سر شاهنواز خان ڀٽو
عبدالستار ڀٽي
ڀٽو خاندان جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته ٿورو علائقائي تهذيب ۽ روايت جو جائزو ورتو وڃي. سنڌ هڪ اهڙو اڏول ۽ سخت علائقو آهي جتي صدين کان رائج دوستي ۽ دشمني جون هميشه نه وسرندڙ يادون، ڌرتيءَ جي سيني تي وهندڙ دادلو دريا هن ڌرتي مٿان واريءَ ۽ هوا جي تيز وهڪري سان آباديون ۽ برباديون، ڏک ۽ سک ڏيندو. صوفين، جوڳين، درويشن، هارين، جاگيردارن جي هن سرزمين تي هڪ طرف يڪتارو چپڙي، سرندي، الغوزي، مرلي ۽ بانسري جا خمار ڀريل سُر ثقافتي شاهڪار ميٺ ۽ محبت جا داستان پيش ڪن ٿا ته ٻئي طرف وڻج واپار لاءِ قائم منڊين ڏانهن ڀلوڙ ڏاندن ۽ موهن جي دڙي جي وقت کان هلندڙ بيل گاڏيون ساريون، ڪڻڪ، ڪمند، گاهه، ڦٽيون، ڦل ڦروٽ کڻي وڃڻ وقت رستن تي ڦيٿن جا رينگٽ ڪنديون هيون ته وري محبت جا داستان جهڙوڪ سهڻي ميهار، عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سسئي پنهون جي حوالن سان هر هنڌ هاڪاري هيا جن کي لاکيڻو لطيف پنهنجي گيتن ۽ بيتن ۾ سموئيندو رهيو. اهڙي سٻاجهڙي سنڌ جي ڀلوڙ ماحول ۾ وقت جو وهڪرو وهندو رهيو. سمن، سومرن، ڄامن، ڪلهوڙن، ٽالپرن، انگريزن جا دور ايندا ويندا رهيا. تغلق، ترخان، ارغون ۽ ٻيا ڌاريا به سنڌ جا لوڙها لتاڙيندا رهيا. جاگرافي حدون طاقت ۽ تلوار جي زور تي وڌنديون ۽ گهٽجنديون رهيون. قبيلا لڏ پلاڻ ڪندا رهيا. ارڙهن اڻويهين صدي ۾ جاگيرداري جا محل انسانيت دشمني ۽ اذيت گاهن جا ڏيک ڏيندا هئا. جاگيردارن جي محل کي غريب پنهنجي خون سان سجائيندا سنواريندا رهيا. انگريز پنهنجو اقتدار برقرار رکڻ لاءِ جاگيرون مفت ۾ اتي جي اصل رهندڙن غريبن بدران پنهنجي دربار ۾ ايندڙن کي تحفي ۾ ڏنيون، هڪ طرف سنڌي زبان بند خاموش اٻوجهه رعيت ڏٺي ته ٻئي طرف دودو، دولهه دريا خان، جنرل هوشو، جنرل شاهه بهارو، شاهه مردان پير پاڳارو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو به ڏٺو. سنڌ جي سرسبز زرخيز زمين تي ڪافي ٻاهرين لڏپلاڻ ٿي. ڪيترا قبيلا لڏ پلاڻ ڪري هتان جا ٿي ويا. لاڙڪاڻي ضلعي جا گهڻا رهاڪو قبيلا ۽ ذاتيون قديم سنڌ ۾ لڏ پلاڻ ڪيل آهن. جن ۾ چانڊيا، کهاوڙ، مگسي، مهيسر، هڪڙا ۽ جتوئي وڏي تعداد ۾ هيا، پر انهن سڀني مان لاڙڪاڻي جي سرزمين تي مضبوط ۽ کتل پير ڀٽو خاندان جا آهن. لاڙڪاڻو شهر 18- هين صديءَ ۾ ڪلهوڙا شروعاتي ڏينهن ۾ قائم ٿيو. لاڙڪاڻو سنڌ ۾ سدائين زرخيز شهر رهيو آهي. قديم سنڌ ۾ ڪراچي کان پوءِ ٻيو نمبر مالدار ۽ شاهوڪار شهر لاڙڪاڻو ليکيو ويندو هيو ۽ سنڌ ۾ سڀ کان گهڻي آباد زمين ڀٽو سردارن کي هئي. ڀٽو قبيلو ڪيئي سئو سال اڳ جيسلمير ۾ آباد راجپوت مهاجرن جي شاخ آهي. هن خاندان جو پهريون فرد سهتو خان ڀٽو 16 هين صدي جي وچ ۾ هتي پهتو ۽ ڀٽو نالي ڳوٺ ٻڌائين پر مقدر جو سڪندر ڀٽو خاندان ۾ سردار دودا خان ڀٽو ئي آهي. دودا خان ڀٽو ۽ سندس پٽ الهه بخش ڀٽو گڏجي لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد تائين چانڊين، جمالين ۽ بروهين جي قبيلن سان مختلف وقتن تي سخت جنگيون ڪندا رهيا ۽ پنهنجي زمين جو دائرو تمام گهڻو وڌايو. سردار دودا خان پنهنجي ڪوششن سان ڀٽو خاندان جو شمار سنڌ جي معزز خاندانن ۽ قبيلن ۾ ڪرايو. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ حڪمران کان علاوه شاندار حاڪميت جو ڏيک ڏيندڙ ڏولي ۾ گهمڻ ۽ سفر ڪرڻ جو اختيار ڀٽو خاندان جي سردارن دودا خان ۽ پير شاهه مردان پاڳارو کي هيو. هو جڏهن سفر تي نڪرندو هو ته سندس سجايل سيج ساڻ نوڪر چاڪرن جو هڪ وڏو جلوس به هوندو هو. هڪ طرف جائداد ۽ ملڪيت ٺاهڻ جو اعزاز سردار دودا خان کي وڃي ٿو ته ٻئي طرف سياست ۾ عزت، شهرت ۽ تعلقات ٺاهڻ جو سهرو سر شاهنواز ڀٽو کي ، جڏهن ته عوام ۾ شعور، سجاڳي، خدمت، محنت، حق حاصل ڪرڻ جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جدوجهد ، محنت، منزل حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ محترمه بينظير ڀٽو کي آهي.
دولت عزت ۽ شهرت هوندي به هن خاندان کي ڪجهه محروميون ضرور ورثي ۾ ملنديون آيون آهن. خدا بخش خان جي پٽ مير غلام مرتضى ڀٽو کي شڪارپور جي انگريز ڪليڪٽر پاران هڪ انگريز عورت جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو. هن اعليٰ خاندان جي وجاهت شان مان واري نوجوان وارث مرتضى ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو. هي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ وڏو سياسي شهرت ماڻيندڙ مقدمو هيو. مير غلام مرتضى پنهنجي ڪيس جي وڪالت لاءِ هڪ تمام وڏي قانوندان بئريسٽر کي روزانو ٻارنهن سئو پنجاهه رپيا في جي بنياد تي وڪيل مقرر ڪيو. اڄ کان هڪ سئو سال اڳ روزانو ايتري في ان دور ۾ ڪنهن به وڪيل ڪو نه حاصل ڪئي. هي تمام گهڻي رقم هئي. مير غلام مرتضيٰ ڀٽو هن ڪيس مان ته آزاد ٿي ويو پر سندس مخالفن مٿس ٻيا به ڪيترا ڪيس داخل ڪرايا. نتيجي ۾ هن پاڻ کي ڦاهي چاڙهڻ بدران روپوشي اختيار ڪئي ۽ غير موجودگي ۾ ڪيس هليو کيس سزا ڏني وئي ۽ تمام ملڪيت تي انگريز سرڪار قبضو ڪيو.
انگريز ڪليڪٽر ڪاوڙ ۾ اچي مير غلام مرتضى ڀٽو جون سڀئي زمينون ضبط ڪيون. وڏو شهنشاهي نموني ٺهيل خانداني گهر نيلام ڪيو. وڏا قيمتي ناياب ريشمي غاليچا نيلام ڪيا. شاندار قسم جا صوفا سيٽ جن تي پراڻي زماني جو ٻاهران گهرايل، ريشم، اطلس ۽ بخمل لڳل هوندو هيو. سون ۽ چاندي جا ٺهيل ٿانو، قديم ديڳيون، زريءَ ڀريل خيما ۽ تنبو سڀ نيلام ڪري ڇڏيا. گهر جي باقي سامان کي باهه لڳائي وئي.
ننڍڙو سر شاهنواز ڀٽو سندس والده جي جسم تي موجود ڪپڙن ۾ پنهنجي خانداني گهر مان ٻاهر نڪتا. سر شاهنواز ڀٽو ۽ سندس والده کي انهن جي ڪڙمين پنهنجي گهر وٺي وڃي رهايو. هاڻي ننڍڙو سر شاهنواز ڀٽو اسڪول وڃڻ لاءِ ڪي ميل پنڌ ڪري ويندو هيو. اهو لاڏڪوڏ ۾ پليل ٻار جيڪو نوڪرن چاڪرن سان خوبصورت سجايل ٽانگي ۾ يا بهترين نسل جي گهوڙي تي چڙهي اسڪول ويندڙ هجي هاڻي مٽيءَ ۾ بڀوت، گرمي سبب پگهر ۾ ٻڏل، پيرين پيادو اسڪول وڃي ۽ اچي، اهي گهڙيون سر شاهنواز ڀٽو گذاريون. پنهنجي اکين ساڻ پنهنجي گهر جي نيلام ٿيڻ،. سامان کڻڻ ۽ باقي سامان کي سڙندو ڏٺائين.
مير غلام مرتضيٰ ڀٽو بهاولپور جي نواب دوست وٽ پناهه حاصل ڪئي، جتان ويس مٽايائين. وڏا وار وڏي ڏاڙهي، ڪپڙا ۽ ڪڙا پائي هڪ سک سردار ديال سنگهه جي نالي پشاور پهتو. پوءِ ڪابل ويو جتي شاهه افغانستان جو مهمان رهيو. گهڻو عرصو جلاوطني بعد آخر پنهنجي ٻنهي پٽن جي سڪ ۽ والد جي انتقال کيس واپس سنڌ آندو. ڪراچي ۾ موجود برطانوي حاڪم وٽ پيش پيو. هن مقدمو ٻيهر هلرايو ۽ کيس تمام جائداد به واپس ملي پر هو ٿوري عرصي ۾ بعد 31 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. جڏهن جلاوطني بعد واپس موٽيو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ يادگار واقعو هيو. واپس اچڻ بعد مخالفن کيس مارڻ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پر مير غلام مرتضيٰ ڀٽو وٽ ماني چڪاس ڪرڻ وارا هوندا هئا. هو هڪ مهيني اندر انتقال ڪري ويو. چون ٿا ته کيس حقو پيئڻ جي عادت هئي ۽ حقي وسيلي زهر ڏنو ويو.
پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ برصغير ۾ ڪجهه خاندان سياست جي دنيا ۾ تمام وڏي شهرت ماڻي آهي ۽ انهن سياسي خدمتن سبب جيڪا عزت رتبو يا مان حاصل ڪيو انهن پنهنجا تعلقات لڳ لاڳاپ اهڙا ٺاهيا آهن جو سندن عزت شهرت مرتبو پونيئرن کي رهنمائي ڪري ٿو ۽ انهن جا پويان نسل پڻ سندن ٻڌايل پنڌ پيچرن تي سياسي خدمتن جون منزلون ۽ مقصد ٺاهي ۽ ڪاميابيون ماڻيون. برصغير ۾ ٻه خاندان اهڙا آهن، هڪ نهرو خاندان آهي ۽ ٻيو اسان جي ملڪ ۾ ڀٽو خاندان جو مثال هڪ چٽو تاريخي ثبوت آهي. هن خاندان هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين روز مره جي زندگي ۽ عوام ۾ پنهنجي مڃتا برقرار رکي آهي، صدي کان وڌيڪ عرصي تائين روزانو دنيا جي اخبارن، رسالن کان علاوه جديد ۽ قديم نشرياتي ادارن تان سندن ڪارناما، تقريرون يا احوال نشر پيا ٿين. ڀٽو خاندان جي سياست تاج ۽ تخت يا حڪومت جي ايوان ۽ اقتدار جي تمام وڏن عهدن تي قسمت سدائين ساٿ ڏيندي رهي آهي. سياست سندن مقدر بڻجي وجود ۾ رچي وئي آهي. هڪ صدي جي لڳ ڀڳ ڀٽو خاندان پاران خدمت، جدوجهد ۽ اصلاح لاءِ هڪ تاريخي ڪردار آهي. ملڪ جي فيصلن ۽ قوم جي رهنمائي لاءِ ڀرپور دخل رهيو آهي. ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون سندن دروازن تي پاڻ اچيو آواز ڏين. هڪ طرف مقدر پاران هو زر ۽ زيور جي دولت سان مالا مال آهن. سندن صبح شام جي ونهوار ۾ سونن چمچن سان گذارو آهي ته وري ا جي مخلوق عوام جي دلين سوچن ۽ لبن تي به عزت احترام عقيدت ٽمٽار جذبا موجود آهن. عوام ڀٽو خاندان جي عزت خلوص دل سان ڪري ٿو. نالو احترام سان وٺي ٿو ۽ ڀٽو خاندان تي ڀروسو ڪري ٿو. ائين ڄڻ هڪ ٻئي جا آزمايل هجن يا هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هجن، هڪ ٻئي جا عزيز، ساٿي يا رشتيدار هجن. ڪير ڪيترو به ڀٽو خاندان سان سياست ۾ اختلاف رکي پر ان ڳالهه تي ڪو به اختلاف نه رکندو ته ڀٽو خاندان کي صدين کان وٺي حڪومت جي عهدن جي عزت کان وڌيڪ ڌڻي پاڪ عوام جي دلين ۾ هڪ وڏي عزت ۽ حڪمراني ڏني آهي. اهڙي عزت دائمي هوندي آهي ۽ اها اقتدار يا ڪرسي جي محتاج ڪو نه آهي. ڀٽو خاندان ۾ اها عزت واري ڏات صدين کان هلندي اچي ٿي، وراثت ۾ ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ٿيندي رهي ٿي. اها سياست جي روشني ۽ چمڪ ڀٽو خاندان جي چئن شخصيتن ۾ تمام گهڻي پيدا ٿي جنهن سنڌ هند کان ٻاهر تاريخ لکندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو. اخبار يا رسالي يا اقتدار جي مورتيءَ کي روزانو پنهنجي چوڌاري نچايو. سندن اٿڻ، ويهڻ، ميل، ملاقات، گفتگو عام زندگي جو حصو نه پر هڪ سياسي ثقافتي تهذيبي اهڃاڻ يا شناخت ٿي وئي. انهن پنهنجي زندگي ۾ ڪي اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جو هاڻي سندن ڪارناما ۽ شخصيتون تاريخ ۾ هڪ روشن باب ٿي هميشه لاءِ سياست، تاريخ، تهذيب ۽ سماجي لاڙن ۾ تبديلي آڻيندڙ شاگردن لاءِ رهبري ۽ رهنمائي پيش ڪندا.
ڀٽو خاندان جو اهڙو هڪ خوبصورت صاف سٿرو، مهذب روشن خيال، حقيقت پسند، تعميري سوچ رکندڙ، جهالت، بک ۽ بيروزگاري جو خاتمو چاهيندڙ، علم ۽ صحت جون سهولتون هر عام خاص لاءِ پهچائيندڙ، تمام نفيس طبيعت، رحمدل، هر هڪ جو ڀلو چاهيندڙ، زندگي جي رستن تي هلڻ لاءِ پنهنجا اصول ٺاهيندڙ، زندگي کي شان مان ۽ وقار سان نيڪ مقصدن ۽ فلاحي منصوبن ۾ گذاريندڙ، خاموش پر باعمل شخصيت شاهنواز خان تاريخ 2 مارچ 1888ع تي غلام مرتضى خان ڀٽو جي اباڻي گهر ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ڄائو. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ڳوٺ شاهنواز خان جي ڏاڏي جي نالي تي ٻڌل شهر آهي. علائقي ۾ ڪو به اسڪول ڪو نه هو جنهن ڪري سندس ابتدائي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي هئي. جڏهن سنڌي ۽ انگريزي تعليم لاڙڪاڻي شهر جي سنڌ مدرسو اسڪول (هاڻوڪو گرلس ڪاليج) ۾ ٿي. ان وقت لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي واري اهم روڊ تي ڀٽو خاندان جا بنگلا، اوطاقون ۽ گهوڙن جا تنبيلا هوندا هئا. انگريزي جي وڌيڪ تعليم لاءِ پهريان ڪراچي سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۽ پوءِ 11 نومبر 1906ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي. 1908ع ۾ مئٽرڪ ۾ پهتو پر پاڻ اعلى تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته سندس والد 1899ع ۾ انتقال ڪري ويو هيو جڏهن ته ڏاڏي جو انتقال 1896ع ۾ اڳ ٿي چڪو هيو. هو تڏهن 8 سالن جو هيو.
نوجوان شاگرد جي 20 سال عمر هوندي آهي. شاگرد تمام وسيلن ميسر هجڻ ڪري اعلى تعليم جا منصوبا ٺاهيندو ۽ خواب ڏسندو يا وري پنهنجي ڪاليجي دوستن ساڻ گهمندو ڦرندو. تفريح يا رانديون رونديون ڪندو مصروف نظر ايندو پر شاهنواز خان کي کيڏڻ بدران ميٽرڪ ۾ پنهنجا ڪتاب بند ڪري ڪراچي کان واپس لاڙڪاڻي اچي پنهنجي لاڙڪاڻو جيڪب آباد واري زمين سنڀالڻي پئي. هو صرف 11 سالن جو هيو ته سندس والد انتقال ڪري ويو. پوءِ زمينداري جي ذميواري سندس ڪلهن تي اچي پهتي. هن پنهنجي جواني جوش جذبن کي زمينن سنوارڻ سنڀالڻ ۽ وڌائڻ ڏانهن ارپي ڇڏيو. شروع ۾ هن وڏي محنت ڪري پنهنجي زمينداري کي مضبوط ۽ منظم ڪيو، سنڌ جي نوابن، سردار ۽ جاگيردارن ۾ اٿڻ ويهڻ شروع ڪيو. صدين کان سنڌ جي سماج ۾ نوابن، سردارن، جاگيردان جي روز مره جي زندگي جو جائزو ورتو. انهن جي سماجي لاڳاپن، طور طريقن، اٿڻ ويهڻ ۽ خاص طرح جاهلانا انداز، ظالمن واريون سوچون، عام غريب ماڻهو جي عزت نه ڪرڻ، پنهنجي زمينداري، جاگيرداري کي قائم دائم رکڻ لاءِ غير انساني، غير قانوني غير اخلاقي قدم ۽ اپاءَ کڻڻ شاهنواز خان کي ڪو نه ڀايو ۽ هن اهڙي سنڌي سماج خلاف خاموش بغاوت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. پنهنجي وڏيرڪي زندگي گذارڻ جو پنهنجو رنگ ڍنگ ۽ طريقو مقرر ڪيو. جيڪو ان وقت پهريان ته نوابن سردارن جاگيردارن کي ڪجهه نه وڻيو پر شاهنواز ڀٽو جي انداز، سليقي، مقبوليت ۽ ڪاميابين کي ڏسندي سڀني کي سوچڻ تي مجبور ڪيو. بلڪه تمام جلد انهن شاهنواز ڀٽو کي پنهنجي قائد تسليم ڪندي سندس قيادت ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. در اصل سنڌ جي جاگيرداراڻي سماج ۾ نوابن ۽ وڏيرن جو شان شوڪت ان ۾ هوندو هيو ته هو پنهنجي قيمتي وقت پنهنجن اوطاقن ۾ ٺلهيون بي قائدي ڪچهرين ۽ جي حضورين ۾ گذاريندا هئا. جاگيردار پنهنجو شان ۽ رتبو وڌائڻ لاءِ رڇ، ڪٿن يا سوئرن کان علاوه ڏاندن جي گوءِ ۽ ڪڪڙن جا مقابلا ڪرائيندا هئا. هو باقائدي رڇ، ڪتا، سوئر، ڪڪڙ ڏاند پالڻ کان علاوه ملهه پهلوان، نشاني جا طوبچي گهوڙي سوار پنهنجن خرچن تي رکندا هئا. باقائدگي ساڻ پاڻ وٽ هفتو هفتو ميلا ملاکڙا ۽ مقابلا ڪرائيندا هئا. سڄي سنڌ بلوچستان، پنجاب جا نواب جاگيردار سندن مهمان ٿيندا هئا. شراب شباب ڪباب ناچڻيون وغيره به اچي پهچنديون هيون. رڇ ڪتن، ڪڪڙن، ملهن، راڳ ناچ ۾ پهريون نمبر ايندڙن کي وڏا انعام ملندا هئا. رڇ، ڪتن، سوئرن ۽ ڪڪڙن جا ته ڀاڳ ڀلا، انهن لاءِ حضرت آدم جي اولاد يعني ويچارا هاري ناري خدمت چاڪري ۾ موجود هئا. بلڪه انسان سڳورو انهن سردارن جي جانورن کي پالڻ ۽ انهن جي خدمت ۾ پاڻ ڪتو ۽ ڪڪڙ نظر ايندو هيو. جيڪو گهڻو فضول خرچ ڪري دولت لٽائي ان جي اوتري عزت هوندي هئي ۽ اوترو معزز نواب خان سڏبو هيو. هي اهو دور آهي جڏهن سنڌ ۾ هاري پورهيت، حقوق جو شعور يا مسئلن واري سياست ۽ پارٽين جو وجود ڪو نه هيو. هڪ ڪاري جهنگل وارو قانون هو. انگريز حاڪم نه اهڙن نوابن جاگيردان وڏيرن کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪمشنر جي آفيس ۾ خط لکي گهرائيندو هيو ته هو وڏا پٽڪا ٻڌي وڏين گاڏين ۾ اچي ڪمشنر آفيس ۾ پنهنجي نالي واري ڪرسي تي ويهي انگريز سرڪار جي هر حڪم تي ها ۾ ها ملائي پنهنجي گهر موٽي فخر محسوس ڪندا هئا. سرڪاري ڪورٽن يا جيلن بدران نواب پاڻ فيصلا ڪري سزا ڏياريندا هئا. سندن قيد يا جيل به پنهنجا ٺهيل هوندا هئا. اهڙي ماحول ۾ شاهنواز خان ڀٽو صاحب پنهنجي طبقي سان بغاوت ڪندي انهيءَ طبقي ۾ انقلاب آندو ۽ هو ان مهذب سياسي انقلاب جو ڪامياب قائد آهي. انقلاب هر محاذ تي اچي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته انقلاب جو مقصد ئي اهو آهي ته اڳ وارو رائج نظام ختم ڪري ٻيو خوبصورت لاڀ ڏيندڙ نظام رائج ڪجي. شاهنواز خان ڀٽو ان ڏس ۾ پنهنجي وقت ۽ تاريخ جو اڳواڻ آهي جنهن پنهنجي عمل، قول، فعل، سوچ وقت، پئسي ۽ تعلقات کي ڀرپور نموني استعمال ڪندي عوام جي فلاح بهبود، مسئلن، نوڪرين، سهولتن بابت عوامي سياست جو رستو اختار ڪيو. سندس جديد سياست ڏانهن لاڙي نيٺ سنڌ جي جاگيردار کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجو اجايو وقت سجيل اوطاقن ۾ ڪچهريون ڪرڻ ناچ گانا محفلون مچائڻ، ميلا، ملاکڙا، ڏاند جي گوءِ يا رڇ ڪتن جي ويڙهه کي ڇڏي اسيمبلين ايوانن ۾ ويهي اليڪشنون لڙڻ ۽ پنهنجي اوطاقن کي عوام جي مسئلن ٻڌڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏين. سندس رهڻي ڪرڻي ۽ اٿڻ ويهڻ سنڌ جي پراڻين مدي خارج ريتن رسمن ۾ ڦاٿل جاگيردارن کي جديد زندگي ۽ مهذب سياسي سماج جي خوبصورت ماحول ۾ آڻي بيهاريو. شاهنواز خان ڀٽو 22 سالن جي عمر ۾ سياست ۾ داخل ٿيو. سندس خدمتون ۽ ڪارناما تمام گهڻا آهن پر ڪجهه خدمتن بابت تفصيل ڏنل آهي. هن پنهنجي سياسي اقتدار جي عرصي ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۽ سنڌي عوام کي خاص طرح صحت، تعليم ۽ روزگار جون بنيادي سهولتون ڏيارڻ جي جدوجهد ڪئي.
جيئن ته شاهنواز خان جي والد غلام مرتضى مٿان هڪ ڪيس قتل جو داخل ٿيو هيو. ان ڪري هو جيل ۾ رهيو ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ پنجاب، افغانستان جلاوطن ٿي ويو. ان ڪري شاهنواز ۽ سندس ڀاءُ علي گوهر خان جي پرورش سندن چاچي رسول بخش خان ڀٽو ڪئي. سڀ کان اول 1910ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جو ميمبر ٿيو. هي اهو دور آهي جڏهن انگريز ڪليڪٽر ضلعو لوڪل بورڊ جو صدر هوندو هيو. شاهنواز خان 1920ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پهريون سنڌي عوامي چونڊيل صدر منتخب ٿيو ۽ کيس لڳاتار 13 سالن يعني سال 1933ع تائين انهيءَ عهدي تي رهڻ جو اعزاز حاصل آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي سياست ۾ لڳاتار 13 سالن تائين عهدا ماڻڻ منتخب ٿيڻ سندس مقبوليت ۽ عوام ۾ عزت احترام ظاهر ڪري ٿو. بحيثيت صدر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو هن انگريزي تعليم سنڌين ۾ عام ڪرڻ تي گهڻو توجه ڏنو هيو. هي اهو دور رهيو جو سنڌ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام هاءِ اسڪول ڪراچي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ سنڌ مدرسو لاڙڪاڻو سنڌ جي شاگردن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جا واحد مرڪز رهيا. لاڙڪاڻي ضلعي سطح تي تعليمي اصلاحات نافذ ڪيائين ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن هاءِ اسڪول جي تمام خرچن جو انتظام ضلعي لوڪل بورڊ حوالي ڪيائين. سنڌ مدرسي اسڪول لاڙڪاڻي جي تاريخي اسڪول جي بلڊنگ، عاليشان هاسٽل جو انتظام ۽ شاگردن کي سهولتون ڏيڻ کان علاوه بهترين انتظام هلائڻ لاءِ زبردست ايڊمنسٽريشن، هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن ۾ سخت ڊسيپلين، ورزش صحت جو علاج ۽ صفائي تي خاص طرح ايتري ته توجه ڏني ويندي هئي جو ڪنهن انگريز ملڪ جو پبلڪ اسڪول محسوس ٿيندو هيو. سڀ کان اهم ڳالهه ته هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن ۾ اخلاقي معيار ۽ بلند ڪردار پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻا اپاءَ ورتا. جنهن ۾ هر هڪ ڪم لاءِ ٽائيم جي سخت پابندي هوندي هئي. ڪو به ملاقاتي پهريان هاسٽل انچارج کان اجازت وٺڻ بعد ملندو هيو ۽ شاگرد به هاسٽل کان ٻاهر وڃڻ لاءِ انچارج کان پهريان اجازت طلب ڪندو هيو. ان دور ۾ شڪارپور، دادو، نواب شاهه، سکر، جيڪب آباد جا شاگرد لاڙڪاڻو اچي هن اسڪول ۽ هاسٽل ۾ رهي انگريزي تعليم حاصل ڪري بهتر ملازمتون ماڻيندا هئا. هي اسڪول سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ قيمتي ورثو ثابت ٿيو.
شاهنواز خان کي ان ڳالهه جو اعزاز حاصل آهي ته هن سنڌ ۾ پهريون دفعو عوام جي خدمت ۽ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ غريب ماڻهن کي سهولتون پهچائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي تمام تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ نه صرف اسپتالون ٺهرايون پر انهن جو انتظام هلائڻ به ضلعي ڪائونسل پاران مقرر هيو. هي اهو دور آهي جڏهن سنڌ جي تعلقن ۾ ته ڇا پر ڪيترن ضلعن ۾ اسپتالون ۽ عملو ڪو نه هيو ۽ ٻهراڙين جو غريب هاري ناري ڪنهن معمولي بيماري يا علاج لاءِ پڻ حڪيمن کان مڪسچر وٺڻ، پيرن فقيرن جي مزارن تي وڃي صحتيابي لاءِ دعا گهرڻ يا تعويذ سڳو ڪرائي ملن کان پاڻي پڙهائي بيمار کي پيئارڻ صحت جي ڏس ۾ عوامي خدمت جو هڪ وڏو مثال آهي. شاهنواز خان ڀٽو جي هن انقلابي خدمت ۽ جذبي پوءِ ٻين ضلعي لوڪل بورڊ جي اڳواڻن کي مجبور ڪيو ته هو به سندس نقل ڪندي ٻهراڙي جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪن. شاهنواز خان جي ان عمل علائقي جي ماڻهن کي ايترو ته خوش ڪيو جو هن کي ضلعي سياست ۾ لڳاتار 13 سالن تائين پنهنجو قائد چونڊيندا آيا.
اهڙن اصلاحي ڪمن سبب هو قابل احترام ۽ هر دل عزيز شخصيت جو مالڪ بڻجي ويو. جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ ضلعي ڪائونسلن جي ٻهراڙي ۾ صحت لاءِ خدمت جو جائزو وٺنداسين ته جديد دنيا ۾ رهندي به اسان ٻهراڙين ۾ اڄ کان 70 سال اڳ واري خدمت ڪرڻ لائق به نه ٿيا آهيون.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ننڍن واپارين، زميندارن ۽ ٻين سلجهيل ماڻهن کي واپار ڏانهن لاڙو ڪرائڻ، ڪاروبار ۾ شموليت ڪرڻ، واپار ۽ ڌنڌي معرفت خاندانن ۽ شهرن ۾ خوشحالي آڻڻ خاطر سر شاهنواز خان ضلعي ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن ڏس ۾ خان بهادر عظم خان سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. کيس لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪو آپريٽو سوسائٽي بينڪ جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن ضلعي ۾ خوشحالي پيدا ڪرڻ جهالت ۽ غربت مان نڪرڻ لاءِ ڪوآپريٽو تحريڪ شروع ڪئي ۽ ڪو آپريٽو بينڪ پاران واپار ۽ زمينن جي ترقي، گهرن ٺهرائڻ، روزگار ڪرڻ مطلب ته مهذب خوشحال ۽ ماڊرن معاشرو قائم ڪرڻ خاطر ڪجهه شرطن سان درخواست گذارن کي قرض ڏنا ويا ۽ ڪيترن ئي خاندانن انهي مان لاڀ ماڻيندي پنهنجي ايندڙ نسلن کي هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل ڏنو. هي پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تحت قائم ٿيندڙ ڪو آپريٽو بينڪ جو عمل اجتمائي خدمت جو شاندار مثال پيش ڪري ٿو.
سکر بئراج اسڪيم سنڌ لاءِ منظور ڪرائڻ شاهنواز خان جو وڏو ڪارنامو هيو. سکر بئراج اسڪيم سنڌ لاءِ دهلي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل کان منظور ڪرائڻ لاءِ هن تمام گهڻيو ڪوششون ورتيون. محنت ۽ جدوجهد ڪندي ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن پاڻ سڀ کان اول ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو پاران هڪ قرارداد پاس ڪرائي، سنڌ جي پهرين بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سکر بئراج بابت صوبائي ڪانفرنس ڪوٺائي ڪيس جي ڀرپور وڪالت ڪئي. آخر سنڌ جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جي اهميت بابت 7 جنوري 1916ع تي سر ميٿر سول انسپيڪٽر جنرل ايريگيشن ٽيڪنيڪل نوٽ هنيو ۽ جولائي 1923ع ۾ لڳاتار ستن سالن جي جدوجهد بعد بمبئي سرڪار ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جي ٺهراءُ تي عمل ڪندي بئراج جو آرڊر جاري ڪيو ۽ سفارش ڪئي ته بئراج تي سر جارج لائڊ گورنر بمبئي جو نالو رکيو وڃي. افتتاحي تقريب ۾ بمبئي جي گورنر سرجارج لائڊ گورنر جي تقرير ۾ بئراج جي قيام ۾ ڪوشش لاءِ ڪيل محنت بابت سر شاهنواز خان کي خراج عقيدت مان ثبوت ملي ٿو. بئراج لاءِ هڪ صلاحڪار ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ جمشيد اين آر مهتا چيئرمين ۽ سر حاجي عبدا هارون، سر شاهنواز ڀٽو، درشن سنگهه ۽ ايڇ ايس بيگ ٺارو مل حسين ڀائي ۽ ادول ڀائي کي ميمبر کنيو ويو ۽ سندس ڪوششن سان هي عظيم منصوبو مڪمل ٿيو.
هو دوستن جو دوست ۽ فراخدل سياستدان هيو. جنهن جو ثبوت هي آهي ته شاهنواز خان پنهنجي سياسي سفر ۾ جنهن سان به ڪم ڪيو انهن کي اعلى منصب تي پهچڻ بعد به هر مشڪل وقت ۾ ياد رکيو ۽ ساٿ ڏنو. سال 1928ع ۾ محترم سائين جي ايم سيد ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر چونڊيو ۽ ٻئي سال 1929ع ۾ محمد هاشم گذدر کي مقرر ڪرڻ تي ان وقت جي ڪراچي جي انگريز ڪليڪٽر مسٽر گبسن سان سائين جي ايم سيد جا سخت اختلاف ٿي پيو. نتيجي ۾ انگريز ڪليڪٽر ڪراچي لوڪل بورڊ جي مالي گرانٽ بند ڪري ڇڏي، هن واقعي کان پوءِ سر شاهنواز خان انگريز ڪليڪٽر جي مقابلي ۾ سائين جي ايم سيد جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ پنهنجا ذاتي تعلقات استعمال ڪندي سائين جي ايم سيد کي بند ٿيل مالي گرانٽ بحال ڪرائي ڏني.
هن کان علاوه هڪ ٻيو روشن خيالي جو مثال ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڀرپور حمايت ڪندي سندس مختيارڪار واري نوڪري بچائڻ واري ڪوششن مان ملي ٿو. جيئن ته سال 1931ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بحيثيت مختيارڪار بدين شاعري جو پهريون مجموعو ”تحفه سنڌ“ شايع ڪرايو. هي ڪتاب هڪ انسان جو رب پاڪ سان شڪوه تي ٻڌل هو. ڪامريڊ حيدر بخش جي آزادي خيالي سبب سنڌ ۾ هڪ وڏو مذهبي طوفان اڀريو ۽ سڄي سنڌ جي مولوين، پيرن، مسلم سوچ جي سياستدانن ۽ اديبن سندس خلاف فتوى ڏني ۽ ڪامريڊ جتوئي کي نوڪري مان ڪڍڻ، گرفتار ڪري سزا ڏئي ڦاسي تي چاڙهڻ جا مطالبا ڪيا. سياستدانن جو وفد بمبئي ڪمشنر وٽ دانهين ٿيو. جڏهن اهو ڪيس هلندي بمبئي جي انگريز گورنر وٽ پهتو تڏهن ان وقت جي گورنر پنهنجي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيز سر شاهنواز خان ڀٽو کان راءِ ورتي، جنهن تي سر شاهنواز ڀرپور نموني ۾ حيدر بخش جتوئي جي وڪالت ڪندي نوٽ لکيو ته ”سڄي سنڌ ۾ هڪڙو مسلمان مختيار ڪار آفيسر آهي جيڪو تمام محنتي، ايماندار، ديانتدار ۽ اعلى ذهانت رکندڙ شخص آهي، اهڙي ڀلي آفيسر کي تنگ نه ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا شعر ٻين به ڪيترن شاعرن لکيا آهن.“ سندس اهڙي نوٽ بعد ڪيس ڪمشنر بمبئي مسٽر گبسن وٽ ويو ۽ هن ڪيس فائيل ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدر بخش پنهنجي زندگي ۾ بيماري جي بستري تي آخري انٽرويو ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سان ان واقعي جي تعريف ڪئي آهي.
هو سنڌ جو پهريون سياسي اڳواڻ آهي، جنهن روز مره جي وهنوار لا جديد انداز ۽ طريقا جوڙيا، هن وقت جو قدر ڪرڻ، ماڻهو جي عزت ڪرڻ، ڪنهن جي ڳالهه کي آرام اطمينان ۽ تياري سان ٻڌڻ يا حل ڪرڻ خاطر پنهنجي ڏينهن جو ٽائيم ٽيبل ٺاهيو جيڪو ٻين نوابن ۽ جاگيردار سياستدانن ۾ به اپنايو ۽ سنڌي سماج ۾ خوبصورت لاڙا پيدا ٿيا. شاهنواز خان سان ڪو به ماڻهو ڪامورو يا صاحب بنا وقت وٺڻ جي ڪو ملي سگهندو هيو ڇاڪاڻ ته سندس ڪم ڪارن، ملڻ جلڻ جو روزانو ٽائيم ٽيبل ٺهيل هوندو هيو ۽ ان جي روشني ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون. ٽائيم ٽيبل مطابق صبح جو بنگلي تي عوامي شڪايتون ۽ ملاقاتون ته شام جو اعلى حڪام ۽ انگريز آفيسر ساڻ گڏجاڻيون هونديون هيون. سندس ملڻ هر هڪ لاءِ سولو هيو پر اڳواٽ ملاقات لاءِ وقت وٺڻ ضروري هيو. هن کان اڳ سنڌ جي سماج ۾ جاگيردار نواب يا وڏيرو پنهنجي بنگلي ۾ عام ڪچهري لاءِ اوطاق تي مقرر يا نه مقرر وقت تي اچي پنهنجي لاءِ سجايل ڪرسي يا بستري تي ويهندو هيو، نوڪر، چاڪر، ڪمدار، ڪارائتا، اوطاقي پوءِ ملاقات لاءِ ايندڙ ماڻهو اچي اوطاق ۾ هيٺ ويهندا هيا. جڏهن ته راڄ جا ويچارا اٻوجهه مسڪين ماڻهو پنهنجن ضرورتن لاءِ يا ڪنهن به مقصد لاءِ وڏيرن جي اوطاقن تي ڌڪا پيا کائيندا هئا. اوطاق جي نوڪرن جي رحم ۽ ڪرم تي ويچارا پنهنجي ڪم لاءِ سردارن جي بنگلن جي وڏين ديوارن جي ڪنڊ پاڇي ۾ ڇانوري لاءِ مجبور بيوس بڻيا ويٺا واري جو انتظار ڪندا هيا. غريب هارين نارين لا ءِ ڪو به گرمي سردي مطابق ويهڻ جو انتظام ڪو نه هوندو هيو. شاهنواز خان پنهنجي پنهنجي بنگلي تي ملاقاتين لاءِ ويهڻ ۽ خدمت چاڪري جو مناسب انتظام ڪيو، سندس هن جديد طريقي سنڌ جي تمام سياستدانن ۽ جاگيردارن کي متاثر ڪيو، نتيجي ۾ تمام جاگيردارن سياست ۾ سرگرم رهڻ شروع ڪيو. اليڪشن ۽ ووٽن وسيلي تعلقات ٺاهڻ، عزت ٺاهڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجو اوطاقون، سامان، اٿڻ ويهڻ، ملڻ جلڻ جا سڀ طريقا تبديل ڪيا ٽائيم وٺي ملاقات ڪرڻ جو رواج هاڻي عام ٿي ويو آهي. پر ان مهذب شانائتي رواج کي سنڌ ۾سر شاهنواز خان ڀٽو متعارف ڪرايو. سنڌ جي پيرن، ميرن، جاگيردان، نوابن، وڏيرن ۾ جڏهن جديد لاڙا ۽ سوچون پيدا ٿيون تڏهن سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ ڪجهه ٻين علم دوستن سنڌ ۾ تعليمي خدمتن کي عام ڪرڻ، سنڌي سماج ۾ علم پکيڙڻ ۽ سنڌي معاشري کي مهذب بڻائي پنهنجن اقتصادي سماجي ثقافتي ۽ سياسي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ ڊسمبر 1924ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ سنڌ ايجوڪيشن ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين سر شاهنواز خان هيو. جيئن ته سنڌ ۾ سياست ڪرڻ لاءِ هن دور ۾ سياسي پارٽيون ٺاهڻ جو رواج ڪو نه هيو ۽ ذاتي تعلقات يا گروپن ۾ گڏجي اليڪشن وڙهي ويندي هئي پر هن دور ۾ سياستدانن ۽ اسيمبلي ميمبرن پنهنجي لاءِ هڪ پليٽ فارم جي ضرورت محسوس ڪئي آهي گهڻي صلاح مصلحت بعد تمام جاگيردارن زميندارن ۽ سياستدانن گڏجي سال 1925ع ۾ ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو وجود عمل ۾ آندو جنهن لاءِ پڻ سر شاهنواز ڀٽو کي قد ڪاٺ ۽ سياسي تدبر شهرت سبب ان جو پهريون صدر چونڊيو ويو. جنهن تي هو پنهنجي ڏاهپ ۽ عمل ساڻ سال 1933ع تائين لڳاتار اٺ سال رهيو. تنظيم جي صدر جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي مختلف معزز خاندانن کي گڏ ڪري سياسي تحرڪ پيدا ڪيو ته ٻئي طرف سنڌي اديبن، عالمن، دانشورن ۽ تعليمي ماهرن کي متحد ڪري انهن کان سنڌي ماڻهن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ خاطر لاڀائتيون تجويزون حاصل ڪيون ٽئين طرف وڏيرن جاگيردارن کي تعليم وڌائڻ خاطر پنهنجي ذاتي دولت مان فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. سر شاهنواز ڀٽو جي تعميري اصلاحي سڏ تي تمام صاحب حيثيت ۽ جاگيردار طبقي سنڌ محمد ايسوسيئيشن کي فنڊ ڏنا پوءِ هن ايسوسيئيشن سنڌين ۾ انگريزي تعليم عام ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيا جنهن سان عام ماڻهو سهولتون ماڻي اڳتي وڌي آيو، بحيثيت صدر سنڌ محمدن ايسوسيئيشن هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي کي تمام گهڻي ترقي ڏياري، اسڪول کي سياستدانن ۽ جاگيردارن پاران ايتريون ته سهولتون ڏياريون جو هي ادارو دنيا جو ڀلوڙ تعليمي ادارن سان مقابلو ڪندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو هن اسڪول مان ڪيترائي برصغير هند جا جڳ مشهور سرواڻ، شاعر، محقق ۽ تعليمي ماهر پيدا ٿيا. انهن مختلف شعبن اندر دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن تمام گهڻا ڪارناما ڏيکاريا پر هن ايسوسيئيشن ۽ سندس قائد شاهنواز خان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ آهي. جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن تحريڪ کي ايشيا جي تاريخ جو پر امن انقلابي باب سڏي سگهجي ٿو. جنهن جو تفصيل هن ريت آهي. جيئن ته ٽالپر گهراڻي کان پوءِ سنڌ تي انگريزن جو اقتدار شروع ٿيو ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جو انهن سنڌ کي بمبئي جو حصو بڻائي انتظام هلايو، جڏهن ته سنڌ اڳ ۾ هڪ آزاد صوبو يا ملڪ رهيو هيو. سنڌ جي سياستدانن ۽ سجاڳ ادبي حلقن محسوس ڪيو ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرائي آزاد حيثيت ڏيارڻ لاءِ ماحول موجود آهي. تڏهن اگسٽ 1922ع ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي مسلمان سياستدانن ۽ اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس زير صدارت سر شاهنواز خان ڀٽو جي منعقد ٿيو. جنهن ۾ باقائدي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ ورڪنگ ڪميٽي ٺاهي وئي. جنهن جو صدر پڻ سر شاهنواز خان ڀٽو چونڊيو ويو. سنڌي مسلمانن جو سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ اهڙو اتحاد تاريخ ۾ اڃا ڪو نه ٿيو آهي. ٻئي طرف ان وقت جي سنڌي مسلمانن جي جڳ مشهور ترجمان اخبار الوحيد جي ايڊيٽر قومي اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي سربراهي ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ کي ٻوليءَ ۽ جاگرافيءَ جي بنياد تي کنيو ۽ سياستدانن جي پاران ٺهندڙ ڪيس کي دليلن ۽ منظم ثبوتن ساڻ مضبوط بڻايو. تاريخ 20 آگسٽ 1922ع تي ڪراچي ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ منعقد ٿي، جنهن جو صدر سر شاهنواز خان ڀٽو چونڊيو ويو. جڏهن ته سيد ميران محمد شاهه سيڪريٽري هيو. ان وقت سنڌ ۾ سياسي جماعتن نه هئڻ باوجود به پهريون دفعو سياسي تحريڪ هلائڻ لاءِ جلسا ۽ هڙتال ڪرڻ جو فيصلو ٿيو پروگرام مطابق سنڌ ۾ هڙتال انتهائي ڪامياب وئي، تمام بازارون بند رهيون، جلسا منعقد ٿيا ۽ برطانيا جي وزيراعظم کي سنڌ جي آزادي لاءِ تارون موڪليون ويو. هن تحريڪ آخر تمام گهڻي مقبوليت ۽ طاقت حاصل ڪئي نيٺ بمبئي جي سرڪار سر شاهناوز خان ڀٽو جي سربراهي هيٺ بمبئي ڪائونسل ۾ سائمن ڪميشن سان سهڪار لاءِ صوبائي ڪميٽي آگسٽ 1928ع ۾ ٺاهي، هن ڪميشن سنڌ جي جدائيءَ لاءِ محمدن ايسوسيئيشن جي وفد جو موقف ۽ دليل ٻڌا ۽ سائمن ڪميشن کي سر شاهنواز ڀٽو جي سربراهي ۾ عرضداشت پيش ڪئي وئي. 31 مئي 1930ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن پاران سر شاهنواز جي سربراهي ۾ سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردان جو هڪ عظيم الشان اجتماع ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي لاءِ قرارداد پاس ٿيو. جنهن بعد سنڌ جي هر هڪ حصي ۾ هن قومي مسئلي کي عوامي حمايت حاصل ٿي ۽ سنڌ جي سرڪار مذاڪرات کي بمبئي سطح تان کڻي انگلينڊ ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انگلينڊ ۾ گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي عليحدگي جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ بئريسٽر محمد علي جناح تي مشتمل وفد کي چونڊيو ويو. هن ڏس ۾ ڪيس ٺاهڻ لاءِ آڪٽومبر 1930ع ڌاري ڪارلٽن هوٽل ڪراچي ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ محترم جي ايم سيد پاران مسٽر شاهنواز ڀٽو ۽ مسٽر محمد علي جناح جي دعوت ڪئي وئي ۽ سنڌ ڌار صوبو ۽ مالي تحقيقات بابت مطالبو ڪيو. سندس شاندار تاريخي تقرير کي سجھي سنڌ جي سياستدانن ساراهيو نيٺ سندس پاران پيش ٿيندڙ ٻنهي مطالبن بابت هندستان سرڪار هڪ ڪاميٽي ٺاهي جنهن جو پاڻ به ميمبر هيو. 1923ع ۾ هندستان جي شهر الهه آباد ۾ ”آل انڊيا يونٽي ڪانفرنس“ منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جي سياستدانن کي شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪوٺ ملي پر سنڌ جي سياستدانن سنڌ جي ڌار صوبي جو مطالبو شرط طور پيش ڪيو. جنهن جي سر شاهنواز خان مڪمل حمايت ڪئي. 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾ ٻيو سنڌ آزاد ڪانفرنس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن لاءِ هڪ استقباليه ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جو سر شاهنواز خان ڀٽو صدر چونڊيو ويو. هن اجلاس ۾ هڪ ٻي جماعت ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سر شاهنواز خان ڀٽو جي قيادت ۾ متحد ٿي هلايل تحريڪ آخر ڪاميابي ماڻي ۽ هن گڏيل عظيم اتحاد 11 اپريل 1935ع تي ڪاميابي جا جشن ملهائيا، قوم کي فتح جو پيغام ڏنو.
هن موقعي تي انهن سياستدانن ۽ جماعتن جو ڪم صرف وائسراءِ يا گورنرن کي سپاسناما پيش ڪري شڪايتون ٻڌائن ۽ ٺهراءُ پاس ڪرڻ هيو. اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته سر شاهنواز خان جنهن دور ۾ سياست جي قيادت ڪئي ان وقت سنڌ جا مشهور سياستدان بهادر حسن علي آفندي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر غلام حسين، هدايت اللھ، خان بهادر الهه بخش سومرو، سر حاجي عبداللھ هارون، محترم جي ايم سيد ۽ بئريسٽر محمد علي جناح هيا پر هر اجلاس پارٽي يا وفد جو قائد سر شاهنواز خان هوندو هيو. ان مان سندس سياست محترم شخصيت ذهين سوچ ۽ ڪامياب قائد هئڻ جون صلاحيتون ظاهر ٿين ٿيون، ڪاش اجھ جو پير، مير وڏيرو، صحافي، اديب، دانشور ۽ سياستدان به سنڌ جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ کان بمبئي عليحدگي تحريڪ مان سبق سکي يا رهنمائي حاصل ڪري ته شايد قوم جو مستقبل سنوارجي وڃي.
سنڌ ۾ سياسي پارٽي قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ به اعزاز سر شاهنواز خان جي طرف ويندي نظر اچي ٿو. آخر سنڌ جي سياستدان محسوس ڪيو ته سندن سياسي نظرين يا سوچن کي سياسي فيصلن ۽ عمل جي ضرورت آهي، جڏهن ته محمدن ايسوسيئيشن يا سنڌ آزاد ڪانفرنس اتحاد هيا. انهن جي سياسي پارٽي جي حيثيت ڪونهي. ان ڏس ۾ تمام مشهور سياسدانن پاڻ صلاحون ڪيون، آخرڪار 13 جون 1936ع تي سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون نج سياسي بنيادن پروگرام، مقصدن ساڻ هڪ سياسي پارٽي ”سنڌ پيپلز پارٽي“ وجود ۾ آئي، جنهن جو پهريون صدر سر شاهنواز خان ڀٽو چونڊيو ويو. جڏهن ته خان بهادر الهه بخش سومرو، نائب صدر، حاتم علوي سيڪريٽري ۽ سائين جي ايم سيد جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن پارٽي سنڌ جي سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي پنهنجي پارٽي کي اسيمبلي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪيو ۽ اليڪشن ڪاميابي ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي پر هي پارٽي گهڻو عرصو هلي نه سگهي ڇاڪاڻ ته سر شاهنواز خان سنڌ جي سياست کان ترقي ڪندي بمبئي ۾ وفاقي وزير ٿيو ۽ سنڌ کان گهڻو وقت ٻاهر بمبئي ۾ رهڻ لڳو جڏهن ته باقي پوين عهديدارن يا ٻي قيادت سنڌ پيپلز پارٽي کي قائم دائم رکي نه سگهي. 11 اپريل 1935ع تي سنڌ جي آزاد صوبي ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي سياست ۾ جوش جذبو پيدا ٿيو. سنڌ ۾ ٻه نيون سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون، دراصل اڳ ٻه سياسي گروپ هيا جنهن ۾ هڪ سر شاهنواز خان ڀٽو جو ۽ ٻيو سر غلام حسين هدايت اللھ هيا. سر شاهنواز خان ڀٽو سان اثر واريون شخصيتون خان بهادر الهه بخش سومرو، سيد ميران محمد شاهه، محمد هاشم گزدر، خانبهادر غلام نبي شاهه، محترم جي ايم سيد، مخدوم صاحب آف هالا هيا. جڏهن ته مخالف گروپ ۾ پير صاحب پاڳارو، سردار عبدالرحيم خان کوسو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، مسٽر نور محمد وڪيل ۽ سيد محمد عامل شاهه شامل هيا. 31 آڪٽوبر 1936ع تي ”سنڌ اتحاد پارٽي“ قائم ٿي جنهن جو ليڊر سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ ڊيوٽي ليڊر سر عبدا هارون چونڊيا ويا. جڏهن ته ٻي سياسي پارٽي ”مسلم پوليٽيڪل پارٽي“ نالي غلام حسين هدايت اللھ جي قيادت ۾ ٺهي، سر شاهنواز ڀٽو جي اتحاد پارٽي غير فرقيوار رنگ نسل ۽ مذهب جي تنگ نظرين کان آزاد روشن خيال ۽ لبرل سوچن تي عمل ڪندڙ پارٽي هئي، جڏهن ته سر غلام حسين هدايت اللھ جي مسلم پوليٽيڪل پارٽي هڪ مڪمل فرقيوار ۽ مسلمانن جي حمايت ۾ جماعت اسلامي جي انداز واري پارٽي هئي. سر شاهنواز جي سنڌ اتحاد پارٽي جو نعرو سنڌ ۾ رهندڙ سڀني فرقن ۽ مذهبن وچ ۾ ڀائيچارو ۽ سهڪار هيو. جڏهن ته مسلم پوليٽيڪل پارٽي جو نعرو هندو مسلم فرقيواريت هيو. ٻنهي پارٽين وچ ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ اليڪشن جو وڏو مقابلو ٿيو. نتيجي ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو جي سنڌ اتحاد پارٽي وڏي اڪثريت ساڻ فتح حاصل ڪندي 42 سيٽون کٽيون پر پارٽي جو ليڊر سر شاهنواز خان ڀٽو فرقيواريت جو شڪار ٿي ويو ۽ هڪ مذهبي مسلمان ٿيندڙ اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي کان هارائجي ويو. سندس ڊيوٽي ليڊر سر عبدا هارون به هارائجي ويو. قائد جي شڪست بعد پارٽي اقتدار ليڊر ۽ چونڊيل ميمبر سائين محترم جي ايم سيد پنهنجي سيٽ خالي ڪري ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر گورنر ۽ سر شاهنواز خان اصولن جي آڌار تي اها آڇ ۽ ڳالهه قبول نه ڪندي فرقيوار سياست واري لاڙن جي بالادستي سبب سياست مان 49 سالن جي عمر ۾ رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو صاف سٿري سياست ۾ يقين رکندو هيو. اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر مذهب کي استعمال ڪرڻ خلاف هيو. هن واقعي سر شاهنواز کي سخت صدمو پهچايو ته سنڌ جي سڄي ڄمار خدمت ڪرڻ، سنڌ لاءِ ڪارنامن ۽ لازوال فتح حاصل ڪندڙ هر دور ۾ هر سياسي تحريڪ جو قائد هر اليڪشن ۾ بنا مقابلي فتح ماڻيندڙ شخصيت کي مذهبي بنياد تي شڪست ملي هو سنڌ مان هميشه لاءِ بمبئي منتقل ٿي ويو ۽ پوءِ سنڌ ۾ سياسي توازن ڪو نه رهيو.
سر شاهنواز ڀٽو صاحب سنڌ ۾ جديد سياست جو باني سڏجڻ جو مڪمل حقدار آهي، ڇاڪاڻ ته هن صاحب سنڌ جي وڏيري کي رڇ ڪتن جي ويڙهه، اجايو اوطاقن ۾ ويهي ڪچهرين ۾ وقت ضايع ڪرڻ بدران ملڪي معاملن ۾ حصو وٺڻ ۽ روز مره جي زندگي ۾ ٽائيم ٽيبل سان رهڻ، سياسي پارٽين ٺاهڻ، ضلعي لوڪل بورڊن جي فنڊن مان اسپتالون ٺاهڻ، اسڪولن جو معيار بهتر بڻائڻ، زراعت ۽ واپار کي زور وٺائڻ لاءِ ضلعي ڪوآپريٽو بينڪ هلائڻ، سنڌ جي تمام برادرين ۽ جاگيردارن جا اتحاد ٺاهي سنڌي سماج ۾ امن امان قائم ڪرڻ، سنڌ لاءِ ڌار صوبائي حيثيت، سکر بئراج قائم ڪرائي سنڌ جي زراعت کي مضبوط ڪرڻ، غربت بيروزگاري، جهالت، بيماري ختم ڪرڻ ادب ۽ قلم جي مان وڌائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ، ڀائيچارو ٻڌي پيدا ڪرڻ، تنگ نظريي ۽ تعصب کان پاڪ معاشري لاءِ عملي طرح پاڻ پتوڙيو هن گهٽ انگريزي تعليم هوندي به سنڌ مان انگريزن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪيا، هو انگريزن ۽ سنڌ جي ماڻهو وچ ۾ لاڳاپو هيو، هن سنڌي سماج کي مهذب ڪرڻ، جديد سهولتن ڏيڻ ۽ شائسته سياست ڪرڻ لاءِ پاڻ ملهائيو. هن پنهنجي لاءِ سنڌ ۾ زراعت ۽ ڪاموري طبقي کان علاوه هر هڪ کي پنهنجو دوست بڻايو، مخالفتن ۽ اختلافي سياست ۾ وقت ضايع نه ڪيو، هن سڀ کان اول پنهنجي لاڙڪاڻي شهر ۾ لاهوري محلو يا المرتضى هائوس واري روڊ سان ڀٽو ڪالوني ۾ تمام گهڻا بنگلا ٺهرايا جن ۾ گهڻو ڪري انگريز آفيسرن جا دفتر هيا، هتان سندس دوستاڻا ناتا وڌندا ويا. در اصل هو سياست ۾ ڪاميابي لاءِ شخصيت جو هر فن مولا هئڻ کان علاوه متاثر ڪرڻ جي خاص اسٽائيل رکڻ جو حامي هو. سندس خيال هو ته سياست ۾ اهڙي اڳواڻ جي ضرورت هوندي آهي جنهن ۾ اڪيلي سر ماڻهن جي قسمت بدلائڻ جون صلاحيتون هجن جيڪي مهاتما گانڌي يا محمد علي جناح ۾ هيون پوءِ سندس فرزند ذوالفقار علي ڀٽو پڻ انهن اڳواڻن مان ثابت ٿيو، هو پر امن منصوبابندي عام غريب جي خدمت ڪرڻ، گهڻي عرصي لاءِ لاڀ ماڻيندڙ منصوبن واري سياست جو اڳواڻ هيو. اقتدار ۾ رهي عوام جي بهتر مسلسل ۽ عملي خدمت ڪرڻ جي فلسفي تي يقين رکندو هيو.
سياست واري عرصي ۾ سر شاهنواز خان مختلف عهدن تي رهيو ۽ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيائين. سڀ کان پهريائين لاڙڪاڻي ضلعي جي سياست ۾ نالو ڪمائڻ ۽ ڌاڪو ڄمائڻ بعد دهلي جي دائري ۾ پهتو. 1919ع کان 1920ع تائين هڪ سال لاءِ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن پاران اميپريل ڪائونسل دهلي لاءِ نمائندو چونڊيو ويو. سال 1921ع کان 1936ع تائين مسلسل 15 يا 16 سال بمبئي ڪائونسل تي ميمبر چونڊيو ويو، جيڪو ڪنهن سنڌي يا سنڌ جي مسلمان لاءِ وڏو اعزاز آهي.
سال 1920ع کان 1930ع تائين لاڙڪاڻي ضلعي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ اعزازي فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ به رهيو. هو سال 1925ع کان 1933ع تائين لڳاتار اٺن سالن تائين بمبئي ڪائونسل ۾ مسلمان اسيمبلي ميمبرن جو قائد رهيو، سال 1933ع ۾ بمبئي سرڪار ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ کاتي جو وزير ٿيو. اپريل 1937ع کان 1945ع تائين ميمبر پبلڪ سروس ڪميشن رهيو، جتي سنڌين ۽ مسلمانن کي صلاحيتن ۽ قابليت جي آڌار تي نوڪرين جو حق ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائين، انگريز گورنر سر لئن سيلا گرهام 1937ع ۾ کيس سنڌ لاءِ پنهنجو ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر مقرر ڪيو. سندس ڊپلوميسي، انتظامي ۽ سياسي ڏاهپ صلاحيتن ۽ ڪاميابين کي ڏسندي سال 1945ع ۾ رياست جونا ڳڙهه جي نواب مهابت خان جي کيس جونا ڳڙهه رياست جو ديوان مقرر ڪيو، هي عهدو وزيراعظم جو هيو، جنهن منصب تي 1948ع تائين رهيو. جڏهن هندستان سرڪار جونا ڳڙهه رياست تي قبضو ڪيو تڏهن هو نواب مهابت خانجي راجا آف جونا ڳڙهه رياست سان پاڪستان موٽي آيو. هتي اچڻ مهل پاڻ صحت جي لڳاتار خرابي سبب سياست تان ڪناره ڪش رهيو ۽ پنهنجي خاندان سان وقت گذارڻ لڳو. کيس بهترين ڪارنامن ۽ خدمتن سبب مختلف اعزاز پڻ ڏنا ويا. جنهن ۾ سال 1919ع ۾ ”او بي او“ سال 1924ع ۾ ”قيصر هند“ سال 1925ع ۾ ”سي آءِ اي“ کان علاوه 1 جنوري 1930ع تي ”سر“ جا خطاب شامل آهن. پاڻ ٻه شاديون ڪيائين، پهرين خانداني زال مان سڪندر علي خان ۽ امداد علي خان ڀٽو ٻه پٽ هيا، جيڪي جواني ۾ ئي انتقال ڪري ويا. ٻئي پٽ تمام گهڻا حسين ۽ دلير هيس، پويان ٻي زال مان ذوالفقار علي ڀٽو هيو جنهن پنهنجي والد جي فلسفي ۽ سوچن کي عملي روپ ڏيندي اعلى تعليم حاصل ڪئي. عوام جي خدمت ڪئي ۽ سنڌ پيپلز پارٽي کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي نالي ۾ ٻيهر جياريي. ڀٽو خاندان جي نالي کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو. جنهن گدڙ جي سئو سالن جي زندگي کان شينهن جي هڪ ڏينهن عزت واري زندگي جو نعرو هڻندي سولي کي للڪاريو. جنهن ڀٽو خاندان کي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي موت تي دنيا کي روئاري ڇڏيو. سر شاهنواز خان ڀٽو 69 ورهين جي ڄمار ۾ 17 نومبر 1985ع تي انتقال ڪري ويو. سر شاهنواز ڀٽو جي نسل کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندن پورو خاندان مڪمل طرح سان ڪل وقتي سياست ۾ سرگرم عمل آهي هو پاڻ رياست جونا ڳڙهه جو وزير اعظم رهيو، سندس پٽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پوٽي محترمه بينظير ڀٽو لڳاتار پاڪستان جا وزير اعظم رهيا. اهڙي طرح ڀٽو خاندان جي ٽن نسلن وزيراعظم جو منصب ماڻي سياست جي ميدان ۾ هيٽرڪ مڪمل ڪري ورتي آهي.
مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، سنڌي ادبي بورڊ لائبريري جا ڪتاب، سنڌالاجي لائبريري، اهي ڏينهن اهي شينهن، گل حيات انسٽيٽيوٽ، مهراڻ رسالا، ڊاٽر آف ايسٽ.
پندرهن هزارن جي تعداد ۾ هارين مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي ويٺا. هن هاري مظاهري سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي سياسي قوت اهميت ۽ اتحاد جو شاندار مثال پيش ڪيو. ڪيترن هاري ورڪرن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ جلد ئي آزاد ڪيو ويو. هارين پاران اسيمبلي جي هلندڙ اجلاس جو گهيراءُ ختم ڪرڻ لاءِ پهريان ته حڪومت پوليس ۽ فوج کي وڏي تعداد ۾ گهرايو هيو پر پوءِ حالتن جو جائزو وٺڻ بعد ان وقت جي وزير اعلى مسٽر يوسف هارون ملاقات ڪرڻ لاءِ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪجهه اڳواڻن کي اسيمبلي ۾ گهرايو. مذڪرات ٿيا ۽ آخر اسيمبلي 3 اپريل 1950ع تي ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ بحيثيت قانون پاس ڪيو. اها صرف ۽ صرف حيدر بخش جتوئي صاحب جي ڪرشمه ساز شخصيت ۽ ولوله انگيز قيادت جي ڪاميابي هئي. شاعري ۽ ادب جي خدمت جي جذبي هيٺ پاڻ نوڪري تان استعفيٰڏنائين، پر انگريز ڪليڪٽر مئڪملن حيدر بخش ۽ سندس والد کي گهرائي هيڊ منشيءَ جي عهدي تان استعيفى واپس وٺرائي، هن شاعري اسڪول جي زماني ۾ امام حسين جي شهادت بابت مرثيه پڙهي شروع ڪئي.
حيدر بخش جتوئي صحافت ڏانهن پڻ هاري انقلاب خاطر لاڙو کاڌو، 1945ع ۾ هاري حقدار اخبار جاري ڪيائين، پوءِ سال 1946ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار اخبار ”ڪسان“ ڪڍيائين جيڪا قسمت ڇڳاڻي جي پريس مان ايڊيٽر ڪامريڊ عبدالواحد سومرو ۽ سب ايڊيٽر نبي بخش تونيه جي قيادت ۾ سال 1950ع تائين جاري رهي. پاڻ سنڌ جو ڪيس قلم، ادب، صحافت، قانون، عقل ۽ ڏاهپ سان ڳايو ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کانپوءِ حيدربخش جتوئي ٻئي نمبر تي سنڌ جو عاشق هيو. جنهن پنهنجي زندگي ۾ سنڌ سان سچو عشق ڪيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي قول فعل ۽ سياسي عمل کان علاوه شاعري ذريعي پڻ ڪيو آهي. هن جي دور ۾ شاعر سڳورا عشق، محبت، محبوب جا زلف ۽ اکيون، گل چمن ۽ بلبل جون ڳالهيون، چنڊ جي چانڊوڪي ۽ چڪور جي محبت، باغ برسات، ڪوئل جي ڪوڪ، آسمان ۽ ستارن جي دنيا تائين محدود هيا. پر حيدر بخش جتوئي پنهنجي شاعري ۾ ادب ۽ انسانيت جي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽين کي ختم ڪري ادب کي انسان جي مظلوميت ڌرتي ۽ ملڪي يا قومي پيغام، هاريءَ جي ڏک سور، هر ۽ ڪوڏر واري مزور جي محنت ۽ ڏاٽي، اجرڪ پٽڪي، شهپر ۽ ڏاڙهي جي عظمت کي خاص محور ۽ مقصد بڻايو. شاعري ۾ لفظن کي مظلومن جي آزادي ۽ قوم جا مسئلا پيش ڪرڻ وارا لفظ وڏا ۽ جملا ڏنا، لفظن ۾ جوش تلخي ۽ قومپرستي جا موتي مالا وانگر مڻيا نظر ايندا.
ڪاليج جي زماني ۾ حيدر بخش جو نالو شاعري ۾ مشهور ٿيو. ڪاليج ۾ 1927ع ڌاري شاگردن جي هڪ جماعت نالي ”سر سوتي گروپ“ هئي اتي مشاعره ٿيندا هيا. سال 1931ع ۾ بحيثيت مختيار ڪار بدين پهريون ڪتاب تحفه سنڌ شايع ٿيو. جنهن ۾ شڪوه جو انساني انداز پنهنجي مالڪ سان پيش ڪيو. هن ڪتاب سنڌ ۾ ان وقت هڪ وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو. جڏهن سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي وارن ماڻهن کي سندس جو مخالف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ تحريڪ ايوانن ۾ ويهندڙن شروع ڪئي. ڪيترائي اجلاس منعقد ٿيا ۽ حيدر بخش جتوئي کي ملازمت تان هٽائي سندس ڪتاب ضبط ڪري ڦاسي چاڙهڻ جي فتوى پڻ شامل هئي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ هڪ وڏو جلسو ٿيو ۽ نامياري گادي نشين کان علاوه مخالفت ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد ميران محمد شاهه، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، پير علي محمد راشدي، نظر محمد پٺاڻ جهڙا سياستدان ۽ پير حسام الدين راشدي جهڙا اديب شامل هيا. سيد ميزان محمد شاهه صاحب سنڌ اسيمبلي جي مسلمان ميمبرن جي وفد جي قيادت هيٺ بمبئي جي گورنر وٽ حيدر بخش جتوئي خلاف شڪايت کڻي ويا. حيدرآباد جي ڪمشنر مسٽر گبسن وٽ به دانهين ٿيا. جنهن حيدر بخش کي گهرائي سمجهايو ته اهو ڪتاب واپس وٺي پر جتوئي صاحب انگريز ڪمشنر کي صاف جواب ڏنو. جڏهن فائيل بمبئي جي گورنر وٽ پهتي تڏهن گورنر صاحب فائيل ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر ٽو گورنر بمبئي سر شاهنواز خان ڀٽو ڏانهن موڪليو. جنهن تي سر شاهنواز خان ڀٽو نوٽ لکيو ته سڄي سنڌ ۾ حيدر بخش جتوئي واحد قابل، لائق ۽ هوشيار مسلمان آفيسر آهي. قابليت کان علاوه ايماندار ۽ ديانتدار به آهي. اهڙي قسم جا ڪتاب اڳ پڻ شايع ٿيا آهن جن تي ڪو به قدم کنيو ناهي ويو. لحاظه هن ڪيس ۾ به خاص قسم يا قدم جي ضرورت ناهي. سر شاهنواز ڀٽو جي سفارش کانپوءِ فائيل داخل دفتر ٿيو. حيدر بخش جتوئي جي ملازمت بچي وئي. سر شاهنواز خان کان علاوه ان وقت جي اخبارن ۾ صرف مولانا دين محمد وفائي ۽ محمد هاشم ٻه اهڙا ايڊيٽر هيا جن حيدر بخش جتوئي جي خيالن جي مخالفت نه ڪئي ۽ اهو چيو ته اها ڪا خاص ڳالهه ڪونهي. جيئن ته هو وطن ۽ قوم سان محبت ڪندڙ شاعر هيو تنهن ڪري سندس خاص شعرن جهڙوڪ سنڌ جو دلبر هوش محمد، پاڪستان زنده آباد، جيئي سنڌ جيئي سنڌ ڏاڍا مشهور ٿيا. جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ ڏاڍا مشهور ٿيا. جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ ته اڄ تائين هر محفل ۾ هر فنڪار جي آواز ۾ جهونگار جي پيو شاعري ۾ سندس تخلص ”حيدر“ هيو. شاعري ۾ خاص طرح تحفه سنڌ نظم آزادي قوم مخصس سال 1943ع سنڌ پياري (نظم) اي مٺي جيجل سونهاري سنڌ (ضبط ٿيل) بلوچستان زنده آباد (ضبط ٿيل) هاري انقلاب (نثر) ۾ هاري گيت (شعر) ڪمدار جا ڪارناما (نثر) سال 1952ع پنهنجو مثال پاڻ آهن. سندس شاعري ۾ هر هڪ شيءِ جو ذڪر هئڻ ۽ سنڌ جي هر هڪ شيءِ ساڻ عشق سبب ماڻهو هن کي چريو به سڏيندا هيا. اڄ به وڏا شاعر ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي ڌرتيءَ قوم ۽ ٻوليءَ بابت شاعري ڪن پيا پر حيدر بخش جيلن ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ ويهي ڌرتيءَ جا گيت ڳايا. مرڻ گهڙي تائين سنڌ ۽ سنڌي سنڌي ڪندو رهيو. هو روزانو زندگي جي وهنوار ۾ قسم به سنڌ جو کڻندو هيو. سندس شاعري ۾ جذبو پيدا ڪندڙ، جوش ڏياريندڙ ۽ غيرت جاڳائيندڙ شاهڪار شامل آهن. ماڻهن ۾ حقن جي قومي جدوجهد جي رهبر جي شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد اٽڪل 18 آهي. جن ۾ سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (انگريزي) سال 1950ع ڊيمو ڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان (انگريزي چار حصا سال 1955ع) ڊيمو ڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (انگريزي) سال 1956ع لينڊس ان سنڌ، هوشڊ اون ڊيم (انگريزي) شل سنڌي لينگويج سٽي ان ڪراچي آر ناٽ (انگريزي)، انجسٽس لينڊ اسيسمينٽ ريٽس (انگريزي) ۽ ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (انگريزي) سال 1957ع، ون يونٽ اينڊ ڊيموڪريسي (انگريزي) سال 1962ع، ان جسٽس ٽو سنڌ (انگريزي) ٻه حصا ليٽ اس سيو پاڪستان (انگريزي) ٻه حصا، هاير لينڊ ٽيڪسيشن (انگريزي) سال 1966ع کان علاوه رويو آف قرآن شريف شامل آهي جيڪو شايع نه ٿيو.
حيدر بخش جتوئي سنڌ جو پهريون سياستدان آهي جنهن سنڌ جي سياست کي مذهب وانگر اختيار ڪيو جنهن ڪري وقت جا وڏيرا سياستدان مٿس ٽوڪون ڪندا هيا، هي عملي انسان، تحرير ۽ تقرير جو بادشاهه، حساس ۽ سٻاجهڙو اديب شاعر، بلند ڪردار ۽ اخلاق واري شخيصت جو مالڪ، ذاتي شهرت، تعريف امارت، ٺٺ ٺانگر کان پري سياستدان، زاهدن وانگر اٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ ۾ سادو انسان نه ڪاوڙ نه آڪڙ نه وڏائي، سورنهن آنا سچي ڳالهه ڪندڙ، امن انسان ۽ محبت دوست، غريبن جي گهرن ۾ خوشيون آڻيندڙ اڳواڻ لڳاتار جيلن ۾ قيد جون ازيتون برداشت ڪرڻ، تشدد سهڻ، خراب کاڌ خوراڪ ۽ مناسب صحت جو علاج نه ٿيڻ ڪري مسلسل بيمار ۽ ڪمزور رهڻ لڳو ۽ فالج سبب آخر اسپتال ۾ 21 مئي 1970ع تي 69 سالن جي ڄمار ۾ حوصلي سان لاڏاڻو ڪري ويو. جيئن ته هو لاڙڪاڻي مان لڏي حيدرآباد رهائش پذير ٿيو هيو. تنهنڪري سندس آخري وصيت مطابق کيس سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مزار جي احاطي ۾ جڳهه ڏني وئي. هن پاڻ هٿن ۾ زنجير پائي قوم کي هٿڪڙين کان آزاد ڪرايو. جيسين سنڌ سرزمين تي سنڌي قوم جو وجود آهي باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو نالو ڌرتيءَ جي مرد مٿيرن ۾ هوندو. مون ناچيز کي هن عظيم شخصيت کي ڏسڻ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جو زندگي ۾ هڪ دفعو موقعو مليو. پاڻ جڏهن ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سال 1970ع ۾ لاڙڪاڻي آيو ته ريلوي اسٽيشن تي سمورين سياسي پارٽين ۽ شاگرد تنظيمن سندس شاندار استقبال ڪيو. هو گاڏيءَ ۾ نه ويٺو ۽ جلوس جي صورت ۾ پنڌ غريبو مقام ميدان تي جلسي ۾ پهتو. مان سندس خطاب ٻڌو، اسان استاد عبدالوحيد ڪٽپر جي قيادت ۾ سندس اسقبال ڪيو. پاڻ ڪامريڊ دوست محمد ابڙو وڪيل وٽ مهمان هيا. مون گذارش ڪئي ته ڪامريڊ جيل جي تجربن بابت ڪجهه ٻڌايو. حيدر بخش چيو ته ”مون مختلف موقعن تي جيل ۾ آرام سان سنڌي انگريزي ڪتاب لکيا.تقريبن شاعري جيل ۾ ڪئي ۽ لکي اٿم. مون جيلن ۾ رهي ڪري سنڌ جو مقدمو وڙهيو آهي. جيل ۾ وڃڻ بعد يار دوست، مٽ ۽ مائٽ ته ملڻ ئي ڪو نه اچن. لڳاتار جيلن ۾ وڃڻ ڪري هي منهنجو پٽ دادن پڻ ملڻ ڪو نه ايندو هيو. هو چوندا هيا ته پاڻ بابو آزاد ٿي ايندو. مان جيل مان پنهنجا ڪيس به لڙيا آهن ڇاڪاڻ ته مان سنڌ ۽ سنڌين جو وڪيل آهيان.“ اڄ هڪ قومپرست ٽولو حيدر بخش جي ڪردار کي مٽائڻ ۾ مصروف آهي. جڏهن ته هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ڌرتي دوست جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وٽ رتبو ۽ حيثيت نه پر تحريڪ ۽ نظريي ساڻ وفاداري اتم آهي. هو انهن آدرشوادي انسانن مان ڪو نه هيو جيڪي صرف سماجي براين تي تنقيد ڪندا وتن پر هو هڪ سچو سماجي انقلاب آڻيندڙ انسان هيو. ڇاڪاڻ ته جيسين سماج جا بنياد نه بدلبا تيسين شخصي نيڪي ڪنهن ڪم جي ڪونهي. پورهيت ۽ هاري جي حاڪميت لاءِ جدوجهد ڪندڙ سنڌ ڌرتي جي هاري کي ڏوجهرن ۽ ڏهڪاءُ کان نجات ڏياري، ڪاش اڄ جديد سهولتن ۽ شعوري دور ۾ ڪامريڊ جتوئي جو نظريو ۽ پارٽي ڪنهن ڪنڊ تان عملي جدوجهد ۾ نظر اچي ها هاري حقن جا ڏيئا ٻاري ها ته جتوئي مرحوم جي زندگي جو خواب سجايو ٿئي ها. سندن زندگي جي جدوجهد لاڀ ماڻي ها. 1970ع کان هي انقلاب جو باب ختم ٿي ويو آهي ۽ ڪاش ڪو حيدر بخش جتوئي اڄ پيدا ٿئي ۽ هاري حقدار جو نعرو هڻي.
مددي ڪتاب: جنب گذاريم جن سين، مهراڻ، هو ڏوٿي هو ڏينهن، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، اهي ڏينهن اهي شينهن، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي لائبريري ۽ سنڌ پبلڪيشن لاڙڪاڻو.
لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي تان کنيل
No comments:
راءِ ڏيندا