; سنڌي شخصيتون: ماسٽر چندر - امر لال ٽڪياڻي

04 April, 2011

ماسٽر چندر - امر لال ٽڪياڻي


ماسٽر چندر
سنڌ جو مهان ڪلاسيڪل ۽ سدا بهار راڳي
 امر لال ٽڪياڻي
سنڌ ڌرڻي ڪيترين ئي اهم ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، اهڙين مهان هستين مان موسيقي ۽ گائڪي جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ سنڌ جو عظيم راڳي ماسٽر چندر به هڪ آهي. ماستر چندر 1907-12-12ع تي ٺارو شاهه ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو، هن 12 سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هن پنهنجي گيتن ذريعي هندو مسلم ايڪتا جو جذبو جاڳايو. هن جي معروف ڪلامن ”رٺائي رهن پر، هجن حياتي“ ۾ هڪ محبت جو گاڏو آهي، چندر ”ڪڏهن تون ٿو ڌڪين، ڪڏهن مان ٿو ڌڪيان“ تمام گهڻي  شهرت حاصل ڪئي. هن جي گيتن ۾ محبت، پيار، امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام شامل آهي. جنهن کي جهڙي به وقت ٻڌجي ٿي راحت نصيب ٿيندي آهي. ورهاڱي کانپوءِ ماسٽر چندر پنهنجي گيتن ذريعي سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ماڻهن ۾ نئون جوش ۽ اتساهه پيدا ڪيو. ماسٽر چندر جڏهن فلم انڊسٽري ۾ پير پاتو ته هن پهرين فلم هيرو جو ڪردار ادا ڪيو، ماسٽر چندر  47 سال فلي دنيا کي وقف ڪيا، ماسٽر چندر پلي بيڪ ڳائڻو هو، فلم ”موت ڪا طوفان“ ۾ هن گيت ڳايا ماسٽر چندر هڪ فنڪار سان گڏوگڏ هڪ بهترين اداڪار، شاعر ۽ موسيقار پڻ هو. اليڪٽرڪ سازن جي دنيا ۾ چوٽيءَ جو موسيقار ٿيو. هن سنڌ ۽ موسيقي کي جديد طريقي سان متعارف ڪرايو.


ماسٽر چندر جو من موهيندڙ آواز انسان جي سندس نس نس کي چمندو هو. 22 ورهين جي ڄمار ۾ ماسٽر چندر ايڇ ايم بي ڪمپني ۾ 3000 ڪلام رڪارڊ ڪرايا، ايڇ ايم بي ڪمپني طرفان هن کي گولڊ ميڊل پڻ ڏنو ويو. ڏسو صفحو 6
جڏهن هن مندرن ۽ درگاهن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته ان دوران سنڌ جي عظيم فنڪار ڪنور ڀڳت ڪنول رام ان جو ڳائڻ ٻڌو ته ڀڳت ڪنور رام کيس آشيرواد ڏيندي چيو ته چندر فني دنيا ۾ وڏو نالو ڪمائيندو، سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر 400 گراهم فونو رڪارڊ ڪرايا. پنهنجي سموري زندگي فن ۽ موسيقي کي ارپيندڙ ۽ هزارين دلين تي اڄ به راڄ ڪندڙ ماسٽر چندر جا ڪلام اڄ به سدا بهار آهن، باشعور ۽ پڙهيل لکيل طبقو اڄ به ماسٽر چندر جي امر ڪلامن جي غور ۽ دلچسپي سان ٻڌندو آهي، اڄوڪي هن پاپ ميوزڪ واري دور جنهن ۾ ڪلاسيڪل موسيقي کي گهڻي اهميت نٿي ڏني وڃي پر ماسٽر چندر سنڌ جي اها مهان هستي آهي، جنهن جي ڪلامن کي اڄ به سنڌ جا مهان فنڪار سُر ۾ ممتاز علي لاشاري جهڙا بهترين راڳي پڻ سدا بهار ڪلام ڳائي ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا آهن، سنڌ جي هن عظيم هستي کي اسان کان وڇڙيئي ستاويهه سال ٿي چڪا آهن پر هي اڄ به هر باشعور جي دل ۾ ڌڙڪي ٿو، سنڌ جو هي مهان ڪلاڪار 77 سالن جي ڄمار ۾ نومبر 1984ع ۾ ديهانت ڪري ويو.


No comments:

راءِ ڏيندا