; سنڌي شخصيتون: مشتاق مغل - نصير مرزا

27 August, 2019

مشتاق مغل - نصير مرزا


مشتاق مغل
آخري مغل شھنشاھ صداڪار
نصير مرزا
ننڍي کنڊ ۾ جڏهن ريڊيو کليو، تڏهن وڏا صداڪار وڏي شيءِ سمجهيا ويندا هئا. چون ٿا ته؛ اسٽيشن ڊائريڪٽر کين بوڪ ڪرڻ لاءِ وٽن پاڻ هلي ويندا هئا. تڏهن ٿيئٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن وانگر، هي ريڊيو جا صداڪار به، ڇا ته گليمرس ۽ افسانوي دنيا جا شهزاده هئا. جن جي صرف هڪ ئي جهلڪ ڏسڻ لاءِ، ڪيئي ٻڌندڙ تڙپندا رهندا هئا. هتي عرض ڪريان ته آل انڊيا ريڊيو جي گليمرس صداڪارن جي سڀاوَ جي بيشڪ ته مون کي ڪا گهڻي سُڌ ناهي، پر هي جيڪي پاڪستاني براڊ ڪاسٽنگ جا بالا آفيسر ذوالفقار علي بخاري ۽ سندس شاگرد ايم بي انصاري ۽ سليم گيلاني، اهي ته آڪڙ ۽ ڦونڊ جا چيمپئن ئي سمجهو. اهڙي روءِ ۽ سوءِ مون ڪن مقررن، راڳين ۽ صداڪارن ۾ به نه ڏٺي. اصل ۾ ريديو حيدرآباد جا ڪي اهڙا ئي چهرا ۽ آواز، جن کي مون پنهنجي فن تي ناز ڪندي ڏٺو ۽ مزاجن مغرور پڻ، اهڙن مان ڊگهي ڄمار ماڻي وٺندڙن مان منهنجي خوش نصيبي جو ڪن ٿورن جو ديدار، ملاقات ۽ صحبت مون کي نصيب ٿي وئي هئي. پهرين سنڌي ڊراما هيروئن نصرت چنا، سڪينه چنا، نگهت، نزهت، نسيم مغل، سيد ناياب حسين ۽ ايم بي انصاري وغيره جا آواز بي شڪ ڪٿي نه ڪٿي اڄ ضرور محفوظ ملي ٿا وڃن، پر هي جو مون لکيو ته ڊگهي ڄمار ماڻي وٺڻ سبب بلراج ساهني ۽ سهراب موديءَ جهڙي گونجدار ۽ گرجدار آواز واري مشتاق مغل کي پوئين وقت دوران مون نه فقط روبرو ڏٺو، پر ريڊيو حيدرآباد تي اسٽاف آرٽسٽ جي حيثيت ۾ ساڻس ڪڏهن ڪڏهن ڪم ڪرڻ جو به مون کي موقعو ملندو رهيو. بيشڪ هو ان وقت وهي چڙهيل هئو، پر ان وقت به هن جي شخصيت ۾ جاهه و جلال، دهشت، اکين تي ريبن جو چشمو، رنگ لال گلال، گلي ۾ سدائين پٽا پٽي مفلر ۽ آواز ۾ زبردست رعب تاب-


افسوس مشتاق مغل صاحب جي الهڙ ۽ رنگ ترنگ جواني مون نه ڏٺي، البت منهنجي وڏي ممتاز مرزا صاحب عين ان وقت ڏٺي، جڏهن هو ٽنڊي آغا ۾ فلم اسٽار “پران” ۽ “اسلم پرويز” هيرو جهڙو هيءُ شخص اونهاري جي موسم ۾ جڏهن ڦليلي واهه تار پيو وهندو هو، ان ۾ موٽرڪار جو ٽيوب ڦوڪي اکين تي ڪارو چشمو پائي بي خوف ڪا بوتل هٿ ۾ کڻي ان مان چسڪيون ڀريندي جوانيءَ جا لطفڙا پيو ماڻيندو هو. پنهنجي زماني جي ان هيرو نما مشتاق مغل کي جنهن وقت مون ڏٺو، هو زبردست ڪئريڪٽر ايڪٽر ۽ صداڪار سڏبو هو، ۽ ريڊيو حيدرآباد جي ڪاريڊارز ۾ ڊگهي گفتگوءَ کان هميشه پرهيز ڪندڙ ۽ گهڻو چپ چپ رهندڙ هو، ڄڻ هن ڄاڻي ورتو هجي ته ڊگهي گفتگو ڪندڙ ماڻهو بور ۽ ناپسنديده سمجهايا ويندا آهن. تڏهن گهٽ ڳالهائيندڙ ۽ ڪم سان ڪم رکندڙ هن مشتاق مغل کي هڪ ڏينهن خوشگوار موڊ ۾ ڏسي، ريڊيو حيدرآباد جي ميوزڪ لائبريري، جتي هو اڪثر وڃي ويهندو هو، آئون هن جي سامهون وڃي ويٺو هوس. جي ها! ان ئي زبردست آواز جي مالڪ ارڏي ۽ اڙٻنگ مشتاق مغل جي روبرو، جنهن لاءِ اسان جي عظيم ڪهاڻيڪار علي بابا، پنهنجي ريڊيائي ڊرامن ”تموچن“ ۽ ”رڃ جا راهي“ ۾ مکيه ڪردار لکيا هئا، ۽ ريڊيو تي انهن کي ٻڌڻ بعد يڪلخت چيو هو؛ ”هيءُ مشتاق مغل ته جهڙوڪر ماءُ کي ڄائو ئي ريڊيو ۾ صداڪاري ڪرڻ لاءِ آهي.“ هاڻي دوبدو مون کي ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي، هن شايد ڀانئيو ته آئون کيس ڪنهن ڊرامي يا فيچر ۾ بوڪ ڪرڻ لاءِ وٽس آيو هوندس، پر اٿندي ئي چيومانس؛ ”اڄ آئون توهان کان ڪي سوال پڇڻ لاءِ آيو آهيان.“
تڏهن خوشدليءَ سان وراڻيائين؛ ”سي آءِ ڊي يا ايجنسيءَ وارا ڪڏهن کان ٿيا آهيو؟“
چيومانس؛ ”عبدالقادر جوڻيجي جي هڪ ڪهاڻي جو عنوان آهي؛ ’ويندڙ وهي لهندڙ سج‘، آئون توهان جي ڪهاڻي لکڻ ٿو چاهيان.“
شايد پاڻ سمجهي ويو ته پوڙهو ٿي ويو آهيان، ان ڪري آئون سندس جون ڪي ڳالهيون رڪارڊ ڪرڻ ٿو چاهيان. نٽائيندي چوڻ لڳو؛ ”چڱو اڄ نه، سڀاڻي.!“
چيومانس؛ ”نه، اڄ ئي!“
بيزار ٿي چوڻ لڳو؛ ”سڀاڻي مري ٿورو ئي ويندس.“
چيومانس؛ ”ماڻهوءَ جي ڪهڙي گارنٽي!؟ لحظي ۾ ختم ٿي سگهي ٿو.“
ان جملي تي مشتاق صاحب اوچتو پٿر مان ميڻ ٿي ويو.
پڇيومانس؛ ”توهان مغل ته اڳي بادشاهه هئا، پوءِ هي صداڪار اداڪار ڪيئن ٿي ويا؟“
تڏهن پنهنجي مغل اعظم جهڙي گرجدار آواز ۾ ڪر و فر سان وراڻيائين؛ ”جيئن توهان چيو ته حياتيءَ جي گارنٽي ناهي، ائين تخت بخت تاراج ٿيندي به دير ئي ڪيتري ٿي لڳي؟ ڪنهن غاصب، اوچتو هيٺان تختو ڇڪيو ۽ اسين سڀ مغل شهنشاهه، وليعهد ۽ شهزادا سڀ ڌڙام!“
”بادشاهت وڃائڻ بعد توهان جي بزرگن ڪهڙي ڪرت اختيار ڪئي؟
وراڻيائين؛ ”منهنجو والد جانورن جو معالج هو. ورثي ۾ منهنجي فرزند شجاع مغل کي به شوق جاڳيو ۽ هو ڊگري يافته وٽرنري ڊاڪٽر ٿي ويو. شروع ۾ اسين، جتي هن وقت گول بلڊنگ آهي، اتي رهندا هئاسين. اتي شاندار باغ هو، ان جي سامهون هڪ ماڙيءَ ۾ رهيا هئاسين. منهنجو جنم اتي ٿيو، نول راءِ اڪيڊمي ۾ پڙهيس. تڏهن شهر جي وچ ۾ رهندا هئاسين. هر طرف سئنيما گهر هئا. راڻي باغ سڏ پنڌ تي، ڪوٽڙي بئراج، المنظر، سئر سپاٽي ۽ آوارگيءَ لاءِ ريشم گلي، شاهي بازار... خوشحال کڻي نه هئاسين، پر غربت ۾ جوانيءَ جا مزا ئي پنهنجا آهن. ڏاڏو اسان جو انگريز دور ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ملازم هو. جنهن کي ٽنڊو آغا حيدرآباد ۾ پنهنجو وڏو شاهي گهر هو. والد صاحبه جي وفات بعد، اسين ٽنڊي آغا شفٽ ٿي وياسين. هاڻي هن علائقي ۾ به مزا ئي مزا، گهرن ڀرسان وهندڙ ڦليلي واهه، ۽ ڪناري ڪناري سان انبن، زيتونن جا باغ ئي باغ. گهران نڪرندا هئاسين ته رستي ۾ حسن علي آفنديءَ وارو باغ، جيڪو ڪنهن وقت ’تروٽ وارو باغ‘ به سڏبو هو، جنهن ۾ طرح طرح جي ميوات، صوف، انجير جا وڻ. انگور جون وليون. بادامين جا باغ. چوپاسي مئخانا ۽ مڪان. گهر کان سڏ پنڌ تي قيصر، نور محل ۽ نشاط سئنيما، جن ۾ اشوڪ ڪمار، موتي لال، دليپ ڪمار ۽ راجڪپور جون فلمون. نرگس، مڌوبالا، مينا ڪماريءَ جا جلوا، گيتا باليءَ ۽ وجنتي مالا جا ڊانس ۽ اهڙا سارا شوق شغل ماڻڻ لاءِ سنڌ زميندار هوٽل تي منشي ٿي ويٺس. جتي دخل تي ويهي، چاٻيءَ واري فوني تي گرامافون رڪارڊ وڄائي دل وندرائيندو هوس. هوٽل منهنجي ماسات جو هو. ڪنهن ڳالهه تان رسي ٽنڊي محمد خان هليو ويس. اتي، جتي هي ’ٽي بتيون چار رستا چوڪ، اتي هڪ سيلون تي سنوارت ۽ سنان لاءِ ويس ته، اتي رکيل ريڊيو مان آواز آيو....’هي حيدرآباد آهي!، ۽ ان ئي وقت ارادو ڪيم ته، ’آئون ان اداري ۾ ڪم ڪندس.‘ مير رسول بخش خان ٽالپر، اسان جي پاڙي جو چڱو مڙس هو ۽ وڏي هلنديءَ پڄنديءَ وارو... شاعر فيض احمد فيض، جوش صاحب، حبيب جالب... مون سڀ اتي ڏٺا. ريڊيو جو ڊائريڪٽر حميد نسيم صاحب ته رهندو ئي وٽس هو. مير صاحب پاران بس کيس چوڻ جي دير هئي. ايم بي انصاري صاحب منهنجو آواز ٻڌو ته بنا مائيڪ تي ٻڌڻ جي، آڊيشن بوڪ ۾ لکيائين؛ ’مشتاق احمد مغل...اي ون وائيس.‘ جنهن پهرين سنڌي ڊرامي ’سسئي پنهون‘ ۾ بوڪ ڪيائين. اهو خديجه ڇاڳلا جو لکيل هو. جيڪا قومي تراني جي موسيقار احمد غلام عليءَ جي ڀيڻ هئي. ڊرامي ۾ مون ’سسئي جي والد‘ محمد ڌوٻيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو. نهايت جلد، صدر ايوب خان ملڪ ۾ بنيادي جمهوريت وارو ڊرامو ڪيو ته ’جمهور جو آواز‘ پروگرام شروع ٿيو. ان ۾ سيد صالح محمد شاهه ’فتح خان‘، عبدالڪريم بلوچ ’گهنور خان‘، عبدالحق ابڙو ’جانڻ خان‘ ۽ آئون رٽائر ’ڪامورو بنيس. ان زماني ۾ سنڌي ڊرامي جا به ڇا ته بهترين ليکڪ ۽ ساڳئي وقت پروڊيوسر هئا؛ مراد علي مرزا، ممتاز مرزا، آغا سليم، امر جليل ۽ مدِ مقابل صداڪار مصطفيٰ قريشي، منظور قريشي، سيد صالح محمد شاهه ۽ خود ايم بي انصاري. خواتين صداڪارائن ۾ نصرت چنا، نسيم مغل، روبينه، سڪينه چنا، مهتاب چنا...“
مسلسل گفتگوءَ دوران مون بس ان هنڌ ئي هن کي روڪي پڇيو؛ ”ڪنهن صنفِ نازڪ ڏانهن به ڌيان ڪڏهن ويو اوهانجو؟“
چيائين؛ ”ها گل ياسمين...“
حيران ٿي پڇيم؛ ”مون ته اهڙي ڪا به صداڪاره ناهي ٻڌي. اها الائي ڪير هئي!؟“
چڙ مان چيائين؛ ”هاڻي هجي ها اها اندرا گانڌيءَ جهڙي ته اوهين به سڃاڻوس ها... ورهيه ٿيا وئي ويچاري مري کپي.“
”ريڊيو کان سواءِ توهان پي ٽي وي ۽ فلمن ۾ به ته ڪم ڪيو!؟“ مون پڇيس. ”ان جو به احوال ڏيو.“
چيائين، ”ٽي ويءَ تي عبدالڪريم بلوچ ۽ علي بابا جي چوڻ تي ’دنگي منجهه درياءُ‘ ۽ ’جنگل‘ وغيره ۾ مون ڪم ڪيو. فلم ’بادل‘ ۾ مون امر جليل جي زور بار تي ڪردار ادا ڪيو، جنهن لاءِ هدايتڪار صرف پنج سؤ معاوضو ڏنو. پوءِ فلم ’سنڌڙي تان صدقي‘، ’سوڍا پُٽ سنڌ جا‘ ۽ ’ڌرتي لال ڪنوار ۾ به ڪم ڪيم. جنهن لاءِ هر هڪ فلم جا صرف هزار هزار رپيا معاوضو مليو. جرمن اسڪالر، ڊاڪٽر اينمئري شمل سنڌ آئي ته منهنجو آواز ۽ چٽا سنڌي اچار هن کي ايڏا ته وڻيا، جو چيائين؛ ’هن جي آواز ۾ ڪو اسڪرپٽ رڪارڊ ڪري ڏيو، جنهن کي ٻڌي آئون پنهنجي سنڌي سڌارينديس.‘“
پڇيم؛ ”اهڙين خوشين سان گڏ، زندگيءَ جا ڪي ڏک!؟ شڪايتون!؟“
چيائين؛ ”جنهن تار ڦليليءَ ۾ آئون ترندو رهندو هوس، ان ۾ اڻ تارو منهنجو جوان پٽ ٻڏي ويو. صدمي ۾، هوءَ جيڪا شاديءَ واري فوٽوءَ ۾ گڏ بيٺل هئي، پُٽ جي ڏک ۾ مون کي اڪيلو ڪري وئي ۽ ان سان ئي گڏ مشتاق مغل به پوڙهو ٿي ويو.“
”ڪا خواهش!؟“
وراڻيائين؛ ”مون ڪنهن ريڊيائي ڊرامي ۾ ’راجا ڏاهر جو رول ڪرڻ ٿي چاهيو، پر اهڙو ڊرامو، پروڊيوس ڪرڻ جي ڪنهن ۾ همٿ ئي نه ٿي. توڙي جو علي بابا چيو هو ته؛ ’تنهنجي لاءِ آئون اهڙو ڊرامو لکي ٿو سگهان!‘“
”ڪا شديد حسرت...؟“
”چاهيان ٿو ويزا ملي ته پنهنجي ڏاڏيءَ ممتاز محل تي هي جيڪو تاج محل اڏيل آھي، سو وڃي اکين سان ڏسان!“

No comments:

راءِ ڏيندا