رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو
[۱۸۸۶هه – ۱۹۲۱ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
رئيس
المهاجرين؛ جان محمد ولد حاجي ڪريم بخش جوڻيجو ڳوٺ ”ڌامراها“ (لاڙڪاڻو) ۾ ۱۳۰۴هه
مطابق ۱۸۸۶ع تي تولد ٿيو. سندس والد شهر جو بااثر زميندار ۽ آسودو
انسان هو. حاجي صاحب پاڻ حالانڪ اڻ پڙهيل هو. مگر پٽ کي ولايت مان بئريسٽريءِ جي
سند حاصل ڪرڻ لاءِ به آماده ٿيو. وطن وري؛ وڪالت کي وڌايائين.
