; سنڌي شخصيتون: رشيد چارڻ - وزير فرهاد سولنگي

13 August, 2019

رشيد چارڻ - وزير فرهاد سولنگي


رشيد چارڻ
سنڌي ناٽڪ جو منفرد ڪردار
وزير فرهاد سولنگي
رشيد چارڻ سنڌ جو اهو ذات ڌڻي آهي جنهن سنڌي اسٽيج ٿيٽر ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ڪرائي آهي. سنڌي اسٽيج ناٽڪ جي حوالي سان رشيد چارڻ جو فني خدمتون تمام گهڻو ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن نه صرف اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي پر بحيثيت هي ڊراما رائيٽر، هدايتڪار، صحافي، سماج سڌارڪ سان گڏ فن موسيقيءَ سان به تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو. جڏهن اردو اسٽيج ٿيٽر جو تمام گهڻو عروج هيو. جنهن ۾ معين اختر، لياقت سولجر، خالد عباس ڊار بحيثيت ون مين شو ڪندا هئا. تڏهن سنڌي اسٽيج ناٽڪ ۾ ون مين شو ڪجهه مسخرن کانسواءِ باقي اونده هئي. سنڌي اسٽيج ناٽڪ ۾ مزاح وارو شعبو اڳ ۾ روايتي مسخرن حوالي هوندو هيو. جنهن ۾ محمد مسخرو، خانصاحب بيگو کوسو، نٿو ڪهيري ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا نالا آهن جن سنڌي مزاح کي هڪ روايتي انداز ۾ پيش ڪيو. جيڪي شادين مرادين، ميلن ملاکڙن ۽ ڪاڄن ۾ وڃي ماڻهن کي مرڪون ڏيندا هئا. پر ان قسم جي مزاج جو معيار سنڌ جي باشعور طبقي جي دل وندرائي نه سگهندو هو. اهڙي دور ۾  رشيد چارڻ هڪ برجستو فنڪار ٿي سامهون آيو ۽ سنڌي اسٽيج تي ون مين شو جي حوالي سان هن بنيادي ڪم ڪيو ۽ کيس پوري سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي جڏهن ته رشيد چارڻ کي خدا تعاليٰ بي پناهه فنڪارانه صلاحيتن سان مالا مال ڪيو آهي. جنهن جي بنياد تي سنڌ جو هي البيلو اداڪار اڄ به سنڌي ڊرامي جي ڏسندڙ شوقين جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي. اڄ به هو سنڌ جي باشعور ۽ علم دوست طبقي ۾ وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. رشيد چارڻ سنڌي فلمن ۽ ڪيترن ئي ٽي وي چينلن تي پنهنجي فن کي نروار ڪيو آهي. هن نه رڳو ون مين شو ڪيا آهن پر ساڳئي وقت ڪيترن ئي ٽي وي سيرلين ۾ ڪم ڪري پنهنجي اداڪاريءَ سان هن ڏسندڙن کي دلين جي دلين ۾ گهر ڪيو آهي. هن ڪيترن ئي لائيو پروگرامن ۾ ڪم ڪري پنهنجي ڏسندڙن کي سٺي تفريح ڏني آهي.


رشيد چارڻ جو جنم ۲۷ فيبروي ۱۹۵۳ع ۾ شفيع محمد چارڻ جي گهر ۾ ٿيو پاڻ پرائمري تعليم مين اسڪول دادو مان ۽ مئٽرڪ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو ۾ ڪري ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر پاس ڪئي ان کانپوءِ هن سياسي سماجي ۽ صحافتي دنيا ۾ قدم رکيو ان سان گڏ هيءَ اسٽيج ناٽڪ پڻ سڄي سنڌ ۾ ڪرڻ لڳو هن سنڌي ڊرامي ۾ شروعات ۱۹۷۱ع کان ڪئي ۱۹۷۱ع ۾ استاد بخاري، سومرو سودائي سان گڏجي رشيد چارڻ هڪ تنظيم جنهن جو نالو (سنڌ لوڪ ثقافتي تنظيم) جو بنياد رکيائين جنهن جي پليٽ فارم تان سنڌي ثقافت جي ترقي ۽ فروغ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ثقافتي پروگرام ڪرايا. ان کانپوءِ ۱۹۸۲ع ۾ جڏهن شاهه اسد ۽ انور سولنگي سنڌ فنڪار تنظيم جو بنياد رکيو ته رشيد چارڻ هن تنظيم جو ضلعي دادو جو صدر ٿيو. سنڌ فنڪار تنظيم جي پليٽ فارم تان هن سڄي سنڌ جا دورا ڪري مختلف شهرن ۾ فنڪارن کي گڏ ڪري ڪيترا ئي يونٽ کوليا جنهن ۾ اوٻاوڙو، ڏهرڪي،راڻيپور، سڪرنڊ، ڊگهڙي، ٺارو شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ وڏا وڏا ثقافتي پروگرام ۽ اسٽيج ڊراما ڪري فنڪارن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ جو موقعوڏنو ۱۹۸۳ع ۾ اطهر منگي، نور گهلو، ڊاڪٽر شمس سومرو، رشيد چارڻ گڏجي فنڪارن جي فلاح و بهبود لاءِ هڪ ٻي تنظيم جو بنياد رکيو جنهن جو نالو بسنت آرٽ سرڪل هيو. هن تنظيم جو چيئرمين نور گهلو، وائيس چيئرمين رشيد چارڻ، سيڪريٽري اطهر منگي هيا ۽ ٻئي ٽرم ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سابقه مرڪزي سيڪريٽري شمس سومرو هن تنظيم جو سيڪريٽري ٿيو. بسنت آرٽ سرڪل طرفان علمي، ادبي، پروگرام ڪرايا ويا ان کان علاوه ڪيترن ئي سينئر فنڪارن سان رهاڻيون رچايون. ۱۹۸۵ع ڌاري دادو سماجي تنظيمي اتحاد جو خزانچي پڻ رهيو.
رشيد چارڻ اسٽيج ۽ ڊراما جي فروغ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ان کان علاوه هن ڪيترن ئي فنڪارن جي مالي سهائتا، اسٽيج پروگرامن لاءِ پرمٽون وٺي ڏيڻ ۽ سنڌ جي مختلف اسٽيج پروگرامن ۾ ايندڙ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ هن ڪافي اداڪارن فنڪارن، هدايتڪارن جي مدد ڪندو رهيو آهي. رشيد چارڻ نه فقط اداڪار آهي پر هن جي شخصيت ۾ الله تعاليٰ ڪيترا ئي ٻيا رخ به ڏنا آهن جنهن ۾ هي صحافت، سياست، سماجي ڪمن ڪارين ۾ تمام گهڻو اڳڀرو رهيو آهي. ۱۹۸۴ع کان روزنامه آفتاب جو ضلعي رپورٽر سان گڏ پريس ڪلب دادو جو ٻه دفعا خزانچي جي عهدي  تي پڻ رهي چڪو آهي، ان کان علاوه هن مختلف اخبارن جهڙوڪ، روزاني برسات، روزاني سنڌ، روزاني عبرت، روزاني جاڳو ۾ مختلف شخصيتن تي آرٽيڪل، مضمون ۽ ثقافتي رپورٽون لکي چڪو آهي. ان کان علاوه روزاني ڪاوش ۾ هفتيوار ثقافتي ڪالم جو رپورٽر پڻ رهيو آهي. رشيد چارڻ ۽ اي بي طالب گڏجي هڪ ثقافتي ماهوار پرک ميگزين حيدرآباد مان ۱۹۸۸-۸۹ ع ڌاري شايع ڪرايو جيڪو سنڌ جي ثقافتي ۽ اسٽيج جي دنيا سان واڳيل مواد شايع ڪندو هو .
رشيد چارڻ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو، جنهن ڪري کيس انهن ڏينهن ۾ جيل جا ڏينهن به ڏسڻا پيا پاڻ ڊسٽرڪٽ جيل دادو ۾ هڪ مهينو قيد ڪاٽيائين، ان کانپوءِ  هن کي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڏيڍ مهينو رکيو ويو، سندس سان گڏ جيل ۾ پير مظهر الحق، محمد بخش ڌامراه، ملڪ لعل خان، غازي صلاح الدين، حاجي امير بخش جوڻيجو، مولا بخش چانڊيو ۽ سرويچ سجاولي ساٿي هئا. هنن انهي دور ۾ جيل اندر پاڪستان پپلز پارٽي جو جهنڊو  چاڙهيو، جيل مان آزاديءَ کانپوءِ چار سال پ پ دادو جو جنرل سيڪريٽري رهيو. ۱۹۸۶ع ڌاري جڏهن محترمه بينظير ڀٽو پرڏيهه مان ڪراچي ائير پورٽ تي لٿي ته سندس سيڪورٽي گارڊن ۾ رشيد چارڻ به هيو. جنهن کي ان دور جي پ پ سنڌ جي صدر مخدوم خليق الزمان مقرر ڪيو هو. رشيد چارڻ اسٽيج ڊراما ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڌيڪ مصروف رهڻ ڪري پ پ تان استعفيٰ ڏيئي مسلسل فن جي دنيا ڏانهن توجهه ڏنو. سندس فني دنيا ۾ پذيرائي ملندڙ ڪردارن جنهن ۾ باگڙي جو ڪردار، ڏاڏي ڪانڍيري جو ڪردار، جوڳي جو ڪردار کان علاوه شيخ اياز جي لکيل اسٽيج ناٽڪ دودي سومري جو موت، رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، ڀڳت سنگهه کي ڦاهي جهيڙا ڊراما ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ ڪيترا ئي دفعا ڪري ڏسندڙن کان تمام گهڻو داد ورتائين. ان کان علاوه هن پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر، ڪوئيٽا سينٽر تان پڻ پروگرامن ۾ پرفارم ڪيو آهي، سنڌي سينيما اسڪوپ فلم حيدر خان ۽ پلاند ۾ پڻ ڪم ڪيائين. رشيد چارڻ هڪ انسان دوست ۽ سنڌي ثقافت جو اهو سفير آهي جيڪو اڃان تائين پنهنجي سنڌ جي
ثقافت جي ترقي لاءِ ڏينهن رات جفا ڪري اڳتي وڌي رهيو آهي پاڻ هن وقت سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل آهي. هن جي ۶۵هين سالگره جي موقعي تي کيس وڏي ڄمار جي دعا سان گڏ مبارڪ ڏيون ٿا.

رشيد چارڻ
سنڌي ڊرامن، اسٽيج، صحافت ۽ ثقافت جو ٿنڀ
وزير فرهاد سولنگي
سنڌ جي زرخير مٽيءَ پنهنجي وجود مان زرخيز ذهنن کي جنم ڏنو آهي جنهن ۾ ڪيترائي عالم، اديب، شاعر، دانشور، محقق، استاد، فنڪار ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڏات ڌڻي جن ملڪان ملڪ، ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ پنهنجي ڌرتي جو نالو روشن ڪيو آهي.
دادو سنڌ جو اهو اهم شهر آهي جنهن اهڙي قسم جا ماڻهو ڏات جي دنيا کي ڏنا آهن جن ۾ رشيد چارڻ به سنڌي ڊراما ۽ ناٽڪ جي حوالي سان موجوده دور ۾ سٺو نالو ڪمايو آهي رشيد چارڻ هڪ اهڙو شخص جنهن سڄي عمر سنڌي ڊرامن ۽ سنڌ جي ثقافت لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي
رشيد چارڻ جو جنم ۲۷ فيبروري ۱۹۵۳ع ۾ شفيع محمد چارڻ جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم مين اسڪول دادو مان ۽ مئٽرڪ طالب الموليَ هاءِ اسڪول ۾ ڪري ڊگري ڪاليج دادو مان انٽرپاس ڪئي. ان کانپوءِ هن سياسي سماجي ۽ صحافتي دنيا ۾ قدم رکيو. ان سان گڏ هيءَ اسٽيج ناٽڪ پڻ سڄي سنڌ ۾ ڪرڻ لڳو.
هن سنڌي ڊرامي ۾ شروعات ۱۹۷۱ع کان ڪئي. ۱۹۷۱ع ۾ استاد بخاري، سومرو سودائي سان گڏجي رشيد چارڻ هڪ تنظيم جنهن جو نالو (سنڌ لوڪ ثقافتي تنظيم) جو بنياد رکيائين. جنهن جي پليٽ فارم تان سنڌي ثقافت جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ سڄي سنڌ ۾ ثقافتي پروگرام ڪرايا.
ان کانپوءِ ۱۹۸۲ع ۾ جڏهن شاهه اسد ۽ انور سولنگي سنڌ فنڪار تنظيم جو بنياد رکيو ته رشيد چارڻ هن تنظيم جو ضلعي دادو جو صدر ٿيو سنڌ فنڪار تنظيم جي پليٽ فارم تان هن سڄي سنڌ جا دورا ڪري مختلف شهرن ۾ فنڪارن کي گڏ ڪري ڪيترائي يونٽ کوليا. جنهن ۾ اوٻاوڙو، ڏهرڪي، سڪرنڊ، ڊگهڙي، ٺارو شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ وڏا وڏا ثقافتي پروگرام ۽ اسٽيج ڊراما ڪري فنڪارن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ جو موقعو ڏنو ۱۹۸۳ع ۾ اطهرمنگي، نور گهلو، ڊاڪٽر شمس سومرو ۽ رشيد چارڻ گڏجي فنڪارن جي فلاح و بهبود لاءِ هڪ ٻي تنظيم جو بنياد رکيو جنهن جو نالو بسنت آرٽ سرڪل هيو. هن تنظيم جو چيئرمين نور گهلو، وائيس چيئرمين رشيد چارڻ، سيڪريٽري اطهر منگي هيا ۽ ٻئي ٽرم ۾ سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو مرڪزي سيڪريٽري شمس سومرو هن تنظيم جو سيڪريٽري ٿيو. بسنت آرٽ سرڪل طرفان علمي، ادبي، پروگرام ڪرايا ويا ان کان علاوه ڪيترن ئي سينيئر فنڪارن سان رهاڻيون رچايون. ۱۹۸۵ع ڌاري دادو سماجي تنظيمي اتحاد جو خزانچي پڻ رهيو.
رشيد چارڻ اسٽيج ۽ ڊراما کي هٿي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ان کان علاوه هن ڪيترن ئي فنڪارن جي مالي سهائتا، اسٽيج پروگرامن لاءِ پرمٽون وٺي ڏيڻ ۽ سنڌ جي مختلف اسٽيج پروگرامن ۾ ايندڙ ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ هن ڪافي اداڪارن فنڪارن، هدايتڪارن جي مدد ڪندو رهيو آهي. رشيد چارڻ نه فقط اداڪار آهي پر هن جي شخصيت ۾ الله تعاليَ ڪيترا ئي ٻيا رخ به ڏنا آهن جنهن ۾ هي صحافت، سياست، سماجي ڪمن ڪارين ۾ تمام گهڻو اڳڀرو رهيو آهي. ۱۹۸۴ع کان ڪيترن ئي سنڌي اخبارن ۾ مضمون ۽ ثقافتي رپورٽون لکيون. ان کان علاوه روزاني ڪاوش ۾ هفتيوار ثقافتي ڪالم جو رپورٽر پڻ رهيو آهي. رشيد چارڻ ۽ اي بي طالب گڏجي هڪ ثقافتي ماهوار پرک ميگزين حيدرآباد مان ۸۹-۱۹۸۸ع ڌاري شايع ڪرايو  جيڪو سنڌ جي ثقافتي ۽ اسٽيج جي دنيا سان واڳيل مواد شايع ڪندو هو.
رشيد چارڻ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو، جنهن ڪري کيس انهن ڏينهن ۾ جيل جا ڏينهن به ڏسڻا پيا پاڻ ڊسٽرڪٽ جيل دادو ۾ هڪ مهينو قيد ڪاٽيائين، ان کان پوءِ هن کي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڏيڍ مهينو رکيو ويو، سندس سان گڏ جيل ۾ پير مظهر الحق، محمد بخش ڌامراه، ملڪ لعل خان، غازي صلاح الدين، حاجي امير بخش جوڻيجو، مولا بخش چانڊيو ۽ سرويچ سجاولي ساٿي هئا. هن انهن سان گڏ انهيءَ دور ۾ جيل اندر پاڪستان پيپلز پارٽي جو جهنڊو چاڙهيو، جيل مان آزاديءَ کانپوءِ هيءَ چار سال پ پ دادو جو جنرل سيڪريٽري رهي چڪو آهي. ۱۹۸۶ع ڌاري جڏهن محترمه بينظير ڀٽو پرڏيهه مان ڏيهه موٽي آئي ڪراچي ايئر پورٽ تي سندس سيڪيورٽي جي گارڊن ۾ رشيد چارڻ به هيو. جنهن کي ان دور جي پ پ سنڌ جي صدر مخدوم خليق الزمان مقرر ڪيو هو. رشيد چارڻ اسٽيج ڊراما ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڌيڪ مصروف رهڻ ڪري پ پ تان استعفيَ ڏيئي مسلسل فن جي دنيا ڏانهن توجهه ڏنو ۽ فنڪارن اداڪارن جي سهائتا لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو هن سنڌي اسٽيج ناٽڪ جي دنيا ۾ هي پهريون شخص آهي جنهن سنڌي اسٽيج تي ون مين شو جو بنياد رکيو کيس فني مڃتا طور هن وقت تائين ۱۵ کان وڌيڪ ايوارڊ ملي چڪا آهن ۽ سندس سان سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ۹ کان وڌيڪ رهاڻيون ملهايون ويون آهن. رشيد چارڻ هن وقت تائين ۳۰۰ کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن ۽ ۱۰۰ جي لڳ ڀڳ ٽي وي ڊراما ڪري چڪو آهي. پاڻ ۲۰۰۲ع کان سنڌ جي مشهور چينل ڪي ٽي اين سان وابسته رهيو آهي. جنهن ۾ هن بحيثيت هدايتڪار، ليکڪ، اداڪار، ميزبان طور تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. کيس کي سندس فني خدمتن عيوض سڄي سنڌ محبتون ڏنيون آهن، جيتوڻيڪ هيءَ هينئر ۶۶ سالن جي عمر کان ٽپي چڪو آهي پر اڄ به پاڻ سنڌي ٻولي ادب ۽ ثقافت لاءِ نوجوانن وانگر، پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. اسان جي دعا آهي ته هيءُ سنڌ جو ثقافتي ڪردار وڏي ڄمار ماڻي سنڌ جي فن ۽ ڪلا ۾ پنهنجو اعليَ مقام ماڻي ۽ فن جي دنيا جي خدمت ڪندو رهي. ويجهڙ ۾ ۲۷ فيبروري تي سندس ۶۶ هين سالگرهه ملهائي وئي.

No comments:

راءِ ڏيندا