محمد بچل تنيو
حرف خلوص ۽ حرف وفا
منظور ڪوھيار
محمد
بچل تنيي صاحب، منهنجي خاڪن جي ڪتاب ”ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر“ پڙهڻ کان پوءِ هڪ
ڏينهن حجت ڪندي چيو؛ ”سائين! ڪڏهن فرصت مليوَ ته مون تي به لکجو!“ جڏهن لکڻ جو قصد
ڪيم ته منجھي پيس ته ڇا لکان؟ اهڙي علمي شخصيت تي لکڻ لاءِ ٻيو نه سھي اڌ جيتري ته
علمي لياقت هجي. سندس نالي تي سوچيم ته سنڌ جي هزارن سالن جو پس منظر ذھن ۾ آيو.
سچ پچ ته نج پج سنڌي نالن ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي سڳنڌ هوندي آهي. پنهنجي ساهت جا اھڃاڻ
ملندا آهن. ڇو ته انهن جون پاڙون هزارن سالن جي تهذيبي ورثي سان ڳنڍيل هونديون آھن.




