رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو
[۱۸۸۶هه – ۱۹۲۱ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
رئيس
المهاجرين؛ جان محمد ولد حاجي ڪريم بخش جوڻيجو ڳوٺ ”ڌامراها“ (لاڙڪاڻو) ۾ ۱۳۰۴هه
مطابق ۱۸۸۶ع تي تولد ٿيو. سندس والد شهر جو بااثر زميندار ۽ آسودو
انسان هو. حاجي صاحب پاڻ حالانڪ اڻ پڙهيل هو. مگر پٽ کي ولايت مان بئريسٽريءِ جي
سند حاصل ڪرڻ لاءِ به آماده ٿيو. وطن وري؛ وڪالت کي وڌايائين.
تڏوهڪي
زماني ۾؛ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ کان پوءِ ٻيو نمبر سندس ئي ناماچار هو. رحم دل
طبيعت هجڻ سبب تمام سماجي براين جي پاڙ پٽڻ؛ هارين نارين تي ٿيندڙ زيادتي لاءِ
آواز اٿارڻ ۾ پيش پيش رهيو. ڪراچيءَ ۾ (۱۹۱۷) جناب ڀرڳڙيءَ طرفان مسلم ليگ جي کوليل شاخ جو ميمبر
بڻيو. آڪٽوبر ۱۷، ۱۹۱۹ع تي ترڪ سلطنت جي بقاءَ لاءِ پنهنجي دوست تراب علي شاه
قنبراڻيءَ جي رفاقت سان ميدان ۾ آيو. تحريڪ دوران تمام هڙتالن ۽ جلسن جلوسن جو مهندار
ٿيو. سندس روح روان: مولانا محمد علي ”جوهر“ مولانا شوڪت علي، مولانا ابوالڪلام
”آزاد“، عبدالجبار لکنوي سيٺ عبدالله هارون ميمڻ، مولانا سيد تاج محمود امروٽي رح،
مولانا عبدالڪريم درس، مهاتما گانڌي ۽ ڊاڪٽر ڪچلو هئا.
انگريزن
جي خلاف ”قطع تعلقات“ جي سلسلي ۾ ”هجرت“ عمل
۾ آئي؛ جنهن لاءِ لاڙڪاڻي مان ۱۶ جولاءِ ۱۹۲۰ع تي قافلو روانو ٿيو. هن
هجرت انگريزن جو نڪ ۾ دم آڻي ڇڏيو. سال ۱۹۲۱ع
۾ خلافت ڪانفرنس
اجمير ۾ پهچڻ بعد، سخت بيمار ٿي پيو. جنهن
ڪري ۲۷ رجب المرجب ۱۳۹۳هه مطابق ۱۶ اپريل ۱۹۲۱ع تي اتي ئي وفات ڪيائين. کيس
خواجه معين الدين چشتي رح جي درگاه سان، ساگر تلاءَ جي ڪنڌيءَ تي دفن ڪيو ويو آهي.
عبدالستار ڀٽي
خلافت تحريڪ ۾ سنڌ جي جدوجهد تي ڪجهه لکڻ
کان اڳ تاريخ جي شاگردن ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ سڄڻن لاءِ خلافت تحريڪ جو مختصر
جائزو پيش ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن هن عالمي تحريڪ ۽ جدوجهد کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي،
پهرين عالمگير جنگ کان اڳ ترڪي ۽ مسلمانن جي سلطنت عثمانيه ۽ خلافت قائم هئي جنهن
جو خليفو عبدالوحيد هيو. ان وقت ترڪي جي خليفي کي مسلم امت جي خليفي طور احترام
ملندو هيو. سال ۱۹۱۱ع جي اٽلي والاريل ٽريپولي تي حملو ڪيو ۽ اهڙي طرح سندن
وچ ۾ جنگ لڳي ان جنگ برصغير جي مسلمانن جو توجهه ڇڪايو ۽ همدردي ۾ مسلمانن جون
دليون ڏکايل هيون. بلقان جي جنگ سال ۱۹۱۲ع کان ۱۹۱۳ع تائين هلي جنهن ۾
هندستاني مسلمانن زخمي ترڪن لاءِ هڪ وڏو طبي وفد ۽ تمام گهڻي دولت گڏ ڪري موڪلي.
سال ۱۹۱۶ع آگسٽ ۾ پهرين عالمگير جنگ شروع ٿي ته ترڪي جي خليفي
انگريز خلاف جرمني جو پاسو ورتو انگريزن طرابلس واري جنگ ۾ مسلمانن خلاف اٽلي جو
ساٿ ڏنو. يورپين جي پاران بلقان واري جنگ ۾ عيسائي رياستن جي ساٿ سبب ترڪي خلافت
جا ٻيا سڀ علائقا کسجي ويا ۽ وٽن صرف استنبول، ائڊريانوپل ۽ ٿريس جو ٽڪر وڃي بچيو
اهڙي طرح پهرين عالمگير جنگ ۾ ترڪي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو جنهن جو برصغير جي مسلمانن کي
گهڻو افسوس ٿيو.
ٻيو سبب ته برصغير جا مسلمان ذهني طور انگريز کي پنهنجو
دشمن تصور ڪرڻ لڳا ۽ وري انگريز به عالمگير جنگ بعد پنهنجي وعدي خلافين وارا قدم
کڻڻ شروع ڪيا. جيئن سال ۱۹۱۵ع ۾ مڪي جي ترڪي گورنر شريف حسين بن علي ساڻ خفيه
معاهدا ڪري سبز باغ ڏيکاري عربن کي ترڪن خلاف مقابلي ۾ آندو. انگريزن عربن کي يقين
ڏياريو ته مسلمانن جون مقدس مذهبي جڳهون ۽ شهر محفوظ رهندا جڏهن ته سال ۱۹۱۶ع ۾ ان جي خلاف
انگريز فرانس ۽ روس ساڻ ٺاهه ڪري آرمينا ۽ عربستان جو هڪ حصو روس کي ڏنو ۽ ترڪي
سلطنت جا عرب علائقا انگريزن جي قبضي هيٺ ڏنا ۽ مڪي جي ترڪي گورنر حوالي شام لبنان
۽ عراق جا حصا ڪيا جيڪي ۱۹۱۷ع ۾ ڌوڪو ڪري وري فرانس کي ڏنا.
ٽيون سبب انگريزن جي دغائن ۽ چالاڪين ڪري ترڪي سلطنت جي
لڳاتار تباهي ۽ مسلمانن جي بي وسي برصغير جي مسلمانن کي جهنجهوڙي وڌو ۽ ترڪ
مسلمانن جي کي تنها محسوس ڪندي ترڪي جي مسلم خلافت ساڻ همدردي ۽ اتحاد خاطر کين
علائقا واپس ڏيارڻ خاطر انگريز راڄ خلاف هڪ منظم ۽ مضبوط جهاد ڪرڻ لاءِ بر صغير جي
مسلم اڳواڻن ”خلافت تحريڪ“ جي نالي ساڻ جدوجهد جو اعلان ڪيو. ترڪ مسلمانن جي خلافت
بحال ڪرڻ لاءِ انگريز راڄ خلاف مختلف هنڌن تي تحريڪ جنم ورتو جنهن ۾ بمبئي ۾
مولانا محمد علي جوهر دفتر کوليو ته مولانا ابوالڪلام آزاد ڪلڪتي مان اخبار
”الهلال“ ڪڍي ۽ سنڌ مان مولانا دين محمد وفائي جهڙي سچي قائد صحافي جي قيادت ۾
اخبار الوحيد آواز اٿاريو. هي دنيا جي واحد تحريڪ آهي جيڪا يورپ ايشيا کان جنم وٺي
برصغير هند ۾ پهتي ۽ جنهن ۾ جان، روح ۽ ساهه سنڌ جي سرزمين تان سنڌي اڳواڻن وڌو ۽
تحريڪ کي پروان چڙهائيو هڪ مضبوط ۽ منظم طوفان وانگر يورپ ۽ ايشيا جي تاريخ جي
دروازي تي ڪاميابي ويجهو پهچائيو پر ڪاميابي ماڻي نه سگهيا ڇاڪاڻ ته هن وڏي لڙائي
دوران مسلمانن جون غداريون ۽ بيوفايون، وري جديد ترڪي جي وجود ۾ اچڻ بعد مصطفيٰ
ڪمال پاشا پاران مسلم سلطنت جي نظريي کي ختم ڪري جمهوريه ترڪي بڻائڻ ڪري تحريڪ ختم
ٿي. سنڌڙي ماتا جي وسندڙ زرخيز ضلعي لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مان ڪيترائي ماڻڪ لعل ڄاوا
جن پنهنجي دور ۾ پاڻ ملهائيندي آزادي جا گيت ڳايا. زندگي جو هر ڏينهن ڪنهن عظيم
مقصد لاءِ گذاريو، جدوجهد ڪري پاڻ کي تاريخ جو اڻمٽ ۽ قابل فخر باب بڻائي ويا.
ماضي ۾ سندن شاندار ڪارنامن تي اڄ سنڌ واسي فخر محسوس ڪن ٿا پر ضرورت ان ڳالهه جي
آهي ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي تاريخ جي ان وساريل ورقن، انهن جي ڪارنامن ۽ عمل
کان باقائدي ڄاڻ ڏيون. سونهاري سرهاڻ ڀريل سنڌڙي جي انهن ماڻڪ موتين جي ڪوششن ۽
ڪاوشن کي عوام تائين گهڻو سولو پهچايون ته جيئن سڀاڻي جو نسل انهن کي وساري نه
ويهي.
ايشيا جي تاريخ جو هيرو، برصغير جي مسلمانن جي ضمير کي
جاڳائي هڪ عالمگير تحريڪ ۾ شامل ڪرائيندڙ سنڌ جو عظيم سپوت، سنڌي ماڻهن کي سياسي،
جدوجهد، جلسن ۽ جلوسن هڙتالن ۽ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جهاد ڪرڻ جي لولي يا ازان ڏيندڙ
نوجوان رهبر، سنڌ جو ٻيو بئريسٽر ۽ لاڙڪاڻي جو پهريون بئريسٽر ايٽ لارئيس جان محمد
ولد رئيس ڪريم بخش خان جوڻيجو تاريخ ۲ جنوري سال ۱۸۸۸ع تي پنهنجي اباڻي ننڍڙي
ڳوٺ ڌامراهن تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ان زماني ۾ خوشحال خاندان پنهنجي اولاد
کي ننڍپڻ ۾ فارسي ۽ عربي تعليم پنهنجي گهر ۾ ڏيارڻ لازمي سمجهندا هئا ۽ جان محمد
جوڻيجي به خانگي طرح عربي فارسي تعليم جنوري ۱۸۹۳ع ۾ حاصل ڪرڻ بعد ۱۹۰۳ع ۾ چار درجا سنڌي
سنڌ مدرسو اسڪول لاڙڪاڻو (هاڻوڪو گرلس ڪاليج) ۾ پڙهڻ بعد ۱۳ آگسٽ ۱۹۰۷ع تي سنڌ مدرسته
الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي ۽ ۱۹۰۹ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري سال ۱۹۱۰ع ۾ اعليٰ تعليم
لاءِ انگلينڊ روانو ٿيو. هو ان وقت تعليم جي گهٽ سهولتن سبب ۲۱ سالن جي عمر ۾
مئٽرڪ پاس ڪري سگهيو. هو سنڌ مدرسي ڪراچي وارن ڏينهن ۾ تقريرن ۾ گهڻو حصو وٺندو
هيو ۽ سنڌ مدرسو ڊبيٽنگ سوسائٽي جو سيڪريٽري به رهيو. سال ۱۹۱۳ع ۾ بار ايٽ لا پاس
ڪري ٻه سال لنڊن ۾ بئريسٽري پريڪٽس ڪيائين پر سال ۱۹۱۵ع ۾ پنهنجي وطن
واپسي وريو ۽ پهريان ڪراچي ۾ پوءِ وري لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين.
سڀ کان اول هن هارين ۾ ڀلائي جو ڪم شروع ڪيو. هن پنهنجي
زمين تي ڪم ڪندڙ هارين کي ان زماني ۾ حق ڏنا، سهولتون ڏنيون، هارين جي سرپرستي ڪئي
۽ هڪ هاري ميوي خان جي پٽ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر (جيڪو اڳتي هلي سنڌ ۾ هاري تحريڪ
جو باني اڳواڻ بڻيو.) کي پنهنجي خرچ تي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ موڪليو. هن جاگيرداري دور ۾ پنهنجن هارين مٿان تمام اڳوڻا قرض معاف ڪري کين
آزاد ڪيو ۽ هر هڪ هاري جي اسڪول ۾ پڙهندڙ اولاد کي وظيفا ڏنا، هارين کي پرسڪون ۽
عزت ڀريل زندگي گذارڻ لاءِ سڀ حق ڏنا.
برصغير هند ۾ جڏهن مسلم ليگ وجود ۾ آئي ته رئيس غلام
محمد خان ڀرڳڙي جي ڪوشش سان سال ۱۹۱۷ع ۾ ڪراچي ۾ مسلم ليگ جي شاخ
قائم ٿي ۽ سنڌ جي پهرين چند باني مسلم ليگ ميمبرن ۾ جان محمد جوڻيجي جو نالو شامل
آهي. هتان ئي سندس ذهن قومي لاڙي ڏانهن منتقل ٿيو. سال ۱۹۱۸ع ۾ شيخ عبدالعزيز
صاحب جي ڪوشش سان سنڌين جي تعليمي ترقي واسطي سکر ۾ ”عربي انگريزي“ اسڪول ٺاهڻ جي
منصوبابندي ۾ جوڻيجي صاحب ڀرپور حصو ورتو. هن جي ذهين ڏاهپ، عمل ۽ سچائي ڀريل
شخصيت تمام جلد لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي لاءِ اعليٰ مقام پيدا ڪيو. کيس ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ
لاڙڪاڻو ميمبر چونڊيو ويو. سرڪار اعزازي طور ميونسپل ڪمشنر پڻ مقرر ڪيو ۽ حڪومت
پاران سردار جي ڪرسي پڻ حاصل ٿيس پر جوش ۽ جذبي ساڻ ڀرپور هن ذهين نوجوان جي جسم
اندر گرم خون ۾ هڪ وڏي انقلاب جو درياهه اٿلون کائي رهيو هو. سچن جذبن جو سيلاب
وقت ۽ تاريخ جي وهڪري ۾ وهائي وڃڻ جي موقعي جي تلاش يا انتظار ۾ هو ۽ جان محمد
جوڻيجي کان تاريخ هڪ نئون باب کولرائڻ لاءِ ڪم ورتو.
سال ۱۹۱۹ع ۾ ترڪي سلطنت جي
ورهاڱي، ترڪي جي مسلمانن جي تباهيءَ خلافت جو سوال اٿاريو ۽ سنڌ جي مسلمانن لاءِ
هڪ امتحان ۽ چئلينج وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ انگريز دشمن قوتون سرگرم
ٿيون. پهريان ۱۷ آڪٽومبر ۱۹۱۹ع تي هن مسئلي بابت دهلي ۾ آل
انڊيا خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي، سنڌ مان مولانا تاج محمود امروٽي، سيٺ عبدا هارون،
پير تراب علي شاهه راشدي، شيخ عبدالعزيز ۽ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي شرڪت ڪئي. هن
موقعي تي سڄي هند ۽ سنڌ ۾ ترڪي جي بقا لاءِ ”يوم خلافت“ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
آل انڊيا مسلم ڪانفرنس پڻ لکنو اجلاس ۾ تائيد ڪئي. بئريسٽر جان محمد جوڻيجي پنهنجي
ساٿين جي صلاح ۽ مدد سان پنهنجي لاڙڪاڻي واري بنگلي آڏو (هاڻوڪي جامع مسجد) هڪ وڏو
۽ عظيم الشان جلسو ڪرائي خلافت تحريڪ جا مول متا ۽ مقصد عوام کي ٻڌايا، هتان سندس
باوقار ۽ تنظيم ساز عملي اڳواڻ جي حيثيت ۾ شخصيت جي سڃاڻپ ٿي. هن جلسي سڄي سنڌ ۾
هلچل مچائي ڇڏي.
۱۶ نومبر ۱۹۱۹ع تي ٻي ”آل انڊيا
خلافت ڪانفرنس“ دهلي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سيٺ عبدا هارون (ڪراچي) مولانا تاج محمود
امروٽي (سکر) پير تراب علي راشدي (قمبر) ۽ جان محمد جوڻيجو شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾
فيصلو ٿيو ته انگريز پاران دنيا ۾ ۱۲ نومبر کان ۱۶ نومبر ۱۹۱۹ع تائين ٿيندڙ پنج
ڏينهن واري ”جشن صلح“ پروگرام جي تقريبن جو پوري برصغير ۾ بائيڪاٽ ڪيو وڃي. رئيس
جوڻيجي ساٿين سيد انور علي شاهه ۽ پير تراب علي شاهه سان گڏجي سنڌ جو دورو ڪيو ۽
سنڌ جي عوام کي شعور ڏنو ۽ هڪ وڏي بائيڪاٽ لاءِ ذهني طور تيار ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان
وقت سياسي شعور نالي ڪا به ڳالهه ڪو نه هئي ۽ نه ئي سياسي پارٽين جنم ورتو هو ۽ نه
ئي وڏيرن جاگيردارن کي ليڊري جا شوق هوندا هئا. ڪا به تحريڪ ڪو به شعور ڪو به منشور
ڪو نه هوندو هو ۽ سياسي طور سنڌ هڪ ستل قوم ليکي ويندي هئي پر ان جي باوجود
لاڙڪاڻو شهر ان وقت هڪ خوشحال شهر هوندو هو ۽ لاڙڪاڻي جي واپاررين سندس پاران
هڙتال جي سڏ جي جواب ۾ پهريون ڀيرو هڙتال ڪندي دڪان بند ڪيا. ۱۶ نومبر ۱۹۱۹ع تي ڪارين جهنڊين
سان انگريز سرڪار خلاف هڪ وڏو عظيم الشان جلوس ڪڍيو. ان شاندار جلوس بعد سڄي سنڌ ۾
خلافت تحريڪ لاءِ رستا کليا ۽ عام ماڻهو تنظيم سان همدردي رکڻ لڳو ۽ سڄي سنڌ ۾
اٽڪل ۱۷۵ شاخون قائم ٿيون. سنڌ جي تاريخ ۾ اها عالمي هڙتال جو
رڪارڊ رکندڙ ڳالهه آهي جو لڳاتار پنج ڏينهن لاڙڪاڻو بند رهيو.
تاريخ ۴ جنوري ۱۹۲۰ع تي، حيدرآباد ۾
خلافت ڪانفرنس جو پهريون جلسو ٿيو، جتي رئيس جوڻيجي پنهنجي جذباتي تقرير سان
لاڙڪاڻي ۾ انگريز سرڪار پاران ٿيندڙ ڏاڍايون بيان ڪيون. لاڙڪاڻي ۾ ٻي ڪانفرنس
منعقد ڪرڻ لاءِ ۶، ۷ ۽ ۸ فيبروري ۱۹۲۰ع جي تاريخ مقرر ٿي.
هن ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ برصغير هند ۽ سنڌ مان هزارين ورڪر پهتا. جنهن ۾ مولانا
ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت علي جوهر ۽ مولانا عبدالباري جهڙا عالمي اڳواڻ شريڪ
ٿيا.
ان وقت سال ۱۹۲۰ع ۾ سيٺ عبداللھ هارون پاران
روزانو اخبار ”الوحيد“ جاري ڪئي وئي جيڪا پڻ ترڪي سلطنت جي خليفي عبدالوحيد جي
نالي سان لاڳاپيل هئي. ان وقت الوحيد اخبار سنڌي قوم ۽ قومي تحريڪن ۽ سياسي شعور
جي ڏياٽيون ٻاريندڙ واحد اخبار هئي جنهن جي پڙهڻ سان عوام ۽ سياسي قائد پنهنجي
لاءِ رهنمائي حاصل ڪندا هئا. الوحيد اخبار قائدن ۽ عوام کي روزانو تحريڪن لاءِ گس
۽ پتا ٻڌايا تنهن وقت سنڌي صحافت جو هر دلعزيز اڳواڻ مولانا دين محمد وفائي هن اخبار
جو ايڊيٽر هوندو هو. خلافت تحريڪ خلاف به ان وقت جي ملان ٽولي فتوائون ڏنيون، جڏهن
ته هي هڪ خالص انگريز خلاف مسلمان مقصد ۽ حمايت لاءِ تحريڪ هئي پر انهن فتوائن جي
موٽ ۾ هڪ ڀرپور ۽ جامع ڪتاب اظهار الڪرامت مولانا تاج محمود امروٽي پاران مولانا
دين وفائي شايع ڪري لاڙڪاڻي واري ڪانفرنس ۾ ورهايو.
مولانا امروٽي، پير تراب علي راشدي ۽ بئريسٽر جوڻيجي جي
قيادت ايمانداري ۽ شرافت تي سڄي سنڌ کي ڀروسو هيو ۽ انهن کي تحريڪ لاءِ سڄي سنڌ
مان هزارين رپيا چندو حاصل ٿيو. انگريز راڄ خلاف هن جدوجهد ۾ هندن پڻ مسلمانن کي
گهڻو چندو ڏنو ۽ مهاتما گانڌي پڻ هندن مسلمانن کي ويجهو آڻڻ لاءِ خلافت تحريڪ جي
ڀرپور حمايت ڪئي. لاڙڪاڻي جي آل هند ۽ سنڌ ڪانفرنس جو نگران بئريسٽر جوڻيجو هيو.
هي پڻ سنڌ جي تاريخ جي پهرين ٽي روزه عالمي ڪانفرنس هئي، جنهن ۾ دنيا جا مسلم ۽
هندو اڳواڻ شريڪ ٿيا. هن عظيم الشان تاريخي ڪانفرنس ايشيا جي سياسي تاريخ ۾ هڪ
نئون ۽ وڏو يادگار انقلاب پيدا ڪيو ڇاڪاڻ ته هندو مسلم اتحاد جو دنيا وڏو مثال هن
ڪانفرنس ۾ ڏٺو ۽ مسلسل ٽي ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ گهٽيون باغ ميدان لکن جي تعداد
۾ خلافت تحريڪ جي جهنڊن سان ڪنوار وانگر سجيا نظر ايندا هئا ۽ هر هنڌ ”هندو مسلم
اتحاد“ جا جسم ۾ جوش ڏياريندڙ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ نعرا گونجن پيا. بئريسٽر جان محمد
استقباليا ڪميٽي جو سيڪريٽري هيو. ۱۹۲۰ع ۾ هزارين مهمانن جي رهڻ ۽
ماني جو لڳاتار ٽي ڏينهن انتظام ڪرڻ هڪ ناقابل يقين ڳالهه آهي.
محترم سائين جي ايم سيد لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس بابت
پنهنجي ڪتاب ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ ۾ لکيو آهي ته ”فيبروري ۱۹۲۰ع ۾ منهنجي عمر رڳو ۱۶ سال هئي ۽ هن
ڪانفرنس جي چوٻول کان متاثر ٿي لاڙڪاڻي ويس ۽ سورهن سالن جو هيس پر ان جي باوجود
معلوم ٿيم ته ترڪن سان سامراجين جي ناجائز روش جو ڪارڻ زندگي جو نصب العين مقرر
ڪري ڇڏيم. ان ڪانفرنس مون کي سياسي رنگ ۾ اهڙو رچي ڇڏيو جو اڃا تائين اهو اثر جهڪو
نه ٿيو آهي“ لاڙڪاڻو ڪانفرنس فيصلي مطابق نوڪر شاهي جي ڏاڍ جا داستان ٻڌائڻ لاءِ
بئريسٽر جوڻيجي جي قيادت ۾ پير صاحب جهنڊي وارو، مولانا دين محمد وفائي ۽ رئيس غلام
محمد ڀرڳڙي تي مشتمل هڪ وفد بمبئي جي گورنر سان ملڻ لاءِ ويو، پر لڳاتار چوڏهن
ڏينهن رابطي ۾رهڻ جي باوجود گورنر وفد سان نه مليو ۽ پوءِ دهلي ۾ سنڌ جي نيڪ
سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. جنهن ۾ انگريز سرڪار خلاف
سنڌ ۾ جدوجهد تيز ڪرڻ لاءِ بئريسٽر جوڻيجي کي منتخب ڪيو ويو.
۲۰ اپريل ۱۹۲۰ع تي سيوهڻ ۾ مولانا
عبدالڪريم درس جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ جوڻيجي مرحوم ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
تاريخ ۲ ۽ ۳۰ مئي ۱۹۲۰ع تي ٺل شهر جيڪب
آباد ۾ خلافت ڪانفرنس زير صدارت مولانا تاج محمد امروٽي جي منعقد ٿي. جنهن ۾
بئريسٽر جوڻيجي پنهنجي جذباتي ۽ جوشيلي تقرير ڪندي ڪانفرنس ۾ موجود اڳواڻن ۾ هڪ
نئون ولولو ۽ جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ انگريز سرڪار سان هر طرح جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان
ڪندي سڀ کان اول پنهنجي ميونسپل ڪمشنري، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ميمبري، بار ايٽ لا جي
ڊگري ۽ ڪمشنر آفيس ۾ مليل ٻيو نمبر سرڪاري ڪرسي واپس ڪندي انگريز سرڪار کي ڍل ۽
آبياڻو نه ادا ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. سنڌ مان هجرت ڪري افغانستان ڏانهن وڃڻ لاءِ
هڪ هجرت ڪميٽي پڻ جوڙي وئي، جنهن جو صدر پير تراب علي شاهه ۽ بئريسٽر جوڻيجو
سيڪريٽري مقرر ٿيو. هجرت واري قافلي جي ڪابل تائين قيادت ڪرڻ لاءِ بئريسٽر جوڻيجو
کي چونڊيو ويو ۽ کيس ان موقعي تي ”رئيس المهاجرين“ جو لقب ڏنو ويو. بئريسٽر جي
پرجوش تقرير بعد سنڌ مان ماڻهو هجرت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا ته ٻئي پاسي سرڪار رئيس
جوڻيجي کي مالي نقصان پهچائڻ خاطر سندس زمين جو پاڻي بند ڪيو، نتيجي ۾ هن جي سڄي
پوک سڙي وئي. هجرت ڪميٽي جو هيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو مقرر ٿيو ۽ هجرت لاءِ بئريسٽر
جوڻيجي بمبئي جي گورنر کي تار موڪلي ته سنڌ جا پنجويهه هزار باشندا ڪابل هجرت
ڪندا. اهڙي طرح رئيس المحاجرين جي قيادت ۾ قافلو تيار ٿي ويو. سنڌ کان پشاور تائين
هڪ اسپيشل ٽرين سورهن ڏينهن لاءِ ڪرائي تي ورتي وئي، جنهن لاءِ بئريسٽر پنهنجون
زمينون ۽ ٻي ملڪيت وڪرو ڪري پئسا گڏ ڪيا ۽ ٻين به ڪيترن هن ڏس ۾ چندو ڏنو ڇاڪاڻ ته
لڳاتار سورهن ڏينهن ۷۶۰ مسافرن جو خرچ ۽ ماني جا انتظام پڻ ڪرڻا هئا.
تاريخ جي حوالي سان هي ڳالهه پڻ ٻڌائڻ ضروري آهي ته سڄي دنيا ۾ اڄ تائين جيڪا به
لڏپلاڻ يا هجرت ٿي آهي سا پنهنجي خوشي سان ڪو نه پر اتي جي ملڪي حالتن ۽ مجبوري
ڪري عمل ۾ آئي آهي پر دنيا جو هي واحد هجرت جو باب آهي جو ماڻهو پنهنجي خوشي ۽
راضپي ساڻ پنهنجو ديس مائٽ مٽ اباڻا گهر ۽ وطن ڇڏي هڪ غير ٻولي يا خطي ڏانهن وڃن.
ان مان ماڻهن جو تحريڪ خلافت جي قائدن جي جدوجهد ۾ ڀروسو ظاهر ٿئي ٿو. هجرت لاءِ
اپيل مولانا ابوالڪلام آزاد ڪئي هئي ۽ سندس اپيل تي سال ۱۹۱۵ع کان هندستان جي
مسلمانن افغانستان ڏانهن وقفي وقفي ساڻ هجرت ڪئي ۽ سال ۱۹۲۳ع تائين اٽڪل ۱۸ هزار ماڻهن هجرت
ڪئي. رئيس المهاجرين جي اعلان تي ۸ جولاءِ تي هزارين ماڻهو پنهنجن
عزيزن ۽ دوستن کي ٽرين تي الوداع چوڻ لاءِ پهچي ويا. اٽڪل پنجاهه هزار ماڻهن جو
ميلو لاڙڪاڻي شهر ۾ هيو. خوشي ۽ غم جي جذبن، فخر يا ماتم جي ڪيفيت، قرباني جو جذبو
۽ عزيزن جي جيئري جدائي يا جيئري مرڻ ۽ قيامت تائين ڌار ٿيڻ جو اجتمائي ڏيک شايد
تاريخ ۾ هجي. اهڙن لمحن کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. هي ٽرين ۹ جولاءِ تي لاڙڪاڻي
کان شروع ٿي هر علائقي ۾ ماڻهن ٽرين جو استقبال ڪيو ۽ مالي امداد ڏني. ”ياد جانا“
ڪتاب ۾ مولانا دين محمد وفائي لکيو آهي ته لاهور جي اسٽيشن تي پير سيد علي انور
شاهه شيرين آواز ۾ اهڙا ته جذباتي شعر پڙهيا جو لاهور اسٽيشن تي روڄ راڙو ۽ واويلا
جو ايڏو ته آواز اٿيو جو اها زمين ڄڻ لکنو جي امام بارگاهه جهڙو ڏيک پئي ڏئي. هي
ٽرين ۱۹ جولاءِ ۱۹۲۰ع تي افغانستان پهتي. سفر ۾
ايترا ته دل ڏاريندڙ واقعا پيش آيا جو شايد ڪٿي ملن هڪ مثال ڏجي ٿو. سفر ۾ هڪ
مهاجر جي زال مري وئي ته هن اهو چئي ٻار کي درياهه ۾ ڦٽو ڪيو ته مان جهاد ۾ وڃي
رهيو آهيان، هن کي ڪير پاليندو؟
شروع ۾ افغانستان جي حاڪم امير امان الله خان سنڌ مان
آيل مهاجرن کي زمينون ۽ روزگار ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ کان علاوه انهن لاءِ
رهڻ جو پڻ بهتر بندوبست ڪيو ۽ جلال آباد ۾ هڪ شاندار قلعو ”وڏو ڪوٽ“ ڏنو جنهن ۾ هڪ
لک ماڻهن جي ماپڻ جي گنجائش هئي. مهاجرن کي سٺو کاڌو خوراڪ به ڏني پر پوءِ مهاجرن
جو تعداد وڌندو ويو ته مسئلا پيدا ٿيندا ويا ۽ بئريسٽر ”انجمن مهاجرنين هند“ قائم
ڪري مهاجرن جي مسئلن لاءِ چندو جمع ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن کي بمبئي خلافت ڪميٽي ۵۰ لک رپيا چندو ڏنو
ته جيئن مهاجر پاڻ پنهنجن پيرن تي بيهن پر تاريخ پنهنجي باب ۾ هن ايشيا ۽ يورپ جي
وڏي تحريڪ جي تباهي جا ڪارڻ ڄاڻائي ٿي. جڏهن سنڌي مسلمان اڳواڻن پاران شاندار
جدوجهد جي نتيجي ۾ ترڪي ۽ افغانستان جي باري ۾ انگريزن هٿان آزادي وارو مطالبو
منظور ٿيندي نظر اچي رهيو هو پوءِ ٻيو قدم هن هجرت کي برصغير هندستان مان قافلي جي
صورت ۾ ترڪي پهچائڻ هيو. انگريزن محسوس ڪيو ته ايشيا جي مسلمانن جي قائد بئريسٽر
جان محمد جوڻيجي ماحول انگريزن خلاف ٺاهي ورتو آهي ۽ جلد اهو مسلمانن جو اڀرندڙ
تيز طوفان يورپ خلاف سڄي دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪري عالمگير مسلم تحريڪ جي شڪل
نه اختيار ڪري ان لاءِ انگريزن افغانستان جي امير امان اللھ خان (جيڪو ۱۹۱۹ع جي انقلاب بعد تخت
تي ويٺو) جي وزير ڪابل محمود طرزي وسيلي سازش ڪندي غداري جو ٻج وڌو ۽ افغانستان جي
حاڪم ساڻ معاهدو ڪيو. جنهن ۾ انگريز افغانستان کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر
انگريز هن معاهدي ۾ امير افغانستان ۾ موجود مهاجرن کي ٻاهر نه وڃڻ ڏيندو ۽ اهڙا
اپاءَ وٺندو جنهن جي نتيجي ۾ سڀ پريشان ٿي واپس سنڌ ۽ ٻين علائقن ڏانهن هليا وڃن ۽
کين ڪو به تحفظ نه ڏنو ويندو. پنهنجي مطالبي منظور ٿيڻ بعد
افغانستان عالم اسلام جو ساٿ ڇڏي ڏنو نتيجي ۾ خلافت تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. تحريڪ
کي جدوجهد ۾ پيش قدمي ڪرڻ بدران پنهنجو دفاع ڪرڻ به مشڪل ٿي ويو. سنڌي مهاجرن ۽
ٻين کي وڏي ڪوٽ قلعي مان ڌڪيو ويو. سرڪار تمام ڏنل سهولتون واپس ورتيون جنهن ۾
پهريان قلعي جو پاڻي بند ڪيو ويو پوءِ کاڌي پيتي جون شيون نه ڏيڻ، بيماري ۾ علاج
نه ڪرائڻ. مطلب ته ڪابل جي مسلمانن پنهنجي سر زمين تي هنن سان انسانيت سوز ۽ حقارت
وارو سلوڪ ڪيو. قلعي کي مجاهدن جي قافلي بدران جيل خانو بڻايو ويو. نيٺ مجبور ٿي
مهاجر ڪوٽ کان ٻاهر نڪتا. ڪيترا گرمي سبب مري ويا. ڪيترا بيمارين ۾ مئا. ڪيترا
خاندان بک ۾ ڪابل يا ٻين شهرن مان خيرات وٺي هندستان پنجاب ۽ سرحد جا مهاجر پنهنجي
وطن واپس وريا پر ۱۸ هزار مهاجرن ۾ ۷۶۰ سنڌي مهاجرن کي
گهڻيو اذيتون ۽ ٻچڙن کي مصيبتون ڏسڻيون پيون. ڪيترن مهاجرن جون زالون گم ٿيڻ جا
اطلاع پڻ آهن.
جڏهن اها حالت ٿي ته بئريسٽر جوڻيجي وري سنڌ ڏانهن قدم
رکيو. تاريخ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۲۰ع تي لاڙڪاڻي پهتو ۽ تاريخ ۴ آڪٽوبر ۱۹۲۰ع تي هڪ وڏو جلسو
ڪيائين. هتي اچڻ شرط جڊيشل ڪمشنر پاران کيس جيڪب آباد ۾ اڳ قابل اعتراض تقرير جي
حوالي ساڻ ڪراچي حاضر ٿيڻ جو حڪم مليو. جنهن جو هن جواب ڏنو ته مان هاڻي افغانستان
جو باشندو آهيان.
سنڌ مان مهاجرن جي
واپسي لاءِ پئسا گڏ ڪري علي ڳڙهه مولانا محمد علي جوهر وٽ پهتو ۽ هندستان جي ڪيترن
ئي شهرن جو دورو ڪيو. نومبر ۾ هن احمد آباد خلافت ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ڊسمبر ۾
ناگپور آل انڊيا ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد بمبئي خلافت ڪميٽي مهاجرن جي مدد لاءِ ان وقت
هڪ لک رپيا منظور ڪيا ۽ پهرين مليل قسط جا پنجاهه هزار رپيا هڪدم افغانستان ڏياري
موڪليا. هڪ دفعو هو وري لاڙڪاڻي پهتو ۽ آخر ۱۵ جنوري ۱۹۲۱ع تي ڪابل وڃڻ لاءِ
پشاور پهتو جتي ڊپٽي ڪمشنر کيس روڪيو، لڳاتار ۲۰ ڏينهن هن کي اجازت
نه ملي پوءِ هن ۵ فيبروري ۱۹۲۱ع تي پشاور ۾ هڪ احتجاجي جلسو
ڪيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. هن فارسي ۾ تقرير ڪندي پاڻ کي افغانستان جو
شهري ثابت ڪيو ۽ پشاور ۾ هڪ وڏو سياسي طوفان کڙو ڪيو. نتيجي ۾ ڊپٽي ڪمشنر کيس سرحد
مان نيڪالي ڏني پوءِ لاهور آيو ۽ مارچ ۱۹۲۱ع ۾ لاهور ۾ هڪ وڏو
جلسو ڪري پنهنجي حوصلي ۽ جدوجهد ايمان جو ڀرپور اعلان ڪيو. لاهور کان لکنو پهتو.
تاريخ ۾ مسلمانن جي
مسلمانن مٿان ظلم ۽ ستم جي هن دل ڏکوئيندڙ مثال رئيس المهاجرين بئريسٽر جان محمد
جوڻيجي جي سوچ مقصد ۽ سياسي زندگي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. هو هارائجي پيو. پر جوش
نوجوان عملي عظيم انسان پنهنجي تحريڪ، زندگي جي جدوجهد، جلسن جلوسن ۾ ڪيل اعلانن ۽
مسلم دنيا کي متحد ڪري هڪ طاقتور قوت ۽ نيڪ آزادي واري مقصد لاءِ اڳتي طوفان وانگر
تيز وڌندڙ جدوجهد کي پنهنجي کليل اکين سان، سجاڳ ذهن، دماغ ۽ ڪنن سان ڀرندي ٽٽندي
۽ تباهه ٿيندي ڏٺو، ٻڌو ۽ محسوس ڪيو. هن پنهنجون زمينون، رشتيدار، دوست، ديس،
سنڌڙي جهڙوڪ مٺڙو وطن ۽ اباڻن جي جنم ۽ مرڻ ڀومي جنهن جذبي خاطر قربان ڪئي. ان
تباهي جي سيلاب اڳيان بند ٻڌڻ لاءِ وٽس ڪجهه به نه بچيو. هو آزادي خاطر دشمن سان
ته هڪ وڏي جنگ جوٽڻ وارو اڳواڻ هيو پر پنهنجن افغاني مسلمان ساٿين پاران ملندڙ
گهاءَ يا زخم جو وٽس ڪو به علاج ڪم نه هيو. هن باقي زندگي جا ڏينهڙا مايوسي ۽
نااميدي ۾ هندستان جي اڳواڻن سان گذارڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته پنهنجي ديس واسين ۷۶۰ سنڌي مهاجرن جي
خاندانن جي تباهي بعد هن پاڻ واپس لاڙڪاڻي اچي پنهنجي گهر کي ٻيهر آباد ڪرڻ، زندگي
گذارڻ کي ضمير خلاف تصور ڪيو ۽ طارق بن زياد وانگر هن سنڌي بئريسٽر مجاهد پنهنجا
ٻيڙا ساڙي خلافت تحريڪ لاءِ هٿيار کڻي ميدان جنگ ۾ ڪاهيو هيو پوءِ ڀلا ناڪامي بعد
ٻين دوستن کي ڇا ٻڌائبو؟ ۽ پنهنجي ڌرتي سنڌ جيجل مان بي گهر بي سهارا وطن کان پري
وطن لاءِ واجهائيندي روئيندي رڙيون ڪندي سڏڪا ڀريندي مرندڙ سنڌي مهاجر قافلي وارن
جو درد ۽ پيڙا محسوس ڪرڻ لاءِ هن به پاڻ باقي زندگي وطن کان پري وطن جي پيار جي
باهه ۾ سڙندي گذاري ۽ پنهنجي خوشي ساڻ هن جلاوطن مجاهد، سنڌ جي طارق بن زياد جلد
ساڳي سال ۾ پنهنجي ڦوهه جواني جي عروج ۳۳ سالن جي ڄمار ۾ ۱۶ اپريل ۱۹۲۱ع تي اجمير هندستان
۾ وفات ڪئي ۽ کيس وصيت مطابق اجمير شريف جي درگاهه ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس وفات
بابت پڻ مختلف رايا آهن. ڪي خبرون آهن ته خلافت تحريڪ جي ناڪامي سبب دلبرداشته ٿي
بيمار ٿي پيو ۽ ڪي خبرون آهن ته کيس زهر ڏنو ويو هو.
ڪاش هن پهاڙ جيڏي
اٽل طوفاني زندگي ماڻيندڙ نوجوان سياستدان کي مسلم تاريخ ۾ جوڳي جڳهه ڏني وڃي ها
ته به سندس روح کي راحت ۽ تحريڪ سان انصاف ٿئي ها پر غير سنڌي تاريخ ۽ پريس ۾ کيس
خلافت تحريڪ جو سرگرم رڪن يا ڪارڪن سڏيو وڃي ٿو. اڄ کيس سندس عزيزن به وساري ڇڏيو
آهي پر سنڌي قلمڪار هن جي قيادت ڪارنامن ۽ عمل جدوجهد ۽ حوصلي متعلق تحريڪ جي نفعن
۽ نقصانن بابت وڌيڪ لکي ته ايندڙ نسل هن تاريخ جي باب مان سبق، عبرت يا رهنمائي
حاصل ڪري سگهي ٿو.
مددي
ڪتاب:
ياد جانان، اخبار الوحيد ايڊيشن. مهراڻ رسالو، نئين زندگي رسالو،
پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي
زباني، پرينءَ جي پچار، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو.
لاڙڪاڻو ليڊرن جي
ڌرتي تان کنيل
جان محمد خان جوڻيجو
رئيس المھاجرين
محمد عثمان جوڻيجو
لاڙڪاڻي ضلعي جي
تاريخي ڳوٺ ڌامراھ ۾ جنم ورتل سنڌ جي مشهور شخصيت رئيس المهاجرين بئريسٽر مرحوم
جان محمد، ڪريم بخش خان جوڻيجو جي گھر ۾ ۲ جنوري ۱۸۸۸ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين،
ان بعد لاڙڪاڻي مدرسي ۾ پنج درجا انگريزي تائين پڙهيو. سال ۱۹۰۹ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان مئٽرڪ جو
امتحان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ۱۹۱۰ع ۾ لنڊن روانو ٿيو، جتي بئرسٽريءَ جو
امتحان پاس ڪري پنهنجي ڏيهھ ڏانهن واپس وريو ۽ ڪجهھ وقت ڪراچي ۾ وڪالت ڪرڻ کان
پوءِ لاڙڪاڻي موٽي آيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ اچي قومي خدمت سان گڏ وڪالت جاري رکيائين ۽ وڪالت
جي آفيس لاءِ هڪ ٻه منزل بنگلي جو بنياد رکيائين، جتي روزانو سوين ماڻهو سندس آفيس
۾ موجود رهندا هئا.
جڏهن سال ۱۹۱۸ع تي شيخ عبدالعزيز سنڌ ۾ هڪ انگريزي اسڪول
جي قيام جو اعلان ڪيو ته ان وقت سندس ڪم ۾ پڻ هن ڀرپور حصو ورتو. جڏهن سال ۱۹۱۹ع ۾ آل انڊيا مسلم ڪانفرس جو پهريون اجلاس
دهليءَ ۾ منعقد ٿيو ته ان ۾ سنڌ مان مولانا تاج محمود امروٽي، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو،
عبدالله هارون، شيخ عبدالعزيز ۽ پير تراب علي شاھ راشديءَ سميت ٻيا به ڪافي ماڻهو
شريڪ ٿيا. سال ۱۹۲۰ع ۾ خلافت تحريڪ جو پهريون عظيم الشان جلسو لاڙڪاڻي ۾ رئيس جان محمد جي
بنگلي ڀرسان ٿيو، جنهن ۾ پوري سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شريڪ ٿيا هئا. هن
جلسي ۾ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي صاحب انگريزيءَ ۾ تقرير ڪئي هئي.
ساڳي ئي سال ۱۹۲۰ع ۾ جيڪب آباد ۾ خلافت تحريڪ ڪانفرنس ٿي، ان
۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪرچ مان ماڻهو آيا، جتي خلافت تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ بئريسٽر صاحب
انگريزي ۾ تقرير ڪندي، عام اعلان ڪيو ته ”مان اڄ ڏينهن کان وٺي انگريز سرڪار سان
پنهنجا هر قسم جا تعلقات ختم ٿو ڪريان ۽ مان پنهنجي زمين جي ڍل انگريز سرڪار کي ڏيڻ
کان انڪار ٿو ڪريان.“ انهيءَ اعلان تي انگريز سرڪار بئريسٽر صاحب تي سخت ڏمرجي پئي
۽ کيس هر طرح جون تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون. ان ئي سال يعني ۱۹۲۰ع ۾ خلافت تحريڪ جي اڳواڻن وري هجرت تحريڪ
جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جا علماءَ مولانا تاج محمود امروٽي جي اڳواڻي ۾ هڪ فتويٰ
لکي ته سنڌ دارالحرب آهي تنهنڪري اسان کي هاڻي هتي ڪافرن جي حڪومت ۾ رهڻ جائز ڪونهي،
ان ڪري پاڙيسري ملڪ دارالاسلام يعني افغانستان هجرت ڪري هلڻ گھرجي. جنهن ۾ اهو
پروگرام رٿيو ويو ته سنڌ جي مختلف شهرن مان خاص طور تي لاڙڪاڻي شهر مان بئريسٽر
جان محمد جوڻيجو، سيوهڻ مان مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سکر مان مولانا دين
محمد وفائي، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن مان هجرت لاءِ قافلا روانا ٿيندا.
انهيءَ اعلان مطابق
سڀ کان پهريائين رئيس جان محمد جي اڳواڻيءَ ۾ پهرين اسپيشل ٽرين جي شروعات ڪئي
وئي. جنهن ۾ برصغير جي هزارين مسلمانن هجرت ڪئي ۽ اهو قافلو پشاور پهتو، جتان پوءِ
بيل گاڏين جي ذريعي افغانستان وڃي پهتو، پر افغان سرڪار انگريزن کان پئسا وٺي هجرت
تحريڪ جي نه رڳو مخالفت ڪئي، بلڪ امير امان الله چٽي وضاحت ڪئي ته ”مون کي مولانا
محمد علي جوهر ۽ سندس ڀاءُ مولانا شوڪت عليءَ چيو هو ته تون رڳو انگريز سرڪار کي ڌمڪي
ڏيڻ لاءِ اهو اعلان ڪر ته مسلمانن جي لاءِ اسان جي ملڪ جا دروازا کليل آهن، باقي
اچڻ جو ڪو پروگرام ڪونهي پر هتي جيڪي هزارن جي تعداد ۾ مسلمان آيا آهن اسان انهن
جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري نٿا سگھون.“
هن اعلان ٿيڻ کان
پوءِ سنڌ مان آيل بي گهر ٿيل مسلمانن جا هنيانءَ ڇڄي پيا ۽ سنڌي ماڻهن کي پٺاڻن وڏيون
تڪليفون ڏنيون. پوءِ اتان ڪي سنڌ ڏانهن واپس آيا ته ڪي وري عربستان ۽ ٻين اسلامي
ملڪن ڏانهن هليا ويا ڇاڪاڻ ته هتان سنڌ مان ويندي اهي نه رڳو پنهنجون زمينون وڪڻي
ويا بلڪ ڪيترن ته پنهنجا گهر به کپائي هجرت ڪئي هئي. ان ڪري انهن کي واپس اچڻ ڏاڍو
ڏکيو ٿي پيو. مطلب ته انهن مهاجرن کي وڏين تڪليفن سان منهن ڏيڻو پيو ۽ ڪيترائي
حساس طبيعت ماڻهو انهيءَ صدمي ۾ فوت ٿي ويا. خاص طور تي ڏوڪري شهر جو مشهور بزرگ
مولانا فيض محمد ملاح ان دوران فوت ٿيو هو، جنهن جي قبر پڻ ڪابل ۾ آهي. مطلب ته لاڙڪاڻي
مان نڪرندڙ پهرين ٽرين سان اها حالت ٿي تڏهن باقي نڪرندڙ مهاجرين جي پروگرام کي روڪيو
ويو ۽ هن واقعي کان پوءِ خلافت تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ ڄڻ ته پنهنجي پڄاڻيءَ تي
پهتيون. مذڪوره ٻنهي تحريڪن مان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي جيڪو نقصان ٿيو ان تي تاريخ
جو ڪو محقق ضرور قلم کڻندو.
رئيس جان محمد جوڻيجي
جي تاريخي ڪردار ۽ حياتيءَ تي سڀ کان پهريائين مولانا دين محمد وفائي ۱۳۴۰ھ مطابق ۱۹۲۱ع تي ”ياد جانان“ جي نالي سان هڪ ننڍڙو ڪتاب
لکيو هو. هاڻي ان جو تازو ايڊيشن رئيس مرحوم جي خاندان جي لائق شخص ڪهاڻيڪار ڪامريڊ
زاهد علي جوڻيجي سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري طرفان ۲۰۱۸ع ۾ شايع ڪرايو آهي.
سنڌ جي هن عظيم
انسان رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي صاحب تاريخ ۱۶ اپريل ۱۹۲۱ع تي اجمير شريف ۾ لاڏاڻو ڪيو ۽ اتي ئي کيس
دفنايو ويو.
رئيس المجاھدين بئريسٽر جان محمد خان جوڻيجو
ورسيءَ جي مناسبت سان
فلڪ ٻٽ
ڪلي وير ڪٽڪ ۾، سائُو سڀ نه ھُونِ،
پڙ تي سي ئي پُونِ، موٽڻ جنين مھڻو.
ڀٽائيءَ جو ھي بيت
پڙھڻ پڄاڻان جتي منھنجي ذھن تي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي حقن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙي،
آزادي جي عشق منجھ پنھنجو سر ۽ ساھ صدقو ڪندڙ دليرن جا عڪس اچي کِڙندا آھن ته اتي
ساڳي وقت ئي ساڻن گڏ ۳۳ ورھين جو سنھڙو سيپڪڙو، وچولو قد، چاپئين ڏاڙھي ۽ مٿي تي پٽڪو سجيل ھڪ
نوجوان جو عڪس پڻ ايندو آھي، جنھن جي شھادت ته جديد اوزارن ذريعي ڪانہ ٿي، البته
حاڪمِ وقت کانئس ڊڄي کيس ڳجھي نموني زھر ڏياري بعد مِ واردات منجھان پنھنجا پيرا
گم ڪري کيس ابدي آرامي ڪري ڇڏيو.
۲ جنوري ۱۸۸۸ع تي ڳوٺ ڌامراھ تعلقي ضلعي لاڙڪاڻو ۾ رئيس حاجي ڪريم بخش جوڻيجي جي گهر
جان محمد جوڻيجي جو جنم ٿيو.
ٻالڪ جان محمد جوڻيجو
ڪجھ وقت خيري ديري پڙھڻ پڄاڻان پرائمري جا چار درجا مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ مدرسي اسڪول
لاڙڪاڻي ڏانھن روانو ٿيو، جتان پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ بعد مئٽرڪ ڪرڻ لاءِ سنڌ
مدرسته الاسلام جو رخ ڪيو، جتان ۱۹۰۹ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ انگلينڊ جو راھي ٿيو،
جتان ۱۹۱۳ع ۾ ‘بار ايٽ لا’ پاس ڪري ٻه سال لنڊن ۾ پريڪٽس ڪري ۱۹۱۵ع ۾ واپس ڏيھ وريو.
ڏيھ ورڻ شرط ئي ھن
سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو ورتو، جنھن منجھ ھارين جا قرض معاف ڪري انھن کي ٻيون پڻ ڪافي
سھولتون مھيا ڪيون. گڏوگڏ ھر ھڪ ھاريءَ جي اسڪول ۾ پڙھندڙ اولاد کي پنھنجي طرفان
وظيفا ڏنا. سال ۱۹۱۹ع ۾ ترڪي سلطنت جي ورھاڱي خلافت جو سوال اٿاريو ۽ سنڌ جي مسلمانن لاءِ ھڪ
امتحان وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. تڏھن انگريز سامراج معاملي تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ
رياست اندر ۱۲ کان ۱۶ نومبر تائين پنج ڏينھن “يومِ صلح” ملھائڻ جو اعلان ڪيو، جنھن تي بئريسٽر
صاحب پنھنجي سٿ سميت انھن پنجن ڏينھن جو ڀرپور بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اھو ئي
سبب ھو جو سندس شعوري اوسر، ڪردار ۽ محنت جو اھو نتيجو ھو جو اھي پنج ڏينھن لاڙڪاڻو
شھر مڪمل طور تي بند رھيو ۽ انگريز سامراج جي خلاف اھا پھرين ھڙتال ڳڻي وئي. سندس
سياسي جدوجھد واري سفر جي اھا پھرين عملي وک ھئي، جنھن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ
پنھنجيون تمام صلاحيتون صرف ڪري رياستي خوف ۽ خطرا نظر انداز ڪري ان دؤر جي غاصب حڪمرانن
جي اکين ۾ اکيون ڏئي ڄڻ ته اردو جي ھن شعر تي عمل ڪيو ته،
ميري بينائي ڀي جاتي هي تو بيشڪ جائي،
بات سورج سي مگر آنک ملا ڪر هوگي.
ان کانپوءِ ۴ جنوري ۱۹۲۰ع تي خلافت تحريڪ جو پھريون جلسو حيدرآباد
شھر ۾ ٿيو، جتي جوڻيجي صاحب لاڙڪاڻي ۾ انگريز سرڪار پاران ٿيندڙ ڏاڍايون بيان ڪيون.
ان بعد ان ئي سال فيبروري مھيني جي ڇھين، ستين ۽ اٺين تاريخ انگريز راڄ خلاف آل
ھند ۽ سنڌ ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو، جنھن منجھ عالمي سطح جي ھندو ۽ مسلم اڳواڻن
شرڪت ڪئي. ھن تاريخي ڪانفرنس ايشيا جي سياسي تاريخ منجھ ھڪ وڏو ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، ڇو
ته ھندو- مسلم اتحاد جو عظيم مثال دنيا ھن اجتماع منجھ ڏٺو. گڏوگڏ لاڙڪاڻي شھر جا
روڊ رستا لکن جي تعداد منجھ خلافت تحريڪ جي جھنڊن سان سينگاريا ويا ۽ ھر ھنڌ ھندو-
مسلم اتحاد جا جوشيلا نعرا گونجندا رھيا. اھو ئي سبب آھي جو لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس
بنسبت سائين جي ايم سيد کي پنھنجي ڪتاب “پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني” ۾ لکيو آهي
ته، “فيبروري ۱۹۲۰ع منجھ منھنجي عمر صرف ۱۶ سال ھئي، ھن ڪانفرنس جي چوٻول کان متاثر ٿي لاڙڪاڻي ويس،
سورھن سالن جو ھيس پر ان جي باوجود معلوم ٿيو ته ترڪن سان سامراجين جي ناجائز روش
جو سبب غلامي ھئي ۽ ان بعد ئي غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ کي پنھنجي زندگي جو سبب بڻائي
ورتم. ان ڪانفرنس مونکي اھڙو ته سياسي رنگ مِ رچي ڇڏيو، جو ان جو اثر اڃا تائين جھڪو
نه ٿيو آھي”.
سائين جي ايم سيد
چيو ته مذھب ۽ سياست ٻه الڳ الڳ شيون آھن، جيڪي ڪڏھن به گڏ کڻي نه ٿيون ھلي سگھجن،
ڇو ته سياسي توڙي اجتماعي مفادن جي حصول لاءِ جيڪڏھن ڪٿي به پنھنجي جوھر ۾
انتھاپسندي واري مذھبي مداخلت ٿي ته ناڪامي ئي پلئه پوندي. سندس ڪيل ان ڳالھ منجھ
شايد ان ٽي روزہ عالمي ڪانفرنس وارو ئي پھريون مشاھدو شامل ھو، جنھن ۾ ھن ھندو-
مسلم اتحاد ڏسي اھا راءِ قائم ڪئي ھوندي، ڇو ته اجتماعي مفادن جي حصول دوران جيڪڏھن
انھن ٻنھي ڌرين منجھان ڪا به ھڪ ڌر مذھبي معاملن کي اوليت يا اھميت ڏئي ھا ته
يقينن ان عظيمُ الشان مجلس جو انعقاد نه ٿي سگھي ھا. معلوم ٿيو ته برصغير جا اھي ڏينھن
ھندو- مسلم فساد کان مڪمل طور تي پاڪ ھئا.
ھتي ھڪ ٻي ڳالھ جي
وضاحت پڻ ضروري ٿو سمجھان ته خلافت تحريڪ تي مليل ڪافي لکتن منجھان صرف ھڪ اڌ ليکڪ
ھن تحريڪ جو بنياد دارالحرب وارو نقطو ڄاڻايو آھي پر جڏھن حقيقتن جي ماپ تور ڪبي
ته دارالحرب فقط ھڪ جزوي موٽيويشنل سياسي ٽڪساٽ ته ٿي سگھي ٿو، البته پوري تحريڪ
ان ھڪ نقطي سان منسوب ڪرڻ غير موزون ھوندي، ڇو ته جيڪڏھن دارالحرب وارو معاملو
پوري تحريڪ جو بنياد ھجي ھا ته ھندو ڪيئن ان تحريڪ جي حمايت ڪن ھا؟ پر جيڪڏھن ٿوري
وقت لاءِ تسليم ڪري وٺجي ته ھن تحريڪ جو مقصد فقط دارالحرب ھو، تڏھن به اھا ڳالهه
طئه آھي ته ان دؤر ۾ منجھ ايتري گُنجائش ضرور ھئي، جو ھندن کي گڏ کڻي ھلڻ پڄاڻان ڪنھن
جا به مذھبي جذبا مجروح نه پئي ٿيا، نہ ئي وري ڌرين پاران ھڪٻئي جي خلاف ڪفر جا ڪات
اُڀا ٿيا. ھا، سامراج سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ افغانستان جي حاڪم امير امان الله خان
کي اعتماد ۾ وٺي کانئس مدد وٺڻ لاءِ جيڪڏھن دارالحرب وارو نقطو غور ھيٺ آندو وڃي
ته يقينن اھو مناسب ھوندو.
ان بعد جولاءِ ۱۹۲۰ع ۾ ۷۶۰ مھاجر مسافرن جي ٽرين تيار ڪري افغاني مسلمانن جي آسري
ھجرت ڪئي پر بعد ۾ مسلمانن پاران مسلمانن سان ڪيل ويساھ گھاتي ثابت ٿي، ڇو ته
انگريز حڪومت افغاني حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي ساڻن ڪيل بغاوت وارو پلاند پاڙيو، جو
سندن تحريڪ کي نه صرف ڪاپاري ڌڪ لڳو، بلڪه جدوجھد ۾ پيش قدمي ڪرڻ بجاءِ پنھنجو
دفاع ڪرڻ به مشڪل بڻجي ويو.
بئريسٽر جان محمد حڪومت
پاران مليل سرداري جو لقب، لوڪل بورڊ جو ميمبر ۾ ميونسپل ڪمشنر جھڙن اعليٰ پائي جي
عھدن کي ٺوڪر ھڻندي دير نه ڪئي، بلڪه اڃا به پنھنجي ذاتي زمين وڪڻي اھي پئسا تحريڪ
لاءِ وقف ڪيائين. نه صرف ايترو بلڪه افغانين پاران ٿيل ساڻن ويساھ گھاتيءَ جي ڪري
تحريڪ ناڪام ٿي، جنھن تي ھن ڏيھ ورڻ بجاءِ ھندستان جي ڌرتي کي پنھنجو آخري مسڪن بڻائي
ورتو. آخر ۾ ائين کڻي چئجي ته خواجه اجميري صاحب جي صحبت کيس پاڻ کان پرڀرو ٿيڻ ڪونه
ڏنو، جنھن ڪري سندس آخري آرمگاھ اجمير شريف بڻي. اجمير جي ساقي پاران پياريل ان
ساغر پاڻ کان ڪڏھن بہ پرڀرو ٿيڻ ڪونہ ڪيوو.
ھي مانجھي مرد ۱۶ اپريل ۱۹۲۱ع تي وڇوڙي جو وڍ ڏيئي ان راھ روانو ٿيو،
جتان اڄ تائين ڪو بہ واپس ڪونھي وريو. اڄ ۱۶ اپريل سندس ۱۰۲ ورسي آهي. آخر ۾ سندس سموريون قربانيون ساري ۽ سندس
دليريءَ جي تصويرَ ڀٽائي جي ھنن سٽن ۾ ڳولڻ پڄاڻان کيس ارپيان ٿو ڀٽائي جو ھي بيت،
ڪلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي،
ان کي اڃا جيئڻ جو، آسانگو آھي،
سورھيه سو چائي، جو رڳو ئي رڻ گُھري.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا