; سنڌي شخصيتون: ميان جان محمد ”فدا“ عباسي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 April, 2011

ميان جان محمد ”فدا“ عباسي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ميان جان محمد ”فدا“ عباسي
[ 1885ع – 1921ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ جي سماجي زندگيءَ جو هڪ اڻ وسرندڙ هيرو، وسيع مطالعي، وسيع فڪر ۽ وسيع مشرب وارو صاحب – ديوان شاعر، ميان جان محمد ”فدا“ ولد فيض محمد عباسي، ضلعي دادو، تعلقي ڪڪڙ جي ڳوٺ ”ٻورڙي شريف“  ۾، 19 شوال 1303هه مطابق 4 سيپٽمبر 1885ع تي تولد ٿيو هو. اڃا ڇهن ورهين جو مس ٿيو، ته 1891ع ۾ ڳوٺ جي اسڪول ۾ پرائمري تعليم جو آغاز ڪيائين. چار درجا سنڌي پاس ڪري، 1895ع ۾ تعلقي دادوءَ جي ڳوٺ ”ٽڳا“ ۾ مولانا قاضي جان محمد صاحب قريشي وٽان فارسيءَ جي سکيا ورتائين. سال کن جي قليل عرصي اندر پارسيءَ جا ابتدائي ڪتاب ۽ قرآن پاڪ ناظنران سان گڏ فقہ جي ڄاڻ به حاصل ڪري ورتائين. ستت ئي ذهانت جي زور تي سنڌي تعليم طرف تيزيءَ سان توجہ ڏيندي، 1900ع ۾ شڪارپور مان ورنيڪيولر امتحان به پاس ڪيائين پوءِ عارضي طرح 9 روپيه درماه معاوضي سان تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ماستر مقرر ٿيو.

 
ستن مهينن جي وقفي بعد ڪراچي ضلعي ۾ پڪيءَ طرح ماستري ملي ويس، جتان 1904ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ چونڊجي آيو. آخر 21 ڊسمبر 1906ع تي ٽن سالن جي پڄاڻيءَ بعد باقاعده فارغ التحصيل ٿي، سجاول ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو. اهڙيءَ طرح شاهبندر، چوهڙ جمالي، مانجهند، سن، لڪي ۽ راڌڻ (لاڙڪاڻو) وغيره ۾ ملازمت ڪيائين. مطالع سان سندس وڏو عشق هو؛ جنهن ڪري ڪافي عربي، فارسي ۽ سنڌي ڪتاب پڙهيا هيائين. سخن جي سلسلي ۾ ”فدا“۾ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ ڪؤنتل ڪڏايو اٿس. بيت، ڪافيون، وايون ۽ غزل سندس پسنديده صنفون هيون. غزلن جي سلسلي ۾ سندس مڪمل ”ديوان“ به ترتيب ڏنل آهي، جيڪو قلمي صورت ۾ سندس پوٽي، ميان جان محمد ”شاد“ عباسيءَ وٽ محفوظ آهي؛ جنهن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ کي توجہ ڏيڻ گهرجي.
”فدا“ عباسيءَ جو ڪلام گهڻي ڀاڱي عشقيه آهي. منجهس تغزل، جذب، رنگيفي، سوزوگداز ۽ معنويت معلوم ٿئي ٿو. ٻولي پختي، انداز – بيان شاعرانه ۽ عالمانه اٿس. هڪ پرگو شاعي جي حيثيت ۾ سندس ڪلام سنڌي ادب لاءِ باعث – فخر آهي. سندس حالانڪ جهجهو آهي، مگر عوام اڳيان تمام گهٽ آيل آهي. سندس ڪلام جي مطالعي مان اُهي تمام خوبيون معلوم ٿين ٿيون، جيڪي هڪ سٺي ۽ باڪمال شاعر ۾ هجڻ گهرجي. پاڻ رلڻو ملڻو، خوش مزاج ۽ بيحد خليق انسان هو. ساڳئي وقت هڪ لاغرض ۽ بي طمع هجڻ، منجهس خاص خوبي هئي.
”عالمانه بحث“، سندس دل جي وندر ۽ ورونهن هئي. پاڻ بحث ۾ درڪ رکندو هو. انهيءَ ڪري ڪيترن ئي گمراه انسانن کي راه راست تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. انهيءَ مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ”فدا“ صاحب کي شرعي اعتبار کان وڏي ڄاڻ هئي. سندس عالمانه بحث مفصل ۽ مدلل آهي. ازانسواءِ ”دعوت الحق“ نالي سلوڻي، مٺي، هلڪي ۽ دلپذير زبان ۾ هڪ ڪتاب به 1908ع ۾ ترتيب ڏنو هئائين؛ جنهن ۾ دنيا جي مذهبن جي ”اظهر من الشمس“- مصداق ثابتين سان واضح حقيقتون بيان ڪندي، ”اسلام“ کي افضل ۽ فطري مذهب ثابت ڪيو اٿس. سندس نظريي مطابق ”اسلام کان سواءِ ڪنهن به ٻئي مذهبي تي هلڻ صريحاً گمراهي آهي ۽ اسلام ئي نجات جو رستو آهي“. مطلب ته پاڻ هڪ ڪامل استاد هجڻ سان گڏ اعليٰ پايي جو شاعر، عالم ۽ صاحب- تصنيف و تاليف شخص هو.
پنهنجي سوٽ ميان دين محمد سان وڏي محبت هيس؛ جنهن جي اوچتي انتقال سندس دل تي سخت صدمو رسايو؛ جنهن ڪري دق تپ جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو. آخر انهيءَ موذي مرض سندس جان نهوڙي ڇڏي، جنهن ڪري 13 رمضان المبارڪ 1340هه مطابق 26 نومبر 1921ع تي هن فاني جهان مان الوداع ڪري، عالم جاودانيءَ ڏانهن وک وڌائي، پنهنجو سفر سنواريو. کيس ”ٻورڙي شريف“ ۾ جاءِ ڏني وئي. پٺيان نرينه اولاد ۾ ٻه فرزند: ميان حسن علي، ميان فيض محمد ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيائين. هيٺ ”فدا“ صاحب جي ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:-
”ڪيئي جڏهن ساري خدائيءَ جون ڳاليهون،
تڏهن ڪر ذرو آشنائيءَ جون ڳالهيون.
چڱن کي جڳائن چڱائيءَ جون ڳالهيون،
برن کي وڻن ٿيون برائيءَ جون ڳالهيون.
رکي دل ۾ هڪڙي ۽ ٻي ٿو ٻڌائين،
صفا ڪر تون مون سان صفائيءَ جون ڳالهيون.
رکي صبح ۽ شام آئينه اڳيون،
وڻن اُن کي ٿيون خود نمائيءَ جون ڳالهيون.
”فدا نيڪ اعمال جو ڪر ثر ڪجهه،
نه ڪر وات سان پارسائيءَ جون ڳالهيون.“

(1) – سندس نسل نيڪ اصل، ڇهين پيڙهيءَ ۾ ميان سرفرا خان عباسي ولد ميان غلام شاه ڪلهوڙو ( 1751ع – 1777ع) سان ملي ٿو. (ميان جان محمد ”فدا“ ولد ميان فيض محمد ولد ميان عبدالرحمان ولد ميان حافظ احمد خان ولد ميان مير محمد خان ولد ميان سرفرا خان ولد ميان غلام شاه ڪلهوڙو) – اهوئي سبب آهي، جو هي خاندان ”پير“ جي لقب سان سڏجي ٿو. وڏن جيان اڄ به سندن ڪافي مريد آهن [تحفهء خيرپور ناٿن شاه – حڪيم محمد صادق ”طالب“ عباسي، 1959ع، صفحو 66].
(2) – تعلقي ڪڪڙ جو ڳوٺ ”ٻورڙي“، 1220هه (1805ع) ڌاري آباد ٿيو آهي، جيڪو موجوده جاگرافيائي ورڇ مطابق تعلقي خيرپور ناٿن شاه ۾ اچي وڃي ٿو. مٿس مسمات حضوران ٻرڙيءَ تان نالو پيل آهي، جيڪا سکڻي ستابي ۽ مالدار عورت هئي – 1843ع ۾ ري اولاد وفات ڪيائين. اڳ هن ڳوٺ ۾ مڱريا، ٻگهيا، چڱجا ۽ مير بحر رهندا هئا. هينئر ته ٻين به ڪيترين ئي ذاتين جو منجهس اضافو آيو آهي. خاص ڪري ڪلهوڙا (جيڪي پاڻ کي ”عباسي“ سڏائين ٿا) ذات وارا گهڻا آباد آهن [سنڌڙي تنهنجا ڳوٺ وسن – ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ 1978ع (قلمي) صفحو 81].
(1) – تصديق سان معلوم ٿيو آهي، ته ”فدا“ صاحب جتي ٻين ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو، اتي سرائڪي، بلوچي، بروهڪي، اردو، پشتو، انگريزي، گرمکي ۽ شاستري وغيره به هٿان نه ڇڏيون هئائين. ثابتيءَ لاءِ سندس همعصر دوست، قاضي اميد علي ولد پنهون خان زرداري (1835ع – 1915ع) جي چيل نظم مان بند هيٺ ڏجي ٿو:-
”فارسي، عربي جو ڄاڻو، گرمکي ۽ شاستري،
۽ مناظر هن جو آ ذوق – قلم جادو بيان؛
آهه سو اهل – قلم ۽ صاحب – تصنيف،
فخر جمله اهل – دين سرمايهء عباسيان.“
(1) – جوانيءَ ۾ مجازي محبت جي ڦندي ۾ ڦاٿو هو؛ مگر انهيءَ امتحان ۾ به ثابت قدم رهي، حقيقت طرف ڇڪجي ويو.
(1) – رسالہ ”بحث تناسخ“ نالي مناظرن جو 48 صفحن تي ڦهليل مڪمل ڪتاب قلمبند ٿيل آهي، جيڪو 17 رجب المرجب 1332هه مطابق 3 جولاءِ 1913ع تي دبدبه حيدري ليٿو پريس حيدرآباد سنڌ مان شايع ٿيو آهي.
(1) – ميان جان محمد ”فدا“ بابت معلومات جي اضافي ۾، سندس پوٽي ميان جان محمد ”شاد“ ولد ميان حسن عليءَ عباسيءَ جو سهڪار رهيو آهي. ”شاد“ صاحب پاڻ پرائيمري استاد هجڻ سان گڏ، سنڌي زبان جو بهتري شاعر پڻ آهي (ميمڻ عبدالغفور سنڌي).

No comments:

راءِ ڏيندا