; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ مانڌل شر - سھيل سانگي

21 August, 2016

ڪامريڊ مانڌل شر - سھيل سانگي

ڪامريڊ مانڌل شر
جبر خلاف ويڙهه جي علامت!
سھيل سانگي
ٻه ڏينهن اڳ ڪامريڊ مانڌل شر جي شهزادي جمال ناصر فيس بڪ تي اسٽيٽس رکيو ته بابا جي طبيعت گهڻي خراب آهي، پر مون کي يقين هو ته جيڪڏهن ڪامريڊ سڪرات جي حالت ۾ هليو ويو اتان به نڪري ايندو. ڇاڪاڻ جو هو جيترو اڏول، بهادر ۽ همت وارو هو، لڳندو هو ڪڏهن به ڪنهن درد يا تڪليف جي شدت هن ماڻهو جي ساهه جي تند ٽوڙي نٿي سگهي. سندس حوصلا بلند هوندا هئا، مايوسي ڄڻ هن لاءِ ڪفر هئي. ڪيترن ئي پراڻن ساٿين جا ان ڏينهن موبائيل تي ميسيج اچڻ لڳا ته ڪامريڊ مانڌل گذاري ويو آهي، هي پهريون ۽ آخري موقعو هو جو مون سندس بيماري جو غلط اندازو لڳايو هو، هونئن هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا سندس بيماري بابت گهر ڀاتين يا دوستن سان حال احوال ٿيندا رهيا ۽ ڪجهه ڏينهن بعد پتو پوندو هو ته هاڻ طبيعت ٺيڪ ٿي ويئي اٿس ۽ وري پنهنجي ڪِرت کي لڳي ويو آهي.


ماڙي گئس جا ذخيرا هٿ اچڻ ته اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي، گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي وارو علائقو عام طرح سان سردارن جي ڪري مشهور رهيو آهي، پر هن علائقي جو سڀ کان وڏو حوالو ۽ نالو ڪامريڊ مانڌل هو ۽ آهي، جيڪو پهرين صف جو هاري اڳواڻ ۽ انقلابي هو. سنڌ ۽ پنجاب جي سرحد ويجهو کروهي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ مانڌل ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي، اعزاز نذير ۽ مزدور اڳواڻ مولابخش جي هٿ چڙهيو ته رچي ريٽو ٿي ويو. ياد نٿو اچي ته مانڌل سان پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي، پر اها پڪ آهي ته اهو 1970ع وارو ئي زمانو هو، جڏهن بنگال ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو هو. ان بعد ملاقاتن، ڪچهرين ۽ گڏجاڻين جو اڻکٽ سلسلو رهيو.
ڀٽي جو حڪومتي دور هجي يا ضياءَ الحق جي مارشل لا مانڌل شر، جيل ۾ رهيو هوندو يا وري پوليس سندس پويان رهي هوندي. هن جو ڏوهه اهو هو ته هو هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو هو، گڊو بئراج جون زمينون انعام ۽ نيلام ۾ڏيڻ خلاف ويڙهه ڪندو هو. ان ويڙهه ۾ هن انتظامي طور عدالتي در به کڙڪايا، هارين کي منظم ڪيو، روڊن تي اچي احتجاج به ڪيائين. سندس ڏوهه اهو به هو ته عام ماڻهن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندو هو، وڏو ڏوهه اهو به هو ته هو ملڪ جي انقلابين جي تنظيم سان سلهاڙيل هو. اهڙن ڏوهن جي هڪ ڊگهي لسٽ هئي، جنهن کيس ڄڻ ته رياست وٽ ”هسٽري شيٽر“ بڻائي ڇڏيو هو. جڏهن به ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ کان جمهوري يا قومي حقن جي تحريڪ اٿندي هئي ته پوليس سڀ کان پهريان ڪامريڊ مانڌل ۾ هٿ وجهندي هئي.
لڳاتار رياستي ڏاڍ جو مرد ٿي مقابلو ڪندڙ هن ڪامريڊ جدوجهد جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو، نه ڪڏهن پنهنجو ڪنڌ جهڪايائين ۽ نه وري سنگت جو، نه ئي وري ”سنگت جي سار“ لڌائين، جيئن ڪڏهن ڪڏهن، ڪي سيکڙاٽ سياسي ڪارڪن گرفتاري کانپوءِ پويان رهجي ويلن جا نالا کڻي لهندا آهن، سنڌ جون سڀئي جيلون ۽ ايذاءَ گهر هن جا ڏٺل هئا. سموريون ننڍيون وڏيون ياترائون ٿيل هئس، کيس لاڪپ يا ٽارچر سيل ۾ رهڻ جو ڄڻ ته آرٽ اچي ويو هو، آرٽ به اهڙو جو رياستي ادارا ٿڪي پون پر مانڌل نه ٿڪي. رڳو مانڌل کي ئي نه پر گهر جي ٻين ڀاتين ۽ خاص ڪري هن جي ٻارن کي به اهو آرٽ اچي ويو هو، جيئن هر ڊگهي ۽ سخت جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن جي گهر ڀاتين کي اهڙين حالتن ۾ زندگي گذارڻ جو هلي هلي ڏانءُ اچي ويندو آهي. وڏي ڳالهه ته مانڌل کڻي ڪهڙي به حال ۾ رهيو، پر هن سنگت کي ڪا ميار ڏني ۽ نه ڪو ڏک ڏوراپو ته، توهان ڪا سار نه لڌي. سندس ويساهه هو ته آئون جيڪي ڪجهه ڪريان ٿو سو سڀ ڪجهه ڄاڻندي، سمجهي ۽ ڇنڊي ڇاڻي پوءِ ڪريان ٿو، اهو ڪم ڪرڻ جو يا رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو منهنجو پنهنجو آهي، آئون ڪنهن تي ڪو احسان ڪونه پيو ڪريان، سِر تي اچي ته هر ڪو پاڻ نڀائي. اها ڏاڍي وزنائتي ڳالهه هئي، جيڪا ڪجهه سال اڳ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ هڪٻئي سان حال اوريندي هِن مون کي ٻڌائي هُئي. مون کيس ماڙي گئس ۽ مقامي ماڻهن جي هلايل تحريڪ جنهن جي هن اڳواڻي ڪئي هئي، بابت پنهنجو لکيل ڪتابڙو به هن کي ڏنو هو. هن شخص ۾ عزتِ نفس ۽ بلا جي خودداري هئي، جيڪا آخر تائين شان سان قائم رهي. ان جو مشاهدو مختلف تحريڪن ۾ گڏ هجڻ ۽ جڏهن هو گرفتار ٿي ڪراچي جيل پهتو ته، اتي گڏ رهندي به ٿيو. چوندا آهن ته مڙس جي خبر ريل يا جيل ۾ پوندي آهي، هو ٻنهي امتحانن ۾ پاس ويو، يعني سياسي پنڌ ۾ به ۽ قيد ڪاٽڻ ۾ به.
پنهنجي جدوجهد تي ۽ ورتل واٽ جي صحيح هجڻ تي هن جو پڪو ويساهه هو. هو شروع کان جنهن انقلابي لڏي سان جُڙيو، آخر تائين ان سان ئي جُڙيل رهيو. ماڙي گئس فيلڊ واري تحريڪ ڪيترن ڏينهن تائين جاري رهي، جنهن ۾ سندس نياڻين به حصو ورتو. تحريڪ جي ڪاميابي تي ماڙي گئس انتظاميا کي مانڌل شر ۽ سندس تحريڪي ساٿين سان لکت ۾ ٺاهه ڪرڻو پيو، جنهن ۾ ضلعي حڪومت به شاهد ۽ ضمانت طور ٺاهه جو حصو ٿي، اها وڏي ڪاميابي هئي. ڄاڻايل تحريڪ جي ڪجهه ڏينهن بعد آئون جڏهن ان معاملي تي رڪارڊ لکڻ لاءِ پهتس ته، هن مون کي اهي سڀ هنڌ ڏيکاريا، جتي ڳوٺاڻن پوليس سان مقابلو ڪيو هو، اها لوهي پل به ڏيکاريائين، جتي شيرياڻين پوليس کي ڀڄائي ڪڍيو هو ۽ لوهي پُل کي اسٽالن گراڊ بڻائي ڇڏيو. هن مونکي اتي پنهنجو جوڙيل ڪميونيڪيشن سسٽم به سمجهايو ته ڪيئن مستري مارڪ ريڊيو ذريعي اعلان ٿي ويندو هو ته پوليس اچي پئي ۽ پوءِ ڳوٺاڻا عورتون توڙي مرد لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي وڃي سامهون بيهي رهندا هئا. مستري مارڪ ريڊيو مقامي طور تي ڪجهه ڪاريگرن ٺاهيو هو، جنهن جو آواز ٻن ميلن جي مفاصلي تائين ٻڌو ويندو هو، ان ريڊيو تان گانا وغيره به هلندا هئا. مونکي اتي مانڌل شر پنهنجي سموري جدوجهد جا داستان ٻڌايا ۽ سرزمين تي بيهي پورو نقشو پڻ سمجهايو. کيس چيو هئم مطلب ته ڪامريڊ تون باقاعده وڙهڻ ڄاڻين ٿو. جنهن تي هن وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو ته وڙهڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، اسين ته پنهنجي وسيلن ۽ حقن جو بچاءُ ۽ تحفظ پيا ڪريون. گهوٽڪي ۽ سکر ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون تحريڪون هليون، ڪامريڊ انهن ۾ ضرور شامل رهيو، ايئن انهن تحريڪن ۾ سندس حصي ۾ ڪجهه ڪاميابيون آيون ته ڪجهه ۾ وري اڳئين تحريڪ شروع ڪرڻ لاءِ تجربو حاصل ٿيو.
ڪميونسٽ پارٽي جي جدوجهد هجي، هاري هلچل هجي يا حُر تحريڪ، ڪامريڊ مانڌل انهن بابت ڄاڻ جي هڪ وڏي کاڻ هو. هن پاڻ انقلابي تحريڪ ۾ وڌي حصو ورتو ته سندس والد صاحب وري حر جدوجهد ۾ حصو ورتو. ڪامريڊ حُر تحريڪ جون ننڍپڻ جون يادگيريون به ڪڏهن ڪڏهن شيئر ڪندو هو. ٻار هوندي به هو حر تحريڪ ۾ شامل رهيو.
آخري ٻن ٽن ملاقاتن دوران مون ڪامريڊ کي فرمائش ڪئي ته، تون پنهنجون يادگيريون لِک، چائين ته اهو لکڻ وارو ڪم توهان جو آهي، آئون لکي ڪونه سگهندس. مون زور ڀريو ته تون جيئن به، جيڪو به لکين، لِک ضرور، واعدو ٿو ڪريان ته آئون انهن لکڻين کي صاف ۽ ايڊٽ ڪري ڏيندس. پوءِ هڪ ڏينهن اسان ويهي اهڙو منصوبو به ٺاهيو هو، پر ڪامريڊ جي ڪا به لکڻي مون تائين نه پهتي. پڪ اٿم ته هن لکيو ضرور هوندو. ڪجهه مهينا اڳ هن پاڻي جي کوٽ بابت ڌرڻو به هنيو هو، پڪ اٿم ته تڏهن به سندس صحت ڪا چڱي نه هوندي، پر جيئن ڀٽائي چيو آهي؛ جان جان هُئي جيئري ورچي نه ويٺيءَ، هن کي ورچي ويهڻ ته ايندو ئي نه هو. ننڍي قد وارو هي چِيڙهو مُڙس مون کي هماليه سان ڪُلهو هڻندي نظر اچي ٿو، مانڌل سراپا جدوجهد جو نالو هو. سندس ويجهن ساٿين ۾ ڄام ساقي، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، چاچو شاهه محمد دراني، اسماعيل کوسو، نور الله ملڪ، عاشق سومرو، اسماعيل قريشي، عبدالرشيد انڍڙ، الهبچايو، امر لال ۽ ٻيا شامل آهن.


هڪڙو هو مانڌل شر
غلام محمد ڪنڀر
زندگي جي هِن ڪاروان ۾ ڪي ڪردار سماج ۾ اهڙا ٿي گذرندا آهن، جيڪي تاريخ بڻجيو وڃن ٿا، ڪامريڊ مانڌل شر به تاريخ جو حصو بڻجي ويو، هن شعر وانگر ته:
تون اسان وٽان هليو وئين، مگر تنهنجي
ياد اسان جي دلين ۾ سمايل آهي.
ڪامريڊ مانڌل شر جو ڪردار خاص طور تي سنڌ ۾ پيڙهيل طبقي جي حقن جي حوالي سان تمام اهم رهيو آهي، پاڻ پورهيتن جو درد رکندڙ ۽ انسانيت لاءِ پتوڙيندڙ تمام پيارو ۽ وڏي دل رکندڙ ماڻهو هو، جيڪو هر وقت انسانن جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙ ڪندي نظر آيو، ڪڏهن ڪنهن جاءِ تي هي نه ٿڪو نه ڊنو ۽ نه وري جيل جون سختيون سندن راهه ۾ رنڊڪ بڻجي سگهيون، هو پنهنجي زندگي ۾ هر چئلينج کي مرڪي قبولي حق ۽ سچ جو نعرو هڻندي پهرين فهرست ۾ نظر آيو. هن پنهنجي زندگي جون سموريون بهارون ڏکويل ماڻهن جي سک ۽ ڀلي لاءِ نڇاور ڪري ڇڏيون، پنهنجا غم وساري غريب ۽ پورهيتن جي خوشين لاءِ سامان گڏ ڪرڻ خاطر جدوجهد ڪندي نظر آيو ۽ هي ماڻهو حقيقي طور انهن منجھان هو، جيڪي هن سماج ۾ ٻين لاءِ جيئن ٿا، هن به سموري ڄمار ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ هن جو مشن ئي اهو هو ته غريب ماڻهن کي انهن جا حق وٺي ڏجن، خوشحالي ڏجي، غريب جو ٻار به اعليٰ تعليم حاصل ڪري ۽ هن جي گهر ۾ به خوشيون هجن. پاڻ خاص طور تي سنڌ جي پورهيت طبقي جي حقن ۽ هارين جي حقن لاءِ هر ميدان ۾ جنگ جوٽي، پاڻ ڪميونسٽ قسم جو ماڻهو هو ۽ ڪيتري ئي وقت کان وٺي بيماري جي بستري تي هو، سندس شمار هاري اڳواڻ ۽ مزاحمتي طور ڪيو وڃي ٿو، هو 84 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ڪيترو ئي وقت جگر، گردن سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا رهيو، پاڻ خاص طور تي سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ غريبن سان زيادتين جي حوالي سان جدوجهد ڪندي نظر آيو، پاڻ جيڪا جدوجهد ڪئي سا تمام ٿورڙي وقت ۾ پر انتهائي اثرائتي ۽ معنيٰ ڀري جدوجهد رهي، ڪنهن به موڙ تي ڀلجي به هي ماڻهو ٿڪو ئي نه ۽ جدوجهد جاري رکيائين، توڻي جو سندن راهه ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون پر هي مرد مجاهد هر جاءِ تي  پنهنجي اٽل ارادن سان هر چئلينج قبولي اڳئين کان به اڳ ڀرو نظر آيو، هن جو جنم 1932ع ۾ ماڻڪ فقير شر جي گهر ڳوٺ قادر شر ۾ ٿيو، هن شروعاتي تعليم اتان ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد سياسي ميدان ۾ تمام گهڻو سرگرم نظر آيو، ڄام ساقي سان گڏ صلاح مشورا ڪري ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌو ۽ هن سان گڏ وري ذيلي تنظيم  هاري ڪاميٽي جو صدر پڻ بڻيو ۽ پوءِ سياسي ميدان ۾ پاڻ تمام گهڻو سرگرم ٿي ويو ۽ سردار خان محمد، بوزدار سامهون اليڪشن ۾ حصو ورتائين جنهن تي سندس مٿان ڪيترا ئي ڪيس داخل ٿيا ۽ جيل به وڃڻو پيو، پر هن انهن سختين سان منهن آڏو اٽڪايو، مايوس نه ٿيو، مقابلو ڪيائين.
اڳوڻي فوجي صدر جنرل ايوب خان طرفان ملڪ ۾ ون يونٽ لڳائڻ خلاف مانڌل شر تمام گهڻي جدوجهد ڪئي ۽ کيس جيل به ڀوڳڻي پئي، پاڻ جنرل ضياءَ جي دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به اهم رول ادا ڪيو ۽ مارشل لا خلاف آواز اٿارڻ تي مٿس ڪيس داخل ٿيا، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف جيلن ۾ جيل ڪاٽڻي پئي، ايستائين جو کيس وڻن ۽ کٽن سان ٻڌي مٿس جان ليوا تشدد به ڪيو ويو، پاڻ هر سختي کي تمام دليري سان منهن ڏنو. پاڻ گهوٽڪي ضلعي مان نڪرندڙ گئس ۽ تيل جي رائلٽي ڏيارڻ لاءِ به جدوجهد ڪئي، پاڻ هن سموري سياسي دور ۾ ڪيترا ئي دفعا گرفتار ٿيو، جيلون ڪاٽيون پر ڪڏهن به هي جدوجهد کان پوئتي نه هٽيو، بلڪه وڌيڪ سرگرم نظر آيو، مزدورن ۽ هارين سان گڏجي روڊن تي انهن جي حقن لاءِ احتجاج ڪندي به نظر آيو هارين کي انهن جا حق ڏيارڻ لاءِ جتي ڪٿي نه صرف آواز بلند ڪيو، بلڪ انهن جي احتجاجن جي اڳواڻي ڪندي به نظر آيو. مانڌل شر تي ڪيس داخل ٿيندا رهيا پر هن جي جدوجهد به جاري رهي، هن جي فيملي کي به گهڻو ڀوڳڻو پيو جدوجهد دوران ڪيترائي ڀيرا پاڻ جيل ۾ سختيون برداشت ڪيون، آبادگارن سان پاڻي جو مسئلو هجي  يا ڪنهن هاري سان ڪٿي زيادتي ٿئي، مانڌل شر جدوجهد ڪندي نظر آيو، هو سنڌ جي اندر وڏيرن جي ڪردار ۽ وڏيرن جي هارين سان ظلمن تي اڪثر پريشان رهندو هو، هن نياڻين جي سڱ چٽي طور ڏيڻ تي به پابندي هڻائي ۽ ڇوڪرين جي تعليم  عام ڪرڻ لاءِ  ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا الڳ الڳ اسڪول پڻ کولرايا. سندس هڪ نياڻي زرقا شر پنهنجي پيءُ جي نقشي قدم تي هلي رهي آهي، جيڪا انتهائي بهتر ڳالهه آهي. اڄ مانڌل شر جي لاڏاڻي بعد جيڪو  خال هاري جدوجهد ۾ پيدا ٿيو آهي سو شايد ئي ڪڏهن ڀرجي سگهي، پاڻ ٽي شاديون ڪيائين، جيڪي برادري مان ئي ڪيون، جن مان 12 نياڻيون 11 پٽن جو اولاد آهي، مانڌل شر سماجي محور تي هميشه زنده رهندو ڇو جو هو اهو ماڻهو هو، جنهن سنڌ جي ڏتڙيل ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن لاءَ جدوجهد ڪئي، هو فقير صفت ماڻهو هو، جيڪو اڄ اسان ۾ ناهي رهيو ۽ هو هليو ويو. فقير ماڻهو جيڪو هارين ۽ غريبن جو ڀرجھلو هو، انهن لفظن وانگي ته:
فقير راهه نشين است ودل غني دارد.
هو دل جو غريب نه هو مگر غني هو.



مانڌل شر
سدا حيات رهندو
حافظ سڪندر تنيو
انسان جي پيدائش پاڻي جي قطري مان ارتقا ڪندي هڪ مضبوط هڏ ڪاٺ وارو جسم بڻجي ٿي.پاڻي ۽ گرمي جي گڏيل امتزاج ڪري منجهنس ڪمزور ۽ طاقتور ٻئي ڪيفيتون هجن ٿيون.ڪڏھن ڪيهر شينهن ته ڪڏھن من ماڪوڙي ٿي پوي ٿو.پر ڪي ماڻھو ماڪوڙابڻجي لتاڙجڻ بجاء ڪيهر شينهن ٿي پوندا آھن .جن کي پنجوڙ به گجگوڙ ڪرڻ کان جهلي نه سگهندا آھن.
اهڙي ئي شينهن جي  دل رکڻ وارو مانڌل شر نالي هڪ ماڻھو سنڌ پيدا ڪيو.سندس زندگي سموري سورن ۾ گذري .سرجيس تان سور ساماڻي تان سک ويا .هن جڏھن اکيون کوليون ته غربت سندس گهر جي ڀاتياڻي بڻيل هئي. نه سڻڀو ڳڀو، نه چڱيرڙو لٽو ڪپڙو، نه ئي اُس مينهن کي جهلڻ لاءِ ڪو اجهو ئي هيس، نه علم پرائڻ لاء ڪو اسڪول ئي ويجهو هيس. مائٽن لڪڻ هٿ ۾ ڏيئي رڍن جو ڌڻ چارڻ لاءِ عبد الواحد آريسر وانگر جهنگ جي جُوءِ ڏي موڪليس. پر هي اتان ڀڄي ڏورانهين پاسي وڃي پڙھڻ لاء پهتو. ڪجھ درجا پڙھي پيو ته سانگهڙ ۾ ون يونٽ خلاف جلوس پئي نڪتو هي ان ۾ ڪڏي ڪاهي پيو. نعرا هنيائين؛ ڌوڏ هن سماج کي لوڏ سامراج کي! پوليس مٿن ڪڙڪي پئي. هي پڪڙجي پيو. ٿاڻي ۾ کيس سٺي ملڻي ڏني ويئي. هن جي سڪرنڊ ۾ هاري ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندي ڪن ترقي پسند دوستن سان ملاقات ٿي. ڪن ماڻهن سندس جو اهڙن ماڻهن سان ملڻ کي بدقسمتي چيو، پر هن انهن جي سنگت کي سٺي قسمت سڏيو. سندس سنگت ۾ اعزاز نظير، ڄام ساقي، عثمان ڏيپلائي، جمال نقوي، انور پيرزادو، نذير عباسي، مولوي صالح عاجز، مولوي عزيز الله جروار، سهيل سانگي، جبار خٽڪ، عزيز الله ٻوهيو، امان الله شيخ ۽ ٻيا ان لڏي جا ساٿي هم سفر مليا. هي انهن سان گڏجي ڪميونسٽ تحريڪ ۽ هاري تحريڪ جي هلندڙ ريل ۾ چڙھي پيو. هرهڪ جلسي ۾ هي ننڍڙي قد وارو وڏو قد بڻجي بيهندو هيو.
هن 65 جي جنگ ۾ حر فورس سان گڏ بارڊر تي ويڙھ ڪئي هي هندستان جي علائقي ڪشن ڳڙھ تائين اندر سپاهي وٺي پهتو هيو. ان کان پوء هن سياست ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪميونسٽ پارٽي جي هٿ تي بيعت ڪئي. سنڌ جون زمينون ٻاهرين ماڻهن کي ڏنيون پئي ويون، لکين ايڪڙ زمين آسودا ماڻھو وٺي ويا. هن هاري تحريڪ جي پليٽ فارم تان احتجاج ڪرايا. جيل ويو نيلام رد ڪرايا. وڏن طاقتور ڌرين کي مليل زمينن جا کاتا کانئن کسرائي هارين کي حقداري ڏياري. گڊو بئراج جون زمينون سنڌي هارين کي مليون. پاڻي جي کوٽ سبب آبادي نه پئي ٿئي .سرڪار ماڻھن مٿان ويتر ڏنڊ وجهڻ لڳي . هارين چيو اپت ئي نٿي ٿئي ته تُڙيون ڪيئن ڀريون. احتجاج هليو ڊي سي سکر جو آيو، هنن مطالبن جي لسٽ رکيس . چيائين مونکي انهن مطالبن جي مڃڻ جا اختيار نه آهن، الهبچائي مرڻاس چيس پوءِ هتي آڱوٺي ... لاءِ آيو آھين. ڪامريڊ ٻڌجي ويا. الهبچائي ۽ مانڌل جو تئي سان ڪارو منهن ڪري گشت ڪرايو ويو ته ماڻھو سندن تذليل ڏسي خوش  ٿيندا پر ماڻھن هنن جي لاءِ وڪٽري نشان ٺاهي کين سلام ڪيا.سکر جيل پُڳا ته کين چيو ويو ته جوڙي جوڙي ٺاهي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهو. هنن چيو ڪنڌ جهڪائڻ اسان سکيو ئي ناهي .اهو دور  ڀٽي صاحب جي عوامي حڪومت جو هيو جنهن کي پورهيتن ۽ هارين جي حڪومت سڏيو ويندو هيو.هڪ ڏينهن هي گهر جو سودو ٻٽالو بصر هڙ ۾ ٻڌي ٻچڙن کي کارائڻ لاءِ کنيو پئي ويو ته سادن ڪپڙن ۾ سپاهين پڪڙي وڌس. ڪنهن واقفڪار سپاهي کيس چيو ته هي ڏکيا ماڻھو آھن . تنهنجو بچي اچڻ هنن وٽان مشڪل آھي. هن چيو مهل مٿان اچي ويئي آھي سو نڀائي وڃبو. هن کي هٿ ڪڙيون هڻي رحيم يارخان، بهاولپور جي پڇا خانن ۾ پڇائون ڪيون ويون. ته تون اندراگانڌي سان ڇو ملئين .هن وراڻيو ۽ جيڪو سچ به هيو ته هو ايڏو وڏو ماڻھو ڪٿي آھي جو اندرا سان ملي سگهي، کين چيائين هو هندستان ڪڏھن به نه ويو آھي. هي سڀ الزام مٿس غلط رپورٽن پهچائڻ سبب لڳايا ويا هئا . کيس ڪوئيٽا جي قلي ڪئمپ ۾ نيو ويو جتي نذير عباسي به واڙيل هيو. نذير جي بيرڪ هن جي سيل جي ڀر ۾ هئي. نذير زرقا فلم جو گانو ڳائيندي  رقص زنجير پهن ڪر ڀي ڪيا جاتاهي ڳائيندي چيس تون هڪ ڀيرو مليو آھين ٻه ڀيرا نه ٻڌائجانءِ، هن سوچيو ڪوئي پيغام ڏئي ٿو ته پڇا ٿيئي ته گهڻا ڀيرا پاڻ ۾ مليا آھيو کين هڪ ڀيرو ئي ٻڌائجان. هن به راڳ جي انداز ۾ پڇيس تون حميده جو هسبنڊ آهين؟ يا ڪو ٻيو آھين نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو وراڻو مليس تون سهي سمجهيو تنهنجو يار آهيان. پوء کانئس پڇاڻو ٿيڻ لڳو ان ۾ جيڪو مٿس تشدد ٿيو جو ڪنهن مضبوط جانور مٿان به ٿئي ها ته هو مري وڃي ها پر هي ننڍي قد جو ماڻھو جبل جيان مضبوط ٿي بيهي رهيو ڏند ڀڪوڙي سمهي پوندو هيو مٿان ريل چاڙهي ڇڏجيس ته به هي ٻڙڪ نه ڪڇندو هيو. رت سندس جسم مان ٺينڍيون ڪري وهندو هيو پر هي سڀ ستم سهندو رهيو.
کانئس اهي سوال پڇا ويندا هئا جن جي کيس ڪائي ڄاڻ نه هوندي هئي. کيس اوجاڳا ڪرايا ويا، جسم تي ڏنڀ ڏنا ويا. هن جو لڱ لڱ مڇي جيان جهيريو ويو. هي بيهڻ جهڙو نه ويهڻ جهڙو هيو. لکي ٿو ته جڏھن مٿس تشدد ٿيندو هيو ۽ زخمن جي سورن سبب هن کي ننڊ اچي ويندي هئي. هو چاهيندو هيو جيڪر کانئس پڇا ڳاڇانه ڪئي وڃي پر مار جيتري به ڏني وڃي سا سهي ويندس پڇاڻي ۾ ور ور ڪري ساڳيون ڳالهيون پڇيون پئي ويون جن جي مونکي خبر ئي نه هئي. هن کين ٻڌايو ته هو ملڪ دشمن ناهي پر وڏيرن سرمائيدارن جو دشمن آھي. پورهيتن جو ساٿي آھي .هو چاهن ٿا ته ملڪ تي پورهيت ۽ مزدورن جو راڄ هجي.جيڪي زمين کي کيڙين ٿا سي سندس مالڪ هجن.کيس چرئي ڪرڻ واريون سيون به لڳايون ويون. هن خود ڪشي ڪرڻ جي لاءِ به پئي سوچيو پراهڙو وسيلو وٽس نه هيو. هن تي ڪجهھ رحمدل ماڻھن کي به مٿس رحم ايندو هيو جيڪي اهڙو تشدد ڪندڙن کي ننديندا هئا. هڪ ليڊي ڊاڪٽر زبردستي سندس علاج ڪرڻ لاءِ ايڊمٽ پڻ اسپتال ۾ ڪيو هيو.هن جي زندگي جو مقصد  ماڻھن جي ڀلائي هيو. هن ان جدوجهد ۾ پاڻ سان گڏ پنهنجا ٻچا به تحريڪ ۾ لاٿا .هن ٻروچ ماڻھو جي غيرت هي هئي جو پنهنجيون نياڻيون به روڊن تي آنديون هيون. هن گيس جي کوهن جو معاوضو ماڻھن کي ڏياريو. هن علائقي ۾ اسڪول کولرايا.هن کي مولانا عبيد الله سنڌي جيان پختو ايمان هيو ته هڪ ڏينهن پورهيت انقلاب ضرور ايندو. هن جون اکيون مرڻ وقت به انقلاب جو اوسيئڙو ڪندي ٻوٽجي ويون هيون. هن چيو ته هن ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽي جا واٽ آ ٺاهي، ان واٽ تي هلندي کيس ياد ضرور ڪجو. سو ڪامريڊ سدا ياد رهندو ههڙا ماڻھو هميشھ حيات ئي هوندا آهن.



مئخانا کروهي ۽ ڪامريڊ مانڌل شر
خالد ٻانڀڻ
مون کي ان ڏينهن ڏاڍي من اندر اڻ تڻ مچي وئي هئي، جڏهن صبح جو سوير جمال ناصر جو فون آيو هو. ننڊ هجڻ سبب اٽينڊ نه ڪري سگھيس پر جاڳندي ئي پهرين فون جمال کي ڪيو، جنهن ٻڌايو ته اسان سکر اسپتال، بلڊ بئنڪ ۾ بابا (ڪامريڊ مانڌل شر) کي کڻي آيا آهيون، تون اچ. مان تڙ تڪڙ ۾ تيار ٿي اسپتال پهتس. ڪامريڊ غشيءَ واري حالت ۾ ايمرجنسي وارڊ ۾ هيو، جتان کيس آءِ سي يو ۾ شفٽ ڪرايوسين. منهنجي سڏڻ تي هن مون کي ڪو نه سڃاتو.
ڪامريڊ مانڌل شر جڏهن به سکر، جمال وٽ ايندو هو ته سڌو منهنجي آفيس ضرور ايندو هو. هن جي ڳوٺ هڪڙي شاخ نرلي مائينر ويندي آهي، جنهن تي سدائين پاڻيءَ جو مسئلو هوندو آهي. مائينر بابت خبرون لکرائيندو هو. رڳو سکر اچي نه پر ڳوٺ کروهي کان به فون ڪري خبرون لکرائيندو هو. هن جي مونسان تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي. اسان کيس ڪامريڊ گهٽ پر چاچا ڪري وڌيڪ سڏيندا هئاسين. هو سڄي حياتي جدوجهد جي علامت رهيو. ڪميونسٽ تحريڪ توڙي هاري تحريڪن جا کوڙ سارا اهڙا نالا آهن، جيڪي ٿڪجي ويهي رهيا پر هو ڪڏهن ڪونه ٿڪيو. عمر جي 84 سالن جي عرصي ۾ به سکر، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تائين پارٽيءَ جا اجلاس اٽينڊ ڪرڻ ويندو هو. مون جڏهن ڪامريڊ مانڌل جو ڪتاب ”ڳچيءَ ۾ ڳانا لوهه جا“، جيڪو جيل ڊائري تي مشتمل آهي ۽ 1965ع ۽ 1970ع جي جيل ياترا تي لکيل آهي، پڙهيو ته حيران رهجي ويو هئس. زندگيءَ جون جيل اندر اهي ڪهڙيون سختيون هيون، جيڪي هن برداشت نه ڪيون. رياستي تشدد جا هن مٿان سمورين حدن جا ليڪا لتاڙيا ويا پر هو نه ڪڏهن جهڪيو ۽ نه وري ڪڏهن وڪيو. مئخانا کروهي جي هڪ اهڙي ڀٽن واري پٺ تي پيل علائقي مان نڪري هو سڄي سنڌ ۾ هاري جدوجهد جي علامت بڻجي ويو هو.
پنهنجي عمر جي 84 سالن ۾ 7 ڀيرا جيل ويو. پهريون دفعو هن کي مال چوريءَ جي ڪيس ۾ ان ڪري جيل اماڻيو ويو، جو هو تر جي سردار خان محمد بوزدار سان اليڪشن ۾ بيٺو هو. هن جي جنم جي صحيح تصديق ناهي ٿي ته اهو 1932 آهي يا 1940- پر سياسي جدوجهد جو آغاز 1969ع کان باقاعده ڪيو، پر ان کان پهرين سانگهڙ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ڪامريڊ مانڌل شر حرن جي جٿي ۾ شامل ٿي حر تحريڪ ۾ حصو وٺندي، 1965ع واري جنگ ۾ حرن جي اڳين جٿي سان گڏ وڙهندي، انڊيا ۾ داخل ٿي ويا ۽ انڊيا جو حصو قبضي ڪري ورتو هو. ڪامريڊ مانڌل شر ڪوئٽا قلعي ۾ قيد هجڻ سبب اتي اڳ ۾ قيد ٿي آيل شهيد نذير عباسي سان ويجهڙائپ جا ناتا جوڙيا ۽ ڪميونسٽ تحريڪ ۾ سرگرم رهڻ سان گڏ حيدر بخش جتوئي واري هاري هلچل ۾ شامل ٿي ويو. حيدر بخش جتوئي کانپوءِ هو تحريڪ جو صدر پڻ بڻيو. ڪامريڊ مانڌل شر ون يونٽ تحريڪ، ضياءُ جي مارشلا دور، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ جيل ڪاٽيا. آخري ڀيرو صدر پرويز مشرف جي دور ۾ ڦٽين جا اگهه صحيح نه ملڻ، ماڙي پيٽروليم ڪمپني جي خلاف تحريڪ هلائڻ تي جيل ويو. جيتوڻيڪ گهوٽڪي جا سياستدان، سردار ۽ وڏيرا هڪ پاسي هئا ته هيءُ اڪيلو ۽ کروهي جا ڪٽڪ هن سان گڏ هئا، نتيجن سندس هڪ پٽ کي به گرفتار ڪيو ويو پر مانڌل شر جي ان تحريڪ اهڙو رنگ لاتو جو نه رڳو آبادگارن کي فصلن جا صحيح اگهه مليا پر ماڙي گئس ڪمپني وارا به مجبور ٿي پيا ۽ هُنن ڪامريڊ سان ڳالهيون ڪري علائقي واسين کي نوڪريون، روڊ، ويم گهر، موبائيل ڊسپينسريون مهيا ڪري ڏنيون.اهو ڪامريڊ جي جدوجهد جو ڪمال هو.
ڪامريڊ مانڌل شر پنهنجي جگري دوست مشهور ڪامريڊ الهبچايو مرڻاس بعد ۾ ڪامريڊ غلام رسول سهتو، مولا بخش خاصخيلي سان گڏجي تحريڪون هلايون.الهبچايو مرڻاس، مولا بخش خاصخيلي به هليا ويا.اڄ ڪامريڊ مانڌل شر به اسان کان موڪلائي ويو آهي. هن زندگيءَ ۾ چار شاديون ڪيون، جن مان ٻه سندس جيئري ئي فوت ٿي ويون آهن. هڪ زندهه آهي، هڪ پسند جي شادي ايران ۾ روزگار ڪرڻ دوران ڪئي. چون ٿا هو اتي به روزگار دوران سياست ڪرڻ سبب گرفتار ٿيو، جتان کيس پاڪستان موڪليو ويو. سندس گهرواري اتي رهجي وئي. کيس 11 پٽ ۽ 12 نياڻين جو اولاد آهي.
ڪامريڊ مانڌل شر نه رڳو هارين جي حقن لاءِ وڙهيو پر تعليم جي واڌاري ۽ هارين جي ٻارن ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ علائقي ۾ اسڪول کولرائي ٻارن ۾ ڊريسون، ڪتاب، ٿيلها پڻ ورهايا. سورهيه بادشاهه نالي پنهنجو اسڪول پڻ کوليو، جتي اڄ به سؤ کان مٿي ٻار زير تعليم آهن. اسان جڏهن عذر لاءِ کروهي وڃي رهيا هئاسين ته هڪ اڻکٽ ۽ اڻانگو رستو اسان جي اڳيان هو. رستي ۾ ڪيترائي ماڙي گئس جا کوهه هئا، آس پاس سموري سنڌ جهڙا جهوپڙين وارا ڳوٺ هئا، جنهن کان ٿي پڇيوسين ته ڪامريڊ مانڌل شر جي ڳوٺ وڃڻو آهي ته، ٻڍي، پڪي توڙي ٻار ٻار ٿي رستو ٻڌايو پر هنن جي اکين ۾ اداسي هئي، پريشاني هئي. پاڻ کي ڇورو ڇنو ٿي محسوس ڪيائون. ڇو ته ڪامريڊ تر واسين لاءِ ڇپر ڇانوَ هيو. هن وٽ هڪڙي ٿڪل وليز جيپ هوندي هئي، جيڪا ڏهرڪيءَ تائين مس هلي ايندي هئي، جيڪا به بعد ۾ بيهاري ڇڏيائين. ماڙي گئس خلاف احتجاجن سبب هن مٿان ڪيترائي الزام هنيا ويا پر هن جو دامن اڇي ڪپڙي جيان صاف هيو هو. جيڪڏهن چاهي ها ته پاڻ به ٺَٺ ۾ رهي ها، پُٽن کي به سٺيون نوڪريون وٺي ٿي ڏئي سگهيو پر ڪامريڊ پنهنجي اصولن سان سوديبازي نه ڪئي. هو جتي بيٺو هو، اتي ئي بيٺو رهيو. سندس عقيدو ايمان ۽ پختو ويساهه هيو ته هڪ ڏينهن انقلاب ايندو ۽ هي فرسوده نظام ختم ٿيندو.

ڪامريڊ اڄ اسان ۾ ناهي پر هن جون ڳالهيون، ڏنل نظريو سدائين زنده رهندو. سنڌ کان ٻيو هيرو وڇڙي ويو آهي. ڇو ته ڪامريڊ ڪميونسٽ سان گڏ وڏو قومپرست انسان به هيو. هن کي نه جيل جهڪائي سگهيا نه پنهنجي ڳالهه تان سختيون هٽائي سگهيون.



ڪامريڊ مانڌل شر
هن لاءِ نه صفحا ڪارا ڪيا ويا ۽ نه خالي ڇڏيا ويا!
محمد خان دائود
لطيف مارئي لاءِ ڇو ائين لکيو هو ته
”ماندي نه ٿي مارئي!“
لطيف چاهي ها ته مارئي کي ڪو ٻيو سگهارو دلاسو ڏئي پئي سگهيو. لطيف مارئي کي چيو ته تون ايڏو ماندي نه ٿي پر مارئي ڇا ڪري ها. ڀلي هن جو جسم ڪوٽ ۾ قيد هو. پر هن جو من ته انهن ماروئڙن وٽ هو جيڪي سندس راھ ڏسي رهيا هئا ته ڪڏهن ٿي مارئي انهن ڪوٽن مان آزاد ٿي اچي ۽ مارئي انهن ڪوٽن ۾ هوندي به تصوراتي طور انهن صحرائن ۾ هئي جتي مارئي جا ٻيا مائٽ انهن گاھ پٺو ڪري رهيا هئا. اهڙي حالت ۾ هڪ مارئي ڇا پر هر روح ماندو ٿي سگهي ٿو. چاهي اُهو روح مارئي جو هجي! چاهي ڪنهن فقير جو!
ان لاءِ لطيف مارئي کي ڇنڊ پٽيندي اها دانهن ڪئي هئي ته
ماندي نه ٿي مارئي، تنهنجو الله به آهي!
پوءِ مارئي جي ماندي من کي لطيف جي انهن لفظن شانت ڪري ڇڏيو ۽ مارئي پنهنجي قيد ۾ پنهنجي من کي ماٺ ۾ رکيو!
پر ان ماندي من جو ڇا ٿيو، جيڪو پيدا ئي ماندي ٿيڻ لاءِ ٿيو هو. جيڪو گهرن ۽ مال چارڻ نڪتو هو.پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته ان جو پتو اهڙي پهاڙ سان پوندو جيڪو ڪوھ طور پٺيان روشن هوندو  هو ۽ هو اُن پهاڙ تان زياده نه تڏهن به ايتري روشن ضرور رکيو ايندو جنهن سان پنهنجو معصوم من روشن ڪري سگهي ۽ پوءِ پنهنجي روشن من کي اڳتي ڪري انهن سنڌين جي اصلاح جي ڪوشش ڪري جيڪي لاڙ جا ماڻهو آهن جتان اترڙو لڳندو آهي.
اڪثريتي ۾ اڻ پڙهيل ۽ بکايل!
لاڙي ماڻهن جي هڪ ڌراڙ پٽ کي ته لطيف جي اهڙي سٽ جي مارئي کان به وڌيڪ ضرورت هئي  ته
ماندي نه ٿي مارئي
اُن سنڌ جي اڻ پڙهيل ۽ بکايل معصوم روح جنگهن ۾ ان مال سان ۽ ان لٺ سان جيڪا موسيٰ عليه اسلام جي  حصي جهڙي ته نه هئي پر لٺ ضرور هئي ڏاڍو واجهايو ته  من ڪٿان ته اهڙو ڪو لفظن جهونگارو پيدا ٿئي ته
ماندي نه ٿي مارئي
ته هو ڪٿي آهي؟ ڇا ڪري ٿو؟ ان جي صحت ڪيئن آهي؟ جيڪڏهن ڪامريڊ مانڌل شر ائين نه هليو وڃي ها ته اسان کي ته ان جي ڪابه خبر نه هئي. پر سڌريل ملڪن ۾ ائين ناهي!
وڏي کنڊ جو وڏو عظيم انسان منڊيلا جڏهن مئو هو ته ان کنڊ جون اخبارون کيس هڪ سال تائين سارينديون رهيون. پر افسوس سدا حيات. ملوڪ ۽ پنهنجي ذات ۾ ايماندار، ڪامريڊ مانڌل شر انهن اخبارن ۾ ايتري جاءِ به نه والاري سگهيو جيترو چرچو اهي اخبارون ايان علي جو ڪن ٿيون يا قنديل بلوچ جو!
پر اها ڳالهه به ته حقيقت آهي ته ڪامريڊ مال شر ڪو سهڻي ماڊل نه هو جو ان جو ڪو وڏو فوٽو انهن اخبارن ۾ لڳي جنهن ۾ اهو پائوڊر سرخي هڻي ڪنهن ادا سان ويٺو هجي. هو ته هڪ مٽيءَ هاڻو ماڻهو هو جيڪو جيئري به روڊن تي احتجاج ڪندو هو. جهن جو رنگ انهن احتجاجن جي ڪري گوري مان ڦري ڪارو ٿي پيو هو ۽ ان جي جسم ۽ مٿي تي ايترا ڏنڊن جا نشان هوندا هئا جيڪڏهن انهن نشانن تي سنڌ جي ضلعن جا نالا لکي ڇڏجن ها ته ضلعا پوءِ به ختم ٿي وڃن ها پر اهي جسم ۽ مٿي تي نشان باقي ڳڻڻ لاءِ رهجي وڃن ها.
هو مزدور، مزدور جو پٽ ۽ مزدور جو ساٿي هو. هن جا هٿ ۽ پير هميشه مٺي جي گپ سان مکيل هوندا هئا ته اهڙي همراھ جو ڪهڙي اخبار فوٽو ڇاپيندي؟! اهو به قدآوار ماڊل  جو  ڇو نه شايع ڪندي!؟
ٻيو ته اها قوم سڌريل هجي پڙهيل هجي ۽ انهن کي پنهنجي اڳواڻن سان محبت چاھ هجي ته اهڙي مسئلن کي محسوس ڪن.
مانڌل شر جڏهن ٻار هو ۽ سندس والد کيس ڪجهه رڍون ڏئي اهو چئي گهران ڪڍيو هو ته ”ماڻهن جو پيٽ ڀرڻ مشڪل ۽ ڏکيو عمل آهي. پر انهن جانورن کي ته گاھ پٺو کارائي اچ!“
اهي لفظ مانڌل شر جي ڪنن ۾ ڪنهن واڄت وانگر وڄڻ لڳا ۽ هو مال جهنگ ۾ ڇڏي اُن وڻ هيٺان قائم اسڪول طرف هليو ويو جتي ماستر ٻارن کي پڙهائي رهيو هو ته
”انسان سڀ برابر آهن ۽ هن دنيا ۾ جيڪي به شيون آهن اهي سڀئي انسان برابر طور استعمال ڪري سگهن ٿا!
مانڌل شر انهن رڍن جي پچر ڇڏي ان وڻ هيٺان قائم اسڪول مان زندگي جا سبق وٺڻ لڳو. هي اُتي اهو به سکڻ لڳو ته
”نه ڪو انسان هميشه کان بيمار  پئدا ٿيندو آهي. نه بکيو ۽ نه ئي انسان جي مقدر ۾ اهو لکيو ويو آهي ته اهو جاهل آهي ڪجهه به نه پڙهي بس مال چاريندو رهي. جوتا کائيندو به رهي ته پالش به ڪندو رهي ۽ تڪڙو مري وڃي!“
ان جي ڪنن ۾ ان جهوني استاد جو اهو سبق به الهامي واڄٽ وانگر وڄندي محسوس ٿيندو هو ته؛
”انسان سڀئي برابر آهن ۽ هن دنيا ۾ جيڪي به شيون آهن اُهي سڀئي انسان گڏيل طور استعمال ڪري سگهن ٿا!“
پوءِ جڏهن مانڌل شر ان مڪتب جا سبق پرهي ڪجهه سمجهه ڀريو ٿيو ته ان پنهنجي اکين سان پاڻ ان ڳالهه جو مشاهدو ڪيو ته ”انسان سڀئي برابر ڪونهن! ۽ هڪ جهڙا به ناهن دنيا جون گڏيل شيون به برابر کي طور استعمال هيٺ ناهن، ڪو سيٺ آهي ته ڪو فقير! ۽ هن اهو به ڏٺو ته هڪڙي وڏي اڪثريت انسانن جي بيمار آهي جن کي دوا نٿي ملي. جيتري خلق گهرن ۾ آهي ته سڀني کي ماني ميسر ڪونهي. تعليم غريبن لاءِ ناهي! اڻ برابري آهي. هن دنيا ۾ اٻوجهه انسانن سان بدسلوڪي آهي.“
تڏهن ان جي ڪنن ۾ اهي لفظ نشتر وانگر لڳا ته
”انسان سڀ برابر آهن ۽ هن دنيا ۾ جيڪي به شيون آهن اهي سڀئي انسان برابر طور استعمال ڪري سگهن ٿا.!“
ان وقت مانڌل شر جو من ائين ئي ماندو ٿيڻ لڳو جيئن انهن ڪوٽن ۾ مارئي جو من مانڌو ٿيندو هو پر ان وقت اُتي ڪير به نه هو جيڪو مانڌل شر جي ڪنن ۾ چئي ها ته؛
”مانڌي نه ٿي مارئي!“
ان وقت کان مانڌل شر جو من ماندو رهيو ۽ هن اهو عزم ڪيو ته پهرين ڌرتي تان جبر، ظلم ۽ اُونداھ ختم ڪبي پوءِ خوشي جا گيت ڳائبا! پوءِ هو پنهنجي ساٿين کي گڏ کڻي غريب هاري، مزدور ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ ميدان تي نڪري پيو ڪهڙي به تحريڪ هجي چاهي ڪوڙن ڪليمن تي ڀڳڙن مٺ تي ڏنل زمينون هجن. چاهي اصل حقدار هارين کي اُٿاريل اُهي زمينون وڏيرن ۽ نوابن کي ڏنل هجن چاهي اهي زمينون فوجي آفيسرن کي ڏنل هجن ڪامريڊ مانڌل شر ان تحريڪ ۾ سڀ کان اول دستي ۾ هوندو هو. ۽ تيسين خاموش نه رهندو هو جيسين اُهي زمينون انهن حقدارن کي نه ملن جن کان اُهي کسيون ويون هيون.
چاهي ٻولي جي تحريڪ هجي، چاهي ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرائڻ واري تحريڪ هجي، چاهي سڃاڻپ ڪارڊ سنڌي ۾ ٺاهڻ واري تحريڪ هجي، ڇاهي ايم آر ڊي تحريڪ هجي، هر اول دستي جو سپاهي اهو مانڌل شر ئي هوندو هو.
ان ڪامريد مانڌل شر جو بس هڪڙو خواب هو ته؛
”انسان سڀئي برابر آهن ۽ جيڪي به شيون هن ڌرتيءَ تي آهن خوراڪ کان وٺي علاج ۽ تعليم تائين اهي انسان جو گڏيل ورثو آهن ۽ سڀئي انسان انهن کي استعمال ڪري سگهن ٿا ۽ برابري هجي!“
اياز چيو هو ته؛ ”تون ڪنهن کي ٿو ڌونڌارين هن ڌرتيءَ ۾ ته ال به ناهي!“ پر ڪامريد مانڌل شر ان جي بلڪل ابتڙ ڪيو ۽ ان هن ڌرتيءَ جي دل کي ڌونداڙيو. ڪامريڊ وٽ وڏي ڳالهه اها هئي ته برابري هجي. جڏهن گڊو بئراج جون درياءَ واريون زمينون هارين کان کسي ڪامورن ۾ ورهايون ويون، تڏهن ڪامريڊ مانڌل شر پنهنجي ساٿين سان گڏ زوردار احتجاج ڪيو ان احتجاج کي ختم ڪرائڻ سکر جو ڊي سي آيو جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي ته ڪامريڊ مانڌل شر چيو ته هارين جون زمينون واپس ڪريو نه ته اهو احتجاج ائين ئي هلندو رهندو.
جنهن تي ڊي سي چيو ته؛ اهو منهنجي اختيار ۾ ناهي.
مانڌل شر چيس ته؛ پوءِ ڇا لاءِ هت آيو آهين.
ان ڳالهه تي ڊي سي کي باھ لڳي وئي ۽ ڊي سي مانڌل شر ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري، دانگي جي تري سان انهن جو منهن ڪارو ڪري، گڏھ تي چاڙهي، سکر جي گهٽين ۾ گهمايو ته ماڻهو انهن کي ان حالت ۾ ڏسندا انهن جي بي عزتي ٿيندي ۽ ڪامريڊ دل برداشت ٿي سياست ڇڏي ڏيندو.
پر جڏهن مانڌل شر کي سکر جي گهٽين ۾ مارچ ڪرايو ويو ته ماڻهن جو  هڪ وڏو انگ جمع ٿي ويو جن ڪامريڊ جو فتح جي نشان سان شاندار استقبال ڪيو!
ڪجهه خبر ناهي. جنهن حق جي ڳالهه ڪئي. برابري جي ڳالهه ڪئي. تعليم ۽ علم جي ڳالهه ڪئي ماني ۽ ان جي حصول، علاج دوا جي ڳالهه ڪئي، جنهن پنهنجي جسم ۾ مٿي تي لاتعداد ڏنڊا کاڌا پوءِ به پورهيت جي ڳالهه ڪئي جنهن پنهنجي اکين سان تبديلي جو خواب ڏٺو جنهن اکين ۾ انصاف جا سپنا سجايا، جنهن خواب ئي انهيءَ لاءِ ڏٺا هئا ته انهن جي ساڀيان ٿئي. جنهن جو من ماروئڙن لاءِ مانڌو هوندو  هو.
اهو ڪٿي آهي؟ ڇا ٿو سوچي؟ ان وٽ هن پيڙهي ۾ نئون ڪهڙو آئيڊيا آهي؟ ڪنهن به ميڊيا نه ٻڌايو ايستائين جو ان جو اهو ساھ نڪري ويو جيڪو اصل ۾ لطيف جو اهو ڌڙڪو هو ته؛
”ماندي نه ٿي مارئي!“
اُهو ساھ ئي ته هو جيڪو ان کي ماندو ڪندو رهندو هو. جڏهن اهو صبح سڀني لاءِ آهي ته پوءِ ڌرتي ۽ ان تي موجود شيون سڀني لاءِ برابر ڇو نه آهن جڏهن چنڊ سڀني جو چاھ رکي ٿو ته پوءِ ماني ڪجهه مخصوص گروهن کي ڇو!
جڏهن ڌرتيءَ ۾ اهي سڀئي مٽي ٿي وڃن ٿا ته پوءِ هن ڌرتيءَ تي گهر سڀني لاءِ ڇو ناهن؟ جڏهن اقراء لفظ اڄ به غار حرا جي اونداهي ۾ گونجي رهيو آهي ته خاص مڪتب خاص ماڻهن لاءِ ڇو آهن!؟ جڏهن پيٽ سڀني کي آهي ته ماني گراھ ڪجهه خاص هٿن مان ٿيندو ڪجهه خاص پيٽن تائين ڇو ٿو پهچي.!؟
جڏهن درد سڀني کي محسوس ٿئي ٿو ته دوا خاص صحت لاءِ ڇو آهي.!؟
پر جڏهن ان جو لاش اسپتال جي هڪ سفر پراڻي ايمولينس مان پورو ڪري جڏهن هڪ کٽ تائين آيو۽ اها کٽ هڪ علم جي ڀنڊار کي ڪنهن پراڻي ڪتاب جيئان يا ڪنهن صحيفي جيڪو ڪنهن پٿر تي لکيو ويو هجي يا ڪنهن چمڙي جي ٽڪري تي تڏهن اسان جي اخبارن ۾ هڪ ڪالمي يا ٻه ڪالمي خبر شايع ٿي ته ”ڪامريڊ مانڌل شر گذاري ويو!“
جڏهن اُن ڪامريڊ مانڌل شر جو لاش انهن وڻن وٽان گذريو جن وڻن هيٺان ان استاد جو سبق ورتو هو ته ”انسان سڀ برابر آهن“ تڏهن به انساني زبانون خاموش هيون ۽ ان ڪورس ۾ ڳائي رهيا هئا ته؛
ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي،
تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي،
پسندا سيئي، املهه اکڙين سين!



ڪامريڊ مانڌل شر

جدوجهد جو نانءُ - چوٿين ورسي جي حوالي سان

عوامي آواز ايڊيٽوريل

کيروھي، جنهن جو نالو کير ۽ روھي سبب پيو ڇو ته اتي مالوند ماڻهوَ ھجڻ سبب کير جام ھوندو ھو ۽ سوين سال اڳ اتي ھڪ خاص قسم جو پٿر ملندو ھو جنهن کي روھي چوندا هئا جيڪو ڪاتين کي تکو ڪرڻ لاءِ ڪم ايندو ھو پر اڪثر ڪتابن ۽ ڪامريڊ مطابق اھو نالو ڪافي سال اڳ پيو ۽ سندس وڏڙن مطابق ته اھا حقيقت هئي انهي کيروھي ۾ھڪ اھڙي ڪردار ڪامريڊ مانڌل شر جو جنم ٿيو، جنهن کي صدين تائين وساري نٿو سگھجي.

ڪامريڊ مانڌل شر سنڌ جو حقيقي عاشق ھو جنهن ھر وقت سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ ملھايو، ڪامريڊ جي زندگي ۽ سندس ارڏي ڪردار بابت جيترو لکون سو تمام گھٽ آهي ريگستاني علائقي کيروھي ۾ جنم وٺندڙ ڪامريڊ مانڌ شر جا وڏا پاڳارا خاندان جا مريد ھئا، سندس والد ننڍپڻ ۾ کيس ڪجھ رڍون ڏئي چيو ته “مانڌل ھتي ماڻهن جو پيٽ ڀرڻ مشڪل آهي تنھنڪري وڃ ھنن رڍن کي ڍو ڪرائي اچ” پر ڪامريڊ جو شوق تعليم ڏانھن ھو جنهن سبب ھو وڻ جي ھيٺيان قائم اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويندو ھو ۽ ايئن شروعاتي تعليم اتي پاس ڪيائين جنهن بعد ڪامريڊ مانڌل شر ۽ سندس وڏن جا واسطا درگاھ شريف پير ڳوٺ سان ھجڻ سبب سندس اسڪالرشپ منظور ٿي ۽ ھو ميٽرڪ پير ڳوٺ ۾ ڪرڻ ويو، تنھن بعد سانگھڙ ۾ ڪامريڊ مانڌل شر جوڻيجن وٽ نوڪري ڪندو ھو ۽ اتي ئي انٽرميڊيٽ پڻ ڪيائين.

ڦوھ جواني ايندي ئي ڪامريڊ ۱۹۶۵ ۾ حرجماعت سان گڏ وطن جي حفاظت لاءِ پاڪ _ ڀارت جنگ ۾ حصو پڻ ورتو، ھن ڏھاڪي ۾ ڪامريڊ مانڌل شر ڌرتيءَ جي عشق ۾ وٺجي ويو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ ميدان ۾ آيو ته ڪامريڊ تي ظلمن جا پھاڙ ڪيرائڻ پڻ شروع ڪيا ويا، ڪامريڊ مانڌل شر ڪاروڪاري، سنڱ چٽيءَ سميت ٻين ڪڌن رسمن خلاف به اڪيلي سر جدوجهد ڪئي ۽ آخرڪار بندش وجھرائي. ڪامريڊ مانڌل شر کي قيد ڪري ڪوئيٽا جيل ۾ رکيو ويو جتي مٿس ٽارچر ڪيو ويندو ھو، ان جيل ۾ اڳ شھيد نذير عباسي قيد ھو جنهن سان سندس ويجھڙائي وڌي وئي ۽ جلد ئي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ سرگرم رھڻ سان گڏ سنڌ ھاري تحريڪ جو مرڪزي صدر پڻ چونڊيو ويو.

ڪامريڊ مانڌ شر گھوٽڪي ۾ قائم خانگي ڪمپنين خلاف فولادي ديوار بڻجي مقامي ماڻهن لاءِ آواز کڻندڙ پھريون شخص ھو، ڪمپني خلاف وڙھڻ تي تر جا وڏيرا، ٺيڪيدار ۽ مختلف ماڻهو سندس ويري بڻجي ويا پر ڪامريڊ جي نجي ڪمپنين خلاف اڻٿڪ جدوجهد ڪامريد کي وڌيڪ امر بڻائي ڇڏيو ۽ ھو وڌيڪ مظبوط ٿيندو ويو ۽ آخرڪار کيروھي سميت مختلف علائقن ۾ ڪمپني مجبور ٿي پئي ۽ ويم گھر، موبائيل ڊسپينسري سميت ٻيون سھولتون پڻ ڏنيون، ڪمپنيءَ گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ ڪامريڊ تي ان وقت ڪمپني انتظاميه طرفان ڌار ڌار ڪيس به داخل ڪيا ويا پر جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ عشق ۽ جدوجهد سمايل ھجي ان کي ڪير ڪيئن ٿو روڪي سگهي. ايئن ئي ڪامريڊ مانڌل شر جي زندگي رھي ھو ضياءَ دور کان مشرف دور تائين ست ڀيرا جيل ۾ ويو ۽ اتي کيس انتھائي دردناڪ تڪليفون ڏنيون وينديون ھيون، آبادگارن جي مسئلن جنس جي ريٽ سميت ٻين ڳالهين کي مدنظر رکي ڪامريڊ مانڌل شر اڳڀرو رھندو ھو، نرلي مائينر تي پاڻي کوٽ خلاف ڪامريڊ پھرين صف ۾ ھوندو ھو ۽ اھو ئي سبب ھو جو پڇڙي تائين پاڻي پھچي ويندو ھو، ضياءَ دور ۾ مليل زمينن ۾ ڪامريڊ مانڌل شر ھڪ ايڪڙ به زمين نه کئين پراڻي جيپ تي جتي به مقامي ماڻهو سان ڪو اھنج پيش ايندو ھو ته اتي گجگوڙ ڪندي پھچي ويندو ھو، ڪامورا ھجن يا سردار توڙي رياستي ادارا پر ڪامريڊ پنهنجي منزل کي ڪڏهن ڪونه وساريو ۽ سنڌ اندر ڪامريڊ اھڙو نالو ٺاھيو جيڪو اڄ به زنده آهي.

ڪامريڊ مانڌل شر ۱۸ آگسٽ ۲۰۱۶ ۾ ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيو ۽ ھر ماڻهو جي اک الي ڪندي ڌرتيءَ جي ھنج ۾ ھميشه لاءِ امر بڻجي ويو، سندس چوٿين ورسيءَ تي کيس سرخ سلام پيش ڪجي ٿو، ڪامريڊ جھڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن جنهن جو خال ڀرجڻ تمام ڏکيو ھوندو آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ۾، ۱۹ آگسٽ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

مانڌل شر

هڪ آدرشي ڪردار

رئوف نظاماڻي

“ڳچي ڳانا لوهه جا” ڪامريڊ ماندل شر جي جيل ڊائري بلڪه هڪ لحاظ کان سندس آتم ڪهاڻي آهي. اها هڪ اهڙي شخص جي اتساهه ڏيندڙ ڪهاڻي آهي جنهن لاءِ زندگيءَ ۾ ڪجھه به سازگار نه هو. اتر سنڌ ۾ ڏهرڪيءَ جي هڪ ڳوٺ سان واسطو رکندڙ سندس خاندان نسلن کان رڍن پالڻ ۽ چارڻ جو ڪم ڪندو هو. اتان جي زمين ٿاريلي هئي، پاڻي نه هو ۽ اهڙي ريت ڪابه پوک ممڪن نه هئي. تعليم جو حصول انهن لاءِ بيڪار ۽ وقت جو زيان هو. رڍون چارڻ ئي روزگار جو اهم وسيلو هوندو هو.

ڳوٺ جا ڇوڪرا رڍن سان صبح سوير نڪري ويندا هئا ۽ شام جو موٽندا هئا ۽ ڪڏهين ڪڏهين ته سندن موٽڻ ۾ ڪيترا ڏينهن ٿي ويندا هئا. ڪڏهين ويجھڙائي ۾ گاهه نه هجڻ ڪري اهي رڍن سان پنجاب تائين به هليا ويندا هئا.

هڪ ڏينهن ويجھي اسڪول جو ماستر سندن ڳوٺ آيو ۽ ڳوٺاڻن کي پنهنجن ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ چيائين. ڪو به ان لاءِ راضي نه ٿيو پر مانڌل گھٽ عمر هئڻ باوجود پڙهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. اسڪول ڳوٺ کان ڇهه ميل پري هو. هن اتان پنج درجا پاس ڪيا ۽ پوءِ ٻه درجا ٻي اسڪول مان ڪيا جيڪو اڃا ٻه ميل پرتي هو. هو پنڌ ئي اسڪول ايندو ويندو هو. پوءِ هن فائنل ڪري انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ ٿي چاهي. پر سندس پيءُ خرچ بند ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ايتري تعليم حاصل ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي. اسان غريبن کي ڪو نوڪري وٺي نه ڏيندو ۽ ٻي ڳالهه ته مون وٽ رڍن چارڻ لاءِ به ڪو ماڻهو ناهي. پير پاڳاري وارا سندس خاندان جا مرشد هئا ۽ غريب شاگردن جي وظيفي وغيره سان مدد به ڪندا هئا.

هن پير جو ڳوٺ پهچي انهن کان وظيفو وٺي پنهنجي پڙهائي جاري رکي. پوءِ هن سانگھڙ جي جوڻيجا زميندارن وٽ پهرين ڪراچي ۽ پوءِ سانگھڙ ۾ نوڪري ڪئي ۽ ان دوران ۱۹۶۵ع جي جنگ ۾ حرمجاهد جي طور به خدمتون انجام ڏنائين.

جوڻيجا زميندارن وٽ رهندي کيس زرعي سڌارن کي ويجھڙائيءَ سان ڏسڻ جو موقعو مليو. هن ڏٺو ته اهي سڌارا ته رڳو نالي ۾ هئا. رڳو کاتا تبديل ٿيا، جڏهين ته زمين زميندار جي ملڪيت ئي رهي. ان جو مشاهدو ڀٽي جي زرعي سڌارن جي حوالي سان مون کي به سڪرنڊ ۾ هڪ سروي دوران ٿيو هو. هو ان متعلق مهراڻ اخبار ۾ باقاعدگيءَ سان لکڻ لڳو. انهن لکڻين جي ڪري هاري ڪاميٽيءَ جي عبدالقادر انڍڙ ساڻس رابطو ڪيو. سياسي طور هڪ سجاڳ ذهن هئڻ ڪري هو سانگھڙ ۾ ون يونٽ خلاف جلوس ۾شريڪ ٿئي ٿو ۽ گرفتار ٿي ٿاڻي پهچي ٿو ۽ پوليس جي مار کائي ٿو. اها سندس پهرين گرفتاري ۽ ڄڻ سياسي ميدان ۾ سندس شروعات هئي.

ان دوران گڊو بيراج جي زمينن جو نيلام شروع ٿئي ٿو ۽ گھڻيون زمينون وڏن زميندارن ۽ پنجابي آبادڪارن کي الاٽ ڪيون وڃن ٿيون. هاري ڪاميٽي پاران ان خلاف مزاحمت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾شريڪ ٿيڻ لاءِ هو اتي پهچي ٿو. ان تحريڪ ۾ شموليت، مختلف ضلعي وڏن ڪامورن سان ٽڪراءُ، گرفتاري ۽ بک هڙتال وغيره جي ڪري ڄڻ سندس هاري تحريڪ سان هڪ مستقل تعلق جڙي وڃي ٿو. ٿوري وقت کان پوءِ سڪرنڊ ۾ ٿيل هاري ڪانفرنس ۾ سندس ملاقات اعزاز نذير، محمود الحق عثماني ۽ غلام محمد لغاري سان ٿئي ٿي. هو اعزاز نذير سان خاص طور گھڻو ويجھو رهيو ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين.

ڪامريد ان وقت هاري ڪاميٽيءَ ۾ اندروني ڇڪتاڻ ڏانهن ڪجھه اشارا ڪري ٿو. ان وقت ڪامريڊ غلام حسين هاري ڪاميٽيءَ جو صدر هو پر ليکڪ چواڻي ته سندس ڪم اطمينان جوڳو نه هو ۽ اهڙي ريت کيس عهدو ڇڏڻ لاءِ چيو ويو. سندس انڪار ڪرڻ تي مانڌل شر کي ڄام ساقي پاران هاري ڪاميٽيءَ جوآرگنائزر مقرر ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت هاري ڪاميٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. ان سڄي اختلاف جا ڪي سياسي ڪارڻ به هوندا پر ليکڪ ڪي وڌيڪ تفصيل نه ٿو ٻڌائي. اهو به ممڪن آهي ته ڪميونسٽ پارٽي ان اهم پليٽ فارم تي پنهنجي ڪنهن اعتبار جوڳي ماڻهو کي آڻي ان تي پنهنجي ضابطي کي مضبوط ڪرڻ چاهيندي هجي. اھو ان ڪري به ممڪن لڳي ٿو ته ان وقت ڪميونسٽ پارٽي انڊر گرائونڊ هئي ۽ سندس زور کليل ادبي، طبقاتي ۽ سياسي پليٽ فارمن تي هوندو هو ته جيئن پنهنجو ڪم به ڪري سگھجي ۽ ماڻهن سان رابطو به رهي.

ان دوران ايف آءِ يو پاران کيس گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا لاءِ پهرين مقامي مرڪز ۽ پوءِ ڪوئيٽا جي قلي ڪئمپ ۾ منتقل ڪيو ويو. اتي کيس نظير عباسي نظر اچي ٿو ۽ کيس گارڊ کان خبر پيئي ٿي ته ڪجھه ٻيا پارٽيءَ جا ڪارڪن به هتي ڪجهھ وقت گذاري چڪا هئا. نذير سان کيس ڳالهائڻ جي اجازت ته نه ٿي هجي پر اهي ٻيئي هڪ ٻئي کي سڃاڻن ٿا ۽ نظير ساڻس لڪل لفظن ۾ راڳ ۽ شاعري وسيلي ڳالهائي ۽ پنهنجو نياپو پهچائي ٿو. نظير کي ڪجھه عرصي کان پوءِ اتان منتقل ڪيو وڃي ٿو. گھڻي ايذاءُ، تڪليف ۽ ڪوڙن گواهن آڻڻ باوجود هو پنهنجي زبان نه ٿو کولي.

آزاد ٿيڻ کان پوءِ هو نظير سان پارٽي سيل وغيره ۾ به رهي ٿو. ۱۹۸۳ع جي ايم آر ڊي ۾ سندس گرفتاري ۽ سکر، مڇ ۽ ڪراچي جيل ۾ رهڻ جو احوال هو ڏئي ٿو، جتي سندس مختلف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون.

هتي سنڌ ۾ هاري تحريڪ جي فعال ۽ متحرڪ نه هئڻ متعلق ڪجھه سوال پڇي سگھجن ٿا. زمينن جي نيلام واري تحريڪ کان پوءِ ليکڪ جي هاري ڪاميٽيءَ جي حوالي سان ڪا خاص چرپر نظر نه ٿي اچي. ليکڪ جو هاري ڪاميٽيءَ جي آرگنائزر مقرر ٿيڻ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ هاري ڪاميٽيءَ جي حوالي سان ڪردار پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو ۽ سندس هڪ پارٽي ڪارڪن وارو ڪردار وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو. ڇا اها ڳالهه درست هئي ته هاري ڪاميٽيءَ کي بجاءِ هڪ آزاد حيثيت ڏيڻ ۽ طبقاتي پليٽ فارم جي طور هلائڻ جي پارٽيءَ جي کليل پليٽ فارم طور هلائجي. حيدربخش جتوئيءَ جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان جيڪي اختلاف هئا، انهن جو هڪ مک ڪارڻ اهو به هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌ جي ٻين مختلف سياسي جماعتن به پنهنجا پنهنجا هاري محاذ ٺاهيا جنهن جي نتيجي ۾ هاري تحريڪ ورهائجي ويئي ۽ سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو ڪردار گھڻي ڀاڱي ختم ٿي ويو.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا