; سنڌي شخصيتون: ميڊم نوران - پير علي محمد راشدي

15 August, 2012

ميڊم نوران - پير علي محمد راشدي


ميڊم نوران
پير علي محمد راشدي
”نوران“ ٺيٺ سنڌي نالو هوندو هو. بنياد تور تي هوس. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن  عورت کي نور سان تشبيهه ڏيڻي پوندي هئي ته پيار ۽ عزت وچان نوران يا نوري نالو رکيو ويندو هوس. نور بيگم، نور بانو، نورجهان، نور خاتون ۽ اهڙا ٻيا ڳؤرا ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ سان نامناسب نالا گهڻو پوءِ جون لفظي جعل سازيون آهن.


البته انهن ڏينهن ۾ به جيڪڏهن ڪا سنڌي نوران ڪنهن ٻاهر جي ڄام تماچيءَ سان اک جي اَڻي اٽڪائي، اُن ڀوت کي ازدواج جي بوتل ۾ بند ڪري وجهندي هئي ته ”ميڊم نوران“ جي نالي سان نوازي ويندي هئي، پر عرف عام ۾ وري به نوران جي اضافت ڇڏي کيس ”منڊم صاحب“ يا ”ميم صاحب“ سڏيو ويندو هو. ان جو هيءُ سبب به هو ته سنڌي معاشري ۽ تهذيب ۾ ڪنهن معزز عورت کي هر هر سندس اصلي نالي سان سڏڻ معيوب سمجهيو ويندو هو، تنهنڪري ”ميم صاحب“ جي لقب کي استعمال ڪندا هئا.
دادو ضلعي ٻاهرينءَ  دنيا کي صرف اڪبر بادشاهه جي والده حميده بانو بيگم نه ڏني، پر هڪ ميڊيم نوران به ارپڻ ڪئي، جيڪا بنگال جي آخري نواب جي نهن بڻي. مائي منڇر جي ڪنهن امير البحر خاندان جي چشم و چراغ هئي، پر جڏهن اسان ڏٺي، چشم ۽ چراغ ٻئي محض  الزام جي صورت اختيار ڪري چڪا هئا.
بنگال جي مرشد آبادي نوابن جي خاندان جو هڪ صاحبزادو انگلينڊ مان اعليٰ فني تعليم حاصل ڪري سنڌ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر مقرر ٿي آيو هو.سندس پورو ۽ ريڪارڊي نالو هو:”صاحبزاده هارون قدر سيد موسيٰ علي مرزا اهو صاحب بنگال جي آخري نواب جو پڙ پوٽو ۽ اسان واري سڪندر مرزا جو چاچو هو.سڪندر مرزا پاڪستان جو گورنر جنرل ۽ پهريون پريزيڊنٽ بڻيو هو.
ايگزيڪيوٽو انجنيئر جو عهدو انهن ڏينهن ۾ وڏي ڳالهه هوندو هو، جو صرف انگريزن کي ملندو هو. هن مرشد آبادي صاحبزادي کي انگريزن ڪن اهم سياسي مصلحتن ڪري ان طرح نوازيو هو. مڙس ڏسڻ ۾ به سچو صاحبزادو لڳندو هو. قداور، سهڻو چهرو، ڇڙڪ بت، کليل رنگ، مهمان نواز ۽  خانداني نوابن وانگر ياري باشي ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو. پراڻي گهاڙ  ڪئنال ڊويزن جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٿي آيو. اڃا براج ڪا نه ٺهي هئي، تنهنڪري سکر کان منڇر تائين سندس حد هوندي هئي. شڪار جو شوقين هو. گشت تي نڪرندو هو ته ڄڻ ڪو گشتي ميلو هليو. ننڍي وڏي سان ڏيٺ ويٺ، دوستي ۽ پيار. وڏي سنگت ساڻ. شادي ڪيل ڪا نه هوس. لنڊن ۽ لاهور ٻنهين منجهان بنان پاند پسائي بچي اچي سنڌ ۾ پهتو هو. سنڌ جا خاندان پاڻ-هُرتو نياڻيون ڪو نه آڇيندا هئا ۽ نه بي-پردگي هوندي هئي، تنهنڪري هڪ عرصي تائين هي شهزادو:
دنيا مين سب جوڙي جوڙي،
پر عاشق ڦرن نگوڙي
جو مصداق بڻيو رهيو، سندس سنگتين ۾ اڪثر ان مضمون تي قال قيل رهندي هئي.
سال ڏيڍ  جي عرصي کان پوءِ اوچتو ”الو الان“ ٿي ويئي. سندس دوستن ۾ هيءَ خبر مشهور ٿي ته صاحبزادي صاحب اوچتو ئي اوچتو شادي ڪري ورتي آهي. چئو پچو هلي ته سنڌ جي  ڪهڙي خاندان تي اهو چنڊ جهليو ۽ ساڻس اها شاهي نسبت قائم ٿي. پر ”خاندان“ جو پتو  کرو آسانيءَ سان ڪو نه ٿي پيو. جيترا وات اوتريون ڳالهيون هيون. نيٺ صاحبزادو صاحب پاڻ پنهنجي اهليه يعني ميم صاحب (انجنيئر جي زال لازماً ميم سڏجڻي هئي) کي دوستن سان ”انٽروڊيوس“ ڪرائڻ لاءِ ساڻ وٺي گشت تي نڪتو، جيئن هر علائقي جا دوست موقعي تي ڪنوار جو مشاهدو ڪن.
اسان جي علائقي ۾ سندس منزل تاجيديري جي انجنيري بنگلي تي ٿي. تاجيديرو مديجي ريلوي اسٽيشن جي لڳ آهي. سندس سارن دوستن ڏانهن ڪوٺ آئي ته شام ويلي بنگلي تي اچي ڪٺا ٿيو. سج لٿي منهنجو ڏاڏو مرحوم، منهنجو والد مرحوم ۽ آءٌ اچي سهڙياسين. ٿوريءَ وٿيءَ سان ڊکڻن مان محمد پناهه خان مرحوم ۽ قمبر مان علي حسن خان هڪڙو به اچي پهتا. سيارو هو، بنگلي جي صحن ۾ بـُـنڊن جي باهه جو مچ متل هو. ان جي چوڌاري ڪرسيون، روشني صرف باهه جي هئي. اهڙين محفلن ۾ بتي ڪا نه رکبي هئي، ڇو ته ان جي روشنيءَ تي جيت اچي مڙندا هئا.
ٿوريءَ دير ۾ گهوٽ ڪنوار ٻئي نڪري اچي مچ تي ويٺا ۽ ماڻهن سان مليا. ڪنوار کي انگريزي ڪـَـٽ جو گائون پيل هو. سڀني وڌي ڪنوار کي موڙو ۽ گهوٽ کي مبارڪون ڏنيون. گفتگو شروع ٿي. آءٌ ننڍڙي ڄمار جو هوس، پر ڏاڏو مرحوم مون  کي هميشـہ پاڻ سان گڏ رکندو هو. گفتگو جي دوران ڪنوار گهوٽ کي هر هر ”جاني“ پئي سڏيو ۽ صاحبزاده صاحب، جنهن کي شايد ساري عمر ڪنهن عورت ”جاني“ ڪو نه سڏيو هو، جاني جو لفظ ٻڌي پئي ٽڙيو. دير سان رات جو محفل ختم ٿي، اسان سڀ مهمان اٿي پنهنجي جاءِ تي آياسين. اتي وري شاديءَ  جي واقعي ۽ ”ميم صاحب“ جي نسواني نزاڪتن تي ٽيڪا ٽپڻي ٿيندي رهي.
ڏاڏي مرحوم مون کان پڇيو:”علي محمد، تو ڪنوار ڏٺي، تو کي وڻي؟“
مون چيس: ”ڏاڏا، مون ته ڪا نه ڏٺي،مون ڏانهن پٺي هئس.“ سڀني مهمانن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو، ڏاڏي مرحوم مشڪندي چيو: ”نالائق، اهو ته مائي جو منهن هو جنهن کي تو پٺي سمجهيو آهي.“ مون عرض ڪيو ته: ”ڏاڏا، اوهان سڀ ڀل مون تي کلو. پر جيڪڏهن مائي جو منهن اهو هو ته پوءِ گهوٽ جو به ”هر هارو منهن ڪارو“ چئبو.
وري کل جا ڪوڪرا ٿيا. ڏاڏي مرحوم  مون کي فهمائش ڪئي ته: ”صبح جو مائي جي منهن جو رنگ ڏسي هرگز نه کلجانءِ، غلطي نه ڪجانءِ تون شرير آهين، خبردار، ڪـَـن پٽيندوسانءِ.“
ميم صاحب کي انگريز ميم صاحبن وانگر سندس مڙس شڪار جو فن به سيکاريو هو. ڦاڙهن جي شڪار لاءِ مڙس سان گڏ هلي کـُـڏڻن ۾ ويهندي هئي. پکين کي بندوق سان مارڻ جو شوق ڪو نه هوس، ڇو ته ساري عمر منڇر تي پکين کي ڄارن ۾ ڦاسائيندي رهي هئي، ٻيو ته عمر سڀ ڪجهه نظر کي به نقصان پهچي چڪو هوس. اڏامندي پکيءَ سان بندوق جي مک ملائي ڪا نه ٿي سگهي، ٿي سگهيو ٿي ته سندس حد نظر ئي بندوق جي مک کان اوري ختم ٿي ٿي ويئي ڇو ته عمر جي لحاظ سان اڳ ۾ ئي کائي پي چڙهي هئي.
انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دفعي شڪار تان موٽندي رستي ۾ ميم صاحب کي مٽرن جي پوک نظر آئي. هڪدم اٰٺ تان لهي رائفل ڌرتيءَ تي ڦٽي ڪري پاڻ مٽرن جي پلي پٽي (ڪچي) کائڻ ويهي رهي. اهڙي ذوق  ۽ شوق سان جو جڏهن اتان چـَـري پـُـري اُٿي ته رائفل کڻڻ وسري ويس، جيڪا پوءِ ڌنارن کي هٿ آئي جن کڻي وڃي لڪائي ڇڏي. شام جو سـُـڌ  لڌائون ته ميم صاحب رائفل وڃائي آئي آهي. بس طوفان کڙو ٿي ويو. علائقي جا چڱا مڙس ۽ ڪاٽڪو گڏ ٿيا. رائفل لاءِ ووڙ ڪـُلءُ ڏني ويئي. هفتو کن اهو هنگامو جاري رهيو. ان کان پوءِ ئي وڃي رائفل هٿ آئي. انگريزن  جي صاحبي هئي، هٿيار عام جام ڪو نه هوندا هئا. ڪنهن رائفل جو گم ٿيڻ وڏو حادثو سمجهيو ويندو هو.
ميم صاحب جي مرزا صاحب سان رفاقت ٻه چار سال هلي، جنهن دوران ۾ هڪ پٽ به پيدا ڪيائين. پر ان کان پوءِ پاڻ ڪيڏانهن کسڪي ويئي ۽ مرزا صاحب لاڙڪاڻي مان وري ٻي شادي ڪري ورتي.
رٽائر ٿيڻ بعد مرزاصاحب باقي زندگيءَ جا ڏينهن وڃي انگلينڊ ۾ گذاريا.

(”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ تان ورتل)

No comments:

راءِ ڏيندا