; سنڌي شخصيتون: غلام مجدد اسراڻ - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

غلام مجدد اسراڻ - رياضت ٻرڙو


غلام مجدد اسراڻ
رياضت ٻرڙو
هيءُ قنبر تعلقي جي نامور ”اسراڻ“ ڪٽنب سان واسطو رکندڙ اڳوڻو ڪامورو ۽ هاڻ پ پ پ جو ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ ۾ سياسي اڳواڻ آهي. هُو ۲۰۰۲ع ۾ سياست ۾ آيو، جڏهن پ پ پ پاران سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر (ايم پِي اي) قنبر تڪ تان منتخب ٿيو ۽ ٻيهر ۲۰۰۸ع جي چونڊن ۾ پڻ ايم پِي اي ٿيو. غلام مجدد ولد غلام مصطفى اسراڻ سرڪاري رڪارڊ موجب ۲۷ سيپٽمبر ۱۹۳۳ع تي (گھريلو رڪارڊ موجب ۳۶-۱۹۳۵ع ۾) ڳوٺ خيرپور جوسي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾، مئٽرڪ لاڙڪاڻي جي سنڌ مدرسي هاءِ اسڪول ۾، انٽر ۱۹۵۶ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي، گريجوئيشن (بِي اي) ۱۹۵۸ع ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ ۽ ايل ايل بِي ۱۹۶۰ع ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. هو ۱۹۷۴ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اسلام آباد ۾ ڪيترو ئي وقت مختلف اعلى عهدن تي مقرر رهڻ کان پوءِ ۱۹۸۸ع ۾ سنڌ صوبي جي کاتي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۾ سيڪريٽري مقرر ٿي آيو، جنهن بعد ٻين مختلف کاتن ۾ به سيڪريٽري طور پنهنجون ذميواريون نڀايائين. هُو ۱۹۹۶ع ۾ پاپوليشن کاتي سنڌ جي سيڪريٽري جي عهدي تان رٽائر ٿيو. سندس رهائش ڳوٺ خيرپور جوسي ۽ لاڙڪاڻي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا