; سنڌي شخصيتون: محمد علي سانگي

13 August, 2019

محمد علي سانگي


محمد علي سانگي
(مختصر تعارف- فرسٽ فارم منجھ خود نوشت)
مان تعلقه لاڙڪاڻه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سڄڻ سانگيءَ ۾ ڄائو هيس.
ڄمڻ جي تاريخ، اسڪول جي رجسٽر مطابق ۱۹۲۹-۰۴-۰۴ آهي. مون کان اڳ ۾ والد صاحب کي ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. پٽ ننڍڙي هوندي ئي، هڪ ٻئي پٺيان، لاڏاڻو ڪري ويا ھيس ۽ باقي وڃي هڪ نياڻي بچيس. پٽ جي اولاد لاءِ، الله تعاليٰ کان سوال ڪيا ويا ۽ باسون باسيون ويون. منهنجي ڄمڻ تي دلي خوشي محسوس ڪئي وئي ۽ الله تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندا ويا.
منهنجو نالو محمد علي رکيو ويو. پر عام طرح مٽ مائٽ راحب سڏڻ لڳا.
منهنجو ٻالڪپڻو به ٻهراڙيءَ جي ٻين عام ٻارن وانگر گذرندو رهيو. جڏهن مان اسڪول وڃڻ واريءَ عمر کي پهتس ته مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. چار درجا پرائمريءَ جا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهي، وڌيڪ سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪنگا ڳوٺ ۾ ويس. اتي مسٽر باشومل هيڊ ماسٽر هو. ھو چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين ڪلاس جي ڇوڪرن کي پڙهائيندو هو. هو ڏاڍو هوشيار ۽ محنتي استاد هو.


مان پنجون درجو پاس ڪري، ڇهين درجي مان اسڪول ڇڏي، پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ استاد حافظ رحيم بخش صاحب وٽ، قرآن شريف ياد ڪرڻ شروع ڪيو. قرآن شريف ياد ڪرڻ ۾ تقريبن ساڍا ٽي سال لڳا. حفظ ڪرڻ بعد، جناب مولانا قاري خير محمد صاحب جن وٽ، قمبر جي ڀرسان ڇڄڙن جي ڳوٺ ۾، جتي هو مدرسه ۾ پڙهائيندا هئا، پڙهڻ ويس. اهو سال ۱۹۴۵ع جي وچ وارا مهينا هئا. جڏهن قاري صاحب جن انهيءَ مدرسه کي ڇڏيو ته مان به اتان ڇڏي، مدرسه تاج المدارس امروٽ شريف ۾ اچي پڙهڻ لڳس.
امروٽ شريف ۾، پهريائين مولانا عبدالعزيز صاحب مارواڙي جن پڙھائيندا هئا ۽ ان کان پوءِ مولانا مظهرالدين صاحب اندڙ جن پڙهائيندا هيا. ميان محمد شاهه صاحب ولد ميان نظام الدين صاحب، جيڪي اڳتي هلي گادي نشين ٿيا، اسان سان گڏ شاگرد هيا، پر اسان کان مٿيان ڪتاب پڙهندا هئا.
۱۹۴۸ع ۾ ميان محمد شاهه جي دستاربنديءَ بعد، مولانا مظهر الدين کي مدرسه مان اجازت ڏني وئي. لهٰذا مان به مدرسو ڇڏي، ڳوٺ هليو آيس. چند ڏينهن بعد، مولانا عبدالله صاحب چانڊئي وٽ گٽهڙ ڳوٺ ۾ پڙهڻ ويس. پر اتي چند ڏينهن رهي موٽي آيس. خيال هو ته مولانا مظهر الدين صاحب ڏي پڙهڻ ويندس، جيڪو شڪارپور کان پرڀرو ميان عبدالغني شاهه جي مدرسه شجراھ ۾ رمضان شريف بعد پڙهائڻ لاءِ اچڻو هو. انهيءَ دوران ۱۹۴۸ع واري وڏي ٻوڏ (سيلاب) اچي وئي ۽ آمدورفت جا رستا بند ٿي ويا ۽ مدرسه تائين پهچڻ مشڪل هو. گهر ۾ واندو ويهي، وقت وڃائڻ مناسب نه پئي لڳو، تنهن ڪري مدرسه اشاعت العلوم لاهوري محله لاڙڪاڻه ۾ داخلا ورتم. هن مدرسه جو مهتمم مولانا محمد صاحب کوکر هو، جيڪو پارسي پڙهندڙ شاگردن کي، پاڻ پڙهائيندو هو. عربي پڙهندڙ شاگردن کي پڻ پڙھائيندو ھيو.
مولانا وڏو عالم سٺو مقرر ۽ بهترين شاعر هو. مولانا صاحب، گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه، موجوده پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻه، ۾ عربيءَ جو استاد پڻ هو. اسڪول کان موٽي، مولانا صاحب صبح جو سوير ۽ ظهر جي نماز بعد عربي ڪتابن جا سبق ڏيڻ مدرسه ۾ ايندا هيا. اهي اسڪول کي وئڪيشن جا ڏينهن هيا. جڏهن اسڪول کليو ته مولانا مون کي صلاح ڏني ته اسڪول ۾ داخلا وٺي انگريزي به پڙهان ۽ معمول مطابق صبح جو ۽ ظهر بعد، عربي ڪتابن جا سبق به وٺندو رهان. مولانا جي ئي ڪوشش سان مون کي اسڪول ۾ داخلا ملي. اسڪول جو هيڊ ماستر فتح محمد قريشي هو. جيڪو نهايت منتظم، قابل لائق ۽ شفيق هيڊ ماستر هو. هوشيار شاگرد کي ڀانئيندو هو ۽ ڪم ڪندڙ استادن کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. منهن جو پهرئين درجي ۾ ڪلاس ماستر مسٽر خان محمد مغل هو، جيڪو منهنجو هم عمر هو. تنهن ڪري ٿورن ڏينهن ۾ اسان دوست ٿي وياسون ۽ اڃا تائين دوستيءَ جو رستو هلندو اچي. ڪجهه ڏينهن اسڪول ويندو رهيس ۽ پوءِ آڪٽوبر ۱۹۴۸ع ۾، باقائده نالو داخل ڪيو ويو. مارچ ۱۹۴۹ع ۾ پهرئين درجي جو امتحان، پهرين پوزيشن سان پاس ڪيم. ٻئي درجي ۾ ڪلاس ٽيچر مسٽر محمد نواز اعواڻ هو. ھو نهايت سنجيده، بردبار ۽ سٺو استاد هو. ٽن مهينن بعد  ڊبل پروموشن وٺي، ٽيئن درجي ۾ ويس. ٽيئن درجي ۾ جناب واحد بخش خان ڀٽو استاد هو، جيڪو هوشيار استاد ۽ کل مک طبعيت جو ماڻهو هو.
۱۹۵۰ ۾ ٽئين درجي جو امتحان به پھرين پوزيشن سان پاس ڪيم.
چوٿين درجي ۾ مسٽر نعمت الله قريشي ڪلاس ماستر هو.
جيڪو پوءِ ماستري ڇڏي، وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو. جتي چڱو نالو ڪڍيائين. مارچ ۱۹۵۱ع ۾ چوٿون درجو پاس ڪيم ۽ پنجين درجي ۾ پڙهڻ  لڳس. پنجين درجي ۾ ڪلاس ماسٽر، مسٽر هادي بخش جتوئي هو.
ٽن مهينن بعد، ڊبل پروموشن وٺي، ڇهين درجي ۾ ويس. ڇهين درجي ۾ ڪلاس ماسٽر مسٽر ابوطلحه هو، جيڪو نهايت هوشيار، محنتي ۽ سنجيده طبيعت جو ماڻهو هو.
ڇهين درجي ۾ ٻيو نمبر پاس ٿيس ۽ امتحان مارچ ۱۹۵۲ع ۾ ٿيو. ستين درجي يعني مئٽرڪ ڪلاس ۾ ڪلاس ماسٽر مسٽر ابوذر صديقي هو. هو صاحب نهايت نيڪ انسان ۽ محنتي استاد هو. مئٽرڪ جو امتحان ۱۵ اپريل ۱۹۵۳ع تي ختم ٿيو.
انهيءَ سال کان، اهو معمول هوندو هو ته مئٽرڪ جو امتحان، مارچ مهيني ۾ ختم ٿيندو هو. پرانهيءَ سال ايران جي شهنشاهه رضا شاهه پهلويءَ جي پاڪستان جي پهرئين دفعي دوري تي اچڻ ڪري، امتحان پوئتي ڪري اپريل ۾ ڪيا ويا.
نوٽ-: (پاڪستان جو ترانو به پهريون دفعو شهنشاهه جي آمد تي Play on ڪيو ويو هو) نوڪري؛
۲۴ اپريل ۱۹۵۳ع تي، مونکي سيوهڻ اسڪول ۾ نوڪري ملي.
سيوهڻ جو اسڪول، ان وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادوءَ جي انتظام هيٺ هلندو هو. تاريخ  ۵ نومبر ۱۹۵۳ع تي، سيوهڻ مان استعفا ڏيئي، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۾ وڃي نوڪري ڪيم. هالا ۾ نوڪري ڪرڻ جو سبب اهو هو جو مون سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ فرسٽ ايئر آرٽس ۾ داخلا ورتي هئي. تنهن ڪري ڪاليج کي ويجهو هجڻ لاءِ استادن کان مدد وٺڻ خاطر، هالا هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻي پئي.
سال ۱۹۵۴ع ۾، پهريون سال پاس ڪيم. ان وقت فرسٽ ايئر جو امتحان، لوڪل ڪاليجن جي طرفان ورتو ويندو هو. سال ۱۹۵۵ ۾، انٽر آرٽس پاس ڪيم ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيس. ان وقت ڪاليجن جا امتحان يونيورسٽيءَ طرفان ورتا ويندا هئا. حيدرآباد بورڊ ۱۹۶۰ ۾ وجود ۾ آئي ۽ سکر بورڊ ۱۹۸۰ ۾ وجود ۾ آئي. ۴ سال ڪاليج ۾ ريگيولر رهڻ کان پوءِ، مون عربيءَ ۾ بي اي (آنرس) ڪرڻ لاءِ، سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ داخلا ورتي. پر ستت ئي يونيورسٽيءَ فيصلو ڪيو ته آنرس جا ڪلاس، يونيورسٽي پاڻ هلائيندي. مان چونڪه سروس ۾ هوس، تنهنڪري يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ڪو نه ورتم پر پرائيويٽ ٽيچر ڪئنڊيڊيٽ جي حيثيت ۾ ۱۹۵۷ ۾ بي اي آنرس عربيءَ جو امتحان ڏنم ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيس. ساڳئي نموني ايم اي عربيءَ ۾ به پرائيويٽ طور ڪيم ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر آيس. انهيءَ دوران آگسٽ ۱۹۵۸ع ۾ منهنجو تبادلو هالا هاءِ اسڪول کان، مدرسه هاءِ اسڪول نوشهره فيروز ٿيو. هتي هالا هاءِ اسڪول وانگر هاسٽل جو انچارج  پڻ رهيس. ٻن سالن بعد يعني آگسٽ ۱۹۶۰ ۾، مونکي پي ٽي ٽريننگ لاءِ حيدر آباد چونڊار ويو. انهيءَ وچ ۾، مون ليڪچرر-شپ جي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ درخواست موڪلي ڇڏي هئي. ۲۷ سيپٽمبر ۱۹۶۰ تي ڪراچي باٿ آئلينڊ ۾ منهنجو ڪميشن انٽرويو ورتو ۽ مون کي منتخب ڪيو. جنوري ۱۹۶۱ ۾ مون کي ليڪچرر-شپ جو آرڊري مليو. پي ٽي ٽريننگ تي هجڻ جي ڪري، مون ۲۵ فيبروري ۱۹۶۱ تي جيڪب آباد جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ ليڪچرار جي حيثيت ۾ پنهنجي ڊيوٽي وڃي سنڀالي. سڄو وقت انهيءَ ئي ڪاليج ۾ رهيس ۽ ۱۰ فيبروري ۱۹۷۲ع تي پروموشن مليو. عهدو اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. سال ۱۹۷۴ جي آخر ڌاري ٺل ۾ نئون ڪاليج کوليو ويو، تنهنڪري مونکي ان جو پهريون پرنسپال ڪري موڪليو ويو.  ۹ نومبر ۱۹۷۴ کان وٺي ۱۷ فيبروري ۱۹۷۷ تائين، ٺل ڪاليج ۾ پرنسپال جي حيثيت ۾ فرائض ادا ڪندو رهيس. ۱۹ فيبروري ۱۹۷۷ تي، گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد ۾ بحيثيت پرنسپال جي چارج سنڀاليم ۱-۲-۷۸ کان ۱۹ گريڊ مليو ۽ ۱-۱۲-۱۹۷۸ع کان ۲۰ گريڊ ۾ موو اوور ٿي. قريبًا ٻارنهن سال لڳاتار جيڪب آباد ڪاليج ۾ رهيس ۽ ۱-۲-۱۹۸۹ تي ۶۰ سال عمر ۾، ۳۵ سال کان مٿي سروس پوري ڪرڻ تي رٽائر ڪيم.
۲۷ تاريخ جنوري ۱۹۸۹ تي، منهنجي استادن طرفان الوداعي پارٽي ڪئي ويئي. پارٽيءَ جو تمام سٺي نموني انتظام ڪيو ويو، جنهن ۾ شهر جا معززين ۽ استاد حضرات سکر ۽ لاڙڪاڻه ڊويزن جي مختلف ڪاليجن جي پرنسپالن ۽ استاد صاحبن شرڪت ڪئي. ۱۷ جولاءِ ۱۹۸۹ع تي جيڪب آباد کي ڇڏي، لاڙڪاڻو ۾ الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان خوش خوش زندگي گذاري رهيو آهيان.
------
(تفصيلي احوال- ٿرڊ فارم منجھ خود نوشت)
لاڙڪاڻه شهر کان اتر طرف نڪرندڙ روڊ کان هڪ ميرو خان ۽ ٻيو رتيديري وڃي ٿو. تن تي هلندي، پنجن ميلن جي فاصلي تي هڪ واھ اچي ٿو جنهن کي همير واهه باشاهه جي ڪَوُر ڪري سڏين ٿا. انهيءَ شاهه جي ڪور جي ڪناري تي ٻنھي روڊن جي وچ تي يعني ميرو خان واري روڊ کان اوڀر طرف ۽ رتيديري واري روڊ کان اولهه طرف، سڄڻ سانگيءَ جي نالي سان آڳاٽي وقت کان آباد آهي.
ڪافي عرصو اڳ هتان جا ماڻهو جن جو ڌنڌو کيتي ٻاڙي هو، ڏاندن ۽ مينھن جا شوقين هيا. هتان جا ڀلا ڏاند مشهور ھيا ۽ هتان جون ڪنڍيون مينهون کير جون نديون وهائينديون هيون. هر ڪو ماڻهو، محنت ڪري پيٽ پاليندو هو ۽ ڪو ڪنهن جو محتاج ڪو نه هو. هتان جا ماڻهو، آزاد خيال ۽ حريت پسند هيا. ڇاڪاڻ ته هتي ڪو وڏو زميندار ڪو نه هو، جيڪو ماڻهن کي دٻائي هيسائي، بي همت بڻائي ڇڏي. ڳوٺ جو چڱو مڙس صحيح معنيٰ ۾ چڱو مڙس هو. هو نهايت شريف ۽ با اخلاق انسان هو ۽ پاڻ به هر هلائي پنهنجي روزي ڪمائيندي هو. محنت ۾ عار نه آهي. پنهنجي ڪمائي واري لقمي کائڻ ۾ جيڪا لذت آهي، سا ٻئي جي ڪمائيءَ تي پلجڻ ۾ ڪٿي ٿي ملي.
اڄ کان سٺ سال کن اڳ، ڌڻي بخش سانگي نالي هاريءَ جي گهر ۾ پٽ ڄائو جنهن جو نالو سندس والده پنهنجي پيءُ جي يادگيري بحال رکڻ لاءِ محمد علي رکيو پر ٻارڙي جي ناني، کيس راحب جي نالي سڏڻ لڳي. ٻارڙي جي ڄمڻ تي والدين کي نهايت گهڻي خوشي ٿي.
جيئن ته هن کان اڳ سندس ٽي پٽڙا ننڍي هوندي ئي هڪ ٻئي پٺيان الله کي پيارا ٿي چڪا هيا. هو الله سائين کي سوال ڪندا ها ته کين گرڙو، سانورڙو، ڪوجهڙو پٽڙو عطا ٿئي. کين هڪڙي ننڍڙي ڌيءُ هئي، جيڪا پڻ پنهنجا پتڪڙا هٿ کڻي، پنهنجي ماءُ سان دعا ۾ شريڪ ٿيندي هئي ته الله تعاليٰ مون کي ڀاءُ ڏي.
الله تعاليٰ مهربان آهي ته فبيروريءَ (۱۹۲۹ع) تي اُهو ٻارڙو، هن دنيان ۾ آيو. والدين طرفان خاص طرح، مٽن مائٽن طرفان عام طرح، الله تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندا ويا ۽ خوشيون ڪيون ويون.
ٻارڙي جا ننڍپڻ جا ڏينهن، پاڙي جي ٻين ٻارن وانگر، راند روند ۾ گذرندا ويا. ڪڏهن ڪڏهن کيس اجرڪ جي ٻوڪي، سياري جي مؤسم ۾، ٻڌل ھوندي ھئي. پنهنجي والد ۽ چاچي سان گڏ، ڳاهه ۾ ٻڌل ڏاندن پٺيان، پنهنجي قد جيترو لڪڻ هٿ ۾ کنيو، ڏاندن کي ”هلھي ملھي، ڳاهه ڳھي“ چوندي نظر ايندو هو. ننڍپڻ ۾ ماسٽر کان کيس ڏاڍو ڀؤ ٿيندو هو. ڇاڪاڻ ته ڏيونداس هڪ هندو ماستر هو. ڳوٺ جي اسڪول جو ماستر، جيڪو مارڻو به ڏاڍو هوندو هو ته پڙهائيندو به سٺو هو. اهو ماستر صبح جو سوير ڳوٺ ۾ گهڙي پوندو هو ۽ ٻارن کي پاڻ سان گڏ سڪول وٺي ويندو هو. جيڪي گوسڙو ٻار هوندا هئا، تن کي ٽنگوٽالي ڪرائي، کڻائي ويندو هو. انهن ڇوڪرن جون رڙيون ٻُڌي، ننڍڙو راحب به ڊپ کان وڃي گهر جي ڪنڊ ۾لڪندو هو.
پر جڏهن اسڪول وڃڻ جي عمر کي پهتو ۽ کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو ته ڏاڍي شوق سان پڙهيائين. اجايو، هڪ ڏينهن به اسڪول کان نه گسايائين ۽ هميشه پهريون نمبر رهيو. ڪلاس ۾ چار درجا پنهنجي ڳوٺ سڄڻ سانگيءَ کان ڪرڻ بعد، ڪنگا ڳوٺ، جيڪو سڄڻ سانگيءَ کان (ٻن) ميلن کن جي مفاصلي تي آهي، پڙهڻ ويو. اتي پنجون درجو پاس ڪيائين. ڪلاس ۾ پهريون نمبر آيو. ڇهين درجي ۾ پڙهڻ لڳو. اسڪول جو هيڊ ماسٽر مٽر باشومل هو، جيڪو ڇهون ڪلاس پڻ پڙهائيندو هو.
محمد عليءَ کي سندس هوشياريءَ جي ڪري ڏاڍو ڀانئيندو هو ۽ کين چوندو هو؛ ”فائنل پاس ڪر ته تو کي سنڌي ماستري وٺي ڏيان!“
۱۹۴۱ع ۾، اونهاري جي وئڪيشن جي ڪري، اسڪول بند ٿي ويا ۽ محمد علي پنهن جي ڳوٺ ۾، ٻين ٻارن وانگر چدن کيڏڻ ۽ لغڙن اڏائڻ ۾ وقت گذارڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي والد کي ۽ چاچي کي ٻنيءَ تي ماني پهچائڻ به ويندو هو ۽ گهر جو پاڻي ڀريندي ڏسبو هو.
ڳوٺ ۾ پاڙي جي مسجد ۾ حافظ سڳورو رهندو هو، جنهن وٽ ڳوٺ جا ۽ ڪي ٻاهر جا ڇوڪرا، ڪي ياد ۽ ڪي ناظره، قرآن پڙهندا هئا. هڪڙي ڏينهن، محمد عليءَ کي به سندس والد چيو؛ ”بابا تون به مسجد ۾ وڃي حافظ کي دور ٻڌاءِ!“ هڪ ٻن دفعن جي چوڻ بعد، محمد علي مسجد ۾ ويو ۽ حافظ کي دور ٻڌايائين. حافظ سڳوري چيس؛ ”بابا تنهن جو دور ته ڪچو آهي. ٿورو ٿورو ڪري پڪو ڪر.“
محمد علي اڳ ۾ اسڪول منجھ، ملان وٽ قرآن پڄائي چڪو هو پر کيس ڪچو ھيو. انهيءَ حافظ جو نالو رحيم بخش ھيو ۽ ذات جو دائود پوٽه هيو، ناڙي بيلٽ جو رهاڪو هو. امروٽ شريف ۾ پڙهيو هو ۽ سڄڻ سانگيءَ ۾ ڪافي سال رهيو. اتان ڇڏي، پوءِ ڳڙهي ياسين جي ڀرسان نوشهري ابڙي ۾ اچي رهيو ۽ اتي وفات ڪيائين. الله مغفرت ڪرين ۽ جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئين.
محمد علي قرآن شريف جي ننڍين ننڍين سورتن کي ڀيرا ڏئي پڪو ڪري رهيو هو ته انهيءَ دوران هڪ ڇوڪرو آيو، جيڪو قرآن شريف بند ڪري، اٿي بيهي، ادب سان سڀني کي هٿ ٻڌي ياد سبق ٻڌائڻ لڳو. اها محمد علي کي عجيب ڳالهه لڳي ۽ حافظ کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته؛ ”استاد هي ڇا ٿو پڙهي؟“
حافظ سڳوري وراڻيو؛ ”هيءُ، قرآن ياد ٿو ڪري. اهو ياد سبق ٿو ٻڌائي.“
”استاد! مان به قرآن ياد پڙهندس.“ محمد عليءَ چيو.
”بسم الله! وٺ سبق!“ حافظ جواب ڏنو.
ائين هن قرآن ياد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پهرين ئي ڏينهن صبح جو سبق جي وقت تائين، پاره عم جون، پويون ست سورتون ياد ڪري ويو. اهڙيءَ طرح هو قرآن شريف ياد ڪرڻ کي لڳي ويو. سڪول کلڻ بعد سڪول نه ويو ۽ سنڌي پڙهڻ ڇڏي ڏنائين. هاڻي هو راند روند کي ڇڏي، هڪ-مَنو ٿي، شوق سان قرآن ياد ڪرڻ لڳو. صبح جو مسجد ۾ وڃي سبق ياد ڪري ۽ ٻيو سبق وٺي اچي، پنهنجي گهر جي ڪم کي لڳندو هو. ان وقت گهر ۾ نلڪو نه هئڻ ڪري، پاڻي ٻاهران ڀرڻو پوندو هوس. هو پاڻي به ڀريندو رهندو هو ۽ ٻن دلن واري ڪانواٺي ڪلهي ته رکي، تڪڙو تڪرو هلندو هو ۽ ان سان گڏو گڏ قرآن شريف جو دور به ياد پڙهندو رهندو هو. اڪثر ڪري ٻنيءَ ڏي ماني پهچائڻ به ويندو هو ۽ ساڳيءَ طرح گهمندي گهمندي دور به پڙهندو رھندو هو. ڪم کان واندو ٿي، وري اچي استاد جي خدمت ۾ لڳندو هو. جيئن ته استاد حافظ صاحب، اکين کان نابين هو، تنهن ڪري هن جو تمام گهڻو خيال رکڻو پوندو هوس. ائين وقت گذرندو رهيو. ساڍن ٽن سالن کن جي عرصي ۾ محمد علي قرآن ياد ڪري ورتو ۽ ربيع الاوّل ۱۳۶۴ هه ۾ پڳ ٻڌائين. هاڻي هو حافظ محمد علي نالي سان سڏجڻ لڳو ۽ ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا.
اهو سيد ڇوڪرو، جنهن کي ڏسي، محمد علي قرآن شريف ياد پڙهڻ شروع ڪيو هو، تنهن جو نالو ڪوڙل شاهه هو. سو قرآن ياد ڪري ڪو نه سگهيو ۽ پڙهڻ ئي ڇڏي ويو.  جوانيءَ ۾ پير ماهيءَ جي ميلي تي هڪڙي ماڻهوءَ سان ملهه وڙهڻ سبب، مغز ۾ ڌڪ لڳس ۽ فوت ٿي ويو. انا لله وانا اليہ راجعون.
استاد حافظ رحيم بخش صاحب جن وٽ جن ٻين قرآن شريف سڄڻ سانگيءَ ۾ ياد ڪيو تن ۾ حافظ محمد رمضان شيخ، حافظ يار محمد سانگي، حافظ احمد خان سانگي ۽ سندس ڀيڻ ملوڪان زادي ۽ حافظ محمد صالح ڪوري جا نالا قابل ذڪر آهن. انهيءَ وقت عيد ميلادالنبي جي موقعي تي ۱۲ ربيع الاول تي لاڙڪاڻي ۾ عظيم شاهه واري ميدان ۾ جلسه عام ٿيندو هو. جنهن ۾ علماء ڪرام سيرت تي ڳالهائيندا هئا.
حافظ رحيم بخش صاحب به محمد علي سان گڏ، تقرير ٻڌڻ ايندو هو. هڪڙي سال جڏهن محمد علي قرآن شريف ختم ڪرڻ وارو هو، تڏهن انهيءَ جلسه ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آيا. ان وقت هڪڙو مولانا تقرير ڪري رهيو هو. سندس آواز ڏاڍو سهڻو، قرآن ڏاڍي وڻندڙ لهجي ۾ پئي پڙهيائين ۽ پاڻ به نئين وهيءَ ۾ هو. حضرت ابراهيم عليہ السلام جو قصو بيان ڪري رهيو هو. ماڻهن کي ڏاڍو متاثر ڪري رهيو هو. تقرير ختم ڪرڻ بعد مولانا سان ملاقات ڪيائون ۽ تعارف حاصل ڪيائون. مولانا پنهنجي تعارف ۾ ٻڌايو ته سندس نالو قاري خير محمد آهي ۽ مدرسه دارالتوحيد ميمڻ محله ڇڄڙن ۾ تازه دستاربندي کان پوءِ پڙهائڻ شروع ڪيو اٿس.
قاري صاحب کي حافظ محمد علي جي دستاربنديءَ جي جلسه جي دعوت ڏني وئي، جيڪا هن قبول ڪئي. کيس عرض ڪيو ويو ته تاريخ  جو تعين ڪري، کيس ڇڄڙن ۾ اطلاع ڏنو ويندو.
ربيع الاوّل ۱۳۴۶هه ۾ دستار بندي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي ۽ قاري صاحب جن شرڪت ڪري پنهنجن هٿن سان دستار فضيلت (ختم قرآن) ٻڌرائي ۽ سهڻي تقرير ڪئي.
----
هاڻي حافظ محمد علي کي مولوي ٿيڻ جو شوق ٿيو. جيئن ته هو قاري خير محمد صاحب کان متاثر هيو، تنهن ڪري ستت ئي ڇڄڙن جي مدرسه ۾ داخل ٿيو. ٿورن ڏينهن بعد حافظ محمد علي جو دوست، سيد عبدالفتاح شاهه جنهن جو والد پڻ وڏو عالم ٿي گذريو هو ۽ ڪافي وڏو ڪتب خانو ڇڏي ويو هو، سو به ڇڄڙن ۾ هن سان گڏ پڙهڻ لاءِ آيو، پر گهڻو رهي نه سگهيو ۽ ٽڪين (پن جي مانين) کيس ڪڪ ڪري وڌو، ۽ پڙهڻ ڇڏي ويو. ڦيڙهي واري آريجن جو رهاڪو هو، هاڻي فوت ٿي ويو آهي. الله تعاليٰ مغفرت ڪريس انا لله و انا اليہ راجعون.
۱۹۴۵ع ۾ نصرپور ۾ مولانا عبدالحق ربانيءَ، آل انڊيا جميعت العماءِ ڪانفرس ڪوٺائي هئي، جنهن ۾ ٻئي، حافظ محمد علي ۽ عبدالفتاح شاهه، مولانا قاري خير محمد صاحب سان گڏ شريڪ ٿيا هيا.
حافظ محمد علي، مدرسه دارالتوحيد ڇڄڙن ۾ پڙهندو رهيو ۽ ٽڪين جي مانين کان ڪڪ نه ٿيو. ٽڪين جو نمونو به عجيب هوندو هو. جيترا گهر اوتري قسم جا ٻوڙ. ڪٿان گوشت، ڪٿان مڇي. ڪٿان پلي، ڪٿان پٽاٽا. ڪٿان دال، ڪٿان واڱڻ. انهن سڀني کي عبدالحنيف گهمرو جيڪو مدرسه جو جهونو شاگرد هو، سو هڪ وڏي ٿالهه ۾ وجهي چانورن جي ماني جو وڏو ٽڪر پٽي کڻي جو گهمائيندو هو ته واه واه جو وڃي ٻوڙ جو رنگ بيهندو هو. ٻوڙ جي تقسيم به وري انهيءَ ٽڪر ذريعي ٿيندي هئي. ڇاڪاڻ ته چمچه ته بعد جي پيداوار آهن ۽ مدرسن ۾ اڃا به مفقود آهن. مدرسه ۾ چڱا ئي شاگرد هيا، جن مان عبدالحنيف گهمرو، نصرالله جهتيال، صفي الله ڪنڀر، دوست محمد ڪنڀر، غلام قادر تونيه، عبدالله ۽ حافظ غلام سرور جت شاگرد هيا. عبدالله جو آواز ڏاڍو سريلو هو ۽ سعديءَ جو بوستان ڏاڍي وڻندڙ آواز ۾ پڙهندو هو. مسٽر عبدالهادي سرهيه، جيڪو انهيءَ وقت شڪارپور ڪاليج ۾ پڙهندو هو، سو به ڪجهه وقت لاءِ قرآن سکڻ خاطر، مدرسه ۾ اچي مقيم ٿيو. انهيءَ کان پوءِ وڃي قرآن شريف ياد به ڪيائين ۽ انگريزي تعليم به جاري رکيائين. تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهي، سال ۱۹۸۸ع ۾ پينشن تي هليو ويو. نهايت ديندار، رحمدل ۽ خدا ترس انسان آهن.
۱۹۴۷ع ۾ مولانا قاري خير محمد صاحب جي مدرسه کي ڇڏڻ ڪري، حافظ محمد علي امروٽ شريف هليو ويو ۽ اتي مدرسه تاج المدارس امروٽ ۾ پڙهڻ لڳو. ۱۹۴۶ع جي آخر ۾ مولانا قاري خير محمد صاحب جن کي پهرين نياڻي کان پوءِ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو خليل احمد رکيائون. خليل احمد صاحب جن شڪل شباهت ۾ پنهنجي والد صاحب سان تمام گهڻي ۾ مشابهت رکن ٿا. تعليم به دنيوي ۽ ديني ٻنهي کان بهرور ٿيا آهن. ايم اي اسلاميات ۽ مولوي فاضل جا امتحان پاس ڪيا اٿائون ۽ لاهوري محلي ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجو ڌنڌو ڪري، نهايت خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن.
امروٽ شريف ۾ مولوي عبدالعزيز مارواڙي پڙهائيندو هو. مولوي صاحب طبيعت جو سادو پر سٺو عالم هو. بروهڪيءَ ٻولي تي ته چڱو عبور هيس (گهوٽڪي) ۽ ڪوئيٽا جي بروهين کي بروهڪيءَ ۾ عربيءَ جي تعليم ڏيندو هو. ڪجهه وقت بعد حافظ غلام سرور ۽ دوست محمد ڪنڀر پڻ پڙهڻ لاءِ امروٽ آيا. پر اهي گهڻو وقت اتي ڪو نه رهيا. مولانا عبدالعزيز صاحب کان پوءِ، ٻئي سال مولانا مظهرالدين انڍڙ کي مدرسه ۾ تعليم لاءِ آندو ويو. مولانا مظهرالدين وڏو عالم هو ۽ عربيءَ تي سٺو عبور هيس. عربيءَ جي سڀني فنون جو ماهر هو؛ تفيسر، حديث، اصول، فقه، معاني، منطق، فلفه، وغيره تي سٺي دسترس ھيس.
انهيءَ وقت ميان محمد شاهه ولد نظام الدين شاهه، جيڪو پوءِ ۱۹۵۰ع ۾ امروٽ جي درگاه جو گادي نشين ٿيو، آخري ڪتاب پڙهندو هو. ۱۹۴۸ ۾ دستار بندي ڪيائين ۽ پوءِ مولانا مظهرالدين کي مدرسه مان رخصت ڪيائون.
هن جي امروٽ ڇڏڻ کان پوءِ ستت امروٽ ۾ وڏيري هدايت الله دل کي ڌاڙو لڳو، جنهن ۾ مولوي ڏاڍو آدم بروهي، چاچو وڏيرو نصرالله خان دل ۽ ٻه ٻيا ماڻهو مارجي ويا هيا. انهيءَ وقت اهو وڏي ۾ وڏو ڌاڙو هو، جنهن جي جوابدارن مان عيدو بليدي کي شڪارپور جي لکي در وٽ کلئي عام ڦاسي ڏني ويئي هئي.
حافظ محمد علي به ٽپڙ کڻي اچي في الحال گهر ويٺو. پر مولوي صاحب کانئس وعده ورتو ته ايندڙ رمضان کان پوءِ مولانا جنهن مدرسه ۾ به پڙهائڻ ويندو ته هو اتي ضرور ايندو. اهو ته هر جاءِ تي ذڪر ڪرڻ نه ٿو ٺهي ته هوشيار هجڻ ڪري استاد هن کي ڀانئيندا هيا.
بهرحال هو گهر ته آيو پر هن کي آرام نه پيو اچي. تنهنڪري هو مولانا عبدالله صاحب چانڊئي وٽ پڙهڻ ويو. جيڪو ان وقت گهٽهڙ ۾، ٻرڙن جي مسجد ۾ پڙهائيندو هو. گهٽهڙ جو پاڻي هن کي پسند نه آيو. جنهن ڪري هو ٻن هفتن کن کان پوءِ، وري موٽي گهر آيو. رمضان شريف جي گذرڻ ۽ مدرسن جي کلڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. انهيءَ دؤران مولانا مظهرالدين صاحب خط لکي هن کي اطلاع ڏنو ته رمضان، بعد هو شڪارپور کان پريان خانپور ويجهو شجراهن جي ڳوٺ ۾ ميان عبدالغني شاه جي مدرسه ۾ پڙهائيندو.
محمد علي به اوڏانهن وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي پر اوچتو ئي اوچتو ۱۹۴۸ع واري وڏي ٻوڏ اچي وئي، جنهن جي ڪري رستا بند ٿي ويا. روڊن رستن کي ته نقصان پهتا ئي پهتا پر ريلوي لائينن کي به ايڏا گھارا پئجي ويا جو ڀرجڻ جا ئي ڪين هيا.
ڪجهه وقت انتظار ڪرڻ بعد جڏهن ڏٺائين ته مستقبل قريب ۾ رستن کلڻ جي ڪا راھ نظر نه ٿي اچي ته ڪنهن ويجهي مدرسي ۾ داخلا لاءِ سوچڻ لڳو. آخر مدرسه اشاعة العلوم لاهوري محله لاڙڪاڻه ۾ آيو. اهو مدرسه ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس جي اولهه ۾، ان وقت وهندڙ گهاڙ واه جي مٿان هو. ڪنهن وقت ته مدرسه وڏي اوج تي هو ۽ وڏا وڏا عالم انهيءَ ۾ معلم ٿي رهيا. سٺا سٺا شاگرد، عالم فاضل ٿي نڪتا. مولانا محمد صاحب کوکر مدرسه جو مهتمم هو. مولانا سٺو مقرر، فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ساده طبيعت انسان هو، نه منھن-شوخي، نه وڏائي. حافظ محمد علي جنهن وقت مدرسه ۾ پڙهڻ آيو، انهي وقت مولانا نورالدين گورنمنٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه ۾ عربيءَ جو استاد هو. محمد علي، مولانا نورالدين وٽ پڙهڻ شروع ڪيو. مولانا هن کي صبح جو سوير ۽ ظهر جي نماز بعد، سبق ڏيڻ مدرسه ۾ ايندو هو. مولانا نورالدين سٺو شاعر، بهترين مقرر ۽ وڏو عالم هو. مدرسه ۾ قرآن شريف، حافظ سيد حبيب الله شاه ننڍڙن ٻارن کي پڙهائيندو هو. ٻيو مولوي صاحب مولانا محمد رفيق بروهي خوش نويس به ڪن شاگردن کي عربي پڙهائيندو هو.
مدرسه جي ڀر سان، اتر-اولهه ۾، ميدان خالي پيو هوندو هو. گهاڙ واه جي ٻيءَ ڀر تي انبن ۽ زيتونن جو باغ ۽ ٻيون ٻنيون هونديون هيون. هاڻي نه گهاڙ واه جو نشان آهي، نه باغ ۾ ڪنهن وڻ جو ڀڙ بيٺو آهي، نه ٻني آهي، نه ميدان آهي. بلڪ انهن جي مٿان شاهنوار سٽيڊيم، وڻندڙ بنگلا ۽ عجيب عمارتون ڪر کنيون بيٺيون آهن. ڪٿي ڪٿي انهن عمارتن جي زينت دوبالا ڪرڻ خاطر يا انهن تي چٿر ڪرڻ خاطر غريبن جون ڪکايون جهوپڙيون ڪنڌ هيٺ ڪيون، دنيا وارن جي لاءِ عبرت جو باعث بڻيل آهن.
اهي اسڪولن کي وئڪيشن جا ڏينهن هيا. جڏهن اسڪول کليا ته مولانا نورالدين اسڪول وڃڻ لڳو. صبح جو نماز بعد، جلدي جلدي مدرسه ۾ اچي محمد عليءَ کي عربيءَ ڪتابن جهڙوڪ تفسير جلالين، شرح ذکاية، شرح هدايته، الجلته الجامي، شرح تهذيب، نورالانوار وغيره جا سبق پڙهائي، اسڪول هليو ويندو هو ۽ شام جو وري رهيل ڪتابن جا سبق اچي پورا ڪرائيندو هو. محمد علي رهندو به مدرسه ۾ هو ۽ ٽڪين جي مانين ته ٻين عام شاگردن وانگر گذارو ڪندو هو. ڪجهه وقت بعد، مولوي محمد رفيق صاحب وٽ ٻين شاگردن سان گڏ، صحيح بخاري جو سبق پڻ شروع ڪيائين.
اسڪول کلڻ بعد، مولانا نورالدين پاڻ، حافظ تي انگزيزي پڙهڻ لاءِ زور رکيائين. هن به پس و پيش بعد، آمادگي ڏيکاري. مولانا نورالدين ئي ان وقت جي هيڊ ماسٽر، مسٽر فتح محمد قريشيءَ کي چئي، داخلا وٺي ڏني. هاڻي صبح جو عربي ڪتابن جو سبق وٺي، مولانا سان گڏ اسڪول هليو ويندو هو ۽ اسڪول کان موٽڻ بعد، وري عربي ڪتابن جو سبق ۽ قرآن شريف جو دور. اهڙيءَ طرح، هن پڙهڻ شروع ڪيو. رات ۾ صرف چار ڪلاڪ ننڊ ڪندو هو. هن وٽ واچ ڪو نه هئي. هن ريل سان ٽائيم ٺاهي ڇڏيو هو. رات ٻارهين بجي، ڪوئيٽا ميل لاڙڪاڻه کان رواني ٿيندي هئي ته هي سمهي پوندو هو ۽ پوري چئين (۴) بجي، ڪوئيٽا ميل، ڪوئيٽا کان لاڙڪاڻه ايندي هئي ته هو اٿي پڙهڻ ويهندو هو. اونهارو ته ٺهيو پر سياري ۾ گهڻو ڪري بسترو نه وڇائيندو هو.
ڳچ ڏينهن لاءِ، مولانا نور الدين، لاهوري ڇڏي، علي گوهر آباد وڃي رهيو ته محمد علي صبح جو نماز پڙهي، ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي اتي ويندو هو ۽ پوءِ مولانا سان گڏ اسڪول پهچندو هو. اسڪول ۾ کيس پابنديءَ سان اسيمبليءَ ۾ پهچڻو پوندو هو. ڇاڪاڻ ته محمد علي اسيمبليءَ ۾ قرآن شريف جي ڪا آيت پڙهندو ھو ته مولانا نورالدين صاحب ان جو ترجمو ۽ تشريح بيان ڪندو هو.
اهو سلسو هن جي مئٽرڪ جي امتحان ڏيڻ تائين هلندو رهيو. ڪجھ عرصي لاءِ مولانا عبدالله صاحب چانڊيو، لاهورين واري جامع مسجد ۾ اچي رهيو ته محمد عليءَ منطق جھڙوڪ؛ قطبي ۽ مير قطبيءَ جھڙا ڪتاب مولانا وٽ پڙهيا.
اسڪول ۾ محمد علي ۲۷ آڪٽوبر ۱۹۴۸ تي داخل ٿيو. ان کان اڳ ۾ عارضيءَ طرح چند ڏينهن ڪلاس ۾ وڃي ويٺو هو. ڪلاس جا ڇوڪرا ته هن جي بنسبت تمام ننڍڙا پئي لڳا پر ڪلاس ٽيچر پڻ هن جو هم عمر هو، جيڪو پوءِ گهرو دوست ٿي ويس ۽ اڃا تائين دوستيءَ جو ناطو هلندو آهي. ڪلاس ٽيچر جو نالو هو مسٽر خان محمد مغل. نهايت هوشيار ۽ انگريزيءَ جو ماهر استاد هو. ڪلاس ۾ چند ڏينهن رهڻ بعد، هڪڙي ڏينهن سنڌ جو گورنر دين محمد شيخ لاڙڪاڻه آيو ۽ اسڪول پڻ ڏسڻ آيو. جڏهن ڪلاس ۾ گهڙيو ته ڪلاس جا ڇوڪرا اٿي بيٺا. محمد عليءَ کي ٻين پتڪڙن جي ڀيٽ ۾ هيڏو سارو قد آور ۽ ڏاڙهيءَ سان ڏسي، پڇڻ لڳو ته هي ڇوڪرو آهي يا ڪنهن ڇوڪري جو پيءُ.
تنهن تي هيڊ ماستر صاحب هن کي سمجھايو ته هو قرآن جو حافظ، عربيءَ جو ڄاڻو آهي ۽ هاڻي انگريزيءَ ۾ پڙهڻ چاهي ٿو، جنهن ڪري خاص طرح هن کي اجازت ڏيئي داخلا ڏني وئي آھي. جنھن ۾ ھن گھٽتائي محسوس پڻ نه ڪئي. پر پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو. هن کي ڏسي هن جو هڪ دوست عبدالفتاح شاه، جنهن جو ڪجھ ذڪر اڳي اچي چڪو آهي، داخلا وٺي پڙهڻ لڳو پر جيئن ته هن جي زبان ۾ اٽڪ هئي ۽ قد بت ۾ به ماشاءَ الله چڱو ئي هيو، سو ننڍڙن جي وچ ۾ پاڻ کي هلڪڙو محسوس ڪري، پڙهڻ ڇڏي هليو ويو. اسڪول جو انتظام، تمام سٺو هلندڙ هو.
هيڊ ماستر صاحب، مسٽر فتح محمد قريشي هڪ ديندار، با اصول، خوددار ۽ خوش خلق انسان هو. پنهنجي اصولن تي سوديبازي ڪرڻ وارو ڪين هيو. جڏهن پروموشن وٺي حيدرآباد ڊويزن جو ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ته ايڊوڪيشنل منسٽر جي مداخلت تي پنهنجي اصولن کي ڪو نه لوڏيائين پر انسپيڪٽري ڇڏي وري لاڙڪاڻه هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو. ان کان اڳ جڏهن قاضي فضل الله سنڌ جو وڏو وزير هو، ڪنهن ڇوڪري کي پاس ڪرڻ لاءِ قريشي صاحب کي چيائين. قريشي صاحب جواب ۾ چيس ته؛ قاضي صاحب! دوستي پنهنجي جاءِ تي. نيٺ بدلي ڪري، ميرپور خاص موڪليائونس پر ڇوڪرو پاس نه ڪيائين. اڄ انهن انسانن کي چرئي جي لقب سان نوازيو ٿو وڃي. پر قريشي مرحوم جو نالو به شاگرد ۽ دوست، ادب سان اُچارين ٿا.
مارچ ۱۹۴۹ ۾ پهرئين درجه جو امتحان ٿيو ۽ محمد علي پهرئين درجي جي ٻنهي ڪلاسن ۾ پهريون نمبر آيو. اپريل ۴۹ کان مسٽر محمد نواز اعواڻ وٽ ٻيو درجه پڙهڻ لڳو ۽ ٽن مهينن کان پوءِ ڊبل پروموشن کڻي ٽئين درجه ۾ آيو. ٽئين درجه ۾ مسٽر واحد بخش ڀٽو سندس ڪلاس ٽيچر هو. جيئن ته ٽئين درجه جو ڪورس ڪافي ٿي چڪو هو، تنهن ڪري قربان علي بگٽي، جيڪو ان وقت ٽئين درجه ٽئين درجه جو شاگرد هو، انگريزيءَ ۾ محمد عليءَ جي مدد ڪندو هو. بگٽي صاحب، اڳتي ھلي روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽ بئراج مختيار ڪار جي آفيس ۾ هيڊ منشيءَ جي عهدي تائين پهتو. پوءِ وقت کان اڳي پينشن تي هليو ويو. کيس دل جو عارضو لاحق ٿي پيو. مالڪ حقيقيءَ سان وڃي مليو. انا لله و انا اليہ راجعون.
بگٽي صاحب کي ڪتابن خريد ڪرڻ ۽ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. حافظو تمام سٺو هيس. صفحن جا صفحا ياد هوندا هيس. اسڪول جي زماني ۾ پڙهيل درسي ڪتابن مان، ڪيترا پڇاڙيءَ تائين ياد هيس. پڇاڙيءَ ۾ ڪجھ لکڻ به شروع ڪيائين ۽ چند تنقيدي ڪتاب لکيائين، جيڪي ڇپجي بازار ۾ آيا ۽ عوام ۾ چڱا مقبول ٿيا.
مارچ ۱۹۵۰ ۾، محمد علي ٽئين درجه جو امتحان ڏنو ۽ ٽئين درجه جي ٻنهي ڪلاسن ۾ پهريون نمبر آيو. چوٿين درجه ۾ مسٽر نعمت الله قريشي ڪلاس ماسٽر هو. نعمت الله صاحب، ڏاڍو هوشيار استاد هو. هو هيڊ ماستر صاحب جو ڀائٽيو پڻ هُيو. انهيءَ دوران هيڊ ماستر قريشي صاحب کي ميرپورخاص بدلي ڪري، ولايت مان پي ايڇ ڊي ڪري آيل ڊاڪٽر غلام حسين جعفريءَ کي اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. جعفري صاحب ٿورو وقت اسڪول ۾ رهيو، پر جيڪو وقت رهيو سو به قرار سان ڪرسيءَ تي نه ويٺو. هو مٿي وڃڻ جي ڪوشش ۾ هو. آخر سندس ڪوششون ڪامياب ويون ۽ کيس حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين جو پرنسپال ۽ ٽريننگ ادارن جو انسپيڪٽر ڪري رکيو ويو ۽ وري قريشي صاحب کي موٽائي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو.
۱۹۵۱ع ۾ محمد علي چوٿون درجه پاس ڪري پنجين درجه ۾ ويو. پنجين درجه جو ڪلاس ٽيچر مسٽر هادي بخش جتوئي هو. ٽن مهينن بيد پنجين جو امتحان ڏئي، ڇهين درجه ۾ هليو ويو. پنجين درجه مان ڇهين درجه ۾ هن سان گڏ وڃڻ وارن ۾ مسٽر نظر محمد شيخ به هو جيڪو هن وقت سيشن جج جي عهدي تي فائز آهي ۽ ٻي هڪ ڇوڪري هئي انيسه، جيڪا هڪ استاد مسٽر جي اي خان جي نياڻي هئي. انيسه هن وقت ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ ڪنهن سنڌي ڊاڪٽر سان شادي ڪئي اٿس. مسٽر جي اي خان اڳتي هلي هيڊ ماسٽر ٿيو. پهيائين ٽنڊو ڄام پوءِ نوشهرو فيروز، بعد ۾ سکر ۾. هاڻي فوت ٿي ويو آهي. انا لله و انا اليہ راجعون.
مارچ ۱۹۵۲ ۾ محمد عليءَ ڇهون درجه پاس ڪيو ۽ ٻنهي ڪلاسن ۾ ٻيو نمبر آيو. پهريون نمبر مسٽر نواز علي شاهاڻي آيو. نواز علي شاهاڻي، نهايت هوشيار ۽ محنتي شاگرد هو پنجون ۽ ڇهون درجو، ٻئي ڏکيا درجه هئا. تنهن ڪري محنت جي باوجود، محمد علي ٿورڙن مارڪن تي نمبر هارائي ويٺو پر دل ۾ پهه ڪيائين ته مئٽرڪ ۾ نواز عليءَ کي شڪست ڏيندو.
ڇهين درجه ۾ اچڻ کان پوءِ، هن کي پنهنجي (مزاج) جا ڪجھ شاگرد مليا جن جي عمرين ۾ ايڏو وڏو تفاوت به ڪو نه هو. انهن مان نواز علي شاهاڻي، الهداد ٻوهيو، بيگ محمد ٻگهيو، نبي بخش ڪؤريجو، حاجي خان مڱڻ، اسد الله پٺاڻ، عبدالعزيز ڪنڀر، محمد صديق چنو ۽ محمد شريف سومرو وغيره هيا. الهداد ٻوهئي سان ته ڀائرن وارو رستو اٿس. ٻوهيو صاحب، الله وڌائين، هاڻي تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز آهي ۽ الله ڪندو ته جلد ئي ڊائريڪٽر ٿيندو. هو هڪ سٺو مقرر، مصنف، ليکڪ، تنقيد نگار ۽ تعليمي ماهر آهي. هو پي ايڇ ڊي پڻ آهي. هن جو شمار، ملڪ جي دانشور طبقي ۾ ٿئي ٿو. ٻوهئي صاحب جون ان تي مهربانيون اٿس. الله اجر ڏيندس.
بيگ محمد صاحب به مهرباني ڪري ڀيرو ڪندو اٿس ۽ ٻئي ٽهڪ ڏياري غم غلط ڪري ويندا آهن. نهايت خوش مزاج ماڻهو آهي. ٻين دوستن سان به جيڪڏهن ڪٿي ڪا ملاقات ٿيندي اٿس ته نهايت محبت ۽ عزت سان ملندا اٿس.
مئٽرڪ ۾ ڪلاس ٽيچر مسٽر ابوذر صاحب هو. نهايت نيڪ انسان هو. ٻيا استاد جن انهيءَ عرصي دؤران ڪنهن نه ڪنهن ڪلاس ۾ پيرڊ ورتا تن مان مسٽر عبدالڪريم سنديلو، مسٽر حر علي، مسٽر علي حسن ڌاريجو، مسٽر جي اي خان، مسٽر محمد شريف، مسٽر خليل احمد، مسٽر منير الدين قريشي، مسٽر حيدر عباس، مسٽر محمد موسيٰ سومرو ۽ مسٽر پهلومل جا نالا قابل ذڪر آهن. مئٽرڪ جو امتحان همشه مارچ مهيني ۾ ٿيندو هو. مگر ۱۹۵۳ع ۾ شاھ ايران رضا شاھ پهلويءَ جي دوره پاڪستان سبب، امتحان هٽائي پوئتي ڪيو ويو ۽ ۵ اپريل کان ۱۵ اپريل تائين امتحان ٿيو. اپر سنڌ وارن لاءِ سي ائنڊ ايس ڪاليج شڪارپور سينٽر مقرر ڪيو ويو هو. محمد عليءَ جو نمبر ۱۸۵۲ هو. امتحان دؤران شڪارپور ۾ هو مسٽر بشير احمد مورياڻيءَ جي جاءِ ۾ رهيا. مسٽر بشير احمد، ان وقت نيو ايريا هاءِ اسڪول ۾ جونيئر ٽيچر هو. پوءِ ليڪچرار ٿيو ۽ بعد ۾ پي سي ايس پاس ڪري، ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو ۽ هاڻي ڪجھ وقت نوڪريءَ کان لهڻ بعد وري کيس نوڪريءَ تي چاڙهيو ويو آهي ۽ هوم سيڪريٽريءَ جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان وقت بشير مورياڻيءَ جو ڀاءُ، ارشاد مورياڻي جيڪو هن وقت لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال آهي، مئٽرڪ جو امتحان ڏئي رهيو هو.
۱۵ تاريخ اپريل ۱۹۵۳ع تي، امتحان پورو ڪري محمد علي گهر موٽي آيو. ٻن ٽن ڏينهن بعد هو مدرسه مان پنهنجا ٽپڙ کڻڻ لاءِ ويو. ڇاڪاڻ جو هاڻي هن مولوي ٿيڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو هو. هاڻي هن انجنيري پڙهڻ پئي چاهي. پهريائين ڊاڪٽر ٿيڻ جو خيال هوس پر هڪ ڏينهن هو سول اسپتال لاڙڪاڻه ۾ هڪ دوست جي طبع پرسيءَ لاءِ ويو ته اتي جي بوءَ هن جو مٿو چڪرائي ڇڏيو ۽ هن ڊاڪٽريءَ تان هٿ کڻي ڇڏيو. ان کان اڳ، سال ۱۹۵۱ع ۾، هن جو ڀاڻيجو احمد خان سانگي به هن سان گڏ مدرسي ۾ رهڻ لڳو هو ۽ هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهندو هو. ٻنهي جي گڏ رهڻ ڪري، پوءِ هنن ٽڪين کي ڇڏي، پنهنجي ماني تيار ڪري کائڻ شروع ڪئي هئي. هاڻي هن جو خيال هو ته مدرسي مان پنهنجا ٽپڙ کڻي اچي ۽ احمد خان کي بورڊنگ هائوس ۾ داخل ڪرائي. قريشي صاحب کي عرض ڪيائين، جنهن احمد خان کي بورڊنگ هاؤس ۾ داخل ڪيو.
محمد علي پوءِ مولانا نورالدين سان ملڻ ويو ۽ کيس حقيقت ٻڌايائين. مولانا چيس ته جيستائين ڪاليج کلي، تيستائين نوڪري ڪر. مولانا هن کي وٺي مسٽر شفيع محمد قريشي هيڊ ماسٽر ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻه ڏانهن ويو. قريشي صاحب بوبڪ جو ويٺل هو ۽ نهايت برجسته آفيسر هو.
قريشي صاحب جي آڏو مولانا ڪجھ تعريخي الفاظ محمد عليءَ جي متعلق ڪم آندا ۽ نوڪريءَ لاءِ مدعا بيان ڪيائين. قريشي صاحب، پنو ۽ پينسل وڌائي، محمد عليءَ کي ڏنائين ۽ چيائين ته؛ لک! ۽ پوءِ انگريزيءَ ۾ ڏکين لفظن جي ڊڪٽيشن ڏيندو ويو. ۱۵ کن لفظ چئي بس ڪيائين ۽ پنو وٺي ڏسڻ لڳو. الله جي مهربانيءَ سان سڀني جون اسپيلون صحيح هيون. قريشي صاحب تعارفي چٺي لکي ڏني ۽ چيائين ته دادو لوڪلبورڊ  ۾ وڃي چيف آفيسر مسٽر محمد حسن ميمڻ سان مل.
اها اپريل جي ۲۳ تاريخ ۽ خميس جو ڏينهن هو. مسٽر محمد حسن با اصول ماڻهو هو. هن کان اڳ، ڪوٽڙي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر هو ۽ اتان ڇڏي چيف آفيسر ٿيو هو. گل محمد شاھ سيوهڻ وارو لوڪلبورڊ پريزيڊنٽ هو.
محمد علي ۳۴ تاريخ اپريل ۱۹۵۳ جي صبح جو سويل واريءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي دادوءِ پهتو. ٽانگي تي چڙهي، لوڪلبورڊ جي آفيس ۾ آيو ته پٽيوالن کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪو نه هو. ٿوري دير بعد، چيف آفيسر صاحب آيو، ملاقات ٿي. هن چڱيءَ طرح پڇا ڳڇا ڪئي ۽ تنهن کان پوءِ گهنٽي هڻي پٽيوالي کي گهرائي، پڇيائين ته صديقي صاحب آيو آھي. مسٽر محمد عمر صديقي سيوهڻ جي مشهور صديقي خاندان مان هو. هو بزرگ مخدوم بصرالدين صديقيءَ جو ڏوهٽو هو. ننڍي قد سان، دراز ريش، نهايت ساده انسان هو. لوڪلبورڊ ۾ انجنيئر هو. پٽيوالي ٻڌايو ته؛ صديقي صاحب جن آفيس ۾ ويٺا هيا. چيف آفيسر محمد عليءَ کي وٺي، صديقي صاحب وٽ ويو ۽ قريشي صاحب جي چٺي ۽ پنهنجي پڇاڳاڇا جو احوال ٻڌايائين. صديقي صاحب کي چيائين ته؛ توهان به عربيءَ مان ڪجھ پڇوس. صديقي صاحب قرآن شريف جو رڪوع پڙهايس ۽ عربيءَ جا چند سوال پڇيائينس. تنهن بعد، چيف آفيسر کي چيائين ته ههڙا ماڻهو ڪٿي ٿا ملن. هن کي جلدي آرڊر ڏيو. چيف صاحب مسٽر عبدالقادر ابڙي هيڊ ڪلارڪ کي گهرائي چيو ته هن کي هاڻي جو هاڻي عربيءَ جي استاد جو آرڊر ڪڍي ڏي ته اڄ جو اڄ وڃي سيوهڻ ۾ ڊيوٽيءَ تي چڙهي. هيڊ ڪلارڪ ٺمري هنئي ته سائين شاھ صاحب جن ڪو نه آهن کانئن اپروول ته وٺجي. چيف صاحب زور ڏيئي هن کي چيو ته؛ تون وڃي آرڊر ڪڍي اچ! شاھ صاحب سان هو پاڻ ئي ڳالهائيندو. آخر هيڊ ڪلارڪ ويو ۽ ڪلاڪ کن اندر آرڊر کڻي آڻي، محمد عليءَ کي ڏنائين. هو به هن وقت گاڏيءَ ۾ چڙهيو ۽ اسڪول ۾ وڃي ڊيوٽيءَ تي چڙهيو. اهو جمع جو ڏينهن هو ۽ ان وقت جمع موڪل ڪو نه هوندي هئي. اسڪول ۾ ۵ پنج درجا هيا. فتح خان هيڊ ماسٽر هيو. عزت علي شاھ ولد حاجي موٽيل شاھ، مظفر علي شاھ ولد وريل شاھ، مراد شاھ ولد گل محمد شاھ، پنجين درجي جا شاگرد هيا. جان محمد ولد رجب سولنگي چوٿين درجه جو شاگرد هو. محمد علي انهن کي عربيءَ کان علاوه رياضي، الجبرا، جاميٽري وغيره به پڙهائيندو هو.
تاريخ ۱۷ جون ۱۹۵۳ع تي مئٽرڪ جي رزلٽ ظاهر ٿي ته محمد علي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو ۽ سڄي اسڪول ۾ ٻيو نمبر آيو. اڌيڪمار، هڪ هنڌو ڇوڪرو، چند مارڪون وڌيڪ کڻي، پهريون نمبر آيو. جڏھن ته نواز علي، ڏهون نمبر آيو.
اسڪول مان پاس سرٽفڪيٽ وٺي، جڏهن محمد عليءَ لوڪلبورڊ ۾ ڏنو ته هن جو ڪيڊر بدلائي، عربي استاد مان اسسٽنٽ ماسٽر ڪيو ويو ۽ پگهار ۲+۲۰+۷۵ رپيا کڻندو هو. سيوهڻ ۾ ماني وغيره حاجي موٽيل شاھ وارن وٽ کائيندو ھيو ۽ کيس ٽيوشن به پڙهائيندو هو. جڏهن محمد علي سيوهڻ ڇڏي هالا نوان ۾ ماسٽر ٿيو هو ته عزت علي شاھ ۽ الطاف ساڻس گڏ ويا هئا ۽ هالا هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائون.
انهيءَ وقت، ڪاليجن کي چار مهينا موڪل ملندي هئي. ۲۱ مارچ کان ڪاليج بند ٿيندا هيا ۽ وري ۲۱ جولاءِ تي کلندا هيا. انهيءَ وچ ۾ امتحان به ٿيندا هيا. رزلٽون به نڪري وينديون هيون ۽ نيون داخلائون به ٿي وينديون هيون. ۲۱ جولاءِ کان ڪلاس به وئڪيشن جي لاءِ بند ٿي ويا ۽ محمد علي موٽي گهر آيو. ڪاليج کلڻ کان ٿورو اڳ، الهداد ٻوهيو ۽ محمد علي پاڻ ۾ مليا ۽ ڪاليج ۾ داخلا متعلق ڳالھ ٻولھ ڪيائون. محمد عليءَ چيو ته هو شڪارپور ڪاليج ۾ پري انجنيئرنگ ۾ داخلا وٺندو. الهداد چيس ته؛ گڏجي ٻيئي سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ داخلا وٺن ۽ آرٽس پڙهن.
حاضريءَ جي، اتي نئين کليل ڪاليج ۾، ڪا خاص پابندي ڪا نه هئي. اها ڳالھ الهداد کي سندس ڳوٺائيءَ سيد جمال شاھ ٻڌائي هئي، جيڪو اڳ ۾ ئي اتي انٽر جو امتحان ڏيئي چڪو هو ۽ بي اي سال اول ۾ داخلا وٺڻ لاءِ تيار ويٺو هو. الهداد، محمد عليءَ کي چيو ته؛ انجينريءَ ۾ خرچ به گهڻو لڳندو، جيڪو گهر وارن تي بار ٿيندو ۽ آرٽس پڙهڻ ڪري نوڪري به پئي هلندي. بهرحال محمد علي به انجنيئرنگ پڙهڻ جو خيال بدلائي، پنهنجي دوست الهداد سان، هالا روانو ٿيو ۽ اتي فرسٽ ائير آرٽس ۾ داخلا ورتائون.
سروري اسلاميه ڪاليج هالا، مخدوم غلام حيدر صديقيءَ جي ڪوشش سان وجود ۾ آيو ۽ ايڊوڪيشن سوسائيٽي جي سهاري هيٺ هلي رهيو هو. مخدوم غلام حيدر موجوده مخدوم محمد زمان صاحب جو چاچو هو. هو مئي ۱۹۵۳ ۾ انتقال ڪري ويو هو ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪاليج مخدوم محمد زمان صاحب جي سرپرستيءَ هيٺ هلڻ لڳو. ڪاليج اصل ۾ ۱۹۵۱ کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. ڪاليج جو پهريون پرنسپال محبوب علي چنا کي مقرر ڪيو ويو هو. سال ۱۹۵۳ ۾ چنا صاحب، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ استاد ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. تنهن ڪري مسٽر ڪريم بخش چنا کي پرنسپال مقرر ڪيو ويو. محبوب علي چنا صاحب به هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڪجھ سنڌيءَ جو پيرڊ وٺڻ ايندو هو.
محمد عليءَ ڪاليج ۾ داخلا وٺي اسڪالرشپ جو فارم ڀريو. جيئن ته هو مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس هو، تنهن ڪري هن کي ۳۰ رپيا ماهوار منظور ڪري ڏني وئي. پر جيئن ته هو نوڪريءَ ۾ هو، تنهن ڪري هن پرنسپال کي اهڙو اطلاع ڪري، ڊائريڪٽر کي لکي اسڪالرشپ بند ڪرائي ڇڏي.
اسڪول لکڻ بعد، هو سيوهڻ موٽي آيو ۽ پوءِ مهيني ۾ ٻه چار ڏينهن وڃي ڪاليج ۾ استاد سان ملي ايندو هو ۽ شاگردن کان پڙهيل ڪورس معلوم ڪري ايندو هو. اهو سلسلو آڪٽوبر ۱۹۵۳ جي پڇاڙيءَ تائين هليو.
انهيءَ وچ ۾ مسٽر فتح محمد قريشي، پروموشن وٺي حيدرآباد ڊويزن جو ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿيو هو. ۴ تاريخ ۱۹۵۳ تي هن کي سيوهڻ جو اسڪول ڏسڻو هو. سندس منزل دادوءَ ۾ هئي ۽ اتي ڪجھ انڪوائريون به ڪرڻيون هيس. اسڪول جي ٽائيم تائين هو سڪول ۾ ڪو نه اچي سگهيو پر ماستر شام تائين انتظار ڪندا رهيا.
شام جو پتو پيو ته صاحب سيوهڻ ته آيو هو پر اسڪول ڪو نه اچي سگهيو. ۽ ان وقت دادوءَ وڃڻ لاءِ سيوهڻ ريلوي اسٽيشن وڃي رهيو هيو. ساڻس گڏ مسٽر محمد ابراهيم عباسي ڊيپيوٽي ايڊوڪيشن انسپيڪٽر هو. محمد عليءَ اسٽيشن تي وڃي قريشي صاحب سان ملڻ چاهيو ته هيڊ ماستر ۽ ٻيا استاد به ساڻس گڏ ويا ۽ قريشي صاحب سان مليا. قريشي هن کان پڇيو ته هو هتي ڪيئن آيو هو. جواب ۾ محمد عليءَ چيو ته هو سيوهڻ سڪول ۾ ماستر هو. قريشي صاحب هن کي چيو ته هو لوڪلبورڊ جي نوڪري ڇڏي ته کيس گورنمينٽ اسڪول دادوءَ ۾ مقرر ڪري. جنهن تي هن انڪار ڪيو ته قريشي هيڊماسٽر کي چيو ته ٻئي ڏينهن هو محمد عليءَ کي اسڪول مان بي دخل ڪري ڇڏي. هيڊ ماسٽر وراڻيو ته چيف آفيسر ناراض ٿيندو ته هن چڱو ماستر ڇو ڪڍي ڇڏيو. قريشي ذرا بلند آواز ۾ هيڊ ماسٽر کي حڪم ڪيو ته هو ضرور محمد عليءَ کي رليو ڪري ۽ لکي ته اي آءِ جي هدايتن موجب هن کي رليو ڪيو آهي. جيڪڏهن چيف آفيسر هن کان وڌيڪ پڇا ڪئي ته هو لوڪلبورڊ کي ملندڙ گرانٽ بند ڪرائي ڇڏيندو. ان کان پوءِ محمد عليءَ کي حڪم ڪياين ته ڪنهن به صورت ۾ ٻئي ڏينهن هو دادوءَ ريلوي رسيٽ هاؤس ۾ پهچي وڃي، جتي قريشي صاحب منزل انداز هيو. اتي محمد عليءَ قريشيءَ صاحب کي عرض ڪيو ته ڀلا دادوءَ جي بجاءِ کيس هالا هاءِ سڪول ۾ رکيو وڃي، جيئن هو اتي آسانيءَ سان ڪاليج مان انٽر آرٽس ڪري سگهي. جتي هن جي اڳ ۾ داخلا ورتل هئي. قريشي صاحب چيو ته پهريائين هو دادوءَ ۾ ڪم ڪري ۽ پوءِ کيس هالا بدلي ڪيو ويندو. ايتڙي ۾ گاڏي ٽيشڻ تي اچي ويئي ۽ قريشي صاحب، دادو روانو ٿي ويو. هيڊ ماسٽر ۽ ٻيو اسٽاف قريشي صاحب جي پنهنجي شاگردن مٿان مهربانين ۽ شفقتن جو ذڪر ڪندا اسڪول موٽي آيا. ٻئي ڏينهن هيڊ ماستر محمد عليءَ کي رليو ڪرڻ کان نٽائڻ خاطر موڪل تي هليو ويو. فرسٽ اسٽنٽ به موڪل لکي ڇڏي. آخر محمد علي پنهنجي صحيح سان چيف آفيسر کي پنهنجي استعفيٰ ڏياري موڪلي ۽ دادوءَ هليو ويو. مسٽر ڪؤنريجو ان وقت سيوهڻ ۾ اسسٽنٽ ماستر هو ۽ محمد عليءَ سان گڏ هاءِ سڪول لاڙڪاڻه ۾ پڙهيو هو. اڄڪلھ حيدرآباد ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. محمد علي جيئن ئي گاڏيءَ مان لهي ريلوي رسيٽ هاؤس پهتو، جتي قريشي صاحب ترسيل هو ۽ پٽيوالي کي اطلاع لاءِ چيائين ته ڳالهائڻ ٻڌي قريشي صاحب ٻاهر نڪري آيو ۽ چوڻ لڳو؛ ابا اچي وئين. اڄ اتي آهيون. سڀاڻي حيدرآباد هلنداسون. هالا ۾ جاءِ خالي ٿي آهي. سو تو کي اتان جو آرڊر ڏيان ٿو. (نوٽ: آچر ڏينهن موڪل ڪئي ويندي هئي.)
مسٽر عبدالوحيد کي حيدرآباد هاءِ اسڪول مان بدلي ڪري، هالا موڪليو هيوسون. هن ايل ايل بي پاس ڪئي آهي، سو استعفا ڏياري موڪلي اٿس ۽ هالا ڪو نه ويو آ. هاڻي هاڻي ٽپال پهتي آهي. هن جي استعفا منظور ڪري، تو کي آرڊر ڪڍي ٿا ڏيون. ٻئي ڏينهن حيدرآباد پهتا ته جمع جي ڏينهن هجڻ ڪري، آفيس ٽائيم ختم ٿي ويو هو. (انهن ڏنهن ۾ جمع موڪل نه هوندي هئي.) بهرحال ڇنڇر ڏينهن آرڊر ڪڍي، محمد عليءَ کي ڏنو ويو ۽ هو هالا روانو ٿي ويو. هالا پهچندي، سڪول ٽائيم ختم ٿي چڪو هو. محمد علي ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهي پيو، جتي هن جي اڳ ۾ ئي داخلا هئي. ٻيو ڏينهن آچر جو هو، پر هيڊ ماسٽر مسٽر عبدالواحد چنا صاحب آفيس ۾ ويٺو هو. محمد علي، مسٽر الهداد ٻوهئي سان گڏ هن سان وڃي مليو ۽ آرڊر ڏيکاريائين. چنا صاحب چيو ته اڄ ته اسڪول بند آهي. صبحاڻي اچي ڊيوٽيءَ تي چڙهجو. ٻئي ڏينهن ۹ نومبر ۱۹۵۳ سومر ڏينهن، محمد علي اسسٽنٽ ماسٽر جي حيثيت ۾ ڊيوٽيءَ تي رپورٽ ڪئي.
چند ڏينهن بعد، پنجين درجه جو ڪلاس، جيڪو اڳ ۾ مسٽر عبداللطيف ميمڻ هالائي پڙهائيندو هو، ان کي ورهائي، اڌ محمد عليءَ کي ڏنو ويو ان وقت جيڪي شاگرد پنجين درجه ۾ محمد عليءَ وٽ پڙهيا، تن ۾ ڪن جا نالا آھن؛ پروفيسر غلام حسين خاصخيلي، پروفيسر عبدالرشيد انصاري ۽ مسٽر عبداللطيف انصاري وغيره. چند ڏينهن بعد، قريشي صاحب، پنهنجي مرضيءَ سان اسپيڪٽر جو عهدو ڇڏي، لاڙڪاڻه هاءِ اسڪول جو وڃي هيڊماسٽر ٿيو. محمد عليءَ جي مقرريءَ واري آرڊر تي، هيڊ ماسٽر ڏانهن موڪليل ڪاپي تي لکي موڪليائين ته محمد عليءَ کي هاسٽل جو انچارج مقرر ڪيو وڃي. هي سٺو منتظم ۽ ايماندار ثابت ٿيندو. جڏهن اها ڪاپي قريشي صاحب جن جي واپس وڃڻ بعد اسڪول ۾ پهتي ته هيڊ ماسٽر صاحب محمد عليءَ وٽ ڪلاس ۾ ويو. هن چيو ته؛ هو ڪڏهن هاسٽل ۾ رهيو نه آهي ۽ نه هاسٽل جو تجربو اٿس. تنهن ڪري هو هاسٽل جي چارج نه وٺندو. ان بعد هيڊ ماسٽر، مسٽر عبدالواحد چنا، محمد عليءَ کي قريشي صاحب وارا لکيل اکر ڏيکاريا ۽ چيو ته هاڻي ڇا خيال آهي؟ محمد عليءَ واراڻيو ته هاڻي حڪم جي بجا آوري ڪرڻي آهي. خير ۱۲ جنوري ۱۹۵۶ع، تي محمد عليءَ هاسٽل جي چارج به سنڀالي، جيڪا وٽس ۷ آگسٽ ۱۹۵۸ع تائين رهي. جڏهن هو اتان بدلي ٿي نوشهروفيروز هاءِ اسڪول ويو. هالا ۾ رهڻ دؤران، محمد عليءَ انٽر آرٽس جو امتحان ريگيولر شاگرد جي حيثيت ۾ پاس ڪيو ۽ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ پهريون نمبر آيو.
جيئن ته سنڌ يونيورسٽيءَ، ڪاليجن کان، آنرس جا ڪلاس کسي ورتا. تنهن ڪري محمد عليءَ پاڻ کي ۱۹۵۵ع ۾ پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت ۾ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽر ڪرايو ۽ ۱۹۵۷ ۾ B.A (Honurs) جو امتحان ڏنائين، جيڪو عربيءَ ۾ هو. ھو سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽيون نمبر آيو. سال ۱۹۵۸ع ۾ M.A(Prev) عربيءَ جو امتحان ڏنائين ۽ ۱۹۵۹ع M.A(Final) عربيءَ جو امتحان ڏنائين ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيائين.
اپريل ۱۹۶۰ع ۾، بپلڪ سروس ڪميشن ۾ ليڪچرارشپ لاءِ فارم نوشهروفيروز هاءِ اسڪول مان چونڊيو ويو. جتي ۱۸ آگسٽ ۵۸ کان ۷ آگسٽ ۱۹۶۰ تائين رهيو هو. ۸ آگسٽ ۶۰ تي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ B.T ٽريننگ لاءِ داخل ٿيو. ٽريننگ هلندي رهي، انهيءَ دؤران ۲۷ سيپٽمبر ۶۰ ۾ ڪميشن جي سڏ تي ليڪچرار-شپ جو آرڊر مليو، انهيءَ دؤران B.T جا ٽرم پورا ٿي چڪا هيا ۽ هو وڃي جيڪب آباد ۾ ۲۵-۰۲-۶۱ تي ڪاليج ۾ ليڪچرر جي حيثيت ۾ ڊيوٽيءَ تي چڙهيو ۽ پوءِ اچي B.T جو امتحان ڏئي، B.T پاس ڪيائين.
تاريخ ۲۵-۰۲-۱۹۶۱ کان وٺي ۱۰-۱۱-۱۹۷۴ تائين گورنمينٽ ڪاليج ۾ ليڪچرر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ رهيو. اسسٽنٽ پروفيسر جي پروموشن جو آرڊر ۱۰-۰۳-۱۹۷۲ تي نڪتو هو پر محمد عليءَ کي اهو پروموشن پراڻي تاريخ يعني ۱۵-۰۸-۱۹۶۸ کان ڏنو ويو هو. پاڻ ۱۱-۱۱-۱۹۴۷ کان ۱۷-۰۲-۱۹۷۷تائين، ٺل شهر، ضلع جيڪب آباد ۾ نيئن قائم ٿيل ڪاليج ۾ پهرئين پرنسپال جي حيثيت ۾ رهيو ۽ بعد ۾ ۱۹-۰۲-۱۹۷۷ کان ۰۱-۰۲-۱۹۸۹ تائين، گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد جو پرنسپال ٿي رهيو. انهيءَ عرصي دوران هو پروفيسر ٿيو ۽ ۱۹ گريڊ ۾ پروموٽ ٿيو. ڊسمبر ۸۵ ۾ کيس ۲۰ گريڊ جي پگهار ڏني وئي. آخر ۰۱-۰۲-۱۹۸۹ تي، الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان خير و خوبيءَ سان، عمر جا ۶۰ سال ۽ نوڪريءَ جا ۳۵ سال پورا ڪري، پينشن تي لٿو ۽ هاڻي لاڙڪاڻه جي لاهوري محله پيپلز ڪالونيءَ ۾ زندگيءَ جا باقي ڏينهن گوشه نشينيءَ ۾ گذاري رهيو آهي.
محمد عليءَ جو نڪاح، ۲۵ تاريخ شعبان تي ٿيو، انگريزي سن ۱۹۵۴ع هو ۽ سندس شادي ۲۹ رجب تي ٿي ۽ انگريزي مهينو ۽ سال مارچ ۱۹۵۵ع هيا. هن کي پهريون فرزند ڊسمبر ۱۹۵۶ ۾ ڄائو، جيڪو جنوري ۱۹۵۷ ۾ گذاري ويو. ٻيو ٻار نياڻي هئي جيڪا آڪٽوبر ۱۹۵۹ع ۾ پيدا ٿي. ٽيون ٻار پڻ نياڻي هئي، جيڪا ۸ فيبروري ۱۹۶۱ع ۾ پيدا ٿي. ان کان پوءِ ۱۲ جولاءِ ۱۹۶۲ع تي فرزند پيدا ٿيو ۽ هن وقت تعليم کاتي ۾ انگريزي ماستر آهي. ٻيو نينگر آگسٽ ۱۹۶۴ع ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ڄمڻ سان گذاري ويو. ان کان پوءِ ۷ سيپٽمبر ۱۹۶۵ع تي فرزند ڄائو، جيڪو هن وقت الله جي مهربانيءَ سان ڊاڪٽر آهي. ان کانپوءِ ۲۵ ڊسمبر ۱۹۶۷ع تي نياڻي ڄائي، جيڪا هن وقت ڊاڪٽريءَ جي آخري سال ۾ پڙهي رهي آهي. جنوري ۱۹۷۶ تي، الله تعاليٰ فرزند عطا ڪيو پر چند ڪلاڪن بعد واپس گهرائي ورتائين. ۲۹ آگسٽ ۱۹۷۹ تي الله تعاليٰ فرزند عطا ڪيو، جيڪو هن وقت ڇهين جماعت ۾ پڙهي رهيو آهي. الله تعاليٰ شال سڀني کي صحت بخشي، چڱو بخت ڪري ۽ نيڪ اعمالن جي توفيق نصيب فرمائي آمين.

(ھيءُ ليک بوقت ۰۵:۰۴ بتاريخ ۲۹-۰۹-۲۰۱۰ع، اربع جي شام، لاڙڪاڻو ۾ لکي پورو ڪيو ويو.)

1 comment:

  1. Somebody has written that a teacher is a last soldier of a nation,late prof.Muhammad Ali Sangi was in real terms a soldier of Sindhi nation who fought on education front.It would be better to add more about his services in literature as well. It was found that he had translated several Arabic books in Sindhi language 1960s and 70s specially .

    ReplyDelete