; سنڌي شخصيتون: شھيد عبدالرزاق سومرو

07 August, 2016

شھيد عبدالرزاق سومرو

شھيد عبدالرزاق سومرو

وطن ۽ ٻوليءَ جو شهيد - ورسيءَ جي حوالي سان

گل مورو



سنڌي ٻولي قومي ٻولي جيجل ٻولي سنڌي ٻولي ان ممتا جي ٻولي جي اڻ تڻ هميشه سنڌ جي سپوت عبدالرزاق سومري کي هوندي هئي، انهيءَ فڪر ۽ سوچ ۾ هر وقت پنهنجي وطن جي ماروئڙن سان پٽ تي ويهي ويچار ونڊيندو هو ته وطن، قوم ۽ ٻولي کان سواءِ زندهه رهي نه ٿو سگهجي ۽ سنڌ وطن جي بقا جو حل سنڌ جي آزادي ۽ سنڌ جي عظيم مفڪر سائين جي ايم سيد جي نظرئي ۾ ئي سمايل آهي. ان کان سواءِ ڌرتي ڌڻين وٽ ٻي ڪا به واٽ ناهي. اهو عشق جو پيغام کڻي جڏهن ميدان ۾ نڪري پيو ته ماڻهن جا ميڙ سندس نظرياتي ۽ انقلابي تقريرون ٻڌڻ لاءِ آتا هوندا هئا. هي خودمختياري جو خواب پسڻ لاءِ ڪڏهن به مايوسي واري عالم ۾ مبتلا نه ٿيو نه وري ماٺ ڪري ويٺو، سدائين سفر ۾ رهيو سندس چپن تي نياز همايوني جون هي سٽون هونديون هيون ته؛


منهنجو يار به ڪوري، آئون به ڪوري،

شل سنڌ ٿئي نه ڇوري، شل سنڌ ٿئي نه ڇوري،

”نياز همايوني“

هن کي وطن جو فڪر هو ته سنڌ جيڪا هزارن سالن جي تاريخ رکي ٿي، ان ڌرتي جا وارث تهذيب ۽ تمدن ۽ ٻولي اڃا تائين ڌارين جي قيد ۾ غلام ڇو آهي. اسان وطن جا وارث آهيون، اسان جي ذهنن کي ڪهڙي اڏهي لڳي چڪي آهي جو غلامي جي زنجيرن مان پنهنجي زندگي آزاد نه ٿا ڪرائي سگهون، اهڙي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ هي لطيف جو پيروڪار پيغام لطيف جي پرچارڪ بڻجي سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد سان نينهن نڀائڻ لاءِ موري کان سنڌو جو سفر ڪندي وڃي سن آسڻ ٿيو، جتي رڳو سنڌ جي عشق جون ڳالهيون هلي رهيون هيون ته ”مون سين هلي ساءِ، جا جيءَ مٺو نه ڪري“ هي آزادي جو رستو ڏکيو آهي هتي بلاول جيان پيڙهيو به ويندو، شاهه عنايت جيان شهادت ماڻڻي به پوندي.

راشد مورائي جي ان سٽن جيان ته ”اڻ لوڀي ۽ نينهن گهڻو؛ اهڙا سڄڻ ڪٿ“ واري سوچ عبدالرزاق سومري جي ذهن تي طاري هوندي هئي. سنڌ جي هر شهر وستي واهڻ يعني ڪراچي هجي يا سنڌ يونيورسٽي يا وري مورو شهر هجي، هر هنڌ وڃي ڏيهه جي ڏوٿين کي اهو درس ڏيڻ لڳو ته ٻولي کان سواءِ ٻي ڌاري ٻولي ڪيڏي به خوبصورت ڇو نه هجي پر امڙ جي ٻولي کان سواءِ ٻي ڌاري ٻولي قبول ناهي. ٻولي جي بقا جو علم کڻي جڏهن موري جي گهٽي گهٽي ۾ ننگر ننگر ۾ شهر شهر ۾ پيغام لطيف کي وڌائڻ لاءِ نڪري پيو ته ۳۰ کان وڌيڪ دوستن سان گڏجي مورو شهر ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو هن پهريون بنياد رکيو. انهن ڏينهن ۾ يعني ۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ مشرقي توڙي مغربي پاڪستان ۾ ٻولي تحريڪ عروج تي پهچي چڪي هئي. بنگال ۾ ٽئگور جا گيت ۽ سنڌ ۾ اياز ۽ نارائڻ شام جا بيت جهونگاريا ويندا هئا ته؛

الا ائين ۾ هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي؛

هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.

”نارائڻ شام“

۽ انهن ئي ڏينهن ۾ باغي بلوچستان ۾ گل خان نصير جي گيتن جي گونجار هئي. انهيءَ ٻولي تحريڪ پنجاب شاهي کي ٻوڙو ڪري ڇڏيو هو ۽ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو هو. سنڌ ۾ ان ٻولي تحريڪ ۾ ساهه وجهڻ ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ واري مرحلي ۾ هي موري جو مڻيادار ماڻهو عبدالرزاق سومرو هئي هيو. هن پنهنجي ٻولي پنهنجي وطن سان ايترو ته سچائي سان نڀايو جو ڪڏهن به ڪنهن ڏاڍ ۽ ڏمر کان نه ڊنو نه وري ڪنهن وقت جي حاڪم جي چاپلوسي ڪئي، اهڙن بي ڊپن ۽ بي لوث ماڻهن لاءِ ئي سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جوئي جو قول آهي ته:

”جيڪو ماڻهو عزت نفس جو صاحب آهي اهو نه ڊڄندو نه چاپلوسي ڪندو آهي ۽ نه وري چاهيندو ته کانئس ڊڄي يا سندس چاپلوسي ڪري“. سنڌ جي هن امر ڪردار عبدالرزاق سومري بابت سندس ساٿي ۽ سيد جي فڪر ۾ ويساهه رکندڙ راشد مورائي پنهنجي ڪتاب ”اڳتي تاڻ امنگ جي“ ۾ لکي ٿو ته؛

۱۷ جنوري ۱۹۷۱ع تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي ڪراچي ۾ جيترو وقت هو مون سان گڏ هو کيس اها ئي اڻت هئي ته موري ۾ ڀٽائيءَ جي فڪر کي هٿي ڏيڻ گهرجي. يونيورسٽي جي تعليم دوران هڪ ڀيرو جڏهن دادو کان مورو ڏانهن موٽي رهيو هو ته ساڻس گڏ مشتاق قاضي به هو. مون سان لليا پتڻ سنڌوءَ جي ڪپ تي مليو ته ”سندس هٿ ۾ ڪچي جي چيڪي مٽي جا چاپڙ هئا“ مون پڇيو ته هي ڇو کنيا اٿو؟ چيائين يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ پنهنجي روم ۾ رکندس. هن چيڪي مٽي مان سنڌ جي خوشبو اچي ٿي. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌالاجي کي ڌارين ساڙي ڇڏيو هو ته ان کي ٻيهر ساڳي حالت ۾ آڻڻ لاءِ ٻين دوستن سان گڏجي عبدالرزاق سومري ڪشتو هٿ ۾ کڻي چندو گڏ ڪيو ”جو دم غافل، سو دم ڪافر جي جيئري جاڳيندي تصوير هو.

هن مٽي کي مان ڏنو ساهه ۽ ويساهه ڏنو. سنڌي ٻولي جو هي پهريون شهيد هو جنهن پيغام لطيف جي پريت کي پاڻ پسيو ڏيهه تان ڏاڍ جا ڪڪر ختم ڪرائڻ لاءِ جهر جهنگ نڪري پيغام لطيف جي پرچارڪ ڪندو رهيو. شهيد دودي سومري، شهيد الا بخش سومري جيان ديس جي دلالن وطن جي ويرين جي اک ۾ ڪنڊي جيان هر وقت چڀندو رهيو. سڄي سنڌ ۾ ان وقت ٻولي تي فساد ڪرايا ويا، هن خلاف سازشون سٽيون ويون، پگهاردار پٺن پاران ڪوڙو راڳ الاپيو ويو. هي ٽئگور جي گيتن جيان بغاوت پيو ڪري، هي اياز جي وائي مٽي ماٿي لايان کي ورنائي پيو. هي سنڌ جي باغين کي جاڳائي ٿو، هي غلامي کي غار سمجهي ٿو، هي ٻاگهل جي ٻولي جو وارث بڻجڻ چاهي ٿو. اهي بهانا اهي سازشون هن کي قيد ڪرڻ ۽ رستي تان مٽائڻ لاءِ گهڙجڻ شروع ٿي ويون. نيٺ وطن ۽ سنڌي ٻولي جي ويرين ۷ آگسٽ ۱۹۷۲ع جي ڪچڙي منجهند جو اڃا مٽِي ماٿي لايان وائي حيدرآباد جي ٿڌڙن ٿڌڙن هيرن ۾ ورنائي رهيو هو ته هن شينهن مڙس کي سنڌ سان پيار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو. جڏهن سڄي سنڌ جيان موري شهر ۾ اها خبر باهه جيان پکڙجي وئي ته ماڻهو اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا روڊن ۽ رستن تي پار ڪڍندي روئندي نڪري پيا ته ان عالم ۾ رياستي قوتن پنهنجي دلالن هٿان سڄي سنڌ جيان مورو شهر ۾ ان شهادت واري ڏهاڙي تي هڪ ديسي دلال هٿان لائوڊن ذريعي اعلان ڪرايو ويو ته ڪير به گهران نه نڪري پر ٿوري دير کان پوءِ سڄي سنڌ جي رستن جيان موري ۾ به شهيد عبدالرزاق سومري جي مڙهه اچڻ کان اڳي ئي گاڏيون گشت ڪنديون رهيون ۽ ماڻهن کي سنگينن جي زور تي خوف ڏياريندا رهيا ته پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ ئي وڃو نه ته ٻي صورت ۾ ڪجهه به ڪري سگهون ٿا. جڏهن سنڌوءَ جي سڀيتا کي سلامي پيش ڪندي چاهت جون چميون ڏيندي حيدرآباد کان جڏهن شهيد عبدالرزاق سومرو جو مڙهه مورو پهتو ته سنڌ جا عاشق هزارن جي تعداد ۾ سندس درشن ڪرڻ لاءِ سمنڊ جيان اٿلي پيا. ڪئين ڀينرون پنهنجي پوتين سان سندس ڳلڙن کي صاف ڪندي روئنديون رهيون ته ڪئين مائرون هن دودي سائين جي پاڪ پويتر پيشاني تي چميون ڏئي ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون ته ڪئين ڀائر سنڌ جي عاشق ۽ ٻولي جي محبوب جي سينڌ تي سنڌوءَ جي چيڪي مٽي سنڌور جيان هڻي اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا، ائين پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي وطن سان عهد ۽ وفا جو وچن ورجائيندي هي سنڌ جو سپوت عبدالرزاق سومرو شهادت جو جام پي امر ٿي ويو. پر شهيد جي قاتلن کي اڄ ڏينهن تائين ڪا به سزا نه ملي سگهي. هونئن به شهادتون وطن لاءِ ڏيڻ سرخرو ٿيڻ اها آزمائش ئي هوندي آهي پر حقيقت اها آهي ته صدين پڄاڻا پوءِ به اهو خواب جيڪو شهيد عبدالرزق سومري جو هيو ته وطن ۽ ٻولي خودمختيار ۽ خوشحال هجي، اهو ضرور سندس خواب ساڀيان ٿيندو.


 

شھيد عبدالرزاق سومرو

سومرا، مينڌرا او شھيد وطن - سنڌي ٻوليءَ جي پھرين شھيد

امداد سولنگي

سنڌي ٻولي بل ۱۹۷۲ ۾ سنڌ جي وڏي وزير ممتاز ڀٽو طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ ۳ جُولاءِ ۱۹۷۲ع تي پيش ڪيو ويو. جُولاءِ ۱۹۷۲ع تي صوبي ۾ ٻولي وارا فساد شروع ٿيا، جڏهن هي بل منظور ڪيو ويو. هن بل جو مقصد سنڌ ۾ سنڌي کي واحد سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو هو، پر فسادن کان پوءِ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ان بل ۾ ترميم ڪندي اردو ۽ سنڌي ٻنهي کي سنڌ جي قومي ٻولي قرار ڏنو. شھيد عبدالرزاق سومري جي شھادت جو سبب ھن بل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ٻوليء وارا فساد ھئا. اصل ۾ انھن فسادن  پٺيان ھڪڙي مخصوس مائينڊ سيٽ جو مرڪزي ھٿ ھو. عظيم تعليمدان شهيد عبدالرزاق سومرو، موري جي هڪ غريب ۽ فرض شناس رٽائرڊ اُستاد محمد سليمان سومري جو اڪيلو فرزند هو. عبدالرزاق سومري، ۲۳ جولاءِ ۱۹۴۷ع تي موري شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس موري مان حاصل ڪرڻ بعد پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ خيرپور مان اليڪٽرڪ انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪرڻ تي کيس ساڳئي انسٽيٽيوٽ ۾ جونيئر انسٽرڪٽر مقرر ڪيو ويو، جتان پوءِ اڳتي پڙهائي جاري رکڻ لاءِ حيدرآباد پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ساڳي پوسٽ تي بدلي ڪرائي آيو.

عبدالرزاق سومري جي ننڍي هوندي کان سماجي ڪمن ۾ تمام وڏي دلچسپي ھوندي هئي. ھو موري جي سوشل ويلفيئر ائسوسيئيشن جي فائونڊر ميمبرن مان پڻ هو. ۱۹۶۷ع کان موري ۾ جيڪي به شاگرد تحريڪون شروع ٿيون، تن ۾ ھن مک ڪردار ادا ڪيو. ڇو ته ھو بنيادي طور تي ارٿ رليجن جو ماڻھو ھو. پنھنجي مادري ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ سندس پختو ويساھ ھو. جي ائين چئجي ته سنڌي ٻوليءَ سان سندس عشق جنون جي حد تائين پهتل هو تڏھن به وڌاءُ نه ٿيندو. جڏهن ۳۰-۳۱ جنوري ۱۹۷۱ع واري رات حيدرآباد ۾ ڪن سنڌ دشمنن سنڌالاجيءَ کي باهه ڏئي ساڙيو هو ته ان خلاف موري جي شاگردن هڪ وڏو جلوس ڪڍيو هو، جنهن ۾ به عبدالرزاق سومرو اڳيان اڳيان هو. جڏهن آڪٽوبر ۱۹۷۱ع ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سنڌالاجيءَ جي مالي مدد لاءِ اپيل ڪئي هئي ته راشد مورائي، مٺل ڪمالاڻي، سڪندر زمان ميمڻ، هارون سومري، علي گل ڪلهوڙي، عبدالرزاق سومري ۽ ٻين گڏجي چندو گڏ ڪندو هو ۽ گڏيل رقم بئنڪ ڊرافٽ جي صورت ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي پهچائي وئي هئي. ۲۸ جون ۱۹۷۲ع تي عبدالرزاق سومري جي رٿ تي ئي موري جي شاگردن ’جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو قيام عمل ۾ آندو هو.

عبدالرزاق سومري پوليٽيڪنيڪ ڪاليج حيدرآباد ۾ ملازمت دوران ڪيترن سنڌي شاگردن کي داخلائون وٺرائي ڏنيون، غريب شاگردن کي ڪتاب مهيا ڪري ايڪسٽرا ڪلاس وٺي پڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هو دوستن ۽ شاگردن کي عملي ۽ آدرشي انسان بنجڻ جي هدايت ڪندو هو. سندس پوشاڪ ۾ اڪثر لباس کاڌيءَ جو هوندو هو. مٿي تي سنڌي ٽوپي، ڪلهن ۾ اجرڪ ويڙهيل، نهايت پروقار شخصيت رکندڙ نوجوان استاد بنجي، پنهنجي ڊيوٽي نهايت ديانتداريءَ ۽ سچائيءَ سان ادا ڪندو هو.

۷ جولاءِ ۱۹۷۲ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سنڌي زبان کي سنڌ جي صوبائي زبان قرار ڏيڻ جو بل پاس ڪيو ويو. ان فيصلي جي حمايت ۾ هن پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪيو، جيڪا ڳالهه سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان بغض رکندڙ ڪجهه متعصب شاگردن کي پسند نه آئي. جڏهن ان بل پاس ٿيڻ خلاف اردو اخبارن واويلا مچائي هئي، تڏهن تيل تي باهه جو ڪم رئيس امروهويءَ جي قطعي ’اردو ڪا جنازه هي، ذرا ڌوم سي نڪلي‘ ڏنو هو ۽ سنڌ ۾ ٻوليءَ وارا فساد شروع ٿي ويا هئا. ٽنڊي ڄام ۾ سنڌي شاگرد شهيد ڪيا. سائين جي ايم سيد سنڌ جي گشت تي نڪتو ته ۲ آگسٽ ۱۹۷۲ع تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ مٿس بم سان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ دوست محمد پراچا شهيد، نامور مصور گل محمد کتري ۽ قومي ڪارڪن عمر شورو ۽ ٻيا شديد زخمي ٿيا هئا. ٻوليءَ جي هنگامن دوران توڙي اڳ ۾ پوليٽيڪنڪ ڪاليج حيدرآباد جي غير سنڌي انتظاميه اڪثر عبدالرزاق سومري جي خلاف هوندي هئي، ڇو ته هي اتي واحد سنڌي استاد هو، جيڪو سنڌي شاگردن جي دفاع لاءِ سرگرم عمل رهندو هو. هن کي ڪيترا ڀيرا ڌمڪيون به مليون، پر هي بيڊپو انسان پنهنجي پرچار ۽ عمل کان باز نه آيو. ۷ آگسٽ ۱۹۷۲ع جو ندورو صبح، هن سنڌ جي سپوت جي شهادت جو سنيهو کڻي آيو. پوليٽيڪنڪ ڪاليج جي متعصب ۽ سنڌ دشمن شاگردن، انور ڪمال راجپوت جي اڳواڻيءَ ۾ هن قومپرست سنڌي استاد تي اوچتو حملو ڪري، چاقن جا وار ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو. سندس شهادت واري واقعي سڄيءَ سنڌ سان گڏ موري ۾ باهه ٻاري ڇڏي. جڏهن ايمبولنس ۾ شهيد عبدالرزاق جو لاش رات جو ۱۱ وڳي موري پهتو ته هزارين شهرين ۽ شاگردن جو ماتمي جلوس اوڇنگارون ڏيندو سندس گهر پهتو. حالتون ان حد تائين خراب ٿي ويون، جو صبح جو شهيد عبدالرزاق کي دفن ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ کان اڳ ئي سڄو شهر فوج جي حوالي ڪيو ويو. شهر ۾ عام هڙتال رهي، جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. کيس موري شهر جي هڪ بزرگ ۽ ولي ’خوشحال پير‘ جي ايوان ۾ دفن ڪيو ويو. هن جي شهادت تي سڄيءَ سنڌ ۾ احتجاجي ۽ تعزيتي گڏجاڻيون ٿيون. اخبارن وڏين سرخين سان قاتلن جي مذمت ڪئي. موري جي تاريخ جو هي هڪ منفرد حادثو هو، جنهن سڄيءَ سنڌ کي جنجهوڙي ڇڏيو هو. ۸ آگسٽ تي سائين جي ايم سيد کي اڌ سنڌ جي دوري تان موٽندي، پنهنجي گهر سن ۾ نظربند ڪيو ويو. شهيد دودي سومري ۽ شهيد الهه بخش سومري جي شهادتن کانپوءِ عبدالرزاق سومري جي شهادت تي اديبن مضمون ۽ ڪهاڻيون ۽ شاعرن شاعرن شعر لکيا، جن جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

امداد حسيني:         ’سومرا‘، مينڌرا او شهيدِ وطن،

سنڌ جي سينڌ کي تو سنواري ڇڏيو.

خاڪي جويو:         ڀينر منهنجو ڀاءُ، رڱيو ريٽي رت ۾!

راشد مورائي:        سرڙو ڏئي هو سنڌ تان صدقي ٿيو، مگر

’عبدالرزاق‘ جي ڪڏهن ٿي هئي زبان چپ؟

سليمان سولنگي:    تنھنجو ٻڌي موت، ڀت وري پيو وات مان

دسي دشمن ديس جا، رنبي ڪريان روت

جيسين جي ۾ جوت، تيسين رھبو ويڙھ ۾جھ

مٺل ڪمالاڻي:        وجهي جهانءِ جهروڪ ۾، جهوناڳڙهه جهوري،

مان لڌو موري، موتي ڏئي مهراڻ جو!

تاج جويو:             وڻ ٽڻ ورتو واس، راوت تنهنجي رتّ جو!

ڀوميءَ ڀاڪر کوليو، ڇانوَ بڻيو آڪاس.

عظيم سنڌي:         ڪير ٿو ميٽي سگهي، ’رزاق‘ پنهنجي خون سان،

سنڌ جي نقشي تي جيڪي چٽ چٽي ويندو رهيو؟

سنڌ جي تاريخ جي ڪيڏي نه بدنصيبي آهي، جو شهيد عبدالرزاق جي قتل ۾ صلاحڪاريءَ جو ڪردار ادا ڪندڙ پوليٽيڪنڪ ڪاليج جي پرنسپال کي ڏيکاءَ طور معطل ڪري بعد ۾ سوئيڊش پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ڊائريڪٽر ڪري موڪليو ويو، ڪجهه ڏينهن قيد رکڻ کان پوءِ قاتل انور ڪمال کي ’شاگرد رهنما‘ ڄاڻائي آزاد ڪيو ويو. شهيد عبدالرزاق جي خون جو سرڪاري طور ڪو به انصاف نه ٿيو، پر موري جي شهرين، شهيد عبدالرزاق يادگار ڪميٽي‘ جوڙي، پنهنجي مدد پاڻ هيٺ شهيد جو مقبرو اڏايو. جنهن ڪم جي تڪميل شهيد جي والد بزرگوار محمد سليمان سومري جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. ان بعد هر سال ۷ آگسٽ تي شهيد جي مزار تي ورسي ملهائي ويندي هئي. هاڻي ته مقبري واري سرڪاري ميدان تي اسڪول ٺاهيو ويو آهي ۽ شهيد جي مزار تي ٿيندڙ ورسيون به بند ٿي ويون آهن.پر شيخ اياز جي شعر جي مصداق ته اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،متان ائين سمجھين مئا مور سارا  موري بار جي عھديدارن صدر امين الدين خاصخيلي ۽ جنرل سيڪريٽري قادر بخش ڪورائي ھڪ تاريخ ساز ڪم ڪيو آھي جو موري بار جي شاندار جوڙايل لائيبريري کي شھيد عبدالزاق سومرو ماڊريٽ لائيبريري جي نالي سان منسوب ڪيو آ ۽ وري ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ۾ وڏي بار ڪراچي بار ايسوسيئشن جي چونڊيل جنرل سيڪريٽري /نامياري قانون دان جي ايم زين ڪورائي شھيد جي مزار جي نئين اڏاوت جي ڪم پنھنجي ذاتي خرچ تي ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي-جنھن ثابت ٿئي ٿو ته

شھيد عبدالزاق سومري جي عظيم قرباني مور ناھي وسرڻي-

شھيد عبدالرزاق سومرو صاحب جي پرائمري کان انٽر تائين تعليم مورو ۾ ٿئي ٿي.

انٽر کان بعد سندس داخلا اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپلوما ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ ٿئي ٿي.

 اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپلوما نمايان پوزيشن ۾ پاس ڪرڻ تي کيس انھيء ئي ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ جونئر انسٽرڪٽر جي پوسٽ تي جاب ملي ٿو.

شھيد عبدالرزاق سومرو صاحب طبعيت ۾ سادو ۽ سڌو پر سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندس محبت رڳ رڳ ۾ سمايل ھئي.

شھيد عبدالرزاق سومرو صاحب سروس جي ڪيريئر کي اڳتي وڌڻ لاءِ پنھنجي ٽرانسفر خيرپور کان حيدرآباد ٽيڪنيڪل ڪاليج ڪرائي ويو.

حيدرآباد ۾ مختلف سماجي ۽ قومي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهيو، جيڪا ڳالھ سندس مخالفن کي پسند ڪان ھئي.

۷ جولاء ۱۹۷۲ع تي سنڌ اسيمبليءَ سنڌ صوبي جي سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪيو، جنھن جي خوشيءَ ۾ ھن سنڌ امڙ جي عظيم پٽ پنهنجي ڪاليج ۾ خوشيءَ جو پروگرام ڪرايو، جيڪا ڳالھ ڪجھ تعصب پرستن کي پسند نه آئي ۽ کيس

۷ آگسٽ ۱۹۷۲ع تي ڪاليج ۾ مٿس حملو ڪري شھيد ڪيو.

سندس شھادت تي ساري سنڌ ۾ ڏک ۽ غم جي لھر ڇانئجي وئي.

شھيد عبدالرزاق سومرو صاحب جو رات جو ۱۱ بجي جڏهن لاش مورو شھر پھتو ته عوام جو سمنڊ اٿيل ھو ۽ سندس جنازي نماز ۾ ھزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ھئي.

اسين اڄ سنڌ ٻوليَ واري ڏينهن تي سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ جي پھرين شھيد عبدالرزاق سومرو صاحب جي نالي تي مورو ۾ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي قائم ڪيو وڃي.


(جاويد سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا