; سنڌي شخصيتون: June 2019

30 June, 2019

عاصمه جهانگير

عاصمه جهانگير
جدوجهد، اتساهه ۽ ويساهه جو وڇوڙو
امير ڀنڀرو



هڪ
۶۶ سالن جو جياپو ايڏو وڏو اتساهه، ويساهه ۽ جدوجهد جا مثال قائم ڪندو، اهو شايد ميڊم عاصمه جهانگير جي گهر وارن ئي نه سوچيو هوندو ته هو هڪ زندگيءَ ۾ ايتري جدوجهد جو مثال قائم ڪري سگهي ٿي جو اها جدوجهد هزارين جنمن ۾ ممڪن نه آهي، ملڪ جي لاءِ ڪهڙي به جدوجهد هجي، انسانيت جي حقن لاءِ ڪهڙو به ميدان هجي، قانون جي بحاليءَ لاءِ ڪهڙي به قرباني هجي جمهوريت جي جياپي لاءِ ڪهڙو به وقت هجي، هن پنهجي عمر صحت ۽ ذاتي زندگيءَ کي نه ڏٺو، بس جڏهن به آواز ٿيو، هن انهن آوازن کي اهڙو ته ورنايو جو هن جو آواز نه صرف پنهجي پويان ڪاميابيون کڻي آيو پر انهيءَ سان گڏوگڏ اهڙا مثال به قائم ڪري ويو جو اهي صدين تائين مثال رهندا ته جدوجهد ان کي چئبو آهي، آواز ان کي چئبو آهي، هن پنهجي ۶۶ سالن جي مختصر سفر ۾صدين تائين قائم ٿيندڙ جدوجهد جا اهي حوصلا ڇڏيا آهن، جيڪي نه صرف انسانيت پر اسان جي بهتر معاشري جي تربيت سفر بڻجي سگهن ٿا.

افسانه ڀرڳڙي


افسانه ڀرڳڙي
سرتين کان وڇڙي ويل ڪونج
شهزادي ڀرڳڙي
موت هڪ اٽل حقيقت آهي، اهو هر وجود کي هڪ نه هڪ ڏينهن پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو، پر ڪي موت اهڙا هوندا آهن، جن جو ٻُڌندي ئي ماڻهن جا هنيانءَ هٿن ۾ اچي پوندا آهن ۽ بي ساخته لڙڪ لڙي پوندا آهن. اهڙي ئي احساس مان مون کي اُن وقت گذرڻو پيو، جنهن وقت ادي افسانه ڀرڳڙيءَ جي لاڏاڻي جي خبر پئي. اڃا ته هُن کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو، هوءَ جيڪا سنڌ کان ڪوهين ڏور هوندي به سنڌ لاءِ سوچيندي هُئي، بلڪه سندس دل ۾ سنڌ ئي ڌڙڪندي هُئي، اُن جي وڇوڙي سچ ته جيءُ جهوري ڇڏيو آهي. ساڻس ملاقات کي اڃا ڪي ڇهه مهينا ئي مَس گُذريا هوندا، سندس نيڻن ۾ سنڌ جي عورتن لاءِ ايترا ته خواب هُئا جو اُنهن مان ڪجهه جو ذڪر ٻُڌي مون کي مٿس ڏاڍو فخر ٿيو هو، هونئن ته هوءَ منهنجي ذات واري هُئي، پر ڪي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ ايترا ته وڏا ٿي ويندا آهن، جو اُهي ذات برادريءَ جي دائري مان نڪري پنهنجي پوري ڌرتيءَ جا ٿي ويندا آهن ۽ سچ ته هوءَ ڌرتيءَ جي ڌيءُ هُئي.

استاد مٺو ڪڇي - ذوالفقار علي قريشي


استاد مٺو ڪڇي
سندس ۲۲ هين ورسيءَ جي حوالي سان
ذوالفقار علي قريشي
خصوصًا رمضان شريف جي نعت گوئي ۽ نج سنڌي موسيقيءَ جي ادائيگي ۾ داستان گوئي جنهن ۾ ڀڳتي واري انداز کان بالڪل نئين نموني سان مسلمان گائيڪي جي اهڃاڻ سان هڪ پيرين پنڌ ڪندڙ حاجين جي قافلي جي منظر ڪشيءَ ۾ استاد مٺو ڪڇي جي آواز جي ڪمال سان گڏوگڏ سنڌ جي اعليٰ مهان قرآن پاڪ جي پهرين منظوم ترجمي ڪندڙ حاجي مولوي احمد ملاح جي ڪلام.

سميع بلوچ - همير گاد


سميع بلوچ
نفيس ۽ نازڪ جذبن جو شاعر
همير گاد
Image may contain: 1 personسميع بلوچ جنهن جو پورو نالو سميع الله لنڊ بلوچ آھي
پاڻ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۵۵ع ۾ حاجي غلام مرتضى لنڊ جي گهر ۾ ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ خيرپور ۾ اک کولي.
سميع بلوچ پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ۱۹۷۷ع کان ڪئي.
سندس ڪلامن کي سنڌ جي ڪيترن ئي راڳين ڳايو آھي خاص طور تي سرمد سنڌيءَ جو ڳايل هي امر گيت جيڪو اڄ به ماڻھن کي اوترو ئي ياد آ جيترو ان وقت جڏھن هي ڪلام نئون نئون آيو هو.

محمد ابراهيم جويو - ۲

محمد ابراهيم جويو
هڪ صديءَ جو پڙاڏو
پروفيسر محمد سليم ميمڻ
اڄ ۱۳ آگسٽ آهي. سائين محمد ابراهيم جويي جي ۱۰۲ين سالگرهه. کين ان سڀاڳي ڏينهن جون مبارڪون هجن.
جويو صاحب، سنڌ ڌرتيءَ جو اهو چمڪندڙ تارو آهي، جيڪو گذريل هڪ صديءَ کان سنڌ جو آواز بڻجي، ان جي افق تي چمڪي، هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن لاءِ پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجي آواز کي انهن ايوانن تائين پهچائيندو رهيو آهي، جن وٽ هن ڌرتيءَ جي رهواسين جي قسمت جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن، هن عظيم ڏاهي جي ڳالهين تي ڌيان نه ڌريو آهي.

29 June, 2019

اين ايم بليموريا - مختيار ملاح


اين ايم بليموريا
سنڌ جي تاريخ جي هڪ وساريل شخصيت
مختيار ملاح
انگريزن جو دور سنڌ جي تاريخ جو منفي ۽ مثبت طور تي منفرد دور آهي. هن دور ۾ سنڌ جي تعليم، ادب، سماجي خدمتگاري وغيره صحيح نموني فعال هئا. هر طبقي، زبان، مذهب، عقيدي جا ماڻهو گڏجي سنڌ جي اڏاوت ۾ ڪردار ادا ڪندا هئا. سنڌ جي هندو ۽ مسلمانن سان گڏو گڏ، پارسي انسان دوست، اديب ۽ تاريخدان به پوئتي ڪو نه هئا، انهن ۾ هڪ نالو نرسجي مولجي بليموريا پڻ وڏي حيثيت وارو هو. پر گهڻي ڪوشش جي باوجود سندس زندگيءَ جي باري ۾ احوال ملي نه سگهيو آهي. (اگر ڪنهن دوست وٽ اهڙي معلومات موجود هجي ته ضرور شيئر ڪري) پر پراڻن ڪتابن جي ورق گرداني مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪراچيءَ جي پارسي اسڪولن ۾ ٽيچر هو ۽ علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندو هو. بليموريا شروع ۾ ’سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جو خزانچي ۽ سيڪريٽري رھيو ۽ آخري دور ۾ وري ان جو صدر پڻ ٿيو. عجيب اتفاق آھي ته ھن لڳ ڀڳ ڏھ سال سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ ٻين اھڙين سوسائٽين ۾ مثالي ڪم ڪيو. ھو وڏو ڄاڻو، آرڪيالاجسٽ ۽ تاريخدان ھيو. هو ڪراچيءَ جي مارسٽن روڊ تي رھندو ھيو. باقي ھن جا وڌيڪ تفصيل في الحال ڪون ٿا ملن.

بهرام سهراب رستمجي - مختيار ملاح


بهرام سهراب رستمجي
ڪراچيءَ جي تاريخ تي اهم ڪتاب ۽ اهم تاريخدان
مختيار ملاح
ڪراچيءَ جي تاريخ تي ٻن اهم پارسي شخصيتن جو لکيل ڪتابKarachi During the British Era: Two Histories of a Modern City ، ۲۰۰۸ع ۾ آڪسفورڊ پريس پاران شايع ٿيل آهي، جيڪو دراصل ٻن ڪتابن کي گڏي ڪري شايع ڪيو ويو آهي. انهن ۾ هڪ بهرام سهراب رستمجي جو لکيلKarachi, 1839-1947: A short history of the foundation and growth of Karachi آهي ۽ ٻيو That Was the Capital of Sindh by Sohrab سهراب ڪٽرڪ جو لکيل آهي. ٻئي ڪتاب ان دور جي نالي وارن پارسين جا لکيل آهن، جن جو ڪراچيءَ جي جوڙجڪ ۾ تمام گھڻو حصو هو.

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر


پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شڪارپور ڪئمپس جي ڊائريڪٽر سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: الطاف ابڙو
Image result for Professor Dr. Abdur Razak Maharدنيا ۾ ڪي اهڙا انسان هوندا آهن جيڪي پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجي اخلاق جي انمول موتين سان سينگاري سنواري پنهنجو انوکو مثال قائم ڪري ڇڏيندا آهن اهڙو ئي انسانيت، محنت ۽ محبتن سان ڀريل ڪردار سهڻي سنڌ جي ضلعي شڪارپور شهر ۾ عبيدالله مهر جي گهر ۾ آڪٽوبر۱۹۶۰ع ۾ اک کوليندڙ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر به هڪ آهي.

28 June, 2019

محترمه بينظير ڀٽو شهيد

هڪ بهادر سياستدان
ڊاڪٽر يعقوب مغل
تاريخِ اسلام عظيم عورتن جي ڪارنامن سان ڀري پئي آهي، هتي آءٌ صرف ننڍي کنڊ هندو پاڪ جي عظيم عورتن مان چند عورتن جو مختصر ذڪر ڪندس، جن سياست ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۽ اهي امر بنجي ويون. غلام خاندان جي ذهين تاريخي شخصيت رضيه سلطانه (۱۲۳۹_۱۲۳۶ع) پهرين عورت آهي، جيڪا دهلي جي تخت تي ويٺي. تاريخ فرشته ۾ سلطانه رضيه بيگم ۾ هر قسم جي نيڪي موجود هئي ۽ جيڪي ماڻهو مٿس اعتراض ڪندا هئا، هنن وٽ اُن کان علاوه ٻيو ڪوبه سبب نه هو ته رضيه بيگم عورت هئي. رضيه سلطانه کان پوءِ ٻي عظيم خاتون چاند بيبي سلطانه تاريخ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. مغل دور حڪومت ۾ به عظيم عورت جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو. خاص طور جهانگير مغل بادشاهه جي راڻي نورجهان نه صرف حسين و جميل هئي پر ان سان گڏوگڏ وڏي شهسوار، اعلى نشانه باز ۽ بهادر عورت هئي. تدبر ۽ سياست ۾ به سندس ڪو مٽ ڪونه هو.

رحيم بخش آزاد


رحيم بخش آزاد
کاٻي ڌر کان وسري ويل استاد ۽ ڪامريڊ – ۲۱ مئي ۲۰۱۹ع
ڊاڪٽر ايوب شيخ
اڄ صبح جو ملڪ جو نامور ۽ غريب دوست ڪامريڊ، هيٺئين طبقي سان واڳيل استاد رحيم بخش ”آزاد“ گذاري ويو. هن کي گهڻي وقت کان شگر جي بيماري هئي. رت ۾ شگر واڌ ۽ سماجي بدحالي کيس وڌيڪ ضعيف بڻائي ڇڏيو هو. پر هو ڪڏهن به ”آسرن“ جي پناري نه لڳو. هن ڪڏهن به آسرن ۾ زندگي نه گذاري ۽ پنهنجي پتيءَ جو ڪم ڪندو رهيو. هن جي وهمن ۾ آسرا نه هوندا هيا بس! جيڪي سندس سامهون آهي، اهو ئي اهم آهي ۽ ان تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. ايئن هن توڪل جي ترهي تي ترندي زندگي جو ساٿ نڀايو. جنهن هنڌ رحيم بخش آزاد کي دفنايو ويو ان هنڌ قبرن جي ترتيب هيءَ هئي ته سندس سيرانديءَ کان هڪ شخص نالي پير محمد ”مسافر“ جي قبر هئي، ان جي پاسي ۾ محمد اسحاق ”روزي“ پوريل هو ۽ انهن جي پاسي ۾ ٻه زال مڙس خدا بخش بلوچ ۽ لال بي بي بلوچ دفن هيا. انهن دفنايل انسانن جي پاسي ۾ آزاد پڻ دفن ٿيو هو، جيڪو سڄي ڄمار روزي روٽي لاءِ محنت ته ڪندو رهيو پر ڪڏهن به ان کي رڳو زندگي نه سمجهيائين. رحيم بخش بلوچ ”آزاد“ نامياري دانشور ڊاڪٽر فيروز احمد سان گڏجي ۱۹۷۰ع ڌاري جناب رسول بخش پليجي جي ”عوامي تحريڪ“ ۾ شامل ٿيو هو. قبرستان ۾ موجود ماڻهن ٻڌايو ته ”ايم آر ڊي جي دور ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد رسول بخش پليجي پنهنجي گهرواري ۽ لوڪ ڳائڻي جيجي زرينا بلوچ کي آزاد جي گهر ۾ لڪي رهڻ جو چيو هو ۽ جيجي ڪيئي مهينا اتي رهي هئي“. اهڙي طرح لياري عوامي تحريڪ وارن لاءِ ”پناهه گاه“ جو ڪم ڪندي هئي.

عبدالله چنا


عبدالله چنا

مشهور سنڌ دوست ڪامورو، عبدالله چنا، ۲۳ مئي ۱۹۰۲ع تي پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين، جنهن بعد نوشهري فيروز مدرسي ۾ انگريزي پڙهڻ ويٺو. هوشيار ۽ ذهين هجڻ سبب سندس اڌ في معاف ڪئي وئي. انگريزيءَ جا چار درجا پڙهي، ۱۹۱۸ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ آيو، جتان ۱۹۲۱ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۲۱ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۲۵ع ۾ بي. اي ڪيائين ۽ ۱۹۲۷ع ۾ مختيارڪار ٿيو. بعد ۾ روينيو کاتي، نوابشاهه ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو، جنهن بعد مختيارڪار ٿيو. 

قربان سنديلو - انور ابڙو


قربان سنديلو
علم ۽ ادب جو هڪ ادارو بند ٿي ويو!
انور ابڙو
Image may contain: Gul Koondher, outdoorاڃا گذريل هفتي ئي ته قربان سنديلي صاحب پروين شاڪر جو هيءُ نظم ”خوشي ۽ غم“ ترجمو ڪري خوشيءَ مان ٻڌايو هو:
ڊسمبر جو ٿڌو مهينو هو
مان يورپ جي نهايت پري واري علائقي ۾
ڪنهن ويران جڳهه تي بلڪل اڪيلي ويٺي هيس
سفر جي اعلان جي منتظر
اک شيشي مان گذري پئي
اداسي اچي ڀاڪر پائي
برف به ڏاڍي ڪِري پئي.
اوچتو هڪ ڄاتل سڃاتل آواز آيو
’تون ڪيئن آهين؟
اڪيلي آهين؟
گهاٽن وارن، چمڪندڙ ڀورين اکين وارو ڇوڪرو
ڪيڏيون نه مٺيون ڳالهيون ڪندو هئو!
اهو ڪٿي آهي؟
اوهان ٻئي گڏيل ڪيترا نه سٺا لڳندا هئا.‘
منهنجي مُک تي شايد ڪو پاڇولو آيو هو
هن اڳتي ڪجهه به نه ڳالهايو
منهنجي دل دک سان ڀرجي آئي
پر خوشي جي لهر به آئي
پراڻن ماڻهن اڃا نه وساريو آهي
اسان جي وڇوڙي کي اڄ سورهن سال ٿي ويا.

25 June, 2019

مختيار ملڪ

مختيار ملڪ
هڪ ذهين براڊڪاسٽر جي سروس جي پُڄاڻي
خالد زخمي چانڊيو
پنهنجي چاچي سان گڏجي خيرپور جي وڏي علم واري پاڙي ۾ بابا جي ادبي دوست مختيار ملڪ جي پُڇا ڪئي سين ته هڪ رستي ويندڙ دروازي تي آڻي بيهاريو. سائينءَ جي موجودگي معلوم ڪرڻ تي خبر پئي پاڻ گهر آهن، تن ڏينهن ۾ اسين بابا جي شهادت پڄاڻان هڪ خطرناڪ قبائلي ويڙهه جو شڪار هئاسين. بابا کان سندس دوستن جي احوال جي خبر پوندي هئي، ڪن سان ملاقاتون به ٿينديون رهيون... بابا دوستن کي پنهنجي “ملڪيت” ڀائيندو هو ۽ پنهنجي دوستن لاءِ ڪنهن خطري کي به منهن ڏيڻ لاءِ هميشه تيار رهندو هو... دوست ۽ ڀائر سندس وڏي وٿ هئا، دوستن سان ناتو به اعليٰ انداز سان نڀايائين ۽ ڀائرن لاءِ پنهنجي سِرَ کي سستو سمجهي قربان ڪري ڇڏيائين. مختيار صاحب سان ملاقات ٿي ته اول ئي ناشتي جو معلوم ڪيائين.. سندس قربائتي انداز منهنجي چاچي غلام قادر کي حيران ڪري ڇڏيو... اسين وڏي اسر جو ڳوٺان نڪتا هئاسين، ان ڪري ناشتي لاءِ سائين مختيار کي منع نه ڪري سگهياسين. جيسيتائين اسين ناشتو ڪريون، تيسين پاڻ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ جو چئي ويا... ناشتي پڄاڻان چانهه ورتي سين ۽ ٿوري دير کانپوءِ پاڻ نڪري آيا، ريڊيو تي گڏجي هلڻ جو چيائون. آئون ۽ چاچو ساڻس گڏجي ريڊيو تي پهتاسين ۽ کيس حال احوال کان آگاهه ڪيو... حال احوال وري ڪهڙو! قبائلي جهيڙي سبب زندگي مفلوج بڻيل هئي، هر گهڙي خوف ۽ حراس ۾ ٿي گذريو... خطرن سبب اسين اسڪول، ڪاليج توڙي سرڪاري دفترن ڏانهن وڃي به نه پئي سگهياسين... اهو مشرف واري آمريت جو زمانو هو.. هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ فوجي دفتر هوندو هو... اتي اسان جي مخالف مائٽن جون عورتون هر ٻئي ڏينهن اسان جي عزيزن خلاف شڪايتون لڳائي اينديون هيون... اسان حاضر ٿياسين پر گهڻين ڪوڙين شڪايتن سبب بي اثر رهياسين... تن ڏينهنِ ۾ ثناءُالله عباسي شڪارپور ۾ ايس ايس پي هو ۽ مختيار صاحب سندس دوست آهي، اها ڳالهه مون بابا کان ٻُڌي هئي... مختيار صاحبَ، عباسي صاحب کي فون ڪئي ۽ پوءِ وڃي اسان ڪوڙين درخواستن واري معاملي کان پناهه ۾ رهياسين. منهنجي هيءَ ملاقات مختيار صاحب سان پهرين ملاقات هئي... پهرين ملاقات ۾ هُو هڪ ڳُڻائتو، وضعدار، سماج ۽ دوستن سان پيار ڪندڙ شخص محسوس ٿيو... پوءِ سچل ادبي ڪانفرسن ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهيون... لاڙڪاڻي رهڻ دوران سندس ڀائيٽي ڊاڪٽر فرخ ملڪ سان ڪافي ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون... فرخ به مختيار صاحب جهڙو ملنسار، ٻاجهارو، پيار ڪندڙ ۽ تخليقي ماڻهو آهي.

نور گھلو


نور گھلو
هو زندهه رهندو
انور ابڙو
هينئر ئي اِها منحوس خبر ملي آهي ته: ”سائين نور گهلو صاحب به اسان کي ڇڏي هليو ويو.“ مون سندس ڪهاڻين جي آخري ڪتاب ”مان زندهه رهندس“ تي هڪ تبصرو لکيو هو، جيڪو منهنجي ڪتاب ”ايڪيهين صديءَ جو ادب“ ۾ شامل آهي. سائين گهلو صاحب پنهنجي ڪتاب جو بلڪل به صحيح عنوان رکيو هو: ”مان زندهه رهندس.“ ها، ”هو زندهه رهندو.“ هتي مان پنهنجي ان تبصري مان ڪجهه حصا کڻي، کين پنهنجي پاران ٽربيوٽ پيش ڪيان ٿو:

منٺارُ سولنگي


منٺارُ سولنگي
منهنجو يارُ
منظور منگي
منهنجي يارَ منٺار سولنگيءَ ۽ منهنجي وڏڙن جو پاڻ ۾ تمام ويجهڙائپ وارو تعلق ته اسان ٻنهي جي پئدائش کان به ڪافي اڳ جو هيو جنهنڪري منٺار سولنگيءَ سان ننڍڙي هوندي کان ئي ميل ملاقات ته ٿيندي رهندي هئي پر منٺار سولنگيءَ سان گهاٽي ويجهڙائپ هر گز ڪو نه هئي.

علي گل ملاح - حبدار جاگيراڻي


علي گل ملاح
حبدار جاگيراڻي
اسان جي سماج جو سڀ کان وڏو الميو اهو آھي ته هتي قابليت هضم ناهي ٿي سگهندي. جنهن سبب ادارن ۾ ڪم ڪندڙ باصلاحيت ماڻھن جي حوصله شڪني ٿيندي رهي ٿي. علي گل ملاح هاڻي خيرپور جي اها متحرڪ شخصيت بڻجي چڪو آھي جو سندس تعارف ڪرائڻ جي ڪا ضرورت پيش نه ٿي اچي. خيرپور جي ڪچي واري علائقي جي پوئتي پيل ڳوٺ مياڻيءَ ۾ جنم وٺندڙ علي گل ملاح جيتوڻيڪ پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪئي جتي اڄ به سندس شمار هڪ قابل، محنتي ۽ ديانتدار استادن ۾ ٿئي ٿو ... گل جي شخصيت لڳاتار جاکوڙيندڙ رهي آھي ۽ سندس قابليت جي اڏام، لگن ۽ جستجو کيس سک جي ننڊ سمهڻ نه ڏنو آھي. هن پبلڪ سروس ڪميشن مان پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ جي نوڪريءَ جو امتحان پاس ڪيو پر ارباب حڪومت کين پوسٽنگ ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي ته ان بيج جا سمورا امتحان پاس ڪندڙ نوجوان مايوس ٿي ٻين نوڪرين جي ڳولها ۾ نڪري پيا. پر علي گل ملاح پاڻ سان گڏ مقابلي جو امتحان پاس ڪندڙن سان رابطا ڪري ارباب حڪومت جي ناجائز اختيارن کي ڪورٽ ۾ چئليج ڪيو. مختصر آمدني ذريعن هجڻ باوجود هن اڏول يار همت نه هاري ٻه اڍائي سال تائين هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ڳايو ۽ ڪيس کٽيو به ... پر رياستي هوڏ تي بيٺل ارباب حڪومت باوجود ڪيس هارڻ جي کين نوڪريون ڏيڻ کان پوءِ به کُتو جواب ڏيئي ڇڏيو.جنهن بعد باوجود دڙڪن دهمانن ملڻ جي توهين عدالت جي پٽيشن به هن يار وڏيءَ دليريءَ سان داخل ڪرائي. وڏيءَ جاکوڙ بعد کين اي ايس آءِ جي نوڪري ڏني وئي. سنڌ جي نوجوانن سان ستم ظريفي هاڻ عام رواجي معمول بڻيل آھي. ادارن ۾ قابليت کي سفارش ڪلچر ۽ رشوت خوري سُري جيان کائي کوکلو بڻائي ڇڏيو آھي. پر پوءِ به اهڙي گهٽ ۽ سوڙهه واري صورتحال ۾ جيڪي همت ۽ حوصلي سان جاکوڙين ٿا اهي ڪاميابي ماڻي وٺن ٿا. علي گل ملاح پڻ انهن نوجوانن منجهان هڪ آھي.

استاد اسرار شام - خالد آزاد


استاد اسرار شام
لهواري دنيا جو اوڀارو ماڻهو - (۱۷ جون - ورسيءَ جي مناسبت سان)
خالد آزاد
ان ڏينهن، جڏهن پهريون ڀيرو اسرار شام جي طبيعت پُڇڻ لاءِ اسان دوست ٽنڊي ڄام ويا هئاسين ته واپسيءَ ۾ ڊرائيو ڪندي، مون کي مسلسل اهو ئي خيال پئي آيو ته ڪينسر هن کي هاڻي نه ڇڏيندي ۽ هڪ ڏينهن اسان کي وري ٽنڊي ڄام اچڻو پوندو _ ۽ ۱۸ جون ۲۰۱۴ع تي جڏهن اسان سائين اسرار شام کي، سندس ئي گهر آڏو ’شهيد بادشاهه قبرستان‘ ۾ دفنائي، آلين اکين سان حيدرآباد موٽياسين ته مون کي لڳو، اسان هڪ پوري دور کي ٽنڊي ڄام جي ’شهيد بادشاهه قبرستان‘ ۾ دفنائي آيا آهيون!

شهيد هوش محمد شيدي

شهيد هوش محمد شيدي
عنايت کٽياڻ


سنڌ سونهاريءَ جي تاريخ ۾ ڪيئي بهادر پٽ، سرويچ ۽ سالار ٿي گذريا آهن جن سنڌ جي آزاديءَ جي علم کي اونچو رکڻ لاءِ حملا آورن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪيو آهي جن مان ڪن سوڀون ماڻيون آهن ڪي وري سر گهوري سرخرو ٿيا آهن انهن ارڏن ۽ اڙٻنگ جوڌن جي مک ناليوارن مان هڪ شهيد هوش محمد شيدي (قمبراڻي) به آهي.