; سنڌي شخصيتون: عبدالرزاق ڪلهوڙو - رياضت ٻرڙو

02 August, 2012

عبدالرزاق ڪلهوڙو - رياضت ٻرڙو


عبدالرزاق ڪلهوڙو
رياضت ٻرڙو
مُنهن تي ماٺيڻي مرڪ رکندڙ عبدالرزاق ڪلهوڙو، پنهنجن آزاد ۽ نثري نظمن جيان، ٿڌي طبيعت وارو ۽ خاموش طبع شاعر آهي. پابند شاعريءَ سان تعلق بلڪل گهٽ، سبب اهو ئي، ته شاعريءَ جي بحرن ۽ وزنن سان طبيعت کي هم آهنگ ڪري نه سگهيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ توجهه گهرندڙ خيال ڪثرت ۾ موجود آهن.


عبدالرزاق ولد حڪيم هدايت اللھ ڪلهوڙو ۹ آڪٽوبر ۱۹۷۱ع تي، ڳوٺ ڀاوند لاکا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. بِي ايس سِي تائين تعليم حاصل ڪري، طبيه ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪورس ڪيائين. هُو گذريل ڪجهه وقت کان ڳوٺ ۾ والد جو شفاخانو هلائي رهيو آهي.
عبدالرزاق چواڻي: ”قلمڪار بنجڻ کان اڳ ادبي سنگت قنبر شاخ جي ڪجهه واقفڪار دوستن ۽ ليکڪن جون لکڻيون پڙهيم، ته منهنجي من ۾ به ادبي اتساهه جو مها ساگر ڇوليون پائڻ لڳو. منهنجي پهرين لکڻي، ۱۹۹۹ع ۾، هڪ تاثر ’خواب‘ روزاني ’جاڳو‘ ڪراچي ۾ ڇپِي، ته چاهه وڌي ويو. آخر سنگت جي سٿ ۾ شامل ٿيندي باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪئي.“
عبدالرزاق ڪلهوڙو نومبر ۲۰۰۳ع ۾ س.ا.س. قنبر جو ميمبر ٿيو ۽ ۲۰۰۵ع ۾ آڊيٽر رهيو.
سندس مستقل رهائش ڳوٺ ڀاوند لاکا ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا