; سنڌي شخصيتون: February 2017

25 February, 2017

محمد انور هڪڙو


ناليوارو براڊڪاسٽر - يادگيرين جا سيلاب ايند رهيا
علي عمران سمون
چوويھين فيبروري ۲۰۰۸ع، وقت صبح ۸ لڳي ۴۵ منٽ، موبائيل جي بيل مسلسل وڄي رهي هئي ۽ آخرڪار منهنجي اک کلي ئي وئي. موبائيل اسڪرين تي نالو لکيل هو ريڊيو حيدرآباد جي هڪ پراڻي ٻڌندڙ دالي شهر جي حافظ محمد رحيم ڍلو جو ۽ ڪيتريون ئي ڪالون ڪرڻ کانپوءِ آخرڪار هو مون کي ننڊ مان جاڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، بنا ڪنهن تمهيد ٻڌڻ جي چيائين ته؛ سائين توهان ريڊيو ٻڌو پيا؟ مون چيو؛ نه .... تنهن تي هن چيو؛ ”سائين صبح مهراڻ پروگرام هلي پيو ۽ پروڊيوسر عرفان علي انصاري پروگرام ڪندي ٻڌايو آهي ته ريڊيو جو ناليوارو براڊڪاسٽر محمد انور هڪڙو رات لاڏاڻو ڪري ويو آهي.“ ان کان پوءِ هن جيڪو ڪجهه چيو سچ پڇو ته مون کي بلڪل ياد ناهي. مون ٻه ٽي فون ڪري ان خبر جي تصديق ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي دوست اي ڪي سومري کي فون ڪئي ته هو اچي ته گڏجي اوڏانهن هلون جتي سائين انور هڪڙي جي رهائشگاهه آهي، يعني حسين آباد.
تقريبن اڌ ڪلاڪ ۾ هو مون وٽ پهتو ۽ پوءِ اسان ٻئي حسين آباد روانه ٿياسين، ان دوران آئون ڪيترن ئي دوستن کي فون ڪري اهو اطلاع ڏئي چڪو هوس. حسين آباد حيدرآباد ان ڏينهن واقعي سوڳوار هئي، ڇاڪاڻ ته نه صرف هڪ عظيم براڊڪاسٽر پر پاڙي جي هڪ معزز، هر دل عزيز ۽ سماج سڌارڪ شخصيت جي پڻ موڪلاڻي ٿي هئي، محمد انور هڪڙو صاحب پنهنجي پاڙي ۾ بيحد قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، سڀني جي ڪم ايندو هو ۽ انهن سان بيحد رلي ملي رهندو هو، سڄو پاڙو سندس آخري سفر ۾ سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ موجود هو، ريڊيو جا سمورا براڊ ڪاسٽرز، ڪمپيئرز، انائونسرز ۽ ٻيو عملو موجود هو، ڪهڙن جو ذڪر ڪري ڪهڙن جو ڪجي.