; سنڌي شخصيتون: مولوي نورالدين ”مسرور“ بلوچ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 April, 2011

مولوي نورالدين ”مسرور“ بلوچ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مولوي نورالدين ”مسرور“ بلوچ
[ 1918ع – 1976ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مولوي نورالدين ”مسرور“  ولد توڪل علي خان بهلڪاڻي بليدي بلوچ، تعلقي ڪنڌڪوٽ (جيڪب آباد) جي ديهه شيران ۾ ڳوٺ ”عظيم خان بهلڪاڻي“ ۾، 4 محرم الحرام 1337هه مطابق 12- اپريل 1918ع تي جنم ورتو هو. شروعات ۾ ديني درس مير حاجي نهال خان باجڪاڻيءَ ڳوٺ ۾ عربيءَ جا ابتدائي ڪتاب مولانا محمد مراد بهلڪاڻيءَ پڙهايس؛ ۽ صرف و نحو ۽ فقہ ۾ ڪنز وغيره جا ڪتاب مولانا محمد علي کوسي وٽان پورا ڪيائين. ڪجهه وقت لاءِ ”ٺيڙهيءَ جي مدرسي“ (خيرپور ميرس) مان مولانا حبيب الله جون خدمتون به حاصل ڪيائين. آخر 1363هه (1944ع) ۾ تعلقي ٺل جي ڳوٺ، دليل خان بنگلاڻيءَ مان باقي ڪتاب پورا ڪري، مولانا عبدالعلي عودويءَ وٽان دستار– فضيلت ٻڌائين. پوءِ استاد جي اجازت سان ڳوٺ ۾ ديني درس ڏيڻ لڳو. عارضي گرانٽ ملڻ سبب ڪجهه وقت لاءِ سرڪاري طرح ”معلم“ به ٿي ڪم ڪيائين.
مولوي صاحب 1951ع ۾ حج بيت الله شريف جي زيارت لاءِ چار آنا کيسي ۾ کڻي، پيادل روانو ٿيو؛ ۽ آڪٽوبر 1952ع ۾ واپس ماڳ موٽيو. حج جي سربستو احوال بلوچي نظم ۾ قلمبند ڪيائين. عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن جي به خاصي ڄاڻ هيس – 1958ع تائين مدرسي ۾ درس و تدريس سان گڏ، طب کي به حاصل ڪندو رهيو – 1960ع ۾ بنيادي جمهوريتن جي هلچل ۾ پڻ بهرو ورتائين. شاعريءَ جي سلسلي ۾ مولانا ”مسرور“ صاحب جا بي انداز نظم ملن ٿا. ازانسواءِ ”مسروري گفتار“ (1944ع)، ”عطاب صادقيته، جواب لازميته“ (1948ع)، ”ائٽم بي نظير بر توب مفلح شرير“ (مولود 1956ع)، ”سروري انقلاب“ (1970ع ۽ ”ديوان مسرور“ (1974ع) نالي سندس ڪتاب به پڌرا ٿيل آهن. 
پاڻ پني عاقل (سکر) جي جيد عالم ۽ بزرگ، مولانا حماد الله هالجوي رح جو عقيدتمند هو؛ ۽ ديوبند عالمن سان سندس ناتو هو. سندس همعصر ۽ سهيوڳي: مير صبح صادق خان کوسو، مير علي نواز خان کوسو، مولوي غلام رسول بجاراڻي، حاجي رشيد احمد خان سيال ۽ مولوي عمرالدين کوسو هئا.  پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ دوران، 18 جمادي الثاني 1397هه مطابق 31 جنوري 1976ع تي سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ منجهند ڌاري وفات ڪيائين؛ ۽ ڳوٺ ۾ عزيزن سان گڏ آڻي آرامي ڪيائونس.
”مسرور“ مرحوم پٺيان پنج پٽ (عبدالقادر، عبدالواحد، عبدالغفور، عبدالشڪور ۽ عبدالعلام) ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيون آهن. پاڻ هڪ همدرد، سخي، رحمدل، فياض، مهمان نواز ۽ پرهيزگار سني مسلمان هو. دنيوي لالچن کان پري ۽ خدا واسطي دوستي رکندڙ عظيم انسان هو. هيٺ سندس هڪ ”مولود“ نموني طور ڏجي ٿو:-
تو مٿي مرسل ڪيو مولا نبوت کي ختم،
آبرو انسان جو تنهنجي ڪري ٿيو آ اتم.
سڀ سڪا ساوا ٿيا تنهنجي اچڻ سان اي مٺا،
نانءَ پنهنجي سان ڌڻي شامل ڪيو تنهنجو اسم.
خوش ٿيو آ باغ ۽ گل ڦل ٽڙي گلزار ٿيا،
ڀل خوشيءَ سان ئي پيوٽهڪي سدا عرب و عجم.
ڪيو خدا معراج جو سهڻو سفر توکي عطا،
۽ وري خاوند کنيو تنهنجي حياتيءَ جو قسم.
شان تنهنجي کي وڌائڻ لهء ڌڻي توکي چيو،
تون آهين خيرالبشر ۽ امتي خيرالامم.
تون ائين فتنه دفع ٿيا لڙ ٽري ويو ملڪ مان،
ٿو چٽي شيطان کي نعرو هڻي هر دم نجم.
ماٺ ڪر ”مسرور“ آ شان نبي بي انتها،
پڙهه مٿي ڪلمو نبيءَ  تي ڪر ختم پنهنجو نظم.
(1) – ننڍپڻ ۾ کيس ”نوراني“ نالي سان سڏيندا هئا؛ جنهن کي ديني تعليم ڏيندڙ پهرين استادن مولانا محمد مراد بهلڪاڻيءَ بدلائي ”“نورالدين“ سڏڻ لڳو.
(1) – محترمه ارصلاح ”عاجز“ باجڪاڻي بلوچ جي چوڻ مطابق: ”اڃا ڪافي مواد قلمي صورت ۾ سندس پونيرن وٽ پيل آهي.
(2) – مولوي عمرالدين کوسو صاحب ”احوال مسرور“ جي دستيابيءَ ۾ خاصي مدد ڪئي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا