; سنڌي شخصيتون: November 2017

23 November, 2017

رشيد راڄڙ - صحافي

رشيد راڄڙ
سنڌ جو بيباڪ صحافي
علي ڏنو جروار
هونئنءَ ته سنڌ ۾ ڊسمبر جا وڇوڙا مشهور آهن، ڇو ته ڊسمبر ۾ اسان سنڌ واسين کان بينظير ڀٽو، شيخ اياز، سرمد سنڌي، قاسم پٿر ۽ ٻيا ڪيترائي بهترين انسان وڇڙي ويا آهن. پر هن سال نومبر جو مهينو شروع ٿيڻ سان ئي اسان کان سائين محمد ابراهيم جويو وڇڙي ويو ۽ اڄ وري سنڌ جو هڪ سينئر ۽ بيباڪ صحافي رشيد راڄڙ به اسان کان وڇڙي ويو آهي. رشيد راڄڙ جو سنڌ جي صحافت ۾ تمام وڏو نالو آهي. رشيد راڄڙ جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ جا صحافي، سياسي ڪارڪن، کاٻي ڌر جا سياسي ورڪر توڙي قومپرست سڀئي ڏکويل آهن، لطيف سائين جون اهڙي موقعي بابت سٽون آهن ته
لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا
هٿان حبيبن ڪونه ڏکويو ڪڏهن

20 November, 2017

عبدالغفار تبسم - ابراهيم لاشاري

عبدالغفار ڀٽي تبسم
جڏهن ڄام پنهون ڄائو
ابراهيم لاشاري
سهڻي ستابي سنڌ منجهه شاعرن جي ڪا ڪمي ناهي ۲۰ نومبر اڱاري ڏينهن ۱۹۵۱ع ڌاري اڄ کان ڇاھٺ سال اڳ وادي مهراڻ جي سياسي، سماجي، ثقافتي، ادبي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ميرپور ڀٽو جي نيڪ مرد محترم قادربخش ڀٽي جي گهر هڪ ذهين، نماڻي ۽ حساس طبعت جي ٻار عبدالغفار ڀٽي (تبسم) روئڻ بدران مرڪندي، مرڪندي پنهنجي مٺڙي امڙ جي گود ۾ جنم ورتو ته سندس جو گهر خوشين سان معطر بڻجي ويو، والدين کي اها پروڙ نه هئي ته اڳتي هلي اسان جو مرڪندڙ اکين جو ٺار پٽ شاعر بڻجي پنهنجو پنهنجي والدين جو نالو (تبسم عبدالغفار) سان ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرائيندو، جڏهن هي ذهين ٻار درس ۽  تدريس حاصل ڪرڻ جي عمر لائق بڻيو ته کيس نصابي تعليم پرائڻ واسطي نئين ديري اسڪول منجهه داخل ڪرايو ويو، ڪجهه عرصو ان اسڪول منجهان پڙهي پوءِ ڳڙهي ياسين منجهان پرائمري جي تعليم پرايائين تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سال ۱۹۶۶ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول نئو ن ديرو منجهان پاس ڪيائين تنهن بعد عبدالغفار تبسم گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي آرٽس ايند ڪامرس ڪاليجن مان سال ۱۹۷۲ع ۾ سند حاصل ڪئي.

18 November, 2017

ڊاڪٽر حمزه علوي - ڊاڪٽر ايوب شيخ

ڊاڪٽر حمزه علوي
ننڍي کنڊ جو ناميارو عالم، پنھنجي لکيل ڪتاب ”تشڪيل پاڪستان“ جي تناظر ۾
ڊاڪٽر ايوب شيخ
ڊاڪٽرحمزه علوي جي نالي ۾ ”علوي“ پڙهي مون ڳولڻ شروع ڪيو ته سندس حسب نسب ڇاهي؟ ڪير آهي؟ ڪٿان جو آهي؟ مون انٽرنيٽ تي ”علوي“ پئي لکيو ته ڪراچي جي پهرئين مسلمان ميئر حاتم علوي کانسواءِ ٻي ڪا به ڄاڻ نه پئي ملي. پوءِ تنهن ڏينهن آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سندس مقالن جي اردو ۾ ٿيل ترجمن جي ڪتاب ”تشڪيل پاڪستان“ جي مهورت جي موقعي تي ڪتاب جي مترجم ڊاڪٽر رياض شيخ مرحوم، حمزه علوي جي ڀاءُ مسٽر زين علوي سان ملايو، جيڪو پاڻ به گهٽ ۾ گهٽ ۸۰ ورهين جو ٿي لڳو. مرحوم حمزه علي، حاتم علوي صاحب جو ڀائيٽيو هيو. ننڍي هوندي کان ئي کيس سماج کي ڳولڻ ڦولهڻ جي تڙپ هوندي هئي. انٽرنيٽ تي هن جا ڪيئي عالمي سطح جا مضمون انگريزي ۾ موجود آهن، جن کي پڙهي سندس علمي حيثيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

محمد ابراهيم جويو

محمد ابراهيم جويو
ٻن صدين جي تاريخ جي پڄاڻي، عظيم مفڪر ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو وڇڙي ويو، سنڌ سوڳوار
حيدرآباد (رپورٽ: غلام حسين خاصخيلي ۽ پون ڪمار)

سنڌي ٻولي جو ناميارو اديب، دانشور، ڏاهو محمد ابراهيم جويو ساهه جي تڪليف سبب حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه صحافي ڪالوني ۾ 102 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويو جي لاڏاڻي جي خبر تي سڄي سنڌ ۾ سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي. سنڌ جي اديبن، دانشورن سميت سياسي سماجي حلقن ۾ ڏک واري لهر ڇانيل آهي. محمد ابراهيم جويو کي پنهنجي رهائشگاهه صحافي ڪالوني ۾ ساهه جي تڪليف سبب سندس ساهه جو سڳو ٽٽڻ سبب سنڌ واسين کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو، سندس وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جسقم سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان محمد ابراهيم جويو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويو جي لاڏاڻي جي خبر پهچڻ تي سنڌ بارڪائونسل جي سڏ تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سوڳ ملهائيندي عدالتن مان ڪيسن جون صرف تاريخون ورتيون ويون. محمد ابراهيم جويو جي لاڏاڻي جي خبر ملڻ تي سندس مٽن مائٽن سان گڏوگڏ سوين اديب، دانشور، شاعر، سياستدان سندس حيدرآباد واري رهائشگاهه تي پهتا. مرحوم محمد ابراهيم جويو کي چار پٽن جو اولاد ۽ ٻن نياڻي جو اولاد آهي. جنهن مان هڪ نياڻي جيڪا وفات ڪري چڪي آهي. مرحوم محمد ابراهيم جويو جي جنازي نماز حيدرآباد صحافي ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ سياسي، سماجي، ادبي حلقن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي. مرحوم محمد ابراهيم جويو جو مڙهه کي ڄامشورو علامه آءِ آءِ قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو  مرحوم محمد ابراهيم جويو جو تڏو صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ سندس رهائشگاهه تي وڇايو ويو آهي. سندس پٽن منور علي جويو، مظفر علي جويو، نياڻي ظفر الله ميمڻ، ڏوهٽي محسن جويو سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. تڏي تي عوامي تحريڪ جو سربراهه رسول بخش پليجو، شاعره مهتاب محبوب ۽ ٻيا تڏي تي پهتا. نامياري اديب، دانشور محمد ابراهيم جويو جي فرزند منور علي جويو چيو ته اسان جي والد سياست ۽ ادب جي ميدان ۾ تمام وڏي خدمت ڪئي. هن سياست ۽ ادب جي لاءِ ماڊل رول وارو ڪردار ڪيو. اسان سان سندس رويو رهبر جهڙو هيو. بابا اسان جي تمام بهترين پرورش ڪئي. سندس فرزند مظفر علي جويو چيو ته بابا هاريءَ جو پٽ هيو، پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان وڏو نالو پيدا ڪيائين. اسان کي گهرجي ته محنت ۽ جدوجهد سان اڳتي وڌون بابا سنڌ جي حقن ۽ ادب جي لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي اها تاريخ ۾ سونهري لفظن سان ياد رکي ويندي. ابراهيم جويو جي ڏوهٽي محسن جويو چيو ته ابراهيم جويو اسان جي تمام وڏي تربيت ڪئي. ادب جي ميدان ۾ سندس خدمتون هميشه ياد رهنديون. سندس وڇوڙي سان اسان کي دلي صدمو پهتو آهي. ابراهيم جويو جي نياڻي ظفر الله ميمڻ چيو ته محمد ابراهيم جويو منهنجي عزت پٽ وانگي ڪندو هو. سندس وڇوڙي سان دلي صدمو پهتو آهي، سندس يادون ۽ خدمتون اسان کي هميشه ياد رهنديون.  سنڌي ٻولي جي نامياري اديب، دانشور، ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي زندگيءَ جو پروفائل هن ريت آهي. محمد ابراهيم جويو 13 آگسٽ 1915ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، 1927ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، 1930ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن 1934ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ 20 رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو محمد ابراهيم جويو سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. محمد ابراهيم جويو 1938ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل رهي. 1940ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس 1941ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو.

عبدالستار ڀٽي - طارق عزيز شيخ

عبدالستار ڀٽي
طارق عزيز شيخ
سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ جڏهن صنم مارئي جو پروگرام شروع ٿيو تڌهن ستار ڀٽي سان آخري ملاقات ٿي، مرحوم پنهنجو ڪتاب ”ستار ڀٽي، شخصيت ۽ خط“ بابت ٻڌايو ته اڃا هاڻي ورهائي ختم ڪيو اٿم، توهان جي ڪاپي پوسٽ ڪندس، انهي ۾اوهان جي رپورٽ به آهي جڏهن انڊيا جا سنڌي اديب ڪراچي آيا هيا ۽ اوهان عوامي آواز جا رپورٽر هئا. مون کي ياد اچي ويو اهو هندو جيم خاني ۾ 2003 ڌاري پروگرام ٿيو هو، ستار ڀٽي تڏهن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سيڪريٽري هو ۽ سندس دور ۾ ڀلا ۽ يادگار پرگرام ٿيا هئا.

حاجي ذوالفقار علي تمراڻي - خدا بخش تمراڻي

حاجي ذوالفقار علي تمراڻي
خدا بخش تمراڻي
اڇي واري جي وڏن وڏن دڙن کي کنڀ چيو ويندو آھي. کنڀ مان ڪنب ٺھيو. ڪنب کي، شهر ڪرڻ ۽ شهر کي ترقي ڏياريندڙن ۾ مرحوم حاجي ذواالفقار احمد  تمراڻي جو وڏو ڪردار آهي.

سڪندر شيخ - استاد خالد چانڊيو

سڪندر شيخ
لاڙڪاڻي جو ساغر صديقي
استاد خالد چانڊيو
اڄ دل چيو ته ڪجھ لکجي پر ڇا لکجي ڪنهن تي لکجي. لاڙڪاڻي شھر جي رستن تي موٽر بائيڪ ڊوڙائيندي سوچيندو رهيس ته لاهوري محلي جي روڊ تان گذرندي هڪ سٻاجهڙي ۽ جهونڙي ادبي ساٿي سان ملاقات ٿي وئي. ذھن جنبش کاڌي. مٿيون عنوان لکجي ويو. دوست به سوچيندا هوندا ته آخر لاڙڪاڻي ۽ ساغر صديقي جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق. پر ڪڏھن ڪڏھن ڪي شخصيتون، فطرتن ۽ عادتن، هڪجهڙيون لڳنديون آھن. ايئن ئي لاڙڪاڻي شھر جي ادبي ماحول ۾، ھو مون کي ساغر صديقي جهڙو لڳندو آھي. جيئن لاهور جي فٽ پاٿن تي، ساغر کي چانھ چڪي پيئاري، سندس محنتن مان ڪيترا ئي ادب جا وڏا نالا ٿي ويا، تيئن ئي هتي لاڙڪاڻي ۾ هن فقير صفت انسان سان لاهوري محلي جي هڪ ننڍڙي هوٽل تي ويٺي ويٺي، ڪيترا ئي دوست، شاعريءَ جي ميدان ۾ صاحبِ ڪتاب ٿي ويا.