; سنڌي شخصيتون: ثقلين لاشاري - رياضت ٻرڙو

02 August, 2012

ثقلين لاشاري - رياضت ٻرڙو


ثقلين لاشاري
رياضت ٻرڙو
ثقلين لاشاريءَ جي شاعريءَ ۾ اُن شاعر جي موجودگي محسوس ٿئي ٿي جنهن کي اڳتي هلي، سندس لکڻ جي مستقل مزاجي برقرار رهڻ جي مشروط بنياد تي، سنڌ جي نمايان شاعرن ۾ شامل ڪري سگهبو. ان سلسلي ۾ سندس رهنمائي اهي تنقيدي ليک به ڪندا، جيڪي هُو مختلف شاعرن جي مطالعي جي حوالي سان لکي رهيو آهي. هو، جيتوڻيڪ، شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ لکي پيو، پر سندس نظم ۽ آزاد نظم ڌيان ڇڪائيندڙ آهن.


ثقلين ڪجهه وقت ’مسڪين‘ لاشاريءَ جي نالي سان به لکيو. سندس ڇٺيءَ نالو دادن خان ولد حاجي لاشاري آهي. هُو ۶ مئي ۱۹۸۸ع تي، ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هُو بِي ايس سِي جي سال ٻئي جو، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ شاگرد آهي.
ثقلين لاشاري ۲۰۰۵ع کان شاعري ڪري پيو، تڏهن کان س.ا.س. قنبر جي گڏجاڻين مان پِرائي پيو، جڏهن ته جولاءِ ۲۰۰۶ع کان سنگت قنبر جو باضابطا ميمبر آهي.
سندس مستقل رهائش اباڻي ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا