; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر نجم عباسي

17 August, 2012

ڊاڪٽر نجم عباسي

ڊاڪٽر نجم عباسي
بيباڪ ۽ انقلابي ليکڪ
رضوان گل
ڪهاڻي ادب جي اهڙي وسيع صنف آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي داخلي ۽ خارجي احساسن کي دل کولي اظهاري سگهي ٿو. سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن تيز ۽ ترش انداز ۾ لکي پڙهندڙن تي پنهنجي لکڻين جو اثر ڇڏيو آهي پر انهن ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن جن پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي انقلابي انداز ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳ ڪيو، تن ۾ نجم عباسيءَ جو نالو انتهائي معتبر ۽ محترم آهي.


ڊاڪٽر نجم عباسي ولد الهندو خان عباسي سنڌ جي تاريخي شهر خان واهڻ ضلعي نوشهروفيروز ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۲۷ع  تي جنم ورتو. سندس والد درس و تدريس جي شعبي سان واڳيل هو. شروعاتي تعليم هن پنهنجي والد کان به حاصل ڪئي، جنهن بعد انگريزي تعليم خان واهڻ جي ڀرسان واري ڳوٺ تنيا بقا شاهه ۽ پوءِ نواب شاهه جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول مان ورتي. ۱۹۴۶ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان امتيازي حيثيت سان پاس ڪرڻ بعد سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ سن ۱۹۴۸ع ۾انٽر جو امتحان ڪاميابي سان پاس ڪري ميڊيڪل ۾ چونڊجي ويو. ۱۹۵۳ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري وٺڻ بعد ترت ئي کيس سرڪاري ملازمت ملي وئي. ع۱۹۵۸ تائين سنڌ جي مختلف سرڪاري اسپتالن ۾ نوڪري ڪيائين، پر اها نوڪري سندس طبعيت ۽ مزاج کي گهڻو وقت نه آئڙي جو هن ان نوڪريءَ کي بارُ محسوس ڪندي آخرڪار ان کي خيرباد چيو ۽ گاڏي کاتي ۾ پنهنجي ذاتي ڪلينڪ هلائڻ شروع ڪئي، جيڪا آخري وقت تائين خدمتِ خلق واري جذبي تحت هلائيندو رهيو.
نجم عباسي جي اندر ۾ ٻين لاءِ هڪ درد رکندڙ دل هئي جيڪا هر وقت ڪجهه نه ڪجهه چڱو ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل رهي، جڏهن هو اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهندو هو ته اهو دَور آزاديءَ واري تحريڪ جو اهم ترين دور هو جنهن ڪري ان وقت ڪيترين ئي تحريڪن به جنم ورتو. آل انڊيا مسلم ليگ جي هڪ ذيلي شاخ مسلم نيشنل گارڊ جنهن ان وقت آزاديءَ جي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو، انهيءَ جي شاخ جو بنياد ڳوٺ خان واهڻ ۾ ۱۹۴۶ع  ڌاران پهريون ڀيرو نجم عباسيءَ ئي وڌو، جڏهن آزاديءَ جا جشن ملهايا ويا ته ان وقت نجم عباسيءَ هڪ يادگار ترانو به لکيو هو.
نجم عباسي کي ادب دوست استادن جي صحبت اسڪول واري زماني کان ملي. سندس استاد مخدوم امير احمد پنهنجي دور جو عالم ۽ اديب هو، جنهن ”بزمِ ادب“ نالي تنظيم قائم ڪري علم ادب ۽ شاعري جي حوالي سان ننڍا وڏا پروگرام منعقد ڪرايا، جن ۾ نجم عباسي ان وقت ڀرپور حصو ورتو. هن پنهنجي ادبي سفر جي شروعات به انهن ادبي ميڙاڪن کان ئي ڪئي ۽ شروعات ۾ شاعريءَ کي اظهار جو ذريعو بڻائي لکندو رهيو. پهريون ڀيرو ان ئي ”بزمِ ادب“ ۾ ۱۹۴۱ع ڌاري پهريون شعر پڙهيائين. سندس شاعري شروعات کان ئي غير روايتي رهي. هن گل و بلبل جا قصا ڪُٽڻ بجاءِ قومي ۽ اصلاحي نوعيت واري شاعريءَ کي ترجيح ڏني. پاڻ ۱۹۴۴ع کان ۱۹۴۶ع تائين ”بزمِ ادب“ جو سيڪريٽري پڻ رهيو.
نجم عباسي کي گهر ۾ ئي علمي ادبي ماحول مليو. سندس والد جا گڏ ڪيل ڪتاب جڏهن هن پڙهڻ شروع ڪيا ته سڀ کان پهريون کيس مشهور عالم اديب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي لکڻين ڏاڍو متاثر ڪيو. خاص طور تي انقلابي حوالي سان لکيل سندس مضمونن کيس نثر لکڻ ڏانهن اُتساهيو. هن زندگيءَ جي پهرئين ڪهاڻي ”همت ۽ ڪوشش“ ۱۹۴۴ع ۾ لکي جيڪا ۱۹۴۷ع ۾ ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿي. ان وقت رسالي جو ايڊيٽر لالچند امر ڏنو مل هو جنهن سندس همت افزائي ڪندي سندس ٻي ڪهاڻي ”کنڊ جي چوري“ (آڪٽوبر ڊسمبر) ۱۹۴۷ع واري پرچي ۾ شايع ڪئي ۽ ائين سنڌي ساهت جي دنيا ۾ نجم عباسي پنهنجي خاص اسلوب سبب مشهور ٿيڻ لڳو.
نجم عباسيءَ پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع سنڌي سماج کان ٻاهر نه کنيا. هن اڪثر انهن حقيقتن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو جيڪي سندس ئي اوسي پاسي ٿيندڙ واقعا ۽ حادثا ٿيا هئا. سندس ڪهاڻين ۾ پيڙا جو پڙلاءُ به آهي، لڱ ڪانڊاريندڙ سانحا به آهن، جن کي پڙهندي روح تڙپي پوي ٿو، اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا. حقيقت ۾ اهو ڪنهن به ليکڪ جي قلم جو وڏو ڪمال هجي ٿو ته سندس لکيل لفظ پڙهندڙ جي دل تي ان حد تائين اثر انداز ٿين جو نيڻ ڀِڄي پون! نجم عباسي ڪهاڻين، ناول ۽ آتم ڪٿائن جي حوالي سان ٽيهارو کن ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيا آهن، جن مان هڪ به ڪتاب هن پاڻ ناهي ڇپرايو. سندس هڙئي ڪتاب پبلشرس کانئس وٺي ڇپرايا جن مان ڪجهه ڪتابن جا چئن کان پنج ڇاپا به آيا. ان مان نجم عباسي کي پڙهندڙن ۽ ساڻس پيار ڪندڙن جو اندازو بخوبي ڪري سگهجي ٿو.
نجم عباسيءَ ڳالهين کي ڍَڪي ۽ لِڪائي پيش ڪرڻ بجاءِ انهن کي سڌيءَ ريت بيان ڪيو. اها هن جي کرائپ ۽ بهادري هئي جو هن ڪنهن جي به پرواهه نه ڪئي. خاڪي جوئي سندس ڪتاب ”سوچون هڪ سچار جون“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي، ”ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جي آجپي ۽ آزاديءَ لاءِ اهو ئي ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو روس جي سوشلسٽ انقلاب لاءِ ٽالسٽاءِ، مئڪسم گورڪي، دوستو فسڪيءَ، گوگول ۽ چيخوف جو آهي. جهڙي طرح مٿين اديبن جي ڪهاڻين ۽ ناولن روسي انقلاب لاءِ عوام جي ذهني تربيت ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح نجم عباسيءَ جي لکڻين سنڌ جي آزادي ۽ انقلاب لاءِ سنڌي عوام جي ذهني ۽ روحاني سکيا ڪئي آهي. سندس لکڻين ماڻهن کي انقلابي ۽ عوامي ادب پڙهڻ تي هيرايو. ڪيترن ئي اديبن ۽ ليکڪن کي سندس ڪهاڻين تي اعتراض آهي ته انهن ۾ فڪر ۽ فن جي گهرائي ڪانه آهي، پر آءٌ ان ڳالهه جي ترديد ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ جنهن فڪر کي عوام تائين پهچائڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي جيڪو مقصد ڏيڻ چاهي ٿو، هو انهيءَ ۾ ڪامياب ويو آهي، اهو هن جو پنهنجو هڪ مخصوص ۽ نرالو انداز آهي جيڪو روايتي ڪهاڻيءَ جي فني انداز کان مختلف آهي“
نظرياتي حوالي سان نجم عباسي حياتيءَ جي آخري ڏينهن تائين سوشلسٽ رهيو. هو سرمائيدارن، سردارن ۽ وڏيرن جي ظلم خلاف لکندو رهيو ۽ اها ئي سندس ڪهاڻين ۽ ناولن اندر هڪ مستقل مزاجي هئي جو هن هر لکڻيءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مسئلن تي لکيو. سندس هر لکڻي انياءَ، ظلم ۽ درد جو هڪ داستان آهي، ان حوالي سان نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين جي موضوعن تي پڻ هڪ الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”طوفان جي تمنا“ ڪهاڻيون، ”پٿر تي ليڪو“ ڪهاڻيون، ”ڳاڙهو لالٽين“ ترجمو، ”جيڪي منهنجي من ۾ آهي“ ڪهاڻيون، ” ناچڻي“ ڪهاڻيون، ايڏو سور سهي“ آتم ڪهاڻي،مضمون، ”رشتا ناتا“ ڪهاڻيون، ”اڪيلا نه آهيون“ ترجمو، ”سورج هوندي مرجهايل“ ڪهاڻيون، ”للڪار“ ڪهاڻيون، ”پهاڙن ۾پڪار“ ترجمو، ”پيار ڪهاڻي“ ناول، ”بلنديون“ ناول، ”پروفيسر“ ڪهاڻيون، ”دارون هن ديواني جو“ ڪهاڻيون، ”ڪهاڻيءَ جو قافلو“ ڪهاڻيون ۽ تنقيد، ”گانڌي“ ترجمو، ”تصوف جي چير ڦاڙ“مضمون، ”تلاش“ ناول،”زلزلو“ ترجمو، ”ماسترياڻي“ ترجمو، ”دوکو“ ڪهاڻيون، ”مٿي سنڌ سڪار“ ڪهاڻيون، ”لينن جي انقلابي ڪهاڻي“ ترجمو، ”منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ ڪهاڻيون، ”پاڻ ۾ويٺا آهيون“ ڪهاڻيون ۽ ڪالم، ”اوچا ڳاٽ پهاڙن جا“ ڪهاڻيون ۽ انٽرويو ۽”جبل مٿي باهڙي“ خط شامل آهن.
سن ۱۹۸۹ع ۾ مٿانئس فالج جو حملو ٿيو ته اسپتال بند ڪري گهرُ وسايائين. ڇهن سالن تائين مرض سان جنگ جوٽيائين ۽ آخرڪار ۶۸ سالن جي عمر ۾ ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع تي لاڏاڻو ڪيائين. سنڌ ڌرتيءَ جي هن انقلابي اديب پنهنجي سموري حياتي ناحق جي پٽڪا ڊاهه ڪئي، بلڪل استاد بخاريءَ جي هنن سٽن حيات ته:
اسان آهيون سادا، چئو ٿا، مڃون ٿا،
مگر حق ۽ ناحق سڃاڻي وٺون ٿا.
حقيقت جي قدمن کي نوڙي چُمون ٿا،
۽ ناحق جي پڳڙي لتاڙي وجهون ٿا.



ڊاڪٽر نجم عباسي
نور محمد ڀٽو
ڊاڪٽر نجم عباسي ۱۷ آڪٽوبر ۱۹۲۷ع تي، ڳوٺ خان واهڻ، تعلقي ڪنڊيارو (تڏھوڪي ضلعي نوابشاهه) هاڻوڪي ضلعو نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر صاحب ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ خانواهڻ مان حاصل ڪئي. جڏهن ته ميٽرڪ ۱۹۴۶ع ڌاري، لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاهه مان ۽ انٽر سائنس سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ڪراچي ۱۹۴۸ع تي ڪيائين. سال ۱۹۴۹ع ڌاري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتان ۱۹۵۳ع ڌاري ايم بي بي ايس جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۵۴ع ڌاري هائوس جاب ڪرڻ لڳا.
شاگرديءَ واري زماني ۾، مسلم ليگ شاگرد ونگ ۽ مسلم ليگ گارڊ نوابشاهه ۾ حصو ورتائون. ڊاڪٽر صاحب ۱۹۴۴ع ۾، پهرين ڪهاڻي ”قلب اندر ڪعبو“ تحرير ڪئي. سال ۱۹۴۷ کان ٽماهي مهراڻ ۾، سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون شايع ٿيڻ لڳا. هن وقت تائين سندس ۳۱ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
ڊاڪٽر نجم عباسي انتهائي نازڪ ۽ حساس مسئلن تي قلم کنيو. هن مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو. سندس ۳۰۰ ڪهاڻيون شايع ٿيون. سندس مشهور ڪتاب بلنديون، تلاش، تصوف جي چير ڦاڙ، دوکو، طوفان جي تمنا، ڳاڙهو لالٽين، چيني ناول، اوچا ڳاٽ پهاڙن جا، لينن جي انقلابي ڪهاڻي، پيار ڪهاڻي، سؤ چور هڪ سچار، قابل ذڪر آهن، ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب طوفان جي تمنا ۱۹۶۹ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي پاران شايع ڪيو ويو. سال ۱۹۷۰ع ۾ کيس سنڌالاجي طرفان پهريون انعام ڏنو ويو. ان کانسواءِ پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران انعام ڏنو ويو.
 ڊاڪٽر صاحب جي شخصت بابت تفصيلي ڪتاب، نجم عباسي: فن ۽ شخصت، تحرير ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب حيدرآباد جي هر دلعزيز شخصيت هو. سندس عبرت پريس ڀرسان گاڏي کاتي ۾ ڪلينڪ هوندي هئي. جتي رش هجڻ جي باوجود سنڌ مان ملاقات لاءِ ايندڙ اديبن سان ضرور ملاقات ڪندو هو. سندس ڪلينڪ تي پٽي لڳل هئي، جنهن تي لکيل هو؛ اوهان پهرين پنهنجو تعارف ڪرايو. ساڻس منهنجي ملاقات اسلم ميمڻ ڏيپلائي ڪرائي، جيڪو بابا جو شاگرد رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر صاحب وٽ سائين سرور سهتو، نثار حسيني، نصير مرزا، نياز همايوني، مولانا غلام محمد گرامي ۽ ٻيا اديب شاعر پڻ ايندا هئا. ڊاڪٽر صاحب سان ۱۹۷۰ع کان ملاقات رهي. ايندڙ کي جيئي سنڌ چئي ڀليڪار ڪندو هو. سندس ڪچهري قرب واري هوندي هئي. چانهه سان خاطر تواضح ڪندو هو. سال ۱۹۹۴ع کان پوءِ، سائين سان ملاقات ڪا نه ٿي. سائين لطيف آباد کان نسيم ننگر، وڳوڙن سبب شفٽ ٿي ويو. هي خدا ترس انسان ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع  تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. خدا تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي، مريض وڏي تعداد ۾ هن وٽ ايندا هئا، هر ڪنهن سان خوش اخلاقي سان پيش ايندو هو.



ڊاڪٽر نجم عباسي
سا جوءِ ڏوري آئيا، سونهان جت منجهن!
جامي چانڊيو
ادب پڙهڻ لکڻ جو شوق مون کي ننڍپڻ کان هو، شوق ڇا، بس هڪ جنون هو. پر ننڍي وهي هئي، سو ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ رومانيت ڏاڍي وڻندي هئي ۽ سندس ڪهاڻيون ورائي ورائي پيو پڙهندو هوس. ائين ۱۹۸۶ع ۾ جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان انٽر ميڊيٽ پاس ڪري نڪتس ته انهن اديبن سان ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ جي سڌ جاڳي پئي. حيدرآباد ۾ منهنجو اچڻ پيو ٿيندو هو. ۱۹۸۷ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ڪتاب ”ڏاهپ جو اڀياس“ لاڙڪاڻي مان شايع ٿي پڌرو ٿيو ته دوستن چيو ته هڪ ڪاپي ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي به اُماڻجي. مون چيو ڊاڪٽر نجم عباسي کي اها ڪاپي مان پاڻ ڏيندس. ائين ساڻس ملاقات جو بهانو ٺهي آيو. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪلينڪ گاڏي کاتي ۾ هوندي هئي. مان ڪتاب کڻي وڃي ساڻس مليس. نهايت قرب سان مليو، مونکي ويتر سرهائي اها ٿي، جو هن منهنجي لکيل هڪ ڪهاڻي ”ڪاري رات جا روشن راهي“ به پڙهي هئي، جيڪا ماهوار نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿي هئي. مون کي ياد آهي ته ان پهرين ملاقات ۾ اسان جي ڊگهي ڪچهري ٿي، هو وچ وچ ۾ مريضن کي به ڏسي رهيو هو ۽ اسان جي ڪچهري به جاري هئي. منهنجي ذهن ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو خاڪو هڪ رومانوي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس وارو هو، پر روبرو هو مون کي هڪ بيحد مختلف شخص نظر آيو. بنهه غير رومانوي، مڪمل طور سنجيده، شاعري، موسيقي ۽ فن کان ڪوهين ڏور، بظاهر هڪ بنهه رُکو ماڻهو! لفاظيءَ کان بنهه پري، سندس گهڻي دلچسپي سائنسيت ۽ فلسفي ۾ هئي.
مذهبن، عقيده پرستيءَ، جاگيرداريءَ ۽ روحانيت بابت هن جا ويچار تمام سائنسي، عقليت پسند ۽ چٽا هئا. روبرو ته هي ماڻهو ئي ٻيو هو، هو مون کي روايتي اديب قطعي نه لڳو. هڪ مڪمل نظرياتي ماڻهو هو. جيئن ته منهنجي مطالعي ۽ دلچسپيءَ جا موضوع به ساڳيا هئا، ان ڪري پهرين ملاقات ئي هڪ دوستيءَ واري سُنٻنڌ ۾ بدلجي وئي. اها هن جي وڏائي هئي، جو هن مون جهڙي نوجوان ۽ سيکڙاٽ کي عمر جي فرق کان قطع نظر ادبي ۽ نظرياتي طور پنهنجو دوست ٺاهيو. مون کي پوءِ سمجهه ۾ آيو ته رسول بخش پليجو پنهنجي جيل ڊائري ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ سان ڪچهرين جون خواهشون ڇو ظاهر ڪندو هو. نظرياتي پختگيءَ کانسواءِ اديب هجي يا ڪو به ٻيو ماڻهو اهو فڪري طور وائڙو ۽ بي روح هجي ٿو/ ٿي، نظرياتي ۽ فڪري طور پختي ماڻهوءَ جي ڳالهين جو هڳاءُ ئي پنهنجو ٿئي ٿو، جنهن ماڻهوءَ کي فطرت ۽ سماج جو سائنسي شعور ناهي، انجي چيل يا لکيل ڳالهه ۾ ڪهڙي گهرائي، ادراڪ يا تفڪر هوندو! حقيقت ته اها آهي ته ويندي ٻوليءَ، فن ۽ خيال ۾ احساس کي به تفڪر گهرجي ٿو ۽ فڪر انهن جي به تخليقي اڏاوت ڪري ٿو.
ڊاڪٽر نجم عباسيءَ سان دوستيءَ جو سنٻنڌ جو جڙيو ته پوءِ حيدرآباد ۾ جڏهن به هوندو هوس ته سندس ڪلينڪ تي ڀيرو نه ڀڃجي، اهو ممڪن ئي ناهي. ڊاڪٽر نجم عباسي ماڻهو به عجب هو. ويسر جو ته بادشاهه هو. ڪلينڪ تي بورڊ لڳل هوندو هوس، ”پراڻا دوست نئين سر تعارف ڪرائين!“ پوءِ اسين نوجوان اديب دوست جڏهن به وٽس ويندا هئاسين ته ڀوڳ ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندا هئاسين ۽ نجم عباسي ان تي بي اختيار کلي پوندو هو، جنهن لاءِ حيدرآباد ۾ مشهور هوندو هو ته هو کلندو ئي ناهي. ويسر کيس ڪم به ڏاڍي ايندي هئي، کانئس ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ گهربو هو ته بورڊ ڏانهن اشارو ڪري چوندو هو ڪتاب ڏيڻ ۾ خوشي ٿيندم، پر جيئن ته اها ڳالهه وسري ويندي، ان ڪري ڏئي نه سگهندس. ٻي دلچسپ ڳالهه ته ڊاڪٽر نجم عباسي بنهه نبار سنڌي ڳالهائڻ ۽ لکڻ تي زور ڏيندو هو. ڪچهريءَ دوران اردو يا انگريزيءَ جو لفظ ڳالهايو ته اصل چڙي پوندو هو. چئي؛ ”سنڌي ڪو نه ٿي اچيوَ، لکنئو يا لنڊن ۾ ڄاوا آهيو، جو سنڌيءَ ۾ اوپرا لفظ ٿا ٽنبيو.“ ٽي ويءَ کي چوندو هو ”ڏور ڏسڻي“ ۽ فون نمبر کي چوندو هو؛ ”ڏور ڳالهائڻو انگ.“ سندس ڪلينڪ جي ليٽر پيڊ تي به ائين لکيل هوندو هو. ان تي ساڻس اڪثر بحث ۽ ڪڏهن ڪڏهن تلخ بحث ٿي پوندا هئا. ان سوال تي اصل نه مڃيندو هو. مان ساڻس هميشه ڀوڳ ڪندي چوندو هوس؛ ”ڊاڪٽر صاحب! توهان ٻوليءَ جي واهپي جي باري ۾ غير سائنسي ۽ غير عقلي آهيو..“ ته چوندو هو سنڌي ٻوليءَ جي نج نبار حيثيت منهنجو عقيدو ۽ ايمان آهي. سنڌ هونئن به سندس محبت جو محور هئي. سنڌ سان عشق جون دعوائون ته بي حد عام آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن شخص کي مون سچ پچ سنڌ جي عشق ۾ ٻڌل ڏٺو ته اهو ڊاڪٽر نجم عباسي هو. هڪ ڀيري مان ڊاڪٽر نجم عباسيءَ وٽ ويٺو هوس ته نياز همايوني صاحب به اچي سهڙيو، جو هو به گاڏي کاتي ۾ ئي رهندو هو. ڳالهين ڳالهين ۾ اچي فارسيءَ جو ذڪر نڪتو، جو نياز همايونيءَ کي فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل هوندو هو. فارسي جيئن ته منهنجي به گهر جي ٻولي هئي، جو منهنجو والد پروفيسر عبدالحئي چانڊيو فارسيءَ جو استاد ۽ شاعر هو، سو مون نياز همايونيءَ سان فارسي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ تي پئي ڳالهايو. نياز همايوني صاحب ڪچهريءَ دوران هڪ جملو ڇا چيو، ڪچهريءَ جو رنگ ئي مٽجي ويو. هن  چيو دنيا ۾ فارسيءَ جهڙي حسين ۽ امير ٻولي ٻي ڪابه نه آهي. ڊاڪٽر نجم عباسي تپي باهه ٿي ويو، چئي.. ”فارسيءَ جي تعريف ڀلي ڪر، پر سنڌيءَ کي گهٽ نه ڪر.“ مون پهريون دفعو ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي سنڌي ٻوليءَ جي معاملي تي بيحد جذباتي ٿيندي ڏٺو.
ڊاڪٽر نجم عباسي پنهنجي شخصيت ۾ هڪ عام سادو ماڻهو هو ۽ هن جي ڪهاڻين ۽ ناولن جا موضوع به عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جا هئا. ڪلينڪ جي ڪري هن جي زندگي عام ماڻهن سان واڳيل هئي ۽ هن جا مريض هن سان اچي پنهنجو اندر جو حال اوريندا هئا. سندس مشهور ناول ”تلاش“ هڪ اهڙي سچي وارتا جي عڪسبندي هو، جنهن جي پلاٽ، سٽاءَ ۽ فني بيهڪ تي مون ساڻس تڏهن به اختلاف رکيو هو، جو مان ان ناول جي ڪردار جي وارتا جو اکين ڏٺو شاهد هوس. پر ڊاڪٽر نجم عباسيءَ خالص افسانويت بجاءِ ڪردار، موضوع ۽ خيال عام ماڻهن جي زندگيءَ پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن مان کڻندو هو، ان ڪري هن جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ افسانويت گهٽ ۽ حقيقت پسندي وڌيڪ آهي. جيتوڻيڪ مان ذاتي طور افسانوي ادب ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ سان گڏ تخيلاتي افسانويت کي بيحد اهم سمجهان ٿو. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جون ڪهاڻيون ۽ ناول سماجي حقيقت نگاريءَ ۽ رومانويت جي دائري ۾ اچن ٿا. مان هڪ ڳالهه تي ساڻس هميشه اختلاف رکندو هوس ته گهڻو لکڻ بجاءِ ٿورين شين کي گهڻو وقت ڏجي، پر هو منهنجي ان ڳالهه سان سهمت نه ٿيندو هو. مون هن ۾ هڪ عجيب ڳالهه ڏٺي ۽ محسوس ڪئي ته پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ رومانويت جي رنگ ۾ ٻڏل ڊاڪٽر نجم عباسي ذاتي عملي زندگيءَ يا پنهنجي روين ۾ بنهه غير رومانوي ۽ غير جمالياتي هوندو هو. اهو شايد هن جي عملي زندگيءَ، سماجي مزاج ۽ سندس تحت الشعور جو تضاد هو. هن جو لکيل تخليقي ادب ٻڌائي ٿو ته هو پنهنجي تحت الشعور ۾ تمام گهڻو رومانوي ۽ جمالياتي شخص هو، پر عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي سماجي حالتن سبب بنهه سادو ۽ غير رومانوي شخص هو ۽ ائين اڪثر ٿيندو آهي. ماڻهو جو اصل روح سندس تحت الشعور ۾ هوندو آهي، پر سندس شخصيت، روين ۽ مزاج کي سماجي ماحول گهڙي ۽ ٺاهي ٿو. مون ۱۹۹۴ع ۾ ڊاڪٽر نجم عباسيءَ تي تنقيدي مضمون لکي ان نقطي کي وڌيڪ چٽو ڪيو هو ۽ هن کي منهنجو اهو مضمون ڏاڍو وڻيو هو. مون کي پيار مان ”پارکو“ چوندو هو ۽ چوندو هو ته جي سندس وس هلي ته هو منهنجو نالو مٽائي ”پارکو“ رکي.
ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد کان پوءِ ٻيو ماڻهو هو، جنهن مذهب بابت پنهنجا ويچار سماجي مصلحت تحت لڪايا ڪو نه. نظرياتي طور هو ان معاملي ۾ سائين جي ايم سيد کان به اڳتي هو، جو سائينءَ مذهبن مان نڪري تصوف جي ڳالهه ڪئي، پر هن فطرت ۽ سماج بابت مادي ۽ سائنسي شعور جي ڳالهه ڪئي. هن جا غير افسانوي اديب ۽ فڪري مضمون لا جواب آهن ۽ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جو اهو واحد اديب هو، جيڪو سماجي مصلحت تحت پنهنجا خيال لڪائڻ يا علامتي طور بيان ڪرڻ بدران بي باڪيءَ سان واضح ڪندو هو. اها فڪري جرئت گهٽ ماڻهن ۾ ٿئي ٿي. مثال طور رڳو هي واقعو ان ڏس ۾ ڪافي آهي ته زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن سخت بيمار هو ۽ نسيم نگر حيدرآباد ۾ پنهنجي ڌيءَ جي گهر رهندو هو ته مون کي ملڻ لاءِ نياپو ڪيائين. مان ۽ پروفيسر اعجاز قريشي وٽس گڏجي وياسين. هلڻ ۽ ڳالهائڻ کان به لاچار هو. مون ڏٺو ته سندس سيرانديءَ کان اهو ئي ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ڪتاب پيو هو، جيڪو مون کيس ۱۹۸۷ع ۾ ڏنو هو. ڀوڳ ڪري چيومانس،” اڃا پيا پڙهو اهو ڪتاب...“ عجيب جواب ڏنائين ۽ مان هن جي فڪري سگهه کي ڏسندي دنگ رهجي ويس. مون کي چيائين ته؛ ”هر ٻڌل يا پڙهيل ڳالهه ان ئي لمحي وسري ٿي وڃي، پر دل چوي ٿي ته جيڪو هڪ لمحو ذهن ۾ ڪا ڳالهه هجي ته اهو به سائنسي شعور هجي.“ ڇا ته ڳالهه هئي ۽ هن شخص جي فڪري سگهه هئي. نه ته موت کي سامهون ڏسي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو ڀڄي ڀُري وائڙا ٿي پوندا آهن، پر هي سنڌ جو ڊاڪٽر نجم عباسي هو، جيڪو موت ۽ جهالت کان ڏاڍو هو.
سنڌ جو آجپو ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو خواب هو، سنڌ هن جي زندگي هئي، عاشقي هئي، مرندي مري ويو، پر پنهنجي بنيادي ويساهن ۽ آدرشن سان هن جو ناتو نه ڇنو. وصيت ڪري ويو ته سنڌ آجپو ماڻي ته سندس قبر تي ڏيئا ضرور ٻارجو. ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي قبر اڄ به انهن ڏيئن جي اوسيئڙي ۾ آهي، جيڪي هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ٻرندا ۽ نجم عباسيءَ جو فڪري روح ائين ئي جرڪي ۽ مرڪي پوندو جيئن اهو گاڏي کاتي ۾ سندس ڪلينڪ تي سائنسي شعور ۽ سنڌيت سان جرڪندو ۽ مرڪندو هو.



نجم عباسي
سنڌ جي ضمير ۽ خمير مان ڳوهيل شخص
همسفر گاڏهي
هيءَ ۱۹۹۴ع جي ڳالهه آهي جڏهن آ ماهوار سنڌ سجاڳ جو ايڊيٽر هئس ۽ منهنجو سنگتي نصير ميمڻ، تڏهن ادبي ۽ صحافتي دنيا ۾ نصير سارنگ جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. منهنجو حيدرآباد اچڻ وڃڻ اڪثر رهندو هو. ايئن هڪ ٻه ڀيرا سائين نجم عباسي سان سندس نسيم نگر واري گهر تي ڪچهريون پڻ ٿيون. پوءِ هڪ ڏينهن آ ۽ نصير سهي سنڀري انٽرويو وٺڻ سندس گهر پهچي وياسين. نجم عباسي تن ڏينهن ۾ انٽرويو ڏيڻ کان به گهڻي ڀاڱي بچڻ جي ڪندو هو پر اسان سان بنهه انڪار نه ڪيائين.
نجم عباسي جي انٽرويو کان اڳ مون وٽ ذاتي طور سندس شخصيت بابت خاڪو ڪجهه هن طرح جڙيل هو ته هو پڪو پختو قومپرست ۽ سائين جي ايم سيد جو مداح آهي پر پوءِ جيئن الجهيل سٽ کلندو ويو ته سندس شخصيت جا گهڻا لڪل پاسا ۽ رمزون سامهون اچي بيٺيون. ساهتي پرڳڻي سان تعلق رکندڙ هن کري شخص جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته کوڙ اهڙيون ڳالهيون به ڪري ويو جيڪي عام طور تي ڪوئي ڪري به نه سگهي، جيئن سائين جي ايم سيد لاءِ سندس راءِ هئي ته: سائين جي ايم سيد عملي سياست ۾ ڪڏهن به عوام دوست نه رهيو آهي. هن تمام گهڻن موقعن تي عوام دشمني وارو ڪردار پڻ ادا ڪيو ۽ پنهنجي جاگيردار اَنا کي تسڪين ڏني.” ايئن هو ذوالفقار علي ڀٽو کي به عوام دشمن سمجهندو هو، هن جي خيال ۾: “ڀٽو به عوام دشمن هيو. هن رڳو لفاظي طور سوشلزم جو نعرو هنيو، باقي هو پاڻ به سوشلسٽ ڪو نه هو”.
حقيقت ۾ نجم عباسي پاڻ به ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ، سوشلسٽ خيال رکندڙ ڪميٽيڊ قسم جو اديب هو. کيس جاگيردارن ۽ جاگيرداراڻي معاشري کان سخت نفرت ۽ چڙ هوندي هئي. سندس اها چڙ ڪٿي ڪٿي حقيقتن بدران جذبات تي به ٻڌل هوندي هئي. جيئن هو سائين جي ايم سيد تي رڳو جاگيردار پسمنظر رکڻ سبب چڙيل نظر ٿو اچي باقي هو سندس علمي ۽ فڪري ڪم جو ٻئي طرف مداح پڻ هو. مثال طور هن مون کي ڪيئي ڀيرا اهو ٻڌايو هو ته: سيد جو علمي ۽ فڪري ڪم عوام دوست ڪنٽريبيوشن آهي ته پوءِ ان شخص جي سياست ڀلا عوام دشمن ڪيئن ٿي سگهي ٿي. منهنجي خيال ۾ اهي ٻه متضاد ڳالهيون آهن جن کي نهايت باريڪ بيني سان سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آهي.
هونئن نجم عباسي جو ڳاڻيٽو انهن سرموڙ اديبن ۾ ڪري سگهجي ٿو جيڪي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ئي ادب جي ٻيڙي ۾ سوار هئا، اهي ادب جي آبياري ڪندا رهيا هئا. هو انهن چند لکارين مان هو جن پنهنجي افسانن ۽ ڪهاڻين ۾ سنڌي قومپرستي، سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب کي اجاگر ڪيو.
نجم عباسي، عثمان ڏيپلائي کان ڪافي متاثر هو. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين ۽ افسانن ۾ پير پرستي ۽ وهم پرستي خلاف ڀرپور مواد پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. ايئن چئجي ته قطعي طور واڌارو نه ٿيندو ته هو عثمان ڏيپلائي کانپوءِ اديبن ۽ دانشورن ۾ پير پرستي ۽ وهمي عقيدن خلاف جهاد ڪندڙ ٻيو کاهوڙي شخص هو. سندس ڪهاڻي “قلب  اندر ڪعبو” ۽ “قدم ڄمائڻ لاءِ” ان سلسلي جون ٻه اهم ڪهاڻيون آهن، جيڪي مذهبي عقيدي پرستي ۽ نام نهاد پيري مريدي جا ڌاڃوڙا ڪڍڻ لاءِ ڪافي آهن. ٺٽي جي هڪ نام ڪٺئي پير جي ارگرد گهمندڙ ڪهاڻي “قدم ڄمائڻ لاءِ” جيڪڏهن ڪنهن ناهي پڙهي ته ان کي هاڻ به پڙهي ڏسي کيس يقين ٿي ويندو ته هڪ گذاري ويل شخص پنهنجي جيئري مشاهدن آڌار ڇا ته حقيقتون لکي ويو آهي، ٺٽو، لاڙ جو تر، توڙي سڄي سنڌ ۾ ماڻهو پير پرستي جي ان غير سائنسي تصور ۾ ڪيترو نه ڦاٿل آهن. اها خبر ان ڪهاڻي پڙهڻ سان ضرور پوي ٿي.
اها خبر شايد گهڻن ماڻهن کي نه هجي ته نجم عباسي منڍ ۾ ڪجهه جاسوسي ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي اردو جاسوسي ڪهاڻين وانگر پرتجسس هونديون هيون. پوءِ اڳتي هلي هن تاريخي ڪردارن جو سهارو پڻ ورتو ۽ طبقاتي نظام خلاف لکيو. هو هيرو ور شپ جو پڻ قائل هو، تڏهن ته کيس محمد عثمان ڏيپلائي جو ناول “سانگهڙ” ۽ سراج جو “ناول پڙاڏو سو ئي سڏ” ڪردار نگاري ۽ هيروورشپ جي حوالي سان وڻن ٿا. هن چواڻي “ڏيپلائي ۽ سراج جي ناولن ۾ ڪردارن جي چونڊ شاندار آهي. اهي سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ انقلاب لاءِ اتساهين ٿا ۽ مان سمجهان ٿو ته ماڻهن کي اتساهيندڙ ڪردار غلط نٿا ٿي سگهن.”
حالانڪه سراج ۽ ڏيپلائي جا ذڪر هيٺ آيل ناول هيرو ور شپ سبب سنڌي ادبي کيتر ۾ جتي متضاد بڻيل آهن، اتي ناول جي دنيا ۾ مڃيل وصف تي انهن جي پوري نه لهڻ بابت به گهڻ پڙهيل ماڻهن وٽ هڪ الڳ راءِ موجود آهي.
نجم عباسي ٻين ليکڪن وانگر جنسيات جي موضوع کي معيوب نٿو سمجهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن جنس جي موضوع تي به قلم کنيو. سندس ڪهاڻي “دعا ۽ تاڙيون” ان پسمنظر ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ هڪ شخص کي مذهب جو ايترو جنون هوندو آهي جو اهو جنسي جذبي کان هر وقت ڀڄندو آهي ۽ پاڪ دامني جي چڪر ۾ اچي پنهنجو مرداڻو عضوو به وڍي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ پاڪ دامن ته ٺهيو کدڙن جي محفل جو مور بڻجي ويٺو تاڙيون وڄائيندو آهي. اها ڪهاڻي ۾ به سماجي حقيقتن جو  هڪ کليل پر ڪڙو اظهار آهي.
نجم عباسي جي ڪهاڻي “ناچڻي” سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي پسمنظر ۾ لکيل هڪ شاندار ڪهاڻي آهي. مظهر جميل سنڌي ادب تي سهيڙيل پنهنجي ڪتاب ۾ نجم عباسي کي ڀيٽا پيش ڪندي سنڌي ناول، افساني ۽ ڪهاڻي جو سرموڙ ۽ قومپرست اديب قرار ڏنو آهي.
جئين پاڻ مٿي ذڪر ڪري آياسين ته نجم عباسي سوشلسٽ خيال رکندڙ اديب ۽ ڪهاڻيڪار هو، ان ڪري جتي به ۽ جنهن به محفل ۾ ڪو ماڻهو سوشلسٽ نظرئي تي تنقيد ڪندو هو پوءِ هو به روايتي سوشلسٽ ملي وانگر ان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندو هو، حالانڪه علمي ۽ فڪري تنقيد مثبت عمل هجي ٿو باقي رد عمل ۾ ڪيل تنقيد شخصي ۽ ڇسي به هجي ٿي. جيئن هو شيخ اياز بابت چوي ٿو ته: شيخ اياز جو نالو آهي مولوي شيخ اياز، ڇو ته ڪو به مُلو جيڪر سوشلزم جو مخالف نه هوندو ته ان جي ملائيت ڪيئن برقرار رهي سگهندي.”
منهنجي خيال ۾ شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جو وڏو نانءُ آهي، هن جي علمي ڪنٽريبيوشين کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. شخصي پسند ۽ ناپسند، هيٺ هن جي شخصي طور مڻيادار ماڻهو نه هجڻ جي ڳالهه ڪري سندس ادبي قدڪاٺ نٿو گهٽائي سگهجي. شخصي اوڻايون هرماڻهو ۾ هجن ٿيون. اياز جي اها سٽ “سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو سهندو ڪير ميار او يار.” سنڌ تي جبر ۽ آمريت وارن ڏينهن ۾ اتساهيندڙ شاعري آهي. ان ڪري يڪسر ڪنهن جي علمي ۽ ادبي پورهئي کي منڌيئڙو ڏيڻ واري ڳالهه ٺيڪ نه آهي. نجم عباسي جو خيال پنهنجي جاءِ تي باقي شيخ اياز فڪري ۽ علمي لحاظ کان سنڌ جي جديد تاريخ جو وڏو ماڻهو هو.
ڊاڪٽر جنم عباسي جي قلمي پورهئي ۾ هڪ مختصر ڪتاب، بنگال ۾ ۷۱-۱۹۶۹ع  جي فوجي آپريشن بابت عالمي پريس ۾ حقيقت تي مبني ڇپيل خبرن جي سنڌي ترجمي تي ٻڌل آهي. گڏيل پاڪستان جون اخبارون ۽ رسالا تڏهن اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ جون خبرون ڇاپيندا رهيا. اهو ڪتاب جنرل ضياءُ الحق جي آپيشاهي جي عروج واري زماني ۾ ڇپيو. تنهن دستاويز ۾ شامل ڪيل نيوز اسٽوريز مان هڪ ۾ تڏهوڪي ڪرنل ضياءُ الحق جي ڪلورن جو ذڪر پڻ آهي.
بهرحال ڊاڪٽر نجم عباسي جو علمي ۽ ادبي پورهيو تمام ڳڻپ جوڳو آهي. هو ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ شخص هو، ون يونٽ ۾ به سرگرم رهيو ته سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ هر جلسي جلوس ۾ پابندي سان شريڪ ٿيندو هو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته هن آخر تائين پنهنجي سوشلسٽ نظريي کي هڙ ۾ اهڙو ته قابو ڪري ڇڏيو هو جو ان کان تر جيترو به غافل نه رهيو. جنت ۽ جهنم جي ڊپ ۽ آسري کان بي خوف ٿي زندگي گذاريندڙ شخص لاءِ اول آخر سنڌ وڏي وَٿ هئي، هو سنڌ جي خمير ۽ ضمير مان ڳوهيل شخص هو.

تڏهن ته هن پنهنجي وصعيت ۾ چيو هو ته: “جڏهن به سنڌ آزاد ٿئي ته منهنجي بٺيءَ تي هڪ ڏيو ٻاري وڃجو.” پڪ سان اهو ڏينهن ضرور ايندو، پوءِ جنهن به نسل اها آزادي ماڻي اهي سندس بٺيءَ تي ضرور ڏيئا ٻاريندا.





ڊاڪٽر نجم عباسي
بيباڪ ترقي پسند ليکڪ
ڪامران رند
ترقي پسند ادب انسان کي مايوسين ۽ نااميدين جي اوڙاھ مان ٻاھر ڪڍي زندگيءَ جي رنگينين ۽ خوبصورتين ڏانھن موٽ کارائيندو آھي. اھڙي ترقي پسند ۽ انسان دوست ادب جي تخليق ۾ اڳوڻي سويت يونين جو ته جواب ئي نه آھي پر ڏٺو وڃي ته ننڍي کنڊ جي ليکڪن به ان حوالي سان عاليشان ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ جا اديب ۽ ليکڪ به ترقي پسند ۽ روشن خيال ادب جي تخليق ۾ ڪنھن کان پوئتي نه رھيا آھن. لکارين جي اھڙي ڊگهي فھرست ۾ ڊاڪٽر نجم عباسي يقينن مٿانھين جاءِ والاري ٿو. ھو بنيادي طور قومپرست خيالن جو ھو پر کيس انسانذات جي حقيقي آزادي ۽ خوشحالي اشتراڪيت واري عالمي نظريي ۾ نظر ايندي ھئي. پنھنجي نظريي جي پرچار لاءِ ھن ڪھاڻي، ناول ۽ ڪجھ ٻين صنفن جو سھارو ورتو. ترجما به اھڙين لکڻين جا ڪيائين جن سندس نظريي يا سوچ جي ترجماني ٿي ڪئي. سنڌ جو شايد ئي ڪو اديب يا ليکڪ اھڙي بي باڪي يا دليريءَ سان پنھنجي پڙھندڙن سان مخاطب ٿيو ھجي.
ڊاڪٽر نجم عباسي ۱۹۲۷ع ۾ ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو. ھن جو ننڍي ھوندي کان ئي لکڻ پڙھڻ سان چاھ پيدا ٿي پيو. اھوئي سبب ھو ته ٻاراڻي عمر ۾ ئي ڪتاب سان گڏ قلم به سنڀالي ورتي ھيائين. ھن ورھاڱي کان اڳ پنھنجي ڳوٺ ۾ مسلم نيشنل گارڊ جو بنياد به وڌو، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو ته کيس انھن ڏينھن کان ئي سياست ۾ دلچسپي پيدا ٿي چڪي ھئي. نجم عباسي جي پهرين ڪھاڻي ”ھمت ۽ ڪوشش“ مھراڻ رسالي ۾ ۱۹۴۴ع ۾ ان وقت ڇپي جڏهن سندس عمر سترنھن سالن مس ھئي. مھراڻ رسالي جي ان وقت جي ايڊيٽر لعل چند امر ڏني کيس لکڻ طرف مائل ڪيو. پيشي جي لحاظَ کان پاڻ ڊاڪٽر ھو پر پنھنجي آزاد طبيعت جي ڪري سرڪاري نوڪريءَ کي اٺن نون سالن جي عرصي دوران ئي الوداع ڪري حيدرآباد ۾ مستقل طور پنھنجي ذاتي ڪلينڪ کولي ويھي رھيو.
نجم عباسي نوڪريءَ جي شروع وارن سالن دوران سنڌ جي اڪثر شھرن ۾ رهيو ۽ ان سموري عرصي ۾ سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ سماجي حالتن جو گهرائيءَ سان جائزو وٺندو رھيو. ھو ان نتيجي تي پهتو ته ھن وقت ڌرتيءَ تي اشتراڪيت ئي اھڙو نظام آھي، جنھن سان ھر قسم جو استحصال ختم ٿي سگهي ٿو. تنھن بعد سموري حياتي اشتراڪي سماج جي قيام لاءِ جدوجھد ڪندو رھيو ۽ پنھنجي پوري حياتي سنڌي قوم ۽ انسانذات جي ذھني ۽ جسماني غلاميءَ جي خاتمي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. سندس ھر ڪتاب ۾ سنڌ جي دردن جي عڪاسي ٿيل آھي. ڊاڪٽر نجم عباسي کي عام ماڻھن جي تڪليفن ۽ اھنجن جي پوري پوري ڄاڻ کانسواءِ سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل ڪڌين ريتن ۽ رسمن جو به بهتر ادراڪ ھو. تنھن ڪري ئي پنهنجي ڪھاڻين ۾ اھڙن وھمن، وسوسن ۽ من گهڙت خيالن بابت ڀرپور لکندو ۽ ننديندو رھيو. سندس ڪھاڻي ”دعا ۽ تاڙي“ به اھڙي شخص جي چوڌاري ڦري ٿي، جيڪو مذھب جي اثر ۾ ايترو ته وڪوڙجي ٿو وڃي.
نجم عباسي سموري حياتي بيڊپو ۽ بيباڪ ٿي گذاري ۽ جيڪي سوچيو سو ئي ڳالھايو ۽ جيڪو سمجھيو سو ئي لکيو. نه ڪنھن کان خوف کاڌائين نه ئي ڪنھن کان ڊنو. نجم عباسي تمام گهڻو ۽ معياري لکيو آھي. پاڻ ڪجھ ناول به لکيا ۽ ترجمو ڪيا اٿس، جن جا موضوع سماجي حقيقت نگاريءَ جو چٽو عڪس آھن. جنھن ۾ سندس ناول ”تلاش“ کي وڌيڪ اھميت حاصل آھي، جيڪو ھڪ وڏيري جي ڪوٽ ۾ قيد ڇوڪريءَ جي چوڌاري ڦري ٿو. تنھن کان علاوه ”پابنديون“ ۽ ”پيار“ پڻ اھم ناول آھن. تنھن کان علاوه پاڻ تصوف جي موضوع تي پڻ مضمونن جو ھڪ ڪتاب ”تصوف جي چيرڦاڙ“ به لکيو اٿائين.
نجم عباسي ترجمي جي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملھايو آھي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خوبصورت ۽ عام فھم ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿائين. اھڙن ڪتابن ۾ خليل جبران جو ”پھاڙن ۾ پڪار“، ”گانڌي“، ”ڳاڙھو لالٽين“ ۽ ”ماسترياڻي“ شامل آھن.
ڊاڪٽر نجم عباسي ڪھاڻين جا ڪجھ خوبصورت ۽ وڻندڙ ڪتاب لکيا آھن، جن جا نالا ”ناچڻي“، ”پروفيسر“، ”ڌوڪو“، ”مٿي سنڌ سڪار“، ”رشتا ناتا “، ”جيڪي منھنجي من ۾ آھي“ ۽ ”پٿر تي ليڪو“ آھن.
ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي ڪھاڻين ۽ ڪالمن جو مجموعو ”پاڻ ۾ ويٺا آھيون“ نالي سان ڇپيل آھي. ھن پنھنجي آتم ڪٿا ”ڏٺم اڻ ڏٺل“ جي نالي سان لکي آھي، جنھن ۾ وڏي سچائي ۽ بي باڪيءَ جو مظاھرو ڪيو اٿائين. ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر واضح نموني ٻڌايو آھي ته ”ڪنھن به ماڻھوءَ جي ذاتي زندگي نه ھوندي آھي. نجي زندگيءَ جو تصور سرمائيداراڻي سماج جي پيداوار آھي. جنھن جو واسطو لکڻ پڙھڻ سان آھي سو ويٺو لکندو ۽ لکڻ لاءِ وجھ ڳوليندو. جيڪو عمل پڻ سماج کان ڪٽيل نه آھي. انسان جو ھر عمل ۽ ڪم سماجي اعتبار کان اشتراڪي آھي.“
ڊاڪٽر نجم عباسي لکڻ ۽ پڙھڻ سان سڄي عمر ناتو نڀايو ۽ زندگيءَ جي تند ٽٽڻ تائين پنھنجي انقلابي اشتراڪي اصولن سان جڙيو رھيو. سنڌ جي اڪثر اديبن جيان پنهنجي نظريي تان رتيءَ برابر به نه ھٽيو ۽ سموري حياتي عقليت پسنديءَ سان سلھاڙيل رھيو. کيس ڪنھن به عقيدي ۾ تر جيترو به ويساھ نه ھو. جو آخري وقت تائين امن، ڀائيچاري ۽ انساني برابريءَ وارن اعليٰ آدرشن جي پوئيواري ۽ پرچار ڪندو رھيو. سنڌي ادب ۾ ترقي پسند لاڙي کي متعارف ڪرائڻ ۾ سندس نمايان ڪردار رھيو. سندس ڪتاب ”سوچون ھڪَ سچار جون“ جي مهاڳ ۾ خاڪي جويي لکيو آھي ته ”ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌي ادب ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ اھو ڪردار ادا ڪيو آھي، جيڪو روسي ادب ۾ روسين لاءِ گورکي، ٽالسٽاء، خروشيف ۽ دوستووسڪي ادا ڪيو.“
پاڻ سڄي حياتي سماجي برابري ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙ ڪيائين ۽ پنھنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪيائين.
ڊاڪٽر نجم عباسي جي زندگي عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي ھنن سٽن سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿي.
اسين آھيون سادا، چئو ٿا مڃون ٿا،
مگر حق ۽ ناحق، سڃاڻي وٺون ٿا،
حقيقت جي قدمن کي، نِوڙي چمون ٿا،
۽ ناحق جي پڳڙي، لتاڙي ھلون ٿا.
سنڌ جو ھي سٻاجھو اديب پنهنجي پٺيان ايترو ته قلمي پورھيو ڇڏي ويو آھي جو نوجوان نسل اڄ به سندس قلم جي محنت مان فيضياب ٿيندو ۽ علم پرائيندو رھي ٿو.


ڊاڪٽر نجم عباسي

سنڌ جو بيباڪ ۽ مزاحمتي ڪهاڻيڪار

گل مورو

سنڌ جو هي نامور ڪهاڻيڪار، افسانه نگار، ناول نگار علمي ادبي حوالي سان سنڌ توڙي هند ۾ مڃتا ماڻيندڙ ڊاڪٽر نجم عباسي ساهتي جي قديمي شهر خانواهڻ ۾ استاد الهندي عباسي جي گهر اندر ۱۸ سيپٽمبر ۱۹۲۷ع تي جنم ورتو. هي انهن ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو جن ورهاڱي کان اڳ ۽ ورهاڱي کان پوءِ ڪهاڻي، ناول، افساني ۽ ترجمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

ڊاڪٽر نجم عباسي ڪهاڻي کي نئون جنم ڏنو هي نجم عباسيءَ هيو جنهن سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب سان گڏ هندو مسلم ڀائيچاري واري پرچار رکي پنهنجن ڪهاڻين ۾ جاءِ ڏني. شروعاتي دور ۾ ڪهاڻي ڪردارن ۾ جاسوسي ڪردارن جو تجسس حيرت انگيز ۽ منفرد رهيو هو پر نجم جا افسانه ڪنهن نه ڪنهن حيران ڪندڙ واقعن جي چئوطرف گهمندي نظر ايندا هئا. سندس ڪهاڻين ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل حالات جن جي اُپٽار فطري رنگن سان ڪئي وئي جنهن جي ڪري هن جي لکيل افسانن ۾ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي طرف مائل ڪندي هئي. ڊاڪٽر نجم عباسي آخري وقت تائين قلم جي مس کي سُڪڻ نه ڏنو. سنڌي ادب کي ساڳيون ۳۰۰ ڪهاڻيون، ۴ ناول، ترجمان ۽ ڊائري لکي پنهنجي جديد سائنسي روشن خيالي سان مالا مال ڪندو رهيو. هن ٽن کان چئن ڏهاڪن تائين نوجوان نسل جي ذهني آبياري ڪئي. وطن پرستي جهڙي سوچ کي اڳتي وڌايو، فرسوده رسمن، وهمن وسوسن ۽ جاگيرداراڻا سماج ۽ پيري مريدي خلاف محمد عثمان ڏيپلائي جيان قلمي جنگ ڪئي  پنهنجي ڪهاڻين ۾ هر فرسوده روايت، رسم رواج، غلط عقيدن ۽ اعتقادن خلاف بغاوت جو علم بلندو ڪيو. جيڪڏهن سندس هر ڪهاڻي جو اڀياس ڪجي ته ان ۾ سماج جي بهتري، سياسي سماجي شعور، علمي، ادبي اپٽار سندس موضوع رهيو آهي اهڙو ڪو به موضوع ناهي جنهن تي هن مصوري واري عڪس نه چٽيو هجي.

ڊاڪٽر نجم عباسي هڪ سچو حقيقت پسند ڪهاڻيڪار ۽ تنقيد نگار هيو. زندگيءَ جي هر پاسي کي پنهنجي ڪهاڻين کي جاءِ ڏني. طبقاتي نظام جي خلاف جدوجهد هن جو مک عنصر هيو. هن جي افسانن ۾ ڏکوئيل ۽ جيءَ جهريل ماڻهن جو درد ۽ سورن جو اظهار نمايان ملي ٿو. هن سماج جي نام نهاد ٺيڪيدارن، جاگيردارن، ڀوتارن، پيرن ۽ عام انسانن جي زندگيءَ کي زهر بڻائيندڙ منفي ڪردارن جي چهرن تان مصنوعي نقاب لاهي ڏيکاريو جيئن سماج کي انهن جي اصليت جي خبر پئجي سگهي. ڊاڪٽر نجم عباسي جي هر تحرير ۾ ڪو نه ڪو نئون رنگ ۽ سندس هٿ ۾ جدوجهد جو علم نمايان نظر اچي رهيو آهي.

اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي ڏاهي عالم عثمان ڏيپلائي کان پوءِ سنڌ جو هي بيباڪ ليکڪ نجم عباسي ئي هيو جنهن قلمي جهاد ڪيو. ڊاڪٽر نجم عباسي پيشي جي لحاظ کان ته ڊاڪٽر هو پر زندگيءَ ۾ نمايان ڪردار ادار ڪرڻ جي ڪري سنڌ جي سماج جو به ڊاڪٽر هو جنهن سياسي سماجي شعور ذريعي نبض شناس حڪيمن جيان ديس جي درد وندن جي دردرن جو علاج ڪري صحتمند معاشرو جوڙڻ پئي چاهيو. نه خواب جي دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو هو، نه وري ڦندن ۽ ڦيڻن جي چڪرن ۾ پوڻ وارو هو زميني حقيقتن کي سامهون رکي سنڌ جي تقدير جو حقيقي نقشو سنڌ واسين اڳيان پيش ڪندڙ هي مهان شخص هو. ڊاڪٽر نجم عباسي هڪ کرو ۽ سچو اڏڻهار هو جنهن عقيدت پسندي، مذهبي متڀيد کي رد ڪندي انسان دوستي جي پرچار رکي. ڊاڪٽر نجم عباسي اهڙي منظر نامي ۾ کوڙ ساريون ڪهاڻيون لکيون ايتري قدر جو سندس ڪهاڻي ”قدم ڄمائڻ جي لاءِ“ کي ايتري مڃتا ملي جنهن کي فڪشن هائوس لاهور جي قطب خاني سنڌيءَ جو شاهڪار افسانو قرار ڏئي ڇپرايو مستي ۾ اچي ويو آهي!. اهڙن منظر نامن ۾ ڊاڪٽر نجم عباسي کوڙ ساريون ڪهاڻيون لکيون ۽ ترجمون ڪيون جيڪي اڄ به سماج جي بهتري لاءِ ڪم آڻي سگهجن ٿيون. هن هميشهه سماج سان لاڳاپيل مسئلن کي پنهنجي ڪهاڻين جو روپ ڏنو پوءِ اها ڪنهن پير، مير يا افسر شاهي جي تسلسل ۾ هجي يا وري معصوم نينگري “ڪونج” جي ڪهاڻي هجي جيڪا غريب ڪاٺيون ڪندڙ پورهيت جي نياڻي ڪونج روزانو رات جو پنهنجي پيءَ کان ڪهاڻيون سڻندي آهي پر پوءِ به هن سماج ۾ کيس پيٽ ڀري کائڻ لاءِ ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهي. ڊاڪٽر نجم عباسي، سنڌي ادب ۾ اهو شاهڪار نالو آهي جنهن تمام بهترين ڪهاڻي، ناول ۽ افسانا لکي سنڌ جي تاريخ ۽ پس منظر کي اجاگر ڪيو ۽ سنڌ مٿان هزارين سالن کان ٿيندڙ وارتائن جا دردناڪ داستان به ڪهاڻين جي روپ ۾ آندا. جڏهن ڏيپلائي صاحب جي “انسان رسالو” جيڪو ۱۹۵۶ع ۾ ون يونٽ واري زماني ۾ مزاحمتي ادبي جنگ جو محور هو جنهن پوري سنڌ ۾ سنڌ دشمن منصوبي ون يونٽ خلاف قلمي مزاحمت باهه ٻاري ڏني هئي ان رسالي ۾ باقاعده لکندڙن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، فضل الله بچاڻي، ڊاڪٽر عبدالقادر جوڻيجو، ممتاز مرزا سان گڏ سنڌ ساهتي جي مزاحمتي اديب ڊاڪٽر نجم عباسيءَ ”انسان“ جي باقاعده لکندڙن ۾ شامل هو. هن رسالي نه فقط اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي طرفان پيش ڪيل انساني حقن جا پڌرناما سنڌي ۾ پڌرو ڪري پيش ڪيا پر ون يونٽ خلاف اصلي دستاويز به شايع ڪيا. ڊاڪٽر نجم عباسي جي هر ڪهاڻي سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي جيون ڪٿا نظر اچي ٿي.

هن پنهنجي زندگيءَ ۾ شاعري به ڪئي هن جي بهترين ادبي تخليقن ۾ “طوفان جي تنما، پٿر تي ليڪو، ڳاڙهو لالٽين، جيڪي منهنجي من ۾ آهي، ناچڻي، ايڏو سور سهي، مون پڻ ڳايو هو، ڏٺم اڻ ڏٺل، رشتا ناتا، اڪيلا ناهيون، سورج هوندي مرجهايل، للڪار، پهاڙن ۾پڪار، پيار ڪهاڻي، بلنديون، پروفيسر، دارون هن ديواني جو، ڪهاڻين جو قافلو، گانڌي، تصوف جي چير ڦاڙ، تلاش، ماسترياڻي، دوکو، مٿي سينڌ سڪار، زلزلو، لينن جي انقلابي ڪهاڻي، جبل مٿي باهڙي، منهنجون بهترين ڪهاڻيون، پاڻ ۾ ويٺا آهيون، اوچا ڳات پهاڙن جا شامل آهن.” ڏٺـو وڃي ته ورهاڱي کان پوءِ جن ڪهاڻيڪارن قلمي جهاد ڪيو انهن ۾ عثمان ڏيپلائي، جمال ابڙو، شيخ اياز ۽ هي سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسي هو جنهن آخري گهڙيءَ تائين علمي ۽ قلمي جهاد ڪيو. هي مهان اديب  ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع تي وڇڙي ويو.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز،  ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع)



ڊاڪٽر نجم عباسي

سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار، سنڌي ٻولي جي مھان ليکڪ جو ۹۴ جنم ڏينھن

ڊاڪٽر مير محمد مغل

سنڌي ٻولي جي ناليواري ليکڪ نجم عباسي جو جنم پرائمري استاد الهہ آندو خان عباسي جي گھر، سنڌ جي ساهتي پرڳڻي ڳوٺ خانواهڻ، ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۲۷ع ۾ ٿيو.

نجم عباسي سنڌي ادب جو هڪ خوبصورت ۽ سگھارو ليکڪ هو.هو هڪ گھري سوچ رکندڙ ليکڪ هو.جيڪا ڳالھ سندس لکڻين ۾ چِٽي نظر اچي ٿي.آزاد سوچ رکندڙ ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌي ادب ۾ اُنھن ٿورڙن ليکڪن منجھان هو.جن مقصدي ادب لکيو ۽ ادب ۾ نعريبازي کي جائز سمجھندي پنھنجي لکڻين وسيلي پنھنجي نظرين جو پرچار ڪيو.ڊاڪٽر نجم عباسي ۲۵ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع تي حيدرآباد شھر ۾ وفات ڪئي. ڊاڪٽر نجم عباسي بطور ڪھاڻيڪار، ناول نويس، شاعر ۽ مترجم، سنڌي ادب ۾ پنھنجو پورھيو ڪيو. دنيا جي ڪيترن ئي ناليوارن ليکڪن جون ڪھاڻيون،ناول ۽ مضمون ترجمو ڪري سنڌي ادب کي شاھوڪار ڪيو.سندس ڪيل ترجمن جا ڪتاب اڄ بہ ڇاپيا وڃن ٿا.

ادبي سرگرميون...،

نجم عباسي پنھنجي ادبي حياتيءَ جي شروعات شاگرديءَ واري زماني کان ڪئي.پاڻ جڏهن نواب شاھ ۾ پڙهندو هو ته هڪ وڏو اديب، عالم ۽ استاد مخدوم امير احمد اسڪول ۾ استاد هو.مخدوم صاحب شاگردن ۾ انگريزي تعليم سان گڏ سنڌي زبان ادب ۽ قومي جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون.مخدوم صاحب اسڪول جي اندر “بزم ادب” جي نالي سان هڪ انجمن قائم ڪئي،جنھن جي پليٽ فارم تان شاگردن کي علم و ادب ۽ شاعريءَ سان گڏ تقرير ڪرڻ جي سکيا پڻ ڏني ويندي هئي.هر آچر ڏينھن “بزم ادب” جي طرفان هڪ مشاعرو ڪرايو ويندو هو، جنھن ۾ شاگرد پنھنجا شعر ٺاهي اچي پيش ڪندا هئا.انھن شعرن جي مخدوم صاحب اصلاح ڪندو هو. ڊاڪٽر نجم عباسي پڻ انھي ادبي ماحول کان متاثر ٿي شاعريءَ جي شروعات ڪئي.هن سڀ کان پھريون شعر ۱۹۴۱ع ۾ لکيو. جيڪو ڪافي پسند ڪيو ويو.اڳتي هلي پاڻَ “بزم ادب” جو سيڪريٽري پڻ ٿيو ۽ ائين ئي هو شاعري ڪرڻ ۽ انھن محفلن ۾ حصو وٺڻ لڳو.ان دور ۾ سندس ڪيل شاعري “مون پڻ ڳايو هو” جي نالي سان ۱۹۷۹ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي.

ڊاڪٽر نجم عباسي پنھنجي پھرين ڪھاڻي “خانواهڻ” جي علمي ادبي ماحول کان متاثر ٿي لکي.هڪ ڀيري پاڻ پنھنجي والد سان گڏ هڪ ڪچھري ۾ ويو ۽ اُتي ٿيل ڳالھين ۾ هڪ واقعي کان متاثر ٿي پنھنجي پھرين ڪھاڻي ۱۹۴۴ع ۾ “همت ۽ ڪوشش” جي نالي سان لکي.جيڪا جولاءِ ۱۹۴۷ع ۾ “مھراڻ” رسالي ۾ شايع ٿي.سندس ٻي ڪھاڻي “کنڊ جي چوري” پڻ ساڳي ئي رسالي جي آڪٽوبر-ڊسمبر ۱۹۴۷ع واري پرچي ۾ شايع ٿي ۽ ائين ئي ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌي ڪھاڻيءَ جي اُڀَ تي هڪ روشن ستارو ٿي اُڀريو.جيڪو  پنجاھ سالن کان به وڌيڪ پنھنجي جوت سان سھائي پکيڙيندو رهيو.

هِن عَوامي ڪھاڻيڪارَ ۳۵۰ کن ڪھاڻيون لکيون. سندس ڪتابن جو انگ ۳۰ آھي.ويھين صدي جي هن اديب پنھنجي پڙهندڙن ۽ نوجوان نسل ۾ نئون اُتساھ ڦوڪيو.هن عام فھم ۽ سليس نثر ۾ عوم جي لاءِ لکيو.سندس مخاطب اپر ڪلاس نه پر سنڌي عوام رهي.جنھن کي هُن نظرياتي طور عملي جاکوڙَ لاءِ جاڳايو.

ڊاڪٽر نجم عباسي جنھن زماني ۾ نواب شاه جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، اهو دور ننڍي کنڊ ۾ هلندڙ آزادي جي تحريڪن وارو دور هو.نوابشاھ مرڪزي شھر هئڻ سبب، ان اثر کان آجو نه هو.ان زماني ۾ مسلم ليگ جو وڏو زور هو ۽”آل انڊيا مسلم نيشنل گارڊ” جيڪا هڪ فوجي تنظيم ۽ مسلم ليگ جي ذيلي شاخ هئي،انَ جو بہ تنھن وقت وڏو زور ھو.نواب شاھ جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جي ميدان تي، مسلم نئشنل گارڊ طرفان شاگردن کي فوجي سکيا ڏني ويندي هئي.

ان کان متاثر ٿي ڊاڪٽر نجم عباسي ۴۱-۱۹۴۵ع ۾ خانواهڻ ۾ مسلم نيشنل گارڊ جو بنياد وڌو.جنھن ۾ سندس ڪيترائي ڳوٺائي، هم ڪلاسي ۽ دوست حصو وٺڻ لڳا. اڳتي هلي ان شاخ جو ضلعي جي مسلم نيشنل گارڊ سان الحاق ٿيو. تاريخ ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي جڏهن آزاد پاڪستان جو جشن ملھايو پئي ويو. تڏهن ڊاڪٽر نجم عباسي هڪ “قومي ترانو” پڻ لکيو ھو. جيڪو شاگردن کان اسڪول ۾ ڪورس جي انداز ۾ پڻ ڳارايو ويو.

ڊاڪٽر نجم عباسي جي ڪھاڻين جي اڀياس مان سندس سوچ، ذهن ۽ مزاج جو پتو پوي ٿو. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ وڏو مشاهدو ۽ تجربو پرايو ۽ ساڳئي وقت کيس زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا حادثا پيش آيا، جن سندس طبيعت کي ڏاڍو متاثر ڪيو.اُنھن سڀني ڳالھين جو اظھار هُن پنھنجي ڪھاڻين ۾ ڪيو.

طوفان جي تمنا، پٿر تي ليڪو، جيڪي مُنھنجي من ۾ آهي، ناچڻي، ايڏو سور سھي، رشتا ناتا، سورج هوندي مرجھايل، للڪار، پروفيسر، دارو هِن ديواني جو، ڪھاڻيءَ جو قافلو، دوکو، مٿي سنڌ سڪار، مُنھنجون بھترين ڪھاڻيون(ڇپيل ڪھاڻين مان چونڊ)،دل وارن جي دنيا (سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايل چونڊ ڪھاڻيون)ڪھاڻين جا ڪتاب آهن.

ڪھاڻيڪار هئڻ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر نجم عباسي هڪ ناول نويس پڻ هو. سندس لکيل ناول ڪھاڻين جيان “مقصد” کي سامھون رکي لکيا ويا آهن.

پيار ڪھاڻي، بلنديون ۽ تلاش، اڪيلا نه آهيون، پھاڙن ۾ پُڪار سندس جا اصلوڪا ناول آهن ۽ خليل جبران جُون ڪھاڻيون سندس جو ترجمو ٿيل آهن.

ڊاڪٽر نجم عباسي جي ٻين ڪتابن ۾ لينن جي انقلابي ڪھاڻي،گانڌي،هڪ انقلابي جو ننڍپڻ، ماسترياڻي، زلزلو،ڳاڙهو لالٽين، ڏٺل اڻ ڏٺل، آتم ڪٿا ۽ مضمون، تصوف جي ڇير ڦاڙ، جبل مٿي باھڙي (خط)، سوچون هڪ سچار جون، مذهب ادب ۽ سنڌ، ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري ۽ ٻيا به ڪيترائي ناول ۽ ڪھاڻيون ادبي پورهئي ۾ شامل آهن...

وصيت نامو....؟

ڊاڪٽر نجم عباسي جي وصيت جون ڪجھ سٽون هيٺ لکجن ٿيون. ...؟

ٿئي جڏهن ڏينھن سنڌ جي آزاديءَ جو، مُنھنجي ھن قبر تي به ڏيئو ٻارجو

جڏهن به مُنھنجي قبر مٿان اچجو ته، ڀٽائي جي بيت جو ورد ڪجو.

آخر مان نھايت شڪر گذار آهيان سائين سرمد عباسي، لالا شھزاد ڀٽي ۽ عبدالرحمان ڪلھوڙو جن جو جنھن ھي تحرير لکڻ ۾ مدد ڪئي.

 

(ڊاڪٽر مير محمد مغل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا