; سنڌي شخصيتون: March 2012

30 March, 2012

منصور ملڪ - رکيل مورائي

منصور ملڪ
او منھنجا دوست!
رکيل مورائي
اڄ تنهنجو جنم ڏينهن آهي، تون جيڪو هاڻ اسان وٽ نه رهيو آهين. دل چوي ٿي ته تو کي ياد ڪري پاڻ کي اهو احساس ڏياريان ته تون توڻي جو اسان کان وڇڙي ويو آهين پر سچ اهو آهي ته تون اسان کان ۽ پنهنجي پڙهندڙن کان ڪڏهن به وسري نه سگهندين.!

لڇمڻ ڪومل - گوورڌن شرما ”گهايل“


لڇمڻ ڪومل
گھڻ ڪنڊو اديب
گوورڌن شرما ”گهايل“ (پُڻي)

ڪي وڻندڙ شخص به ڪيترن کي ڪڏهن ڪڏهن نه وڻندا آهن ۽ وري ڪي نه وڻندڙ به ڪنهن نه ڪنهن خاصيت سبب گهڻن کي ئي وڻندڙ لڳندا آهن. ادب هڪ عجيب طلسمُ آهي، نثر ۽ نظم تي پنهنجي پنهنجي ڇاپ ڇڏيندڙ ڪيترائي صاحب قلم ديس پرديس ۾ مقبول آهن، پر گهڻڪنڊي قابليت وارا اديب ايترا گهڻا نظر نه ايندا.

پنجهتر سالن جو جوان رچنا ڪار لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل هند، سنڌ ۾ انهن ڳاڻ ڳڻين ادبي شخصيتن مان هڪ آهي، جن جي پڳ ۾ ڪيترائي پختا کنڀ نمودار آهن، هن صاحب سخن بطور شاعر ته مقبوليت حاصل ڪئي ئي آهي پر نثر نويسيءَ ۾ به گهڻن کي پٺتي ڇڏيو اٿس.
لڇمڻ جي ادبي انڊلٺ ڏانهن ڏسجي ته شاعري، ڪهاڻي، ناٽڪ، ناول، ٻال ساهتيه، آتم ڪٿا ۽ ترجمي جون سهتيون صنفون سامهون نظر اينديون. ڪلڪراني ڪندڙ هيءُ اديب انڊلٺ کان به ٻه قدم اڳتي رهيو آهي، بطور پتر ڪار (صحافيءَ)  ۽ نقاد طور سٺو نالو ڪمايو اٿس.

28 March, 2012

شير ميربحر - وفا شر قادري


شير ميربحر
وفا شر قادري
”راند ته ملهه ۽ ملهه ته شير ميربحر.“ هيءَ چوڻي 1970ع واري ڏهاڪي ۾، ان وقت مشهور ٿي هئ،ي جڏهن ليمن ۽ انبن جي باغن جي حوالي سان سنڌ ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکندڙ ساهتي پرڳڻي جي تعلقي ڪنڊيارو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ موسوديري ۾ جنم وٺندڙ نوجوان، شير ميربحر سنڌ جي روايتي راند ملهه ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪيا. سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ مان اڀري آيل هن نوجوان نه رڳو سنڌ، پاڪستان پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين سنڌ جي راند ملهه کي متعارف ڪرايو.
هن نوجوان کي دنيا اڄ به ”رستم سنڌ“ شير ميربحر جي نالي سان ياد ڪري ٿي. ان دور جا حال حيات جهونا، اڄ به شير جي ساروڻين کي ساري، پاڻ کي جوان محسوس ڪن ٿا. جڏهن نئون ديرو ۾ ملهه راند جي شوقين زوار در محمد ميربحر پاران ڪرايل ملاکڙي ۾، ان وقت جي بظاهر سيکڙاٽ هن نوجوان ملهه، چئن نامور پهلوانن لال محمد ڦل، احمد لوهر، اقبال جوڳي ۽ پنجل مهر کي شڪست ڏني. وري هالا ۾ مخدوم طالب الموليٰ پاران ڪرايل هالا دنگل ۾، چيڪوسلاويا جي پهلوان زيبسڪو کي زبردست شڪست ڏئي، شير ميربحر دنيا آڏو اهو ثابت ڪيو ته اسين هر دنگل کٽي سگهون ٿا. ان کان علاوه نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٿيل بين الاقوامي ملاکڙي ۾ شير ميربحر هندوستان جي پهلوان گرنام سنگهه کي شڪست ڏني. لکي محل خيرپور ميرس ۾ هڪ ٻئي يادگار ملاکڙي ۾، جنهن ۾ ملڪ جو تڏهوڪو صدر فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ اڳوڻو والي رياست خيرپور مير علي مراد خان ٽالپور موجود هئا، اتي شير جي ڏات کي ڏسي صدر ايوب خان چيو هو ته ”شير واقعي شير آهي“.

25 March, 2012

استاد وحيد علي خان - قاضي عبدالرحمان


استاد وحيد علي خان
قاضي عبدالرحمان
ڪن راڳين جي ڳلي ۾ قدرتي ڏات هوندي آهي، اهڙن راڳين ۾ استاد وحيد علي خان به آهي جنهن سنڌي راڳ کي دنيا ۾ مشهور ڪيو. استاد وحيد علي خان کي سنڌي راڳ، غزل، گيت ۽ صوفياڻي ڪلام تي مڪمل عبور حاصل هيو.
استاد وحيد علي خان ولد استاد غلام رسول خان 1952ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ ڄائو. استاد وحيد علي خان جو سنڌ جي موسيقي ۽ راڳي گهراڻي سان واسطو هيو. ان ڪري هن 7 سالن جي ننڍي عمر ۾، پنهنجي راڳ جي شروعات، پنهنجي چاچي استاد اميد علي خان ۽ پنهنجي والد استاد غلام رسول خان کان، حاصل ڪئي. ان کانپوءِ راڳ ۽ ڳائڻ جي باقائدي سکيا، پنهنجي مامي، مشهور سنڌي گويي استاد منظور علي خان، کان ورتي.

20 March, 2012

محمد سليمان ميمڻ - محمد آصف ميمڻ


محمد سليمان ميمڻ
مشهور قانوندان
محمد آصف ميمڻ/ بدين
محمد سليمان ميمڻ، ڄائو ته ڀڳڙا ميمڻ جي ڳوٺ ۾ هو، جتي رڳو رڻ ۽ رڃ جو راڄ آهي، پر پاڻ مير غلام محمد ٽالپر جي ٻاريل علمي چراغ لارنس مدرسي ۾ پڙهيو. حسن علي آفندي جي عشق جي مٽيءَ ۾ جڙيل سنڌ مدرسته الاسلام ۾ پڙهيو. بمبئي يونيورسٽي مان گولڊ ميڊل وٺي وري ڀڳڙا ميمڻ ۾ آيو. يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿي، ضلعي ڪائونسل بدين جو ميمبر ٿيو ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ غير بلدياتي اليڪشن ۾ ٻه دفعا، صوبائي اسيمبلي ۾ PS 49 بدين ۽ گولاڙچي ۾ اليڪشن وڙهيو ۽ ٻيو نمبر ووٽ کنيائين.
ذوالفقار علي ڀٽو، کيس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ بلوچستان مقرر ڪيو. سپريم ڪورٽ جو لائيف ميمبر رهيو. سنڌ بار ڪائونسل بدين ۽ ٺٽي جو گڏيل ٻه دفعا 8 سال ميمبر رهيو. سال 1950ع ڌاري، حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. حيدر چوڪ جي ڀرسان آفيس هئس.
ڪياماڙي ڪراچي ۽ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾، سندس رهائش ۽ قانون جي ڪتابن جون ۽ سنڌي ادب جون مشهور لائبريريون هيون ۽ آهن. سنڌي ادب جا ڪيترا ئي مشهور نالا سندس آفيس ۾ ايندا هئا.
پهرئين سنڌي فلم ”ايڪتا“ جو هيرو ڪريم بخش نظاماڻي سندس خاص رفيق هو. قاضي عبدالمجيد عابد ۽ جسٽس ظفر مرزا، محمد علي شاهه ڄاموٽ، سائين قمرزمان شاه، محمد خان جوڻيجو، شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو سان سندس ذاتي تعلقات هئا.
فل سوٽ پائيندو هو، وڏا وار رکندو هو، ڪيوبا جا سگار پيئندو هو.
شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي شاعريءَ تي مڪمل عبور هئس.
ڪيترن ئي هارين کي زمينون ڏنائين ۽ ڪيترن ئي بيروزگارن کي روزگار سان لڳايائين. کيس موڪلائيندي سال گذري ويو. پاڻ ويھ مارچ ۲۰۱۱ع تي ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
اڄ به ڀڳڙا ميمڻ جي اونداهي ڳوٺ کان، بدين جي روشن شهر تائين، ماڻهو کيس ياد ڪن ٿا.


محمد سليمان ميمڻ، ڄائو ته ڀڳڙا ميمڻ جي ڳوٺ ۾ هو، جتي رڳو رڻ ۽ رڃ جو راڄ آهي، پر پاڻ مير غلام محمد ٽالپر جي ٻاريل علمي چراغ لارنس مدرسي ۾ پڙهيو. حسن علي آفندي جي عشق جي مٽيءَ ۾ جڙيل سنڌ مدرسته الاسلام ۾ پڙهيو. بمبئي يونيورسٽي مان گولڊ ميڊل وٺي وري ڀڳڙا ميمڻ ۾ آيو. يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿي، ضلعي ڪائونسل بدين جو ميمبر ٿيو ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ غير بلدياتي اليڪشن ۾ ٻه دفعا، صوبائي اسيمبلي ۾ PS 49 بدين ۽ گولاڙچي ۾ اليڪشن وڙهيو ۽ ٻيو نمبر ووٽ کنيائين.
ذوالفقار علي ڀٽو، کيس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ بلوچستان مقرر ڪيو. سپريم ڪورٽ جو لائيف ميمبر رهيو. سنڌ بار ڪائونسل بدين ۽ ٺٽي جو گڏيل ٻه دفعا 8 سال ميمبر رهيو. سال 1950ع ڌاري، حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. حيدر چوڪ جي ڀرسان آفيس هئس.
ڪياماڙي ڪراچي ۽ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾، سندس رهائش ۽ قانون جي ڪتابن جون ۽ سنڌي ادب جون مشهور لائبريريون هيون ۽ آهن. سنڌي ادب جا ڪيترا ئي مشهور نالا سندس آفيس ۾ ايندا هئا.
پهرئين سنڌي فلم ”ايڪتا“ جو هيرو ڪريم بخش نظاماڻي سندس خاص رفيق هو. قاضي عبدالمجيد عابد ۽ جسٽس ظفر مرزا، محمد علي شاهه ڄاموٽ، سائين قمرزمان شاه، محمد خان جوڻيجو، شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو سان سندس ذاتي تعلقات هئا.
فل سوٽ پائيندو هو، وڏا وار رکندو هو، ڪيوبا جا سگار پيئندو هو.
شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي شاعريءَ تي مڪمل عبور هئس.
ڪيترن ئي هارين کي زمينون ڏنائين ۽ ڪيترن ئي بيروزگارن کي روزگار سان لڳايائين. کيس موڪلائيندي سال گذري ويو. پاڻ ويھ مارچ ۲۰۱۱ع تي ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
اڄ به ڀڳڙا ميمڻ جي اونداهي ڳوٺ کان، بدين جي روشن شهر تائين، ماڻهو کيس ياد ڪن ٿا.

18 March, 2012

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - منظور ڪلهوڙو


ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
سنڌ کي جنھن سان پيار آهي
منظور ڪلهوڙو/لاڙڪاڻو
اھا ڪنهن کي ڪل هئي ته 3 مئي 1920ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ جي هڪ ننڍڙي ۽ پٺ تي پيل ڳوٺ ٻنڊيءَ ۾ جنم وٺندڙ هي نازڪ نفيس ٻار، سوڀو گيانچنداڻي اڳتي هلي اسٽوڊنٽ ليڊر، هاري تحريڪ، مزدورن ۽ محنت ڪشن جو سرواڻ، ڪميونسٽ، ايڊيٽر، ناميارو قانوندان، اديب، ڏاهي ۽ آدرشي انسان جا عظيم اعزاز حاصل ڪندو. اهو سوڀو گيانچنداڻي، جيڪو ننڍپڻ ۾ جڏهن قمبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪندي بورڊنگ جي زندگيءَ جا ڏينهن گهاريندو هو ته هو وڏي شوق، چاهه ۽ عقيدتمنديءَ وچان گيتا، رامائڻ، گرنٿ صاحب ۽ مها ڀارت جا پاٺ، قصا، ڪهاڻيون ۽ احوال، درد ۽ سوز ڀرئي آواز سان نه رڳو پنهنجي پڙهندڙ ساٿين کي ٻڌائيندو هو پر اسڪول جا استاد به ان جي اندازِ بيان مان بهره-ور ٿيندا هئا. ان مذهبي لڳاءَ، سوڀي گيانچنداڻيءَ کي ننڍپڻ ۾ ايترو ته متاثر ڪيو جو هو گهران ڀڄي، ”سنياسي“ ٿيڻ لاءِ ڳوٺ ڀرسان، راڌا سوامي آشرم به وڃي پهتو هو. پر سندس والد هن کي ڏسي ورتو ۽ واپس ڳوٺ وٺي آيو.

اداڪاره شهزادي - سيد يار محمد شاهه


اداڪاره شهزادي
فن جي تاريخ جي شهزادي
سيد يار محمد شاهه

اسان جي شوبز ۾، اداڪاره مرحومه شهزادي، واقعي هڪ شهزادي هئي. جوانيءَ کان وٺي مرڻ تائين خوبصورت زيور، خوبصورت ڪپڙا ۽ خوبصورت ميڪ اپ ۾ هوءَ هميشه خوبصورت ترين لڳندي هئي. بليڪ اينڊ وائيٽ جي زماني ۾ هوءَ هڪ ڊاڪٽرياڻي مثل، ماڻهن جو علاج به ڪندي هئي، ته گڏو گڏ ريڊيو جي صداڪاري به ڪندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسٽيج تي اداڪاري به ڪندي هئي. سنڌيءَ ۾ ٺهندڙ بليڪ اينڊ وائيٽ فلم ”پنون عاقل“ جنهنجي پاڻ شهزادي هيروئن به هئي ۽ شايد ان ۾ سندس اسي فيصد پيسو به لڳل هو، ڇو ته جڏهن آئون بحيثيت ڊسٽري بيوٽر جي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌي فلمن جي ڊسٽريبيوشن ڪندو هوس ته هوءَ پنهنجي فلم ”پنو عاقل“ هلائڻ لاءِ ڏاڍي منٿ به ڪندي هئي.

ڊاڪٽر حاجي سڄڻ ميمڻ - عبدالرحمان اوٺو


ڊاڪٽر حاجي سڄڻ ميمڻ
نالي واري شخصيت
عبدالرحمان اوٺو
ڊاڪٽر حاجي محمد سڄڻ ڏيپلو جي سيٺ حاجي محمد اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ 15.12.1928 تي جنم ورتو، ابتدائي تعليم ڏيپلو مان حاصل ڪيائون. ميٽرڪ ميرپور خاص مان ۽ 1945ع ۾ بمبئي يونيورسٽي پڙهڻ ويا، سائنس سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪيائون. ميڊيڪل پڙهڻ لاءِ ڊائوميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتائين جتان 1953ع ۾ ٻيو نمبر کڻيM.B.B.S ڊگري حاصل ڪيائون، ۽ انهي سال صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿيا.

سوڀو گيانچنداڻي - امان الله شيخ


سوڀو گيانچنداڻي
مهين جي دڙي جو ماڻهو
امان الله شيخ
ڳپل ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي ته لاهور جو هڪ وڪيل ۽ ناميارو سياستدان، لاڙڪاڻي ڏانهن اچي رهيو هو، ان کان سندس هڪ واقفڪار پڇيو: ڪيڏانهن وڃو پيا؟.
”مان لاڙڪاڻي وڃي رهيو آهيان“
”موهن جو دڙو ڏسڻ وڃو پيا لاشڪ“
”مان موهن جي دڙي کان به وڌيڪ عظيم ۽ اڏول انسان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.“
ڪير آ اهو؟ واقف ڪار اتاولائيءَ منجهان پڇيس
”سوڀو! ڪامريڊ سوڀو“.

سوڀو گيانچنداڻي - پروفيسر اعجاز قريشي


سوڀو گيانچنداڻي
موهن جي دڙي جو ماڻهو
پروفيسر اعجاز قريشي
هيءَ سٺ واري ڏهاڪي جي پهرئين اڌ جي ڳالهه آهي. آئون ننڍو آهيان ۽ پنهنجي شهر دادو ۾ اسڪول پڙهندڙ. سڄي سنڌ وانگر دادوءَ ۾ به ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلي رهي هئي ۽ حيدر بخش جتوئي واري هاري تحريڪ به تمام سرگرم هئي ۽ اوج تي پڻ. انهيءَ دور ۾ سنڌ جون ڪافي مشهور شخصيتون هيون، جن ۾ سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد لغاري، محمد عثمان ڏيپلائي، مولانا غلام محمد گرامي، قاضي فيض محمد، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا ڪيترا ئي دانشور اچي وڃن ٿا. هي سڀ شخصيتون ون يونٽ خلاف ۽ هاري تحريڪ ۾ انتهائي سرگرم هيون.

13 March, 2012

زخمي چانڊيو - علي نواز آريسر


زخمي چانڊيو
آزاديءَ جي اُفق جو چمڪندڙ ستارو
علي نواز آريسر
هن ديش ڀڳت پهرين مئي 1961ع تي ضلع شڪارپور جي ڊکڻ شهر ۾ جنم ورتو. مائٽن ته نالو ڄام خان رکيو، پر پاڻ زخمي سڏائڻ لڳو. زخمي پنهنجي نالي پٺيان ڪو به لقب لڳائي سستي شهرت ماڻڻ نه چاهي. هن سنڌي، ديشي وغيره جي بدران زخمي سڏرائڻ شروع ڪيو ۽ هو جلد ئي ٿورڙي وقت ۾ سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ، هر گهٽي ۾ زخمي جي نالي سان ئي سڃاپجڻ لڳو. زخمي چانڊيو سنڌ جي آزاديءَ جو اهو سپاهي هو، جنهن وٽ آزاديءَ کان مٿانهون ڪو به مقصد نه هو. سندس تحرير، توڙي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد سمايل نظر ايندو، هن هر مورچي تي مزاحمت ڪئي آهي، پوءِ اها ڪهاڻي هجي، شاعري هجي، يا سن جو اسٽيج هجي. سن جي سرڪيءَ مان پاڻي پيئندڙ هي نوجوان جيئن جيئن سنڌي ماڻهن ۽ سن جي ڪراڙي شينهن کي ويجهو ٿيندو ويو، تيئن تيئن رياست جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. رياست جا دلال سندس پٺيان پاڻ هميشه اڳيان ڪٿي ڪنهن مشاعري ۾ مقالو پڙهي نڪتو هوندو ته ڪٿي ڪنهن جشن لطيف، جشن جي. ايم. سيد جهڙن سيمينارن جي صدارت ڪري نڪتو هوندو ۽ جڏهن رياست جا دلال ڳولهي ڳولهي ان هنڌ پهچن ٿا ته سندس گونجندڙ تقرير جا پڙاڏا، سندس شعرن جي انقلابي خوشبوءَ انهن جو سواڳت ڪري ٿي ۽ انهن جو اندر ڪاراٽجي وڃي ٿو، وڌيڪ باهه جي ڄڀين وانگر ڀڀڙ ٿين ٿا، اهڙيءَ ريت هي پنهنجي منزل طرف تيز رفتاريءَ سان وکون وڌائيندي نظر اچي ٿو. ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس مضبوط ڪلهن تي بار تمام وڏو رکيو ويو هو ۽ وقت تمام ٿورو مليل هو، ان ٿوري وقت ۾ زخمي تمام گهڻو ڪم ڪيو، سندس ڪم جو جي ڪاٿو ڪجي ته اپر سنڌ جي چانڊين جي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيل هٿيار پنهنجن کي مارڻ جي بدران ڌرتيءَ دشمن لاءِ استعمال ٿين، ڇو ته زخمي چانڊيو به ان ئي علائقي مان جنم وٺي نڪتو هو، جتي نسلن جا نسل برادريءَ تڪرار ۾ هڪٻئي کي ماريندي ختم ٿي چڪا آهن، پر هي سيد جو ڏنگو ٻار پرو چانڊيي واري واٽ وٺڻ بجاءِ دولهه دريا خان، راجا ڏاهر واري واٽ وٺي ٿو ۽ پنهنجي ذات کي قوم جي مٿان قربان ڪرڻ چاهي ٿو، آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو اهڙي ماحول مان جنم وٺي نڪري ۽ ان ئي سماجي روايتن جي خلاف بغاوت ڪري.

استاد محمد جمن - جبران زيب


استاد محمد جمن
جبران زيب
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان روز مشهور ڪلام مشهور فنڪارن جي آواز ۾ نشر ڪيا وڃن ٿا. نيم ڪلاسيڪي فنڪارن جي فهرست ۾ استاد محمد جمن اهم جاءِ والاري ٿو. اڄ به ريڊيو حيدرآباد تان جڏهن استاد محمد جمن کي نشر ڪيو وڃي ٿو ته ڪيتريون ئي دليون ساڻس گڏ ڳائين ٿيون. استاد محمد جمن 10 آڪٽوبر 1935ع تي بلوچستان جي هڪ ڳوٺ ”ساڙو“ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ بانسري سان دل ۽ سندس ڪلاسيڪي موسيقي سان محبت هئي.
هن بانسري نواز جي حيثيت سان ريڊيو پاڪستان ڪراچي کان پنهنجي فن جي شروعات ڪئي. بانسريءَ سان گڏوگڏ ڳائڻ تي به عبور حاصل هئس. ٿوري وقت ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻيندڙ استاد جمن باقاعدگيءَ سان پنهنجي فن جي شروعات ريڊيو حيدرآباد تان ڪئي. پاڻ موسيقار استاد نذر حسين خان جي تربيت ۾ رهيو ۽ ڪلاسيڪي موسيقي جي سکيا، بڙي وحيد علي خان کان ورتائين ۽ هن پنهنجي سريلي آواز سان محفلن ۾ رنگ ڀريا.
استاد محمد جمن سنڌي موسيقيءَ جي مقبول صنف ”ڪافي“ کي تمام منفرد انداز سان ڳايو. سندس سڀ کان مشهور ڪلام ”منهنجو ملڪ ملير“ ۽ ”بوند برهه جي بهار...“ سان گڏوگڏ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ ”يار ڏاڍي عشق آتش .....“ آهن ۽ ٻيا به اهڙا ڪيئي ڪلام آهن، جن ذريعي هن تمام گهڻي مقبوليت ماڻي.
استاد محمد جمن کي موسيقيءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. بيدل ايوارد، گولڊ ايوارڊ، لطيف ايوارڊ ۽ 1990ع ۾ پاڪستان گورنمينٽ طرفان ڏنل صدارتي ايوارڊ ”تمغهء حُسنِ ڪارڪردگي“ شامل آهن.
استاد جمن ڪيترن ئي راڳن تي ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي فنڪارن کي ڌنون ڪمپوز ڪري ڏنيون.
استاد محمد جمن 1990ع ۾ 24 جنوري تي ڪراچي ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. 

اداڪار يوسف علي - سيد يار محمد شاهه


اداڪار يوسف علي
سنڌ جو خانصاحب ۽ گامون سچار
سيد يار محمد شاهه
مون لاءِ اهو ممڪن ئي نه آهي، ته زندگي ۾ شوبز جي ساروڻين مان، سڀني انهن دوستن، جن سان به شوبز ۾ منهنجو جيڪو به رشتو رهيو، يا جيتريون به وارداتون، يا يادگيريون ۽ سندن ڪارناما هئا، انهن کي ترتيب سان ياد ڪري توهان تائين پهچائي سگهان. بس جيڪي به نامور فنڪار منهنجي حلقي ۾ آيا ۽ انهن سان جيڪي به گهڙيون گهاريم، انهن کي سهيڙڻ جي ڪوشش ۾، مونکان ممڪن آهي ته، انصاف نه ٿئي، تنهن هوندي به هر ڪنهن بابت ذڪر ڪرڻ جو حق ادا ڪرڻ منهنجو فرض آهي.

منصور ملڪ

 منصور ملڪ
مٽي اَول، مٽي آخر
سنڌي اديب ۽ شاعري جو هڪ اهم نالو منصور ملڪ وقت کان اڳ اسان کان جدا ٿي ويو. هو وقت کان اڳ پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو ته وقت کان اڳ پنهنجي زندگي تان به هٿ کنيائين! شايد کيس ڪجهه وڌيڪ تڪڙ هئي!.

چڪوري اداڪاره - مصطفيٰ ملاح


چڪوري اداڪاره
سنڌي فلمن جي هيروئن
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي

اداڪاره چڪوري جي وڇوڙي کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي. توڙي جو چڪوريءَ جي مادري ٻولي پنجابي هئي، پر هن هڪ ئي وقت پاڪستان جي چئن زبانن وارين فلمن ۾ پاڻ مڃايو. هن فني سفر جي شروعات سنڌي فلم “محبوب مٺا” کان ڪئي. اداڪاره چڪوري جو اصل نالو خاور سلطانه هو پر شوبز ۾ اچڻ کانپوءِ هوءَ چڪوري سڏجڻ لڳي ۽ آخر تائين چڪوري جي نالي سڃاتي وئي. چڪوري کي 3 ڀينرون ۽ 2 ڀائر آهن، جن ۾ هوءَ سڀني کان وڏي هئي.

چاندي فقير - راجا رشيد ڪنڀر


چاندي فقير
راجا رشيد ڪنڀر/کپرو
کپري شهر کان 11 ڪلوميٽر اُتر طرف ڳوٺ عظيم وڪيل ۾ رهندڙ 57 سالن جو چاندي فقير ولد عظيم ڀيل چپڙي (کڙتال) وڄائڻ ۾ پنهنجو هڪ منفرد ۽ نرالو انداز رکي ٿو. 13 سالن جي ٻاروتڻ واري عمر کان ئي سندس چاچي استاد قائم ڀڳت کان باقاعده فن جي سکيا وٺندڙ هن سانوري کڙتالي، 17 سالن جي عمر ۾ پهريون ڀيرو ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي ميڙي ۾ جڏهن پنهنجو فن پيش ڪيو ته ڏسندڙن توڙي ٻڌندڙن کي ڏندين اڱريون اچي ويون. اتي ئي ويٺل مرحوم ممتاز مرزا، چاندي فقير جي لڪل فن کي پروڙي ورتو. پوءِ ته پرڏيهي ثقافتي پروگرامن جي چاندي فقير ڄڻ ضرورت بنجي ويو.

سرڪش سنڌي - منظور ڪلهوڙو


سرڪش سنڌي
هڪ شخص به اهڙو شخص هجي....
منظور ڪلهوڙو/لاڙڪاڻو
سرڪش سنڌي جيڪو منهنجو پاڙيسري هو. پرائمري پاس ڪرڻ تائين مون کي اها خبر نه هئي. پوءِ جڏهن مان شيخ زيد هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس ته هڪ ڏينهن منهنجي هڪ دوست، رستي سان ويندڙ ان شخص ڏانهن اشارو ڪيو، جنهن جي چهري تي خوبصورت ٺهندڙ ڏاڙهي، ٺهڪندڙ ڊگهو قد، ڳاڙهي ڳٽول رنگت رکندڙ ۽ سهڻيون سهڻيون سنڌي ٽوپيون پائيندڙ بابت ٻڌايو ته هي سرڪش سنڌي آهي، جيڪو سنڌ جو وڏو شاعر آهي. اڳتي هلي جڏهن سنڌي ادب ۽ قوم پرست سياست سان شناسائي ٿي، تڏهن سرڪش سنڌيءَ جي روح جي گهرائين سان سرجيل شاعري، پنهنجي اندر جي آواز جو اظهار محسوس ٿي. پوءِ اهو سرڪش سنڌي نا آشنا نه رهيو، پر هن جا غزل، گيت، وايون ۽ آزاد نظم شايع ٿيڻ کان اڳ، هن جي زباني ٻڌڻ جا اڪثر ڪري اعزاز اسان پارن کي به حاصل ٿيندا هئا! جڏهن هو ”من“ چئي ملندو هو ۽ اسان جي اصرار ۽ ڪڏهن ڪڏهن ضد تي ڪو نئون غزل، گيت ۽ نظم ٻڌائي، اسان جي مٿن تي ٻاجهاري ۽ شفيق استاد جيان پنهنجا هٿ ڦيري، پنهنجي والهانه شفقت جو اظهار ڪري اڳتي وڌندو هو ته اسان به پاڻ کي ادبي معتبر سمجهي، ڦونڊ ۾ ڦونڊجي ويندا هئاسين. اڄ کان پوءِ هاڻي جڏهن هن کي منهنجون اکيون شيخ زيد ڪالوني ۾ پسي نه سگهنديون، تڏهن مون کي ياد ٿو اچي ”سن“ جو اهو سفر، جيڪو سائين سرڪش اسان سان ڪيو هو ۽ اسان سن اسٽيشن کان وٺي سائين جي ايم سيد جي درياءَ واري بنگلي تائين، خوشيءَ سان پيرين پنڌ ڪيو هو ۽ سائين سرڪش اسان جي اصرار تي پنهنجي شاعري....

امام بخش مڱريو - راجا رشيد ڪنڀر

امام بخش مڱريو
راجا رشيد ڪنڀر/کپرو
کپري شهر کان 5 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، ٽنڊي آدم جي باني آدم مري جي قبي جي سامهون ڳوٺ جئيندو مڱريو ۾ رهندڙ استاد، امام بخش مڱريو سنڌي ادب لاءِ سوچ ۽ لوچ رکندڙ ادب دوست انسان آهي. پاڻ هڪ پورهيت خاندان سان تعلق رکندي به وس آهر خرچ ڪري ”ڏکن پٺيان سک“ ڪتاب ڇپرايائين. ”انمول موتي“ ڪتاب مرتب ڪيائين. تعلقي کپري جي موجوده 32 شاعرن جي شاعري سهيڙي گڏ ڪيائين. حڪمت تي تحقيق ڪري ”مجربات حڪمت“ پڻ لکائين.

09 March, 2012

موهن لال پريمي - پروفيسر عبدالحق ساريو


موهن لال پريمي
پيار جو پورهيو ڪندڙ شخص جو وڇوڙو
پروفيسر عبدالحق ساريو/لاڙڪاڻو
ڏوڪري شهر مان جنم وٺي وڏو ٿيندڙ موهن لال پريميءَ جو تعلق، هڪ ته اقليتي برادريءَ سان ۽ ٻيو انتهائي پٺتي پيل ۽ غريب گهراڻي سان هو. سندس جنم پهرين جنوري 1963ع تي ڏوڪري شهر ۾ ڪنعيا لال جي گهر ٿيو. مسڪيني حال هوندي به هن سموري زندگي، شاهاڻي شان سان گذاري. پرائمري تعليم کان ويندي ماسٽرس تائين، کيس پهاڙ جيڏين مصيبتن ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو. پر هن لڳاتار محنت ۽ جفاڪشيءَ سان تعليمي سفر جاري رکيو. پرائمري ماستريءَ دوران محنت ڪيائين ۽ امتحان پاس ڪري، نصير آباد ڪاليج ۾ اردوءَ جو 1990ع ڌاري ليڪچرار مقرر ٿيو.

08 March, 2012

محمد علي ”جوهر“ - ستار ڀٽي


محمد علي ”جوهر“
بي  باڪ صحافي ۽ اديب
ستار ڀٽي
محمد علي ولد غلام رسول خان ذات لاشاري، تخلص ”جوهر“، اڳ ”لاڙڪاڻوي“، سال 1930ع ۾ شهداڪوٽ موجوده ضلعي قمبر - شهداد ڪوٽ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم  فارسي ۽ قرآن شريف، پنهنجي ڏاڏي مولوي (آخوند) نصرالله لاشاري ۽ مولوي محمد ابراهيم ”اثيم“ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. ٻارهن سالن جي عمر ۾ فارسي تعليم ختم ڪري، صرف و نحو جا سٺا شاگرد سڏجڻ لڳا. ان کان پوءِ شهدادڪوٽ جي بزرگ عالم مولانا قمرالدين مهيسر وٽ عربي پڙهڻ شروع ڪئي. عربي جي منتهي طالب جي حيثيت تي پهچڻ بعد، وڌيڪ عربي ۽ انگريزي تعليم خاطر جامعيه عربيه حيدرآباد ۾ داخلا ورتائون.

07 March, 2012

يعقوب ذڪريا - سيد يار محمد شاهه


يعقوب ذڪريا
فطري اداڪاري ڪندڙ
سيد يار محمد شاهه
سنڌ جي فن جي تاريخ ۾ يعقوب ذڪريا هڪ وڏو نالو ۽ وڏو فنڪار هو. هو غريب ڪلاس سان تعلق رکندڙ حيدرآباد ۾ فورسيٽر ۽ رڪشا هلائي پيٽ پالڻ وارو فنڪار هو. ريڊيو هجي، اسٽيج هجي، ٽي وي هجي يا سنڌي فلم هجي، نور محمد لاشاري کانپوءِ يعقوب ذڪريا اهو نيچرل فنڪار هو جنهن کان سنڌي پروڊيوسرن کان وڌيڪ اردو پروڊيوسر متاثر هوندا هئا. اردو پروڊيوسر اقبال انصاري جنهن کي آئون به پنهنجو استاد مڃيندو آهيان، ان جڏهن ڊراما سيريل ”ڪاروان” ۾ يعقوب ذڪريا کان سکان جي پيءُ جو ڪردار ڪرايو، جيڪو هن نيچرل طريقي سان ڪيو. هن غريب ٿريءَ جو ڪردار، گڏهه تي چڙهي، ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي دهل وڄائي پنڻ وارو ڪردار ايڏو نيچرل ڪيو جو سڄي ڊرامي ۾ اهو ئي ڪردار نيچرل ٿي لڳو. ان کان اڳ جرمنيءَ مان ايوارڊ ماڻيندڙ پروڊيوسر هارون رند مرحوم جي ڊرامي ”دنگي منجهه درياهه“ کان وٺي، پنهنجي خوبصورت اداڪاريءَ سان محبت ڪرڻ واري شخصيت کي هر ڪنهن جي بڪنگ جو کيس اونو هوندو هو. نه صرف پنهنجي لاءِ پروڊيوسرن وٽ ويندو هو، پر جڏهن به محسوس ٿيندو هو ته فلاڻو اداڪار يا اداڪاره وٽ ڪم نه آهي ۽ ان جي معاشي حالت درست نه اٿس، ڪنهن سان اظهار به نٿو ڪري سگهي ته يعقوب ذڪريا اهو محسوس ڪرڻ کانپوءِ، ان جي لاءِ هر پروڊيوسر وٽ هلي وڃي ڪم حاصل ڪري، ان اداڪاره يا اداڪار کي فون ڪرائي ڏاڍو خوش ۽ مطمئن ٿي ويندو هو.

02 March, 2012

ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري

ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري

رضوان گل



ڊاڪٽر اسحاق احمد انصاري چوٿين مارچ اوڻويهه سو سٺ تي، الله بخش “انيس” انصاري جي ادبي گھراڻي ۾جنم ورتو. سندس پرائمري تعليم لاڙڪاڻي جي پي وي اسڪول ۾ ٿي ۽ سيڪنڊري تعليم گورنيمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ ٿي. اسڪول جي دوران هو ڪرڪيٽ ۽ ٽيبل ٽينس جو رانديگر رهيو. ان کان علاوه هُن تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو. ان دوران هن “گلن جهڙا ٻارڙا” تنظيم جي مختلف عهدن تي به ڪم ڪيو. فرسٽ ييئر ۽ انٽر پري انجينرنگ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي ۽ ان ئي ڪاليج مان فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿس ۾ بي ايس سي ڪئي. ٽيبل ٽينس ۾ ڪاليج جي نمائندگي ڪئي ۽ ان کان علاوه لاڙڪاڻي جو چيمپين رهڻ سان گڏ، باسڪيٽ بال ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. اسحاق انصاريءَ جي پهرين لکڻي، شعر جي صورت ۾، گل ڦل رسالي ۾ سال ۱۹۷۳ع ڌاري، “سنڌ” جي نالي سان ڇپي. ان کان علاوه گل ڦل جي مضمون نويسيءَ جي مقابلن ۾ انعام حاصل ڪيا. سندس لکڻيون، گلن جهڙا ٻارڙا رسالي ۾ به شايع ٿينديون رهيون. هو ڪافي وقت تائين سنڌ ٻالڪ سنگت سان لاڳاپيل رهيو.