; سنڌي شخصيتون: جسٽس (ر) ظفر حسين مرزا - نصير مرزا

05 January, 2017

جسٽس (ر) ظفر حسين مرزا - نصير مرزا


جسٽس (ر) ظفر حسين مرزا

هڪ جرئتمند انسان جو وڇوڙو

جمع ۲۸ آگسٽ ۲۰۱۵ع

نصير مرزا

سنڌ کان اڄ نهايت جرئتمند ۽ پنهنجي فيصلن ۾ To the point جج اسان کان جدا ٿيو آهي. ان ۾ اها جرئت پنهنجي وڏي ڏاڏي مرزا خسرو بيگ مان آئي. جيڪو ٽالپر ميرن جي ايامڪاريءَ ۾ ميرن پاران سفير جي حيثيت ۾ سنڌ دشمن چارلس نيپيئر وٽ سفير بڻجي پهتو هو، ۽ کيس ڀري درٻار ۾ چئلينج ڪيو هو ته ”فرنگي سنڌ ڪا حلوو ڪانهي، جنهن کي تون آساني سان ڳهي ويندين“. مرزا خسرو بيگ جي خانوادي مان هجڻ سبب ئي سنڌ سان هن کي بي پناهه محبت هئي، ۽ هن ساري زندگي سنڌ ڪاز جي لاءِ انصاف جي وڏي سطح تي حمايت ڪئي. جسٽس (ر) ظفر حسين مرزا اهو شاندار ماڻهو ۽ انصاف پسند جج هو، جنهن ان وقت مستعفي ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني، جڏهن وزير اعظم بينظير ڀٽو صاحبه کيس هڪ اثر رسوخ واري ماڻهوءَ جي پٽ کي ڊي ايم جي گروپ ۾ رکڻ جي سفارش ڪئي. آخر ڪار محترمه کي مرزا صاحب جي ئي ڳالهه رکڻي پئي ۽ چيائين ته آئون ان ماڻهوءَ کي چوندس ته مرزا صاحب منهنجي نٿو ٻڌي. (جسٽس ظفر حسين اها ڳالهه پنهنجي هڪڙي يادگار انٽرويو ۾ رڪارڊ تي آندي هئي).


مرزا صاحب جي زندگي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو، بيٺل پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ڪرڻ وارو ماڻهو هو. پنهنجي وڪالت وارن ڏينهن ۾ هن مارشل لا جي ڀرپور مخالفت ڪئي. سي ايس ايس جي امتحان ۾ پنهنجن کي نوازڻَ واري پاليسيءَ جي ڀرپور مخالفت ڪيائين. جيتري قدر سندس اعليٰ تعليم يافته ۽ ادبي خاندان جو تعلق آهي ته پاڻ مرزا خسرو بيگ ۽ شمس العلما مرزا قليچ بيگ جي خاندان جا چشم و چراغ هئا. سندن والد ڊپٽي ڪليڪٽر مرزا علي نواز بيگ ڪيترائي سال سکر ۽ ننگر پارڪر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت سان شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن جو تذڪرو پير علي محمد شاهه راشديءَ پنهنجي ڪتاب ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“ ۾ نهايت باوقار لفظن ۾ ڪيو آهي. مرزا علي نواز سنڌ جي انهن اوائلي نثر نگارن مان هڪڙو شاندار نثر نگار هو، جنهن جا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ وڏي شان مان سان شايع ڪرايا آهن.

جسٽس ظفر حسين ۹ آڪٽوبر ۱۹۲۶ع تي ان وقت جنم ورتو هو، جڏهن سندن والد سکر ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز هئا. جسٽس مرزا نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ ايس ايم آرٽس ڪاليج مان انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪئي. ان کانپوءِ جسٽس مرزا سنڌ مسلم ڪاليج مان ۱۹۵۹ع ۾ ايل ايل بي ڪئي. کين حيدرآباد شهر سان بي پناهه دل هوندي هئي. جنهن ڪري پاڻ حيدرآباد ۾ ئي وڪالت شروع ڪيائون. ۱۹۷۳ع تائين مرزا صاحب جو شمار حيدرآباد جي معروف ترين وڪيلن ۾ ٿيندو رهيو، ۽ ان ئي سال کيس سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل پڻ مقرر ڪيو ويو. هن ۱۹۷۵ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪيو، جنهن کان پوءِ کيس سنڌ بلوچستان بئنچ جو جج مقرر ڪيو ويو. ڇهن سالن کان پوءِ هو سپريم ڪورٽ جو جج بڻيو ۽ ۱۹۹۱ع ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت ۾ رٽائرمينٽ ورتائون.

ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور ۾ جسٽس مرزا سنڌ بلوچستان بئنچ جو جج هو ۽ مارشل لا جو سخت مخالف هو ۽ ان سبب ئي مارشل لا انتظاميه جي خلاف ڪيترائي فيصلا ڏنائون. هڪ موقعي تي انتظاميه طرفان هن کي خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن هن مارشل لا خلاف فيصلا ڏيڻ بند نه ڪيا ته سندس نالو سپريم ڪورٽ جي جج لاءِ نه موڪليو ويندو. ظفر مرزا صاحب ان ڌمڪي جي پرواهه نه ڪندي مارشل لا خلاف فيصلا ڏيندو رهيو، ۽ اهڙي قسم جي هڪ اهم فيصلي ۾ هن فوجي عدالتن جي فيصلن کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ کي درخواست گذار جو قانوني حق قرار ڏنو.

محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جسٽس مرزا کي پنهنجي ئي دور ۾ چيئرمين فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن مقرر ڪيو. جسٽس مرزا ان عهدي تي ڪم ڪرڻ دوران امتحاني معاملن ۾ هر قسم جي بي قائدگين خلاف سخت قدم کنيا، ۽ سي ايس ايس جي اميدوارن جي شڪايتن جو ازالو ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن ننڍن صوبن سان زيادتين جو ازالو ڪندي ڊوميسائل کي ئي لازمي قرار ڏنو. ظفر حسين مرزا انصاف جي ڏس ۾ عوامي خدمت جي حوالي سان پنهنجي حصي کان به وڌيڪ ڪم سرانجام ڏنو، ۽ پنهنجي شهر ۽ صوبي جي ماڻهن جي حقن لاءِ سڄي عمر جدوجهد ڪندو رهيو. هن نيڪ ۽ شفاف هٿن واري خوبصورت انسان ۲۷ آگسٽ ۲۰۱۵ع تي اسان کان سدائين لاءِ جدائي اختيار ڪئي آهي. پر انصاف جي سربلندين لاءِ ڪيل پنهنجين خدمتن توڙي بهادر ۽ بيباڪ فرزند ذوالفقار علي مرزا جي صورت، سنڌ جي تاريخ ۾ هو هميشه ياد رکيو ويندو.

No comments:

راءِ ڏيندا