; سنڌي شخصيتون: زخمي چانڊيو - علي نواز آريسر

13 March, 2012

زخمي چانڊيو - علي نواز آريسر


زخمي چانڊيو
آزاديءَ جي اُفق جو چمڪندڙ ستارو
علي نواز آريسر
هن ديش ڀڳت پهرين مئي 1961ع تي ضلع شڪارپور جي ڊکڻ شهر ۾ جنم ورتو. مائٽن ته نالو ڄام خان رکيو، پر پاڻ زخمي سڏائڻ لڳو. زخمي پنهنجي نالي پٺيان ڪو به لقب لڳائي سستي شهرت ماڻڻ نه چاهي. هن سنڌي، ديشي وغيره جي بدران زخمي سڏرائڻ شروع ڪيو ۽ هو جلد ئي ٿورڙي وقت ۾ سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ، هر گهٽي ۾ زخمي جي نالي سان ئي سڃاپجڻ لڳو. زخمي چانڊيو سنڌ جي آزاديءَ جو اهو سپاهي هو، جنهن وٽ آزاديءَ کان مٿانهون ڪو به مقصد نه هو. سندس تحرير، توڙي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جو درد سمايل نظر ايندو، هن هر مورچي تي مزاحمت ڪئي آهي، پوءِ اها ڪهاڻي هجي، شاعري هجي، يا سن جو اسٽيج هجي. سن جي سرڪيءَ مان پاڻي پيئندڙ هي نوجوان جيئن جيئن سنڌي ماڻهن ۽ سن جي ڪراڙي شينهن کي ويجهو ٿيندو ويو، تيئن تيئن رياست جي اک جو ڪنڊو بڻجندو ويو. رياست جا دلال سندس پٺيان پاڻ هميشه اڳيان ڪٿي ڪنهن مشاعري ۾ مقالو پڙهي نڪتو هوندو ته ڪٿي ڪنهن جشن لطيف، جشن جي. ايم. سيد جهڙن سيمينارن جي صدارت ڪري نڪتو هوندو ۽ جڏهن رياست جا دلال ڳولهي ڳولهي ان هنڌ پهچن ٿا ته سندس گونجندڙ تقرير جا پڙاڏا، سندس شعرن جي انقلابي خوشبوءَ انهن جو سواڳت ڪري ٿي ۽ انهن جو اندر ڪاراٽجي وڃي ٿو، وڌيڪ باهه جي ڄڀين وانگر ڀڀڙ ٿين ٿا، اهڙيءَ ريت هي پنهنجي منزل طرف تيز رفتاريءَ سان وکون وڌائيندي نظر اچي ٿو. ايئن ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس مضبوط ڪلهن تي بار تمام وڏو رکيو ويو هو ۽ وقت تمام ٿورو مليل هو، ان ٿوري وقت ۾ زخمي تمام گهڻو ڪم ڪيو، سندس ڪم جو جي ڪاٿو ڪجي ته اپر سنڌ جي چانڊين جي هٿن ۾ مضبوطيءَ سان پڪڙيل هٿيار پنهنجن کي مارڻ جي بدران ڌرتيءَ دشمن لاءِ استعمال ٿين، ڇو ته زخمي چانڊيو به ان ئي علائقي مان جنم وٺي نڪتو هو، جتي نسلن جا نسل برادريءَ تڪرار ۾ هڪٻئي کي ماريندي ختم ٿي چڪا آهن، پر هي سيد جو ڏنگو ٻار پرو چانڊيي واري واٽ وٺڻ بجاءِ دولهه دريا خان، راجا ڏاهر واري واٽ وٺي ٿو ۽ پنهنجي ذات کي قوم جي مٿان قربان ڪرڻ چاهي ٿو، آهي ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو اهڙي ماحول مان جنم وٺي نڪري ۽ ان ئي سماجي روايتن جي خلاف بغاوت ڪري.




زخمي چانڊيي جي زندگيءَ جي جهروڪي ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته پاڻ نه صرف آزاديءَ جو گوريلو هو، پر پاڻ نهايت ئي ذهين، محنتي ۽ ڪميٽيڊ انسان هو. زخمي چانڊيي ايم. اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ۽ پوءِ پيغمبري پيشي استاد سان لاڳاپجي قوم جي مستقبل ٻارڙن جي اندر ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائڻ جي تعليم ڏيڻ لڳو، هن اسڪول ۾ پاڪستان جي قومي تراني بدران آزاد سنڌو ديش جو ترانو پڙهائڻ شروع ڪيو، هي مختلف ڳوٺن جي مختلف اسڪولن ۾ مختلف عهدن تي رهيو، پرائمري استاد، آر. پي. هاءِ اسڪول ٽيچر ۽ سپروائيزر طور پنهنجون ذميواريون نهايت احسن نموني نڀايون ۽ گڏوگڏ ادبي ميدان ۾ به ڪاهي پيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري، هڪ ڀيرو رابطا سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرو ڪائونسلر رهيو. پاڻ سڄي زندگي جيئي سنڌ محاذ ۽ پوءِ قومي محاذ تائين ميمبر رهيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڊکڻ جو بنياد وجهندڙن مان هو، استادن جي تنظيم گسٽا جو عهديدار ۽ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر رهيو. زخمي چانڊيي 1984ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي، نامور شاعرن نثار بزمي ۽ سرڪش سنڌيءَ کان اصلاح ڪرائي شاعرن جي اعليٰ صف ۾ شامل ٿيو، جهڙي ريت سندس شاعريءَ ۾ ڌرتي ۽ قوم جو درد سمايل آهي، اهڙيءَ ريت سندس نثر ۾ به فني ڪماليت جا جوهر پسجن ٿا. زخمي چانڊيي ڪيترائي ڀيرا جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ پنهنجون خوبصورت راتيون گذاريون آهن، اتي به سندس جذبو جوان رهيو. آواز ۾ شينهن واري گجگوڙ برقرار رهي، سندس عشق ۽ ايمان ٻئي سلامت رهيا. هي جڏهن به جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ مان ٻاهر نڪتو ٿي ته اڳي کان اڳرو، اڃا به سندس تقرير ۾ ڏهڪاءُ اڃا به سندس قلم جي جنبش ماٺي ٿيڻ بدران باهه جا الا وڌيڪ ڀڙڪڻ لڳا. زخمي چانڊيو سنڌ جو سچو پانڌيئڙو ۽ سن جي سائين جو عقيدتمند هو. زخمي چانڊيو سنڌ جو سپوت شاعر هو، سندس شاعريءَ ۾ للڪار آهي، ڪٿي به آڻ نه ٿو مڃي. سندس گيت جي هن بند ۾ سندس تخيل جي اڏام کي محسوس ڪري سگهجي ٿو:
تون چاهين ٿو مان ڪين ڪڇان، تون ظلم ڪرين مان ڪين لڇان
پر توکان هڪڙي ڳالهه پڇان، مان ڪين لڪايان دل جي بڇان
هن سر ۾ جيسين ساهه اٿم، آزاديءَ تي ويساهه اٿم،
هڪ سن جو سيد وارث آ، ٻيو وارث ڀٽ جو شاهه اٿم،
ٿو جيئان زخمي شينهن جيان، ها جيسين سنڌ تي ساهه ڏيان.
زخمي چانڊيي پنهنجي اولاد جي تربيت ۾ به وسان نه گهٽايو، سندس وڏو پٽ ريڊيو تي پروڊيوسر آهي ۽ ننڍو پٽ ساجد ادبي لڏي سان سلهاڙيل آهي، هيءُ پڻ مزاحمتي شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ قومي ورد ليئا پائيندي نظر اچي ٿو. زخمي جنهن سڄي زندگي برادريءَ جي تڪرار خلاف آواز اٿاريو، برادريءَ جي جهيڙن جي خلاف جنگ وڙهڻ وارو هي انسان انهن ئي جهيڙن جي ڪهاڙيءَ جو کاڄ بڻجي ويو، ان کان وڌيڪ هن قوم جي بدنصيبي ڪهڙي چئبي. زخمي چانڊيو 24 آڪٽوبر 2000ع تي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي وڃي پنهنجي محبوب رهبر سان مليو.

No comments:

راءِ ڏيندا