڌي نقطه نگاهه کي شاندار جامع ۽ ڀرپور طريقي سان پيش ڪيو ويو ۽ انگريزي اخبار ڊان کي سندن فرقيوارانه مضمونن جو مدلل جواب ڏنو ويو. ان دور ۾ الطاف حسين ۽ پير علي محمد راشدي ٻن اخباري ايڊيٽرن جي صحافتي جهڳڙي پاڪستان جي تاريخ ۾ يادگار اهميت ماڻي. سال ۱۹۵۲ع ۾ انگريزي اخبار ”اسٽيٽسمين“ ڪڍي ساڳي سال کيس ”آل پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪانفرنس“ جو صدر چونڊيو ويو. هن حيثيت ۾ کيس دنيا جي ڪيترن ملڪن جو وفد جي قائد جي حيثيت ۾ دورو ڪرڻ جو موقعو مليو. ۱۹۵۱ع ۾ ”پاڪستان ڀارت جوائنٽ پريس ڪميشن“ جو صدر ٿيو ۽ ٻنهي ملڪن جي اخبارن ۽ صحافين معرفت حڪومتن کي ويجهو آڻڻ جو ڪارنامو سر انجام ڏنو. سن ۱۹۵۴ع کان ۱۹۵۵ع تائين، ڪراچي جي انگريزي اخبار ”ايسٽرن ايڪسپريس“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هانگ ڪانگ ۾ رهڻ دوران ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۴ع تائين جنگ اخبار ۾ ڪالم”مشرق بعيد“ لکي جنهن ۾ دنيا جي عالمي امور تي تجزيه تبصرا ۽ رايا شامل هيا، جنگ اخبار ۾ مسلسل ۶۱ سال ڪالم ”مشرق مغرب“ لکندو رهيو، اخبار عبرت ۾”رند ۽ پنڌ“ جي عنوان سان سنڌ جي مسئلن بابت ڪالم لکندو رهيو. انگريزي جنگ لنڊن ۾ ڪالم ”اي پوائنٽ آف ويو“ اها چاهي خلافت تحريڪ هجي يا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي، تحريڪ پاڪستان هجي هو هر هڪ سياسي جنگ ۾ ميدان ۾ هيو سندس قلم هٿيار ۽ اخبار ڍال هوندي هئي. سندس تقرير ۽ گفتگو جو ڪمال ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه ڪرڻ هوندو هيو.

سندس ٻيو زندگي جو حصو ادب آهي جنهن ۾ پڻ هن پاڻ مڃايو. پاڻ هڪ صدي جي زنده ڳالهائيندڙ سماجي ۽ سياسي تاريخ هيو. اهو سچ آهي ته راشدي صاحب ادب وسيلي اسان جي سئو سالا سماجي سياسي تاريخ محفوظ ڪري ورتي جنهن لاءِ هن سنڌ جي سياست، ادب، تاريخ، صحافت ۽ وڏيرن بابت ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ٽي جلد شايع ڪيو. سندس ڪتاب ”فرياد سنڌ“ ”خط ۽ مضمون“ (سائين جي ايم سيد ڏانهن ۱۹۳۷ع کان ۱۹۵۸ع تائين) روداد چمن اردو، ”اسٽوري آف سفرنگ آف سنڌ“ انگريزي شامل آهن جن ۾ مواد سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ، مضمون ۽ ڪاميابي لاءِ تجويزون شامل آهن، سنڌي ٻولي جي خدمت سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ لڳاتار ۱۹۴۰ع کان ۱۹۵۸ع تائين ڪيائين جيڪو هڪ الڳ ۽ تفصيل طلب سبجيڪٽ آهي، بحيثيت اديب سنڌ جي تقريبن هر ادبي ڪانفرنس ۾ کانئس صدارت ڪرائي ويندي هئي.

زندگي جو ٽيون روپ سياسي آهي، جنهن جو آغاز خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي پرائيويٽ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ شروع ڪيائين، سال ۱۹۳۳ع کان ۱۹۳۶ع تائين ضلعي لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ جا ميمبر ٿيا، سنڌ جي وڏيرن ۽ سياستدانن پاران قائم ٿيندڙ تنظيم ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو بنيادي اڳواڻ هيو. ۱۹۳۴ع ۾ سنڌ جي پهرين سياسي پارٽيءَ ”سنڌ پيپلز پارٽي“ سر شاهنواز ڀٽو جي قيادت ۾ ٺهي جنهن ۾ پڻ اهم رڪن هيو. ۱۹۳۶ع ۾ سر عبدا  هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي قيادت ۾ قائم ٿيندڙ ”سنڌ اتحاد پارٽي“ جو بنيادي اڳواڻ هيو. ۱۹۳۸ع ۾ اللھ بخش سومرو جي اڳواڻي ۾ پهريون دفعو حڪومت جو مشير ٿيو. پاڻ راشدي صاحب جي ايم سيد ۽ سومري صاحب سڄو سال عوامي رابطا مهم شروع ڪيائون ته جيئن غريبن جا مسئلا سندن در تي وڃي حل ڪجن پر ڪامورا شاهي ڪاوڙجي پئي ۽ آخر کيس حڪومت مان ڪڍرايائون. ۱۹۳۸ع ۾ سنڌ مسلم ليگ سر عبدا  هارون جي قيادت ۾ ڪم شروع ڪيو ته راشدي صاحب سندس پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ منظم ڪري سنڌ مسلم ليگ جو جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊيو. ۱۹۳۹ع ۾ سنڌ ۾ مسجد منزل گاهه واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين جنهن وسيلي سنڌ ۾ هندن ۽ مسلم سنڌين وچ ۾ نفرتن جنم ورتو ۽ آخر هندو مسلم ٻه الڳ ملڪ ٺهيا. هن ڏس ۾ اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته راشدي صاحب مسجد منزل گاهه بابت جسٽس ويسٽن جي سربراهي ۾ قائم ٿيندڙ جڊيشنل ٽربيونل ۾ سنڌي مسلمانن جي ڪيس جي وڪالت ڪئي ۽ ڪيس کٽيو، جڏهن ته پاڻ وڪيل به نه هيو، ان کان علاوه ”قرارداد پاڪستان“ لاهور واري اجلاس منعقد ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيائين. ۲۳ مارچ ۱۹۴۰ع جو قرارداد پاڻ ٺاهي ٽائيپ ڪري منظوري لاءِ پيش ڪيائين.

۱۹۵۳ع ۾ بنا مقابلي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ پيرزادي عبدالستار صاحب جي وڏ وزارت ۾ صحت ۽ روينيو جو وزير ٿيو. بحيثيت سنڌ حڪومت جي روينيو وزير پاڻ هاري تحريڪ جي باني اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان کوکر جي دعوت تي ٽنڊو ڄام ۽ ميرپور خاص جي جاگيرن ۾ هارين مٿان ٿيندڙ تاريخساز ظلم ۽ ڏاڍ کي اکين سان ڏسڻ خاطر ويس مٽائي پورا ٻه مهينا دورو ڪيو ۽ مظلوم مسڪين هاري مٿان جاگيرداري جبر خلاف قدم کڻندي پهريون ڀيرو جاگيردارن تي هارين جا ڪجهه حق مقرر ڪيا. جنهن خلاف جاگيردار عدالت ۾ ويا. ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ کان اڳ سندس پاران سنڌ مان جاگيرداري نظام جي خاتمي جي رپورٽ سرڪار کي موڪلي وئي ۽ ۱۹۵۸ع ۾ ايوب خان مارشل لا لڳائڻ بعد هن رپورٽ تي عمل ڪيو. پير علي محمد راشدي ۱۵ جون ۱۹۵۴ع تائين وزارتي عهدي تي رهيو. پير صاحب جا وڏي وزير پيرزادي عبدالستار صاحب سان اختلاف ٿيا نتيجي ۾ قاضي محمد اڪبر صاحب ۽ راشدي صاحب کي وزارت مان ڌار ڪيو ويو. هي اهو دور هيو جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جا وڏيرا ۽ پير سياستدان ميدان سياست ۾ هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ هر هڪ طريقو استعمال ڪندا هيا، پاڪستان ٺهڻ بعد وزير اعظم نواب لياقت علي خان پهريون ڀيرو سياست ۾ غير جمهوري هٿ ڪنڊا استعمال ڪرڻ جو رواج وڌو هيو. هن سنڌ اسيمبلي ۾ اڪثريت رکندڙ وزيراعلى خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي هٽائي پرودا هڻي ٽن سالن لاءِ سياست مان خارج ڪري ڇڏيو هيو. ٻئي طرف ان وقت جي اسيمبلي ميمبرن ۽ سياستدانن وزيراعظم لياقت علي خان جي ان غير جمهوري عمل خلاف ڪو به رد عمل ڪو نه ڏيکاريو ۽ ان کي کهڙي صاحب جو ذاتي معاملو سمجهيو تنهن ڪري کهڙي صاحب ۽ ٻين صاحبن هڪ ٻئي کان هر حال ۾ اقتدار ڦرڻ جي سياست شروع ڪئي. کهڙي صاحب ٻيهر وزير اعلى ٿيڻ بعد وري پير الاهي بخش ۽ ٻين سياستدانن کي نااهل ڪري زوري طاقت استعمال ڪري اليڪشن کٽي. وري جڏهن کهڙي صاحب کي ٻيهر ايبڊو لڳائي ٽن سالن لاءِ سياست مان خارج ڪيو ويو تڏهن ۱۹۵۳ع ۾ اليڪشن ٿيون، نتيجي ۾ پيرزادو عبدالستار صاحب وزيراعلى ٿيو. گورنر جنرل غلام محمد جڏهن پيرزادي صاحب کي سنڌ اسيمبلي مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرڻ لاءِ چيو ته هن ون يونٽ جي مخالفت ڪندي سنڌ صوبي جي آزاد حيثيت لاءِ اسيمبلي مان اڪثريت حاصل ڪئي، جڏهن گورنر جنرل ڏٺو ته ائين ڪم نه هلندو ته هن راشدي صاحب سان مشورو ڪيو. ڇاڪاڻ ته راشدي صاحب جو گروپ وڏي وزير پيرزادي صاحب جو مخالف هيو، راشدي صاحب گورنر جنرل غلام محمد کي مفيد مشورو ڏنو ته ون يونٽ ٺاهڻ ۽ اسيمبلي ميمبرن کي قابو ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ کهڙو صاحب بهترين ماڻهو آهي، تنهن کي وڏو وزير ڪيو، اسان ساڻس گڏ آهيون، ائين ٿيو ۽ کهڙي صاحب تان ابڊو يا پرودا جي وڌل پابندي ختم ٿي، هو وڏو وزير ٿيو ۽ سنڌ اسيمبلي کان ون يونٽ جو بل پاس ڪرائي صوبي جي خودمختيار حيثيت ختم ڪري مغربي پاڪستان جو حصو بڻايو، ون يونٽ ٺاهڻ ۾ بظاهر ته کهڙو صاحب اڳيان هيو پر دراصل اهو فڪر، سوچ، عمل سياسي گر سڀ راشدي صاحب جا هيا، روح روان سائين علي محمد راشدي صاحب هيو، خانبهادر کهڙي وڏي وزير ٿيڻ بعد نومبر ۱۹۵۴ع ۾ راشدي صاحب کي صحت، روينيو ۽ اطلاعات جو محڪمو ڏنو پوءِ ڊسمبر ۱۹۵۴ع ۾ راشدي صاحب جي ڪوششن سان سنڌ اسيمبلي ون يونٽ جو بل پاس ڪيو، ساڳين اسيمبلي ميمبرن جن اڳ ۾ ون يونٽ خلاف ووٽ ڏنو هيو انهن مهيني اندر حمايت ۾ ووٽ ڏنو ڇاڪاڻ ته اسيمبلي ميمبر سڀ وڏيرا هيا ڪجهه ويڪو وڏيرا، ايبڊو قانون تحت نااهل ٿيڻ کان ڊڄندڙ وڏيرا، ڪجهه جيل جا ڪمزور وڏيرا ميمبر اهڙي ماحول ۾ صرف اڀرندڙ سج کي سلام ئي ڪيو ويندو آهي ان زماني ۾ هڪ رٽائر اسيمبلي جي پڙهيل مهذب وڏيري ميمبر رئيس موسى خان ٻگهيو صاحب سان منهنجي ۱۹۷۱ع ۾ ملاقات ٿي، هن کهڙي صاحب ۽ راشدي صاحب جي دور جي اسيمبلي ميمبرن جي تعريف ڪندي ٻڌايو ته سنڌ جو وڏيرو ڀنڀوريءَ مثال آهي. ڀنڀوري هميشه اوچي ڍنگهر يا ڪانڊيري تي ويهندي آهي، سنڌ جو وڏيرو هميشه اقتدار واري سياست جو وفادار هوندو آهي.

ون يونٽ ٺهڻ بعد راشدي صاحب قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ ۱۱ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي وزيراعظم چوڌري محمد علي جي ڪابينا ۾ مرڪزي وزير اطلاعات ۽ نشريات جو عهدو ماڻيائين، هن صاحب پاڪستان جي ۱۹۵۶ع وارو دستو ٺاهڻ ۾ ڀرپور ڪوششون ورتيون. راشدي صاحب هڪ طرف سياست جي شطرنج ۽ توڙ جوڙ جو وڏو ماهر ۽ شاطر سياستدان هيو ته ٻئي طرف سياست جي دنيا ۾ يا اقتدار جي ايوانن ۾ زلزله ڪيئن ۽ ڪڏهن ايندا ان جي اڳواٽ کيس ٻڙڪ يا کڙڪ پئجي ويندي هئي، هو جيڪڏهن حڪومت ۾ هوندو هيو ته کيس اپوزيشن جي ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ تمام فيصلن جي ڄاڻ هوندي هئي، جيڪڏهن مخالفت ۾ هوندو هيو ته وري حڪومتي فيصلن جي خبر هوندي هيس.

راشدي صاحب در اصل پاڻ سان وفادار هوندو هيو تنهن ڪري هو پنهنجن مخالفن سان نويڪلو تنهائي ۾ ملي کين ڪجهه مفيد مشورا به ڏئي ڇڏيندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪهڙو به دور ايندو هيو سندس وار ونگو نه ٿيو. راشدي صاحب حڪومت ۾ رهندي جڏهن ڏٺو ته هاڻي مسلم ليگ وارن حڪمرانن جي تڏا ويڙهه ٿيندي ۽ مسلم ليگ کي ختم ڪري ريپبليڪن پارٽي ٺاهي ويندي تڏهن پاڻ آگسٽ ۱۹۵۶ع ۾ وفاقي وزارت تان استعيفا ڏئي سفارت حاصل ڪري ملڪ مان هليو ويو. وري جڏهن ۱۹۶۲ع ۾ واپس وطن آيو تڏهن صحافت کي وقت ڏنائين. ۱۹۶۹ع ۾ ٺهندڙ بزرگ ۽ رٽائر سياستدانن جي اينٽي ون يونٽ فرنٽ مان وري يونٽ ٽوڙڻ لاءِ ڪوششون ورتائين، اڳوڻن وزيرن، اڳوڻن ميمبرن سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي قرارداد پاس ڪندڙن، ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪندڙن، سنڌ اسيمبلي مان ون يونٽ جو بل پاس ڪرائيندڙن ايبڊو قانون تحت سياست مان زوري خارج ٿيندڙ سنڌ جي بزرگ سياستدانن سال ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ متحده محاذ جوڙيو ۽ ۱۹۷۰ع وارين چونڊن ۾ بيٺا. پير علي محمد راشدي صاحب به سيوهڻ ڪوٽڙي تڪ تان سنڌ اسيمبلي جي ميمبري لاءِ اميدوار بيٺو جنهن ۾ کانئس نوجوان وڪيل سيد عبدا  صاحب (موجوده وزيراعلى) اليڪشن کٽي ويو، سال ۱۹۷۲ع ۾ سندس ڏاهپ ۽ ملڪي توڙي عالمي مسئلن تي وڏي ڄاڻ کان متاثر پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب مرڪزي وزارت اطلاعات جو صلاحڪار مقرر ڪيو، جڏهن ڀٽو صاحب پاڪستان ۾ علم ادب تاريخ تي بحث مباحثن کي عام ڪرڻ لاءِ پاڪستان نيشنل سينٽر جا دفتر قائم ڪيا، تڏهن راشدي صاحب کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيائين، پاڪستان نيشنل سينٽرن ذريعي پوري ملڪ ۾ سرڪاري طرح مجلسون مذاڪرا منعقد ٿيندا هيا. هي تجربو گهڻو ڪامياب ويو.

راشدي صاحب پنهنجي وزارت واري زماني ۾ ڪيترائي ڀلائيءَ وارا ڪم به ڪيا. جيئن ته انگريز سرڪار حر تحريڪ واري زماني ۾ حضرت شاهه مردان شاهه پير پاڳارو کي گرفتار ڪري شهيد ڪرڻ بعد سنڌ ۾ پير پاڳاري جي گادي تي بندش هنئي. حرن مٿان مختلف پابنديون جهڙوڪ فرنٽيئر ريگيوليشن، ڪرمنل ٽرائيلس، حر مجاهدن مٿان لوڙهن ۽ حاضرين جي پابندي شامل آهن، راشدي صاحب گادي بحال ڪرائي ۽ ٻين سڀني پابندين کي ختم ڪرايو. هارين کي پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو حق ڏياري، جاگيرداري نظام جي خاتمي لاءِ رپورٽ موڪلي، سنڌ جي مقدس ادادري سنڌي ادبي بورڊ کي ترقي لاءِ مالي امدادون ڏيارڻ، سنڌ يونيورسٽي جي قيام لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي جي ڀرپور مدد ڪرڻ، لياقت ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرڻ، ۱۹۵۶ع ۾ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد قائم ڪرڻ جهڙا مثال تحريڪ پاڪستان ۾ قرارداد پاڪستان ترتيب ڏيڻ، مسلم ليگ لاءِ برصغير ۾ ڀرپور جدوجهد ڪرڻ شامل آهن. هن مسلم ليگ کي گهڻو مضبوط بڻايو. سکر مسجد منزل گاهه واري جهڳڙي ۾ مسلمانن جي ڀرپور قانوني صحافتي مدد ڪرڻ، سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ خانبهادر کهڙي ۽ محمد علي جناح کي انگريز سرڪار وٽ پيش ڪرڻ لاءِ ڪيس ٺاهي ڏيڻ، سنڌ اتحاد پارٽي، سنڌ پيپلز پارٽي جي جوڙجڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جهڙا سٺا عمل به شامل آهن.

راشدي صاحب کي جتي محلاتي سازشن ۽ حڪومتي توڙ جوڙ، وزارت جي ڊاهه ڊوهه جو ماهر سياستدان سڏيو ويندو هيو اتي هن سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب اٻوجهه هارين، مسڪين کي سندن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پهچي کليل ڪچهرين لڳائڻ، مسئلا حل ڪرڻ، موقعي تي ڪامورن کي حڪم جاري ڪرڻ لاءِ پنهنجي وزير اعلى ۽ ٻين وزيرن کي ساڻ ڪري باقائدگي سان هڪ مهم هلائي جيڪا مسڪين ماروئڙن لاءِ ته رحمت هئي پر ڪامورن جون ننڊون حرام ٿيون، هن صاحب وزيرن کي ٿڌن ۽ بند ڪمرن مان ٻاهر ڪڍي ڳوٺن جا دورا ڪرڻ کليل ڪچهرين ڪرڻ، جو رواج وڌو، ڀلا راشدي صاحب پيدائشي طور هڪ وڏيرڪو ٻار، پرورش پيراڻي گهر ۾ تعليم ملان مولوي هٿان ٿيل هيس ان جي باوجود به اهڙي عوامي رنگ روپ کي تعارف ڪرائڻ سٺو ساراهه جوڳو قدم آهي، کليل ڪچهرين جو رواج جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي دور حڪومت ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪئي ڇاڪاڻ ته ڀٽو صاحب پاڻ به باقائدگي سان هر هنڌ کليل ڪچهريون منعقد ڪندو هيو. راشدي صاحب صحت جي وزارت وارن ڏينهن ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ سرڪاري اسپتالون قائم ڪرايون، ڪيترن ڊاڪٽرن کي سرڪاري خرچ تي پرڏيهه اعلى تعليم لاءِ موڪليائين.

سندس زندگي جو هڪ باب سفارتڪاري پڻ هيو، کيس عالمي امور جي ڄاڻ ۽ روشن خياليءَ سبب هميشه مذاڪرات وقت ٽيبل تي ڪاميابي حاصل ٿيندي هئي ڇاڪاڻ ته ڳالهين مهل هو ٿڌي دل سان محاذ آرائي ختم ڪري هر حال ۾ مخالف کي پنهنجو ڪرڻ واري اصول تي عمل ڪندو هيو، هن تمام بهترين انداز ۾ ڳالهائڻ ۽ پرسڪون ماحول ۾ ٻئي کي ٻڌڻ جي صلاحيت ۽ ڏات هئي. هو ۱۹۵۷ع ۾ فلپائن ۽ ۱۹۶۱ع ۾ چين ۾ سفير مقرر ٿيو. ۱۹۶۱ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان مٿس پاڪ چين سرحدي ۽ تجارتي معاهدي جو ڪم سونپيو جيڪو پندرهن سالن کان زير بحث هيو، راشدي صاحب پنهنجي ڏاهپ سان سال ۱۹۶۲ع ۾ هي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. پير صاحب جي صحافتي تيز قلم، سفارتي فهم، سياسي طور هر طرح جي فيصلي ڪرڻ جي قوت ۽ تاريخي ڄاڻ عالمي حالتن تي عبور بابت سندس مخالف به قائل هيا، ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح سان هو مخالفن کي به پنهنجي دوستي جي لاڳاپن ۾ رکندو هيو، پير علي محمد راشدي کي بابائي صحافت سڏي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته هن سال ۱۹۲۰ع کان وٺي ۱۹۸۷ع تائين لڳاتار ۶۷ سالن تائين صحافت ۾ پاڻ ملهايو. هن صاحب سنڌي اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪالم لکيا، سندس ڪالم حقن حاصل ڪرڻ بابت هوندا هيا، پوءِ چاهي اهي خلافت تحريڪ دوران انگريزي خلاف مسلمانن جا حق هجن چاهي سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ ۾ سنڌ جي ماڻهن جا حق هجن، چاهي مسجد منزل گاهه تحريڪ ۾ سنڌ جي ماڻهن جا حق هجن، چاهي تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي مسلمانن جا آزادي لاءِ حق هجن، چاهي پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌ جا حق هجن، راشدي صاحب جي اخباري ڪالمن ۾ پوري دنيا ۾ ٿيندڙ واقعن جو تاريخ سان لاڳاپو، ايندڙ دور ۽ حالتن جي روشني ۾ جنم وٺندڙ واقعن بابت اڳ ڪٿي ڪيل هوندي هئي، سندس ڪالم تاريخ هيا، راشدي صاحب صحافت جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو. راشدي صاحب دنيا جي انهن تاريخساز صحافين مان آهي جيڪي پنهنجي دور ۽ سماج جا ترجمان سمجهيا ويندا آهن. انهن جو قلم سندن ذهني ۽ جسماني محنت ۽ صلاحت جو نچوڙ هوندو آهي، راشدي صاحب سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا ۾ صحافت  جي حوالي سان اڌ صدي کان وڌيڪ ماڻهن جي ذهن تي حاوي رهيو. پاڻ بنيادي طرح سان شروع کان ئي صحافي هيو پر وچ ۾ سياست کانئس ڏکي ٿي وئي ته وري باقي زندگي صحافت ۾ مصروف گذاريائين، راشدي صاحب يقين سان بابائي صحافت چورائڻ لائق آهي ڇاڪاڻ ته عالمي سطح جو صحافي ثابت ٿيو. راشدي صاحب جو مشغلن ۾ شڪار شامل هيو، هو وڏو شڪاري هيو جيڪو ربيٽ وارني ۽ فانٿروپ جهڙن شڪارين کان علاوه ڀارت جي نواب محي الدين ۽ مهاراجا آف بيڪانيز جهڙا عالمي شڪاري سندس دوست هيا، پاڻ بهترين ڳالهائيندڙ، سٺو ٻڌندڙ شخص هيو،

راشدي صاحب سنڌ جو ”ڪيور“ يا ”گيريبلڊي“ ”ڪپرزن“ ”اسٽوينسن“ هيريمن ۽ ”هنري ڪسنجر“جهڙو ذهن رکندڙ انسان هيو.

راشدي صاحب کي سڌو سنئون سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، سر عبداللھ  هارون، جي ايم سيد ۽ محمد علي جناح جهڙن معروف شخصيتن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، هن کي چيئرمين مائوزي تنگ، فلپائن جي صدر ڪارلوس گارشيا، هندستان جي جواهر لعل نهرو جهڙن سياستدانن سان ملاقات جو موقعو مليو، پير صاحب جو آئيڊيلزم ميڪاوليءَ جي نظريي سان ملندڙ هيو ڇاڪاڻ ته ميڪا وليزم مطابق مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا به طريقا استعمال ڪري سگهجن ٿا. صحافت ۾ پير صاحب جي قد آور شخصيت جو وڏو مثال اهو آهي ته هو ۱۹۵۶ع کان ۱۹۵۸ع تائين پوري پاڪستان جي ”آل پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪانفرنس“ جو صدر رهيو نه صرف ايترو پر پاڪستان هندستان جي اخبارن جي ايڊيٽرن جي تنظيم ”جوائنٽ پريس ڪميشن“ جو صدر به چونڊيو ويو.

سنڌ جو هي مهان ڏاهو ايندڙ سياسي طوفان کي آسمان تي اڀرڻ کان اڳ پرکڻ وارو سياستدان جيڪڏهن پنهنجي تحرير تقرير سوچ، لوچ، مقصد، قوت يا وقت کي پنهنجي هر دلعزيز سحر ڀري مٺڙي زبان ۽ شخصيت کي صرف سنڌ ۽ سنڌين لاءِ وقف ڪري ها ته اڄ ڪو ٻيو رنگ هجي ها. سال ۱۹۷۳ع ۾ محترم سائين جي ايم سيد سان سن ۾ ملاقات دوران سائين ٻڌايو ته ”سنڌ ۾ هن وقت تائين صرف ٽي ذهن پيدا ٿيا آهن. جن ۾ هڪ اي ڪي بروهي، ٻيو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٽيون پير علي محمد راشدي پر افسوس جو اهو سڌو سنڌ جي سياست نه ڪري سگهيا. سنڌي ماڻهو جي اها تمنا رهي ته پير علي محمد راشدي جهڙو اعلى ۽ ڏاهو ڪو قومي ڪارنامو سرانجام ڏئي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن، پير صاحب سنڌ جو واحد شخص هيو جنهن کي اها سعادت حاصل هئي ته هڪ وقت سندس شخصيت مذهبي، پيرن، ميرن، وڏيرن، وفاقي، صوبائي، قومپرستن، سياستدانن، اديبن، ايڊيٽرن، صحافين کان علاوه سفارتڪارن لاءِ قابل قبول هئي. اگر هو پنهنجي گهڻ پاسائي شخصيت کي صرف سنڌ لاءِ استعمال ڪري ها ته ڪو ٻوٽو يا ٻارڻ ٻاري وڃي ها.“ هن شخصيت ڀرپور زندگي گهارڻ بعد ۸۲ سالن جي عمر ۾ ۱۴ مارچ ۱۹۸۷ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي. کيس ٻه پٽ آهن هر هڪ پير حسين شاهه راشدي صاحب وڪالت ۽ سياست ڏانهن جڏهن ته عادل راشدي صاحب صحافت واري شعبي ڏانهن دلچسپي رکندڙ آهي.

مددي ڪتاب:

جنب گذاريم جن سين، اهي ڏينهن اهي شينهن، رند ۽ پنڌ، جنگ، هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز جا مضمون، مهراڻ رسالو ۽ بيگم ممتاز راشدي.

 

(’لاڙڪاڻو: ليڊرن جي ڌرتي‘ تان کنيل)


 

پير علي محمد شاهه راشدي

نور محمد ڀٽو

پير علي محمد شاهه راشدي ۵ آگسٽ ۱۹۰۵ع تي ڳوٺ بهمڻ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم، غير رسمي طور تي، مولوي محمد سومار ۽ مولوي محمد صادق کان حاصل ڪئي. جڏهن ته انگلش ماهوٽن جي اسٽيشن ماسٽر وٽ پڙهيو. ان کان علاوه هن سنڌي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ دلچسپي وٺي مهارت حاصل ڪئي. هن سياست، صحافت ۽ ادب ۾ وڏو نالو ڪمايو. فرياد سنڌ، اهي ڏينهن اهي شينهن (ٽي جلد)، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو طرفان شايع ڪيا ويا، جيڪو عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو، چين جي ڊائري، رواداد چمن (اردو ۾) خط ۽ مضمون، جي ايم سيد ڏانهن سنڌيءَ ۾ لکيل خطن جو مجموعو، روزاني عبرت حيدرآباد ۾ ڇپيل ڪالمن جو مجموعو؛ ”رند و پنڌ“، سندس علم دانش جو مظهر آهن. هن ۱۹۲۶ع ۾، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ سر شاهنواز ڀٽو جي سنڌ پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ممبئي کان سنڌ کي جدا صوبو ٺاهڻ بابت جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن سنڌ اتحاد پارٽي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. پاڻ ۱۹۲۴ع ۾ صحافتي زندگيءَ جو آغاز بحيثيت الراشد رسالي سکر ۽ روزانو الامين سکر/ حيدرآباد جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ۱۹۲۷ع ۽ ۱۹۲۸ع کان ڪيو. ان کان علاوه خان بهادر محمد ايوب کهڙو جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. روزانه ستارا سنڌ، روزانه سنڌ زميندار سکر مان ۱۹۲۴ع کان ۱۹۳۲ع تائين جاري ڪيائين ۽ ٻين ڪيترين ئي اردو انگريزي اخبارن جو ايڊيٽر رهڻ کان علاوه ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ باقاعدگيءَ سان شموليت اختيار ڪري، مسلم ليگ جو صوبائي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

پير علي محمد شاهه راشدي، آل انڊيا مسلم ليگ ڪميٽي جو پرڏيهي سيڪريٽري پڻ رهيو. هو ۱۹۴۰ع کان ۱۹۵۹ع تائين، سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر به رهيو. هن باقاعدگيءَ سان، مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي سياست ڪئي. ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو خيرپور ميرس مان ميمبر چونڊيو ويو. کيس صوبائي وزير نشريات و اطلاعات، صحت ۽ روينيو کاتي جو وزير مقرر ڪيو ويو. هن آڪٽوبر ۱۹۵۵ع ۾ حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جو خاص اجلاس گهرائي، ون يونٽ جو قانون زوريءَ اسيمبلي ميمبرن کان پاس ڪرائي، قوم جي ڳچي ۾ ون يونٽ جي غلاميءَ جو ڳٽ وڌو. هن ۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کي عارضي طور تي هوم اسٽيڊ هال حيدرآباد ۾ قائم ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪيو. هن جيوڻي ٻائيءَ سان ڪراچيءَ ۾ واعدو ڪيو هو ته هو اندرون سنڌ ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ڪندو. ۱۹۵۷ع ۾ وفاقي وزير اطلاعات و نشريات مقرر ڪيو ويو. روزاني جنگ ڪراچي ۾ ۱۹۶۵ع کان ۱۹۷۵ع تائين، ’مشرق و مغرب‘ عنوان سان ڪالم لکيا اٿس. سندس ڪتاب چين جي ڊائري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو طرفان شايع ڪيو ويو آهي. هو ۲۱ سيپٽمبر ۱۹۵۹ع کان ۱۹۶۱ع تائين، فلپائين جو سفير رهيو.، جڏهن ته ۶۳-۱۹۶۲ع کان ۱۰ مهينن جي لاءِ عوامي جمهوريه چين جو سفير رهيو. هن وزيراعظم چون اين لائي ۽ مائوزيتنگ کان علاوه، چين جي اهم ليڊرن سان ملاقات ڪري، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستيءَ جو بنياد رکيو. منهنجي هن سان لکپڙهه رهي. مان کيس سنڌيءَ ۾ خط لکندو هئس، پاڻ ان جو اردوءَ ۾ جواب ڏيندو هو. گارڊن ايسٽ ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات رهي. ۱۹۴۸ع ۾ روزانه سنڌ آبزور ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. کيس پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽر ايسوسيئيشن جو صدر مقرر ٿيو. راشدي ۱۴ مارچ ۱۹۸۳ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.


پير علي محمد شاہ راشدي

ھڪ گھڻ رخي شخصيت

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

پير علي محمد راشدي گهڻ پاسائين شخصيت هئي، هو ڪنهن به روايتي اسڪول ۾ نه پڙهيو. نصرت اسٽيشن جي اسٽيشن ماسٽر وٽ انگريزي سکيائن. سندس ننڍو ڀاءُ سيد حسام الدين راشدي صاحب، سنڌ جو تاريخ دان. ٻئي ڀائر ۱۹۲۰ع جي ڏهاڪي ۾ سکر ۾ صحافت جا پيل پاوا هئا.

مان هت صرف پير علي محمد راشدي صاحب جو ذڪر ڪندس، پير صاحب متضاد شخصيت جو مالڪ، سياستدان، صحافي، سفارتڪار، حڪومت جي قريب رهندڙ، ون يونٽ کي ٺاهيندڙن ۾ شامل. هڪ ئي وقت ۾ جي ايم سيد جي به ويجهو ته، ذوالفقار علي ڀٽو جي به قريب. سندس يارهن قسطن ۾ اردو زبان ان جو ڪيترن ئي ڪلاڪن تي ٻڌل “لطف الله جي آڊيو لائبريري” ۾ موجود آهي هر آڊيو ۴۵ منٽن جي آهي. جن انٽرويو ۾ پهريون ست قسطون ۱۹۲۰ع کان ۱۹۴۳ع تائين آهن. باقي قسطون قيام پاڪستان کان ڀٽي دور تائين آهن.

منهنجي راءِ آهي ته هو پنهنجي ذهانت سان ڪيترن ئي ڳالهين کي شعوري طور ڍڪ ڏيئي ويو آهي سندس اردو ۾ ڇپيل ڪتاب “ روداد چمن” جيڪو ۱۹۸۰ع ۾ ڇپيو، اخباري ڪالمن جو ڳٽڪو آهي. ياد رهي ته هو هر هفتي “جنگ“ اخبار ۾ ڪالم پڻ لکندو هو. ستر جي ڏهاڪي ۾ سندس ڪالم “مشرق و مغرب” عالمي سياست تي هوندو هو.

سائين جي ايم سيد جي سياسي بيانن ۽ ڪتابن جي نوڪ پلڪ به ٺيڪ ڪندو هو. “جيئن ڏٺو آه مون” ۽” جديد سياست جا نو رتن” جهڙن ڪتابن جو وزن سائين جي ايم سيد کي مطلب ته “ڪاٺ ڪلهي تي کڻائڻ” ۾ سندس هٿ هو.

قيام پاڪستان کان پوءِ هو سياست ۾ به سرگرم رهيو، هو هر حڪومت ۾ وزير، سفير پڻ رهيو.

انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به هو وڏو انشا پراز هو، هو ڪجھ به نه ڪري ها، صرف سندس ڪتاب “آهي ڏينهن آهي شينهن” ئي کيس زنده رکڻ لاءِ ڪافي هو. هن ڪتاب ۾ جيڪو ٽن جلدن ۾ سنڌي ۾ ڇپيل آهي سنڌ جي ويهين صديءَ جو ڊاڪيومينٽري آهي.

“آھي ڏينهن آهي شينهن” جو بئڪ ٽائيٽل، ڪتاب جو مصنف پير علي محمد راشدي. زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبق *بيوفا ڀرا ڪنون ڪتا يار ڪريجي*.

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

پنوعاقل ۱۶ آگسٽ ۲۰۲۳ع


 

پير علي محمد راشدي

علمي ادبي خدمتون

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

پير علي محمد راشدي ولد پير محمد حامد شاهه ۵ آگسٽ ۱۹۰۵ع تي ڳوٺ بهمڻ تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، ويهين صديءَ ۾ سندس نالو سنڌ جي اهم شخصيتن ۾ مڃجي ٿو، راشدي سيدن جي خاندان مان اهي ٻيئي ڀائر پير علي محمد ۽ پير حسام الدين مشهور آهن، جن علم ادب، تاريخ نويسي، صحافت ۽ سياست ۾ ناماچاري حاصل ڪئي، پير علي محمد پڻ پنهنجي ننڍي ڀاءُ حسام الدين جيان ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ پوءِ انگريزي چار درجا خانگي طور ماستر محمد رفيق کان پڙهيا پر کين مطالعي جو ايڏو ته جنون جي حد تائين ذاتي شوق هيو جو ڪيترن پڙهيلن عالمن ۽اديبن کي پوئتي ڇڏي ويا ۽ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائون. پير علي محمد جي صحافتي، ادبي ۽ سياسي زندگيءَ جا ٽي اهم پهلو آهن جن تي هن مقالي ۾ مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

صحافتي حياتيءَ جو آغاز پير صاحب ۱۹۲۴ع ۾ “سنڌ نيوز اخبار” جي نامه نگار جي حيثيت سان ڪيو، ۱۹۲۸ع ۾ “اخبار الراشد” جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، ۱۹۲۰ع کان ئي هن پندرهن سالن جي عمر ۾ اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا هئا، کيس اخبار بينيءَ سان ننڍي لاڪون دلچسپي هئي، انهيءَ حوالي سان هن ڪيترين اخبارن ۾ لکيو ۽ ڪم ڪيو جيڪو تمام تفصيل طلب احوال آهي، لڳ ڀڳ پنجاهه سالن تائين اهو سفر جاري رهيو، ۱۹۲۵ع کان ۱۹۲۹ع تائين “الحرب شڪارپور” ۽ “الامين” سکر ۽ ۱۹۲۹ع ۾ سنڌ زميندار سکر جي ادارت سنڀاليائين اهڙيءَ ريت “ستاره سنڌ” (سکر)، “صبح سنڌ” (ڪراچي)، “مسلم وائيس” (سکر ۽ ڪراچي)، “قرباني” (ڪراچي)، “روزانه جنگ” (اردو ڪراچي)، “سنڌ آبزرور” (انگريزي)، “ڊان” (انگريزي ڪراچي)، “عبرت” (حيدرآباد)، “ ايسٽرن ايڪسپريس” ۽ “ليڊر” (انگريزي ڪراچي) ۽ ٻين اخبارن ۾ هن لکيو ۽ انهن مان ڪن اخبارن جي ادارت سنڀاليائين ته ڪي اخبارون پاڻ پڻ جاري ڪيائين. اهو سندس صحافتي سفر آخر تائين قائم رهيو. صحافتي ميدان ۾ سندس لکڻيون اخبار جي سرڪيوليشن وڌائڻ ۾ معاون هيون.

سياسي زندگيءَ ۾ پير علي محمد ۱۹۲۶ع ۾ “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن” ۾ شموليت سان پير پاتو، سنڌي جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ ۾ هو کهڙي صاحب سان گڏ هو. ۱۹۳۴ع ۾ سر شاهنواز ڀٽو جي قائم ڪيل پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي ٺهي ته ان جو بانيڪار ٿيو، ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو آڪٽوبر ۱۹۳۸ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سڏايل مسلم ليگ جي ڪانفرس کي هن ڪامياب ڪرايو، جنهن ۾ هندوستان جي وڏن ليڊرن شرڪت ڪئي هئي. پاڪستان ٺهڻ بعد ۱۹۵۳ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيو، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ پوءِ سنڌ جو روينيو وزير مقرر ٿيو، ۱۹۵۴ع ۾ صحت، روينيو ۽ اطلاعات جو صوبائي وزير مقرر ٿيو. اهڙيءَ ريت هو فلپائين ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيو ۽ ۱۹۶۳ع ۾ ريٽائر ڪيائين، ۱۹۷۰ع جي اليڪشن ۾ سيد عبدالله شاهه جي سامهون ڪاميابي ڪونه ٿيس ۱۹۷۲ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس مرڪزي وزارت اطلاعات جو صلاحڪار مقرر ڪيو جيڪو ۱۹۷۸ع تائين رهيو.

پير صاحب ادبي دنيا جي شروعات مضمونن لکڻ سان ڪئي. هو غير معمولي ذهانت ۽ قابليت جو مالڪ هو هن سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ سياست ۽ ادب تي سٺا ڪتاب لکيا جن ۾ “اهي ڏينهن اهي شينهن”، (ٽي جلد)، “جاگيرداريءَ جو خاتمو”، “سنڌ جي نئين وزارت”، “روينيو کاتي متعلق پبلڪ ۽ عملدارن کي چتاءُ”، “ٻوڏن جا امدادي مسئلا”، “سنڌ جي انقلابي تحريڪ جو اڳواڻ مسٽر جي ايم سيد سندس مقصد متا ۽ اصول”، “چين جي ڊائري”، “فرياد سنڌ”، “روداد چمن”، “ون يونٽ ڪي ڪهاني”، (اردو ٻوليءَ ۾ آهن) “خط ۽ مضمون”، (محترم جي ايم سيد ڏانهن ۱۹۳۷ع کان ۱۹۵۸ع تائين) “امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي”، “رند ۽ پنڌ” آهن. پويون ڪتاب راشدي صاحب جي عبرت اخبار ۾ لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي جو وفات بعد سندس پٽ حسين شاهه راشدي ۱۹۸۸ع ۾ شايع ڪرايو. جي ايم سيد لکيو آهي ته، “علي محمد شاهه سياست ۾ باوجود ڪن خامين ۽ ڪمزورين جي سنڌ جي چوٽيءَ جي سياستدانن ۾ شمار ٿيئي ٿو ته هن جو نالو ادبي دنيا ۾ محب وطن، ترقي پسند ۽ سمجهدار اديبن جي لسٽ ۾ داخل آهي”.

سياست جي حوالي سان راشدي صاحب واقعه شناس هو کيس ڪيترن ئي ٿيندڙ واقعن جو اڳ ۾ اندازو ٿي ويندو هو. هن جي قومي ۽ بين الاقوامي سياست تي گهري نظر هئي. سياسي صلاحيتن ۽ ذهين لياقتن سان واڳيل هو. پوين دور ۾ پاڻ جناب جي ايم سيد کي ويجهو رهيو جي ايم سيد صاحب کين سنڌ جي عاشقن جي لسٽ ۾ شمار ڪندي به چوي ٿو ته، “پر هن جو آخري قدم ون يونٽ ٺاهي. سنڌ کي پنجاب جي تابع بنائڻ وارو ناقابل معافي فعل آهي، کهڙي کي ان ڳالهه جي معافي ڏيئي ٿي سگهجي، پر هن کي نه، منصور کي شبليءَ جي گل هڻڻ جو مثال سامهون آهي”. پر پوءِ راشدي صاحب جي ايم سيد جو هم خيال ٿي اينٽي ون يونٽ جو حصو ٿي ويو. سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ واري تحريڪ ۾ پڻ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. سائين چواڻيءَ ته، “سندس ڪتاب فرياد سنڌ اهڙن خيالن جي اڄ شاهدي ڏئي ٿو. هو مشڪل مسئلن ۾ هميشه نمايان رهيو”. جي ايم سيد جي ترتيب ڏنل ڪتاب “جديد سياست جانورتن” ۾ راشدي صاحب ۽ سيد جي ايم جي خط و ڪتابت ۽ پير صاحب جا لکيل ڪي مضمون ڇپيل آهن راشدي صاحب جي خطن جو نثر سليس، عام فهم ۽ وڻندڙ آهي، ڪيترائي موقعي مطابق فارسي، اردو ۽ سنڌي شعر پڻ ڏنل آهن ۽ خطن ۾ مضمون ۽ موقف جي وضاحت سهڻائيءَ سان ڪيل آهي ايئن لڳي پيو ڄڻ ته پڙهندڙ سامهون موجود آهي اهي خط ۱۹۳۷ع کان ۱۹۵۸ع جا آهن. ۱۳ نومبر ۱۹۳۷ع تي لکيل هڪ خط ۾ لکيو اٿن ته، “اهو سچ آهي ته اسان بي حس آهيون ۽ عوام ستل آهي ۽ ٻنهي ۾ زندگي پيدا ڪرڻ لاءِ رت ڏيڻ جي ضرورت آهي جيستائين مسلمانن پنهنجي سر جي پرواهه نه ڪئي، دنيا سندن پيرن هيٺان هئي، جڏهن کان سر بچائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن ته سڀڪجهه وڃائي رهيا آهن”، اڳيان لکن ٿا ته، “منهنجي سمجهه موجب اها پهريون نمبر بزدلي سڏبي، جيڪڏهن اسان اهڙين حالتن اڳيان ڪنڌ نمائيندا رهون”.

پير علي محمد راشديءَ سياست، ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ نه مٽجندڙ نقش ڇڏيا، ۱۴ مارچ ۱۹۸۷ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين کين ڪراچيءَ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ آگسٽ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا