مير علي شير ”قانع“
[ 1737ع – 1788ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي جي عظيم، محسن، مؤرخ ۽ شاعر، مير علي شير ”قانع“ ولد سيد عزت الله شاه جي ولادت، ڪلهوڙن جي دور (ميان نور محمد خان جي ڏينهن) ۾، 5 جمادي الثاني 1140هه مطابق 28 جون 1727ع تي ٺٽي ۾ ٿي هئي. سندس بزرگن مان سيد شڪرالله ولد سيد وجيہ الدين هڪ ڪامل ولي ۽ وڏي بزرگيءَ وارو شخص هو، جيڪو 927هه (1520ع) ۾ قنڌار مان لڌي، ٺٽي (سنڌ) ۾ اچي رهيو هو. ديني علم ۽ فضل جي لحاظ کان، شاه حسن ارغون کيس ٺٽي جو پهريون ”شيخ الاسلام“ مقرر ڪيو هو.
1111هه (1699ع) ڌاري، سنڌ اندر چار سؤ کن ديني مڪتب ۽ مدرسا قائم ٿيل هئا. مير ”قانع“ به پنهنجي تعليم جو آغاز ميان نعمت الله ، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع ، آوخند ابوالحسن ۽ مولوي مرزا جعفر شيرازيءَ جهڙن جيد عالمن ۽ ديني خواه دنيوي علمن جي ڪاملن وٽان ڪيو. اڃا 12 سالن جو مس ٿيو، ته شعر چوڻ جو شوق جاڳيس. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته انهيءَ ڪمسن عمر ۾ ”ديوان“ به مرتب ڪيو هائين.کيس وڏو مطالعو هو – 1171هه (1761ع) ڌاري ميان غلام شاه ڪلهوڙي وٽ خداآباد (موجوده دادو ضلعو) ۾ ”درٻاري ليکڪ“ مقرر ٿيو، جتي ”ڪلهوڙا خاندان جي تاريخ“ لکڻ جو مٿس ڪم سونيپو ويو؛ جنهن کي 1175هه (1761ع) کان هٿ ۾ کنيائين.
مير ”قانع“ تاريخ کي ٻن نمونن ۾ لکڻ لڳو. نظم ۾ شاهنامي جي طرز اختيار ڪيائين؛ ۽ نثر ۾ وري خالص ادبي انداز برقرار رکيائين. هي ٻئي ڪتاب اڃا آخري مرحلن ۾ ئي هئا، ته خدا آباد کي خدا حافظ چئي، ٺٽي کان اچي نڪتو. غالباً ٻن سالن جي وقفي بعد، 1180هه (1766ع) ۾ ”تحفته الڪرام“ نالي ڪتاب قلمبند ڪرڻ لڳو. سندس چاليهه ڪتاب ٻيا به آهن، جيڪي سمورا فارسي زبان ۾ قلمبند ٿيل آهن. زندگيءَ جو وڏو عرصو تصنيف و تاليف ۾ رهي، ڪجهه وقت لاءِ ڄام ننگر، سورت ۽ ڀڄ تائين به سير سفر ڪيو هئائين.
شروعات کان وٺي سندس وڏن جي معاشي حالت بهتر هئي. هو خوشحال ۽ فارغ البال هئا. کانئس پوءِ به حسب دستور هي گهراڻو تنخواهون، وظيفا، خلعتون ۽ وڏا انعام اڪرام چوڙيندو ماڻيندو رهيو. پڇاڙيءَ ۾ 1202هه (1787ع) کيس مختلف بيمارين نهوڙي وڌو. سخت ڪمزوريءَ سببا، ويهڻ بجاءِ ليٽي به لکندو رهيو. آخري 63 ورهين جي ڄمار ۾، 7 شوال 1202هه مطابق 22 فيبروري 1788ع تي هن عظيم المرتبت اديب، مؤرخ ۽ شاعر ٺٽي ۾ وصال ڪيو. پٺيان ٽي فرزند ڇڏيائين. سندس شاگردن جو تعداد به گهڻو هو. خود خاندان ۾ ئي ڪيترا عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيائين.
(1) – شاعريءَ جي لحاظ کان شروعات ۾ سندس تخلص ”مظهري“ هو؛ جنهن کي پنهنجي استاد مير حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل“ جي تجويز موجب بدلائي “قانع“ رکيو هئائين.
(2) – ميان نعمت الله ولد ميان عبدالجليل (المتوفي 18 ذوالقعد 1179هه = 1765ع)، مخدوم ضياءُ الدين جو ڏهٽو هو. وٽانئس ”ميزان الصف کان شرح ملا“ تائين سمورا ڪتاب پڙهيا هئائين.
(3) – آخوند محمد شفيع (المتوفي 1165هه = 1751ع)، فارسي زبان جو ماهر هو. کانئس ”قصائد عرفي ۽ سيفي عروض“ متعلق ڄاڻ حاصل ڪئي هئائين.
(4) – آخوند ابوالحسن ”بيتڪلف“، پنهنجي وقت جو وڏو عالم، طباع ۽ صاحب استعداد بزرگ هو. سندس مدرسي ۾ بغير استنثنا جي هندو خواه مسلمان تعليم حاصل ڪندا هئا.
(1) – مذڪوره فارسي ”ديوان“ ۾ سمورن اصناف سخن تي غزل موجود هئا، جن جو تعداد 8 هزار چيو وڃي ٿو. هڪ روايت موجب، مڪمل ديوان درياه داخل ڪري ڇڏيائين – 15 سالن جي وقفي بعد، 1155هه (1742ع) ڌاري ٻيهر شعر چوڻ شروع ڪيو هئائين. [سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (ڀاڱو پهريون) – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، لاڙڪاڻو، 1976ع، ص 220].
(2) – ميان غلام شاه ولد نور محمد ڪلهوڙو، هڪ باصلاحيت ۽ نهايت ئي سمجهدار شخص هو. واڳون وٺڻ سان ملڪي امن امان محال ڪيائين. سنڌ جون حدون وڌائي ڪڇ طرف بست ۽ لکيت جو بندر، بهاولپور جي نواب کان سبزڪوٽ ۽ اُچ؛ ۽ قلات جي خان کان ڪراچيءَ جو بندر به پنهنجي نگرانيءَ هيٺ آندائين. ازانسواءِ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جو شهر اڏرائي، منجهس 1182هه (1768ع) ۾ پڪو قلعو پڻ جوڙائيان. پوءِ ٺٽي ۾ گادي ٺاهي، حڪومت هلائڻ لڳو – 16 سالن جي انهيءَ آرامي زندگي بعد، 1186هه (1772ع) ۾ فالڄ جهڙ: موذي مرضي وگهي موت جو ذائقو چکيائين. کانئس پوءِ ڪلهوڙائي سرڪار لوڏن ۾ اچي وئي.
(1) – ”تحفته الڪرام“ اصل فارسي زبان ۾ لکيل آهي، جيڪو ٽن جلدن تي مشتمل آهي. جلد 2 ”مقالات الشعراءُ“ ۽ جلد ٽئين ۾ سنڌ متعلق ڪارائتو مواد ڏنل آهي؛ جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1391هه (آڪٽوبر 1971ع) ۾ شايع ڪيو آهي – 1955ع ۾ سندس سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو آهي، جيڪو پڻ سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ عام ڪيو آهي.
(3) – مير غلام علي ”مائل“ (ولادت 1161هه)، غلام ولي الله (ولادت 1163هه)( ۽ مير امير علي عرف غلام حسين (ولادت 1171 هه).
No comments:
راءِ ڏيندا