; سنڌي شخصيتون: هولارام هنس - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

هولارام هنس - رياضت ٻرڙو


هولارام هنس
رياضت ٻرڙو
هيءُ هڪ سٺو اديب ۽ ايڊيٽر آهي. هولارام هنس ولد رهندو مل هسيجا ۱۵ جُون ۱۹۳۴ع تي قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. هُن ابتدائي تعليم قنبر مان حاصل ڪئي ۽ انگريزي پڙهڻ لڳو ته ورهاڱو ٿيو، جنهن سبب سندس وڏا ۱۹۴۸ع ۾ هتان لڏي وڃي بممئي پهتا، جتان پوءِ مهاراشتر ۾ ويٺا. هولارام ۱۹۵۵ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي، پوءِ غربت سبب پڙهائيءَ سان گڏ نوڪري ڪرڻ لڳو. هن ۱۹۶۰ع ۾ بِي اي ۽ پوليٽيڪل سائنس ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ايم اي جي تعليم حاصل ڪئي. هن ۱۹۹۲ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيو.


هولارام هنس پنهنجي ڪتاب ”آتم ڪٿا هڪ اديب جي...“ (۲۰۰۴ع) ۾ لکي ٿو: ”اسان جا ابا ڏاڏا ’ناڙي‘ ۾ رهندا هئا. ان ڪري انهن کي ’ناڙيوال‘ ڪري ڪوٺيندا هئا. پنهنجي ڌرم جي بچاءُ لاءِ کين اُتان لڏڻو پيو ۽ اچي لاڙڪاڻي جي ڀر ۾، قنبر ۾، ٿائنيڪا ٿيا هئا. منهنجي ابن ڏاڏن جي وڏڙي جو نالو پرمانند هو، ان ڪري اسين سڏجون ’پرماڻي‘، اسان جو گھر ’هسيجا‘ جي نالي سان مشهور آهي. هسيجا آهي اسان جي نُک.“
هولارام هنس ۱۹۷۹ع ۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن بعد مسلسل لکڻ ۽ ڇپجڻ لڳو. سندس ڪيترائي ڪتاب هندي، مرهٽي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن. انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل سندس ڪتاب Secrets of Happy and Successful Life “ (سِيڪريٽس آف هيپِي اينڊ سڪسيزفل لائيف) ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۸ع تائين هر سال ڇپبو رهيو ۽ ۱۹۹۹ع ۾ اهو ۵۰۰۰ جي تعداد ۾ ڇپيو. هو مخزن ”پشپ“ جو ايڊيٽر رهيو آهي. هولارام هنس جا ڪيترائي سنڌي ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ”ٽي عظيم شاعر“ (جيڪو سنڌ ۾ به ڇپيو آهي)، ”آڌي رات ڏٺو مون جاڳي، حد بيحد جي سرحد ساڳي“، ”نرتڪي“، ”فلاسافي جيوَن جي“، ”ماروئڙا“ (سنڌ جِي سار جي جذبي هيٺ لکيل ناول)، ”پايل“ (هن ناول ۾ ڪو به مرد ڪردار ڪونهي)، ناوليٽ ”ڌرتيءَ جي سنتان“ ۽ ناوليٽ ”رولاڪ“ وغيره شامل آهن. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا آهن، جيڪي آل انڊيا ريڊيو تان نشر به ٿيا آهن. هن ”بيسٽ سنڌي سڀا، ممبئي“ (بنياد ۱۹۵۷ع) ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو، جنهن پاران ۶۰ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا ويا ۽ رسالو پشپ جاري ڪيو. ان اداري جو هولارام هنس سيڪريٽري، پبلشر ۽ ايڊيٽر آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا