يوسف شاهين
ملڪي اعزاز کي اعزاز بخشيندڙ
رکيل مورائي
هن ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي چڱا ڪم
به معجزاتي طور تي ويندا آهن، تازو ئي اهڙو اهم ڪم ٿيو آهي، ان سنڌ ڄائي ليکڪ کي
ملڪ جو اعليٰ ادبي اعزازي ڏنو ويو آهي، جنهن عالمي تاريخ لکندڙن جي وچ ۾ اهو پدُ
ماڻيو آهي جنهن تي هن ملڪ سميت سنڌ فخر ڪري سگهي ٿي، ها! سنڌي ماڻهو ان کي بنهه
گهٽ ڄاڻن سڃاڻن، ڇاڪاڻ ته هن سنڌيءَ ۾ جيڪي ڪتاب لکيا آهن اهي عام سنڌي پڙهندڙ جي
مزاج جا نه آهن. ها! هن جي هڪ ڪتاب بابت ان وقت نوجوان صحافي ۽ سنڌ جي ذهين شخص
فقير محمد لاشاريءَ چيو هئو ته ”هي ڪتاب قومن جي آزاديءَ جو دستاويز آهي.“ ان ڪتاب
جو نالو هئو ”فاتحن جو دنيا.“
ان کان اڳ هن سنڌي ڪتاب ڄام
ٻانڀيڻو لکيو هئو ۽ پوءِ هن شاعر ٿيڻ جو شوق پاليو ۽ ٻن حصن ۾ سندس شاعراڻو ڪتاب
ڇپيو ”اندر ۾ اهاءُ ٿيو.“ پر بنيادي طور هو تاريخ جو ماڻهو آهي ۽ هن عالمي تاريخ
تي جيڪي ڪتاب لکيا آهن انهن موجود عالمي بيهڪ کي غير سلامتي جو احساس ڏياري ڇڏيو
آهي. ايڪهين صديءَ جي ڏنل ”نئين ورلڊ آرڊر کان اڳ ۾ هن جو ڪتاب“ ورلڊ ڪنفيڊريشن آف
پيپل“ ڇپيو، جنهن دنيا کي نئين سري سان ترتيب ڏيڻ جو ماحول جوڙيو ۽ پڪ سان اڳتي
هلي ايئن ٿيڻو آهي، هيءُ اهو ڪتاب هئو، جنهن ڪتاب جي نالي سنڌي ٻوليءَ جي جديد
ڪهاڻيڪار علي بابا پنهنجو پهريون ڪتاب منصوب ڪيو هئو. ياد رهي ته علي بابا اهو
ڪتاب ليکڪ جي بجاءِ ڪتاب کي منصوب ڪيو هئو.
ان ليکڪ جي مهانتا سنڌين جي
سامهون تڏهن ظاهر ٿي جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي مهاڪوي شيخ اياز هن جي نالي پنهنجا ٻه
ڪتاب ”پتڻ ٿو پورو ڪري“ ۽ ”هرڻ اکي ڪيڏانهن“ منصوب ڪيا. ان ليکڪ جو نالو يوسف
شاهين آهي. سنڌيءَ ۾ سندس مٿين ڪتابن کانسواءِ، ”شعور جو سفر“، ”يوناني ڏند
ڪٿائون“ ۽ ”حق موجود“ شايع ٿيا ۽ انگريزيءَ ۾ سندس ڪتاب:
۱- ورلڊ
ڪنفيڊريشن آف پيپل
۲- وليم
دَ باسٽرڊ
۳- رائيز اينڊ فال آف گاڊز
۴- رائيز اينڊ فال آف سنسڪرت
۵- فال آف نيٽو لينگويجز آف دَ
آمريڪا
۶- آرٽيفيشل بارڊرز آف ورلڊ
آهن.
جڏهن ته سندس اڄ تائين سنڌي
لکيل آخري ڪتاب ”سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر شاھ لطيف“ آهن. جيڪو جنهن به
تبصري ۾ آيو آهي ته پنهنجي پوري نالي سان اڃا تائين نه آيو اهي. هيءُ ڪتاب شاھ
لطيف جي حوالي کي کڻي سنڌ جي پنجن هزارن سالن جي مختصر تاريخ آهي ۽ ان تاريخ ۾
سنڌين جي بهادريءَ جو سمورو داستان آهي، پڪ سان جڏهن به سڀني پڙهيل سنڌين هيءَ
ڪتاب پڙهي ورتو تڏهن هو پاڻ بابت نئين سري سان ويچارڻ شروع ڪندا؟ يوسف شاهين صاحب
پوءِ به عالمي تاريخ لکندڙ آهي، هن جو مقصد دنيا کي نئين ماڳ ڏانهن موڙڻو آهي. هن
تاريخ جا اهي رخ بيان ڪيا آهن جيڪي عالمي تاريخ لکندڙن شعوري طور لڪائڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي.
هن جي ڪتابن موجوده دنيا کي
نئين سري سان ڏسڻ جو اشارو ته ڏنو ئي اهي پر اڳتي هلي گهڻو ڪجهه تبديل به ٿيڻو
آهي، جنهن جي اڳڪٿي هن پنهنجي ڪتاب ۾ ڪئي آهي. جيئن سندس ڪتابن جي نالن مان ظاهر
آهي، هن اهڙي تاريخ بيان ڪئي جنهن عالمي قوتن کي بي سلامتيءَ جو احساس ڏياريو آهي.
اڄ جي تيز هلندڙ دنيا ۾ عالمي تاريخ تي ايترو، اثر انداز ٿيندڙ شخص نصرپور جو ڄائو
هڪ سنڌي آهي، سنڌ لاءِ ڇا اهو فخر جو سبب نه آهي. سندس قدر اڃا اڳتي هلي ٿيڻو آهي،
جنهن کان هو بيپرواھ آهي، هن جو چوڻ اهو آهي ته کيس جيڪو لکڻو هئو اهو هن لکي ڇڏيو
آهي ۽ اهو لکڻ اهڙو آهي، جيڪو مصلحت تحت اڃا ٻئي ڪنهن به تاريخ لکندڙ نه لکيو آهي.
سنڌ بابت به هن کي اڃا گهڻو
لکڻو آهي، اها اسان جي خواهش آهي ڇاڪاڻ ته اول هن تي سنڌ جو حق آهي. جنهن جي
شروعات بهرحال هن شاھ لطيف واري ڪتاب لکڻ سان ڪئي آهي. هڪ تاريخدان طور هن ملڪ کيس
وڏو اعزازي ڏنو آهي. پر اسين سمجهون ٿا ان اعزاز
لاءِ پاڻ اهو اعزاز آهي ته اهو يوسف شاهين جهڙي غير معمولي ليکڪ جي نالي
ٿيو آهي. سنڌ لاءِ خاص طور سنڌي اديبن اها خوشيءَ جي خبر آهي. يوسف شاهين صاحب
لاءِ رسمي طور مبارڪن موڪلڻ جهڙي خبر آهي. جن مبارڪن ۽ اعزازن کان هو ڪنهن به صورت
۾ گهڻو گهڻو مٿانهون آهي.
يوسف شاهين
صحافت جو هڪ معتبر نانءُ!
اخلاق جوکيو
يوسف شاهين، جديد
سنڌي ادب ۽ صحافت جي تواريخ جو هڪ معتبر نانءُ، سنڌي اخبارن جي مالڪن ۾ “موسٽ جينٽل
مين”، موجوده دور ۾ سنڌي بيتن جو لاثاني ۽ لافاني شاعر، سنڌي ٻولي، ادب ۽ تواريخ
تي جديد تحقيقي انداز ۾ ڪم ڪري اقوام عالم تائين پهچائي مٿن سنڌ جي مدنيت، فوقيت ۽
احسان ثابت ڪندڙ سنڌي محقق، ڌرتي ماءُ جو حلالي فرزند ۽ ادب ۾ نوبل پرائيز جو
پهريون سنڌي اميدوار بڻيو، ڪو دور هو جو هو انهن مڙني خوبين سميت سنڌ جو اڀرندڙ
صنعتڪار به هو، پر سنڌ پرست هئڻ سندس ڏوھ بڻجي پيو، ڇوته هو سينيٽ ۾ سنڌ لاءِ واحد
آواز طور گونجندڙ هو. هن پهريون ڀيرو سنڌين کي انگريزي صحافت جي ميدان ۾ پاڻ ملهائڻ
لاءِ همت افزائي ڪئي.
يوسف شاهين سنڌي، اردو
۽ انگريزيءَ ۾ ۲۵ ڪتابن جو ليکڪ آهي، هن جا ڇهه ڪتاب امريڪا ۾ ۽ ٻه ڪتاب
انڊيا ۾ شايع ٿيا آهن. يوسف شاهين کي پاڪستان جا ٽي وڏا سولين ايوارڊ پڻ مليا، جن
۾ ستاره امتياز ۽ پرائيڊ آف پرفارمنس، پاڪستان
جي انگريزي اردو ۽ سنڌي اخبارن طرفان سي پي اين اي (CPNE) ايوارڊ شامل
آهن.
هن وقت دنيا جون اڌواڌ
قومون غلام آهن، موجوده وقت ۳۲ کان وڌيڪ ملڪ فقط انگلينڊ جي راڻيءَ جي قبضي هيٺ آهن،
انهن غلام قومن ۽ ملڪن جي آزاديءَ لاءِ لڳاتار لکندڙ يوسف شاهين سنڌ ۽ پاڪستان جو
پهريون محقق آهي، جنهن کي سرڪاري طور چار ڀيرا “نوبيل پرائيز” لاءِ نامزد ڪيو ويو
آهي. هن کي عالمي تاريخ، عالمي مذهبن ۽ ٻولين بابت وسيع ڄاڻ آهي. هن قديم سنڌ جي پنج
هزار سال اڳ جي تاريخ قلمبند ڪئي آهي. قديم سنڌ تي هن انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ٽي ڪتاب
لکيا آهن. سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجا ٻه انمول ڪتاب يوسف شاهين جي نالي منسوب
ڪندي هن لاءِ لکيو، “ماڻهو ميگهه ملهار”، جڏهن ته جناب آغا سليم يوسف شاهين کي “اناالسنڌ”
(آئون سنڌ آهيان) جو لقب ڏنو.
سنڌ لاءِ لکڻ ۽ ڳالهائڻ
جي پاداش ۾ پهريان هن کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ لاءِ هن جي صحافت جي رستا روڪ ڪندي سندس
اخبارن کي بند ڪرائي کيس جيل موڪليو ويو ۽ سوين صحافين کي بيروزگار ڪيو ويو، پوءِ
نوري آباد ۾ سندس صنعتن کي هٿ وٺي تباھ ڪيو ويو، جن صنعتن جي اپت جو وڏو حصو سنڌ
جي مالي طور ڪمزور اديبن، صحافين، قومي ۽ انساني حقن جي پرچارڪن تي خرچ ٿيندو هو.
سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ
طرفان سنڌ جي هن محقق، عالم، شاعر، اديب ۽ وڏڙي کي، سندس ادب ۽ صحافت جي دنيا ۾
شاندار ڪارنامه سرانجام ڏيڻ تي سون ۽ چانديءَ جا ٻه ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو
آهي. اهي ايوارڊ ۲۴ فيبروريءَ تي “يوم مادر وطن” واري ڏهاڙي تي حيدرآباد ۾ کيس ڏنا ويندا. جيتوڻيڪ
سنڌ جي هن عالمي سطح جي شخصيت کي ملندڙ اِهي علائقائي ايوارڊ ڪا وڏي ڳالھ ناهن، پر
سنڌ جي هن خاموش مجاهد کي ياد رکڻ، کيس محبت ڏيڻ، کيس پنهنجو سمجهڻ، وڏڙو مڃڻ ۽
پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ ئي اصل ۾ وڏي ڳالھ آهي.
يوسف شاهين جيڪو لڳ
ڀڳ پنهنجي ڄمار جا ۸۲ سال پورا ڪرڻ تي آهي، حيدرآباد ۾ ايوارڊ وٺڻ کان اڳ سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه
کائيندڙ جوڌن کي اپيل ڪئي آهي ته: اهي متحد ٿي وڃن ته جيئن هڪ انتهائي طاقتور مزاحمتي
قوت جنم وٺي سگهي، جنهن جي فقط ڳالهه تلوار جيان ڪم ڪندي. يوسف شاهين جو چوڻ آهي
ته هن جي ڳالهه جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ مخدوم محمد زمان طالب المولى به ڪڏهن نه موٽائي،
رسول بخش پليجو لانڍي جيل ۾ قيد يوسف شاهين سان هر هفتي ملڻ ويندو هو. هن خاص طور
موجوده پير پاڳاري کي به گذارش ڪئي آهي ته هو سنڌ جي مزاحمتي اڪابرن کي هڪ پليٽ فارم
تي آڻڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪري. ان لاءِ هڪ آئين جوڙيو وڃي، جنهن جو پهريون نقطو
هي ٿيڻ گهرجي ته “سنڌ جو هر ماڻهو رشوت وٺڻ ۽ ڏيڻ کان انڪار ڪندو.” موجوده پير سائين
پاڳاري، سنڌ تي آيل ڏکين وقتن دوران، سياسي مفادن کان پاسو ڪندي هڪ بهادر ۽ سچي سنڌيءَ
جيان سنڌ جو ساٿ ڏنو. هو پنهنجي ڏاڏي جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي، جنهن دنيا جي هڪ
وڏي سپر پاور کي چئلينج ڪيو ۽ سنڌ مٿان هزارين جوڌن سميت قربان ٿي ويو.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۱۸ فيبروري ۰۲۱ع تي ڇپيل)
يوسف شاهين
سنڌ جو غير معمولي
پٽ/ليکڪ
رکيل مورائي
سنڌ جي ادبي حوالي ۾، (ٻولين کي
بريڪيٽ ۾ آڻيندي)، جيڪي اسان جا جڳ مشهور ليکڪ/ تاريخدان/ شاعر/ صحافي رهيا آهن،
يوسف شاهين صاحب انهن مان هڪ آهي، ٻيءَ طرح هو سنڌ۾ هڪ ليکڪ ئي آهي، جنهن اهڙن
موضوعن تي لکيو ۽ ان لکڻ تي دنيا ۾ مرتبو ماڻيو آهي، جن موضوعن تي لکڻ لاءِ دنيا
جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهندڙ ليکڪ کي، هڪ کان وڌيڪ دليون ۽ هڪ کان وڌيڪ دماغ گهرجن،
هن جي ڪتابن جي فهرست ۽ انهن جا
نالا پڙهي، اهو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهبو ته جن موضوعن تي هن لکيو آهي ۽
جيترو باريڪي ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي، شايد ئي سندس همعصر ڪنهن ليکڪ، عالمي ادب ۾
لکيو هجي، خاص طور انگلش ۾ سندس ڪتاب دنيا جي ايتري انگ ۾ رهندڙ ماڻهن جي
اسٽڊي ٽيبل تي هوندا آهن، جن جو ڳاڻاٽو
سنڌ ۾ ويهي ڪري سگهڻ نهايت مشڪل آهي، هن شخص جو نالو يوسف شاهين آهي ۽ پڪ سان هو
عالمي ليکڪن جي قطار جو اهو ليکڪ آهي، جنهن جي نالي سان سنڌ جڙيل آهي.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ دنيا
۾ جيڪي تحريڪون هلي رهيون هيون، انهن جو اثر سنڌ تي به پيو هئو، خاص ڪري اسان وٽ
تحريڪ پاڪستان جوش خروش سان هلي رهي هئي، روس ۾ زار جو تختو اونڌو ٿي چڪو هُئو ۽
دنيا جي تختي تي هڪ نئون نظام متعارف ٿيو هو، جنهن کي سوشلسٽ نظام ڪوٺيو ٿي ويو.
دنيا لڳ ڀڳ ٻن بلاڪن ۾ وهائجي چڪي هُئي، پر ننڍو کنڊ اڃا ورهايو نه ويو هُئو پر پڪ سان ان جو سفر ورهاڱي ڏانهن
جاري هُئو، هيءُ ئي دور هو جنهن ۾ سنڌ جي هڪ تاريخي پسمنظر رکندڙ شهر نصرپور جي هڪ
گهر ۾ جيڪو گهر هڪ بزرگ عبدالله دائود پوٽي جو هئو، ان ۾ هڪ نينگر جنم ورتو، هن جو
نالو محمد يوسف رکيو ويو،
شايد ڪنهن کي به اها خبر نه
هوندي ته اڳتي هلي وڏو ٿي، دنيا جي نقشي تي ٺهندڙ ٽين دنيا جي هڪ ڳوٺ نما شهر جو
ٻارڙو عالمي تاريخ لکندڙ جي حوالي ۾ جڳ مشهور بڻبو. هن سڀاڳي ٻار جنهن ڏينهن جنم
ورتو اهو، ۳ اپريل ۱۹۳۹ع جو ڏينهن هئو. يقين سان سنڌ جي ادبي تاريخ جو هيءُ سڀاڳو ڏينهن آهي،
محمد يوسف دائود پوٽو پنهنجي
ابي امڙ جو سڪيلڌو پٽ آهي. کانئس پوءِ ۽ سندس ٻه ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آهن. هُن
پرائمري تعليم نصرپور ۾ پڙهي، ميٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽيءَ معرفت ايم ايف هاءِ اسڪول ٽنڊي الهيار مان ڪئي ۽ باقي تعليم
سندس انگريزيءَ جا ڪتاب پڙهي، انهن مان سندس تعليمي ادارن جي معيار جو اندازو لڳائي
سگهجي ٿو.
هوُ محمد يوسف دائود پوٽي مان
مشهور اديب، يوسف شاهين بڻيو، ان جو سبب سندس ذهني لاڙي واري سڃاڻپ آهي، هو سدائين
اڪيڊمڪ تعليم بجاءَ پنهنجو ڌيان دنيا جي تاريخ پڙهڻ ڏانهن ڏيندو رهيو، سندس
شروعاتي ڌيان سنڌ جي تاريخ، پوءِ اسلامي تاريخ
۽ پوءِ عالمي انساني تاريخ ڏانهن رهيو آهي، جنهن جي نشاندهي سندس پهريون ڪتاب”
مسلم ڪريسي” ڪري ٿو. جيڪو هن ۱۹۵۷ع ۾
لکي ڇپايو، اڳتي هلي هن عالمي تاريخ تي جيڪي پنهنجا ويچار ڪتابن ۾ آندا، انهن عالمي
تاريخ لکندڙن جو ڌيان ڇڪايو ۽ سندس ڪتاب، ايمازان ۽ ٻين عالمي ادارن ڇپائڻ شروع ڪيا
۽ اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، سندس هر
نئون ڪتاب ملڪ کان ٻاهر ۽ هڪ ملڪ کان وڌيڪ
ملڪن ۾ هڪ ئي وقت شايع ٿيندو رهيو آهي.
يوسف شاهين جي جنهن ڪتاب دنيا ۾ گهڻي پذيرائي ماڻي ۽ دنيا
جي سماجي ۽ سياسي توڻي سائنسي علمن تي پنهنجا اثر مرتب ڪيا، اهو آهي “ ورلڊ
ڪنفيڊريشن آف دي پيپل” هن ڪتاب آمريڪا جي ٿنڪ ٽينڪ تي پڻ پنهنجا اثر وڌا، جيڪي
ايڪهين صديءَ ۾ ڏنل “ نيو ورلڊ آرڊر” ڪتاب مان ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ دنيا جي لاءِ” نيو
ورلڊ آرڊر” اڳ جي ڀيٽ ۾ جيئڻ وڌيڪ سولو ڪيو.
يوسف شاهين صاحب جا هڪ کان وڌيڪ
حوالا آهن ۽ اهي حوالا اهڙا آهن، جن تي تفصيل سان لکڻ جي گهرج آهي، سنڌي ٻوليءَ
۾ميٿالاجي /ڏند ڪٿائن تي جيترو هُن لکيو آهي، شايد ڪنهن سنڌ جي اديب لکيو هجي،
سندس مشهور ڪتاب” يوناني ڏند ڪٿائون” ان جي شاهدي ڏئي ٿو. هڪ شاعر طور سندس ڪتاب” اندر ۾ اهاءُ ٿيو” جا ڪيترا
ئي ڇاپا سندس سڃاڻپ ڪرائين ٿا، هڪ صحافيءَ طور هو نه فقط پاڪستان جو پر دنيا جو
مڃيل صحافي رهيو آهي، سنڌ کي سندس فقط اهي خدمتون ته ياد رکڻ گهرجن، جيڪي هن سنڌي
ادب ۽ صحافت جي حوالي ۾ ڪيون آهن، انهن جو مثال “ برسات” اخبار آهي.
جيتوڻيڪ يوسف شاهين جا سمورا
حوالا هڪ بهادر ۽ مزاحمتي ليکڪ وارا رهيا آهن، پر هيءُ حوالو شايد اڄوڪي سنڌ لاءِ
۽ نئون هجي ته ضياءَ آمريت ۾ هن سڄي ملڪ جو پهريون صحافي يوسف شاهين صاحب آهي،
جنهن کي لکڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو هئو، هيءُ پهريون صحافي هئو، جنهن صدر ضياءَ
جي پهرين تقرير جي جواب ۾، جنهن ۾ ضياءُ چيو هئو ته “ چور جو هٿ ڪپيو ويندو”، لکيو
هئو ته “ سڀ کان پهرين ضياءَ جو هٿ ڪپيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هُن عوامي اقتدار چورايو
آهي”
ايئن يوسف شاهين ضياءَ آمريت جي
پهرئين صحافي قيديءَ طور فوجي عدالتن ۾ پير پاتو ۽ ساڳي ڳالهه ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾
ورجائي ۽ پنهنجي وڪالت پڻ پاڻ ڪئي،
برسات اخبار جي فورم تان هن
جيڪي روايتون شروع ڪيون، اهي سنڌ جي اخباري دنيا جي تصور ۾ به اڄ تائين نه اچي
سگهيون آهن.
دنيا جي اعليٰ ادارن ۾ هڪ نرالو مرتبو رکندڙ، انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ ئي وقت لکندڙ يوسف شاهين صاحب جا ٽنهي ٻولين ۾ لکيل
سترهن ڪتاب عالمي تاريخ ۽ سماجي علمن جا مستند ڪتاب قبول ڪيا ويا آهن، سنڌ جي
ثقافت واري کاتي کانئس سنڌ جي مڪمل تاريخ
لکرائڻ گهري آهي، جنهن جو پهريون جلد، “موهن جي دڙي کان اڳ جي سنڌي ماڻهن جي تاريخ
“ته ستت ئي ڇپجڻ وارو آهي، باقي جلدن لکڻ تائين کيس سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار جي دعا! اڄ
ٽين اپريل تي هو زندگيءَ جون اٺهتر بهارون ماڻي چڪو، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي.
جيتوڻيڪ بهار کان اڳ خزان به
ايندي آهي ۽ اهو فطرت جو ڪاروهنوار آهي، جنهن ڪري هُن لاءِ اهو به چوڻ ٺيڪ رهندو
ته، هُن جتي اٺهتر بهارون ماڻيون آهن، اتي اٺهتر خزائون ڀوڳيون به آهن پر هو هڪ
آدرشي شخص آهي، مايوسي/ نااميدي هن جي زندگيءَ جي ويجهو ڪڏهن به نه آئي آهي،
هڪ برد بار شخص جيان زندگي
گهاريندڙ يوسف شاهين اهڙو نالو آهي، جنهن تي نه فقط سنڌ، هي ملڪ پر دنيا فخر ڪندي/
ڪري رهي آهي، جنهن مڃتا طور تي هوُ گذريل سال امن جي نوبل انعام لاءِ نامينيٽ ڪيو
ويو، اهو به دنيا جي الڳ ملڪن پاران، سنڌ لاءِ اهو ئي فخر گهڻو آهي.
هوُ ويڙهه ۾ يقين رکندڙ آهي،
جنهن ڪري ئي هُن سنڌ جي ويڙهه سنڌ کان ٻاهر جي فورمن تي وڙهي آهي، ٻيءَ طرح هو دنيا
جي انهن سڀني انسانن جي وقار جو ليکڪ آهي، جن سان ڪنهن به قسم جي زيادتي ٿي آهي،
پنهنجي قلم جي ويڙهه ۾ مصروف رهندڙ، سنڌ جي هيءُ غير معمولي ليکڪ/ شخص اڄ پنهنجي
زندگيءَ بابت ڪجهه هنيئن چوڻ چاهي ٿو.
ناڪامين سان وڙهندي وڙهندي عمر
گذاري آهي
زندگيءَ جو اڻ ويساهو سفر اڃا
به جاري آهي.
يوسف شاهين جي قلم، صحت ۽ وڏي
عمر لاءِ دعائون ۽ اڄ کيس جنم ڏينهن جون اڻ گڻيون مبارڪون، دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾
رهندڙ انهن سڀني ماڻهن پاران جن جي انساني حقن ۽ وقار لاءِ هو اٺهتر سال قلم جي
جنگ وڙهيو آهي.
يوسف شاهين
هڪ عالمي تاريخدان سنڌي شخصيت
پروفيسر عبدالغفار دائود پوٽو
دنيا ۾ وڏا وڏا منظم ادارا جوڙيا ويا آهن، جن ۾ تربيت يافته ((Qualified ۽ سند يافته (Certified) محقق، تاريخدان پنهنجي پنهنجي
دائري ڪار (Scope) پٽاندڙ نت
نون موضوعن تي معلومات گڏ ڪرڻ (Information Gathering) بعد تحقيق (Research) جي طئه ٿيل بين الاقوامي طريقن ۽ معيارن موجب ان جي ڇند ڇاڻ Analysis)) ڪري معروضي نتيجا (Inferences) جوڙڻ يا نتيجا (Results) اخذ ڪري انهن تي تنقيدي بحث
مباحثي (Discussion) کانپوءِ ڪا
يقيني (Theses Statement) پيش ڪري ان
موضوع ۽ مسئلي متعلق ڪو قابل قدر نچوڙ (Conclusion) پيش ڪندا آهن يا وري عملي مقصدن لاءِ صلاحون (Recommendations) ڏيندا رهندا آهن، ان کانسواءِ
علمي دنيا ۾ ڪيترن ئي ڏاهن (Intellectuals) جون لکڻيون/ ڪتاب سندن مشاهدن
۽ نظرين سان ڀريا پيا آهن.
ان ريت سنڌ جي سر زمين به عالمي فڪري پنڌ ۾ شامل رهندي پئي آئي آهي. ماضيءَ
بعيد کان وٺي حال تائين ڪيترائي عالم سڳورا پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن پنهنجي قلم جي
زِير زَبر پِيشَ جي مدد سان سنڌ ۽ ٻين ملڪن توڙي عالمي سطح تي نج سنڌي نظر سان سنڌ
کي جانچي ۽ پرکي پئي پيش پئي ڪيو آهي.
تاريخ جي مطالعي ۽ مشاهدي جو اهڙو عمل جاري رهندو پيو اچي، اڄوڪي دؤر ۾ به
سنڌي عالم بين الاقوامي سمجهه (International
Understanding) کان غافل نه آهن ۽ نه ئي وري
پنهنجي تاريخ کان اڻ واقف آهن، جيڪڏهن اسان نظر ڦيرائينداسين ته اڄوڪي سنڌ ۾ اسان
کي اهڙيون شخصيتون آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون مس ملنديون، اهڙين املهه شخصيتن ۾ محترم
يوسف شاهين جن به شامل آهن.
يوسف شاهين- اڇاتري صاف شڪل ۽ شبيهه وارو پوري پني قد جو خوبصورت ۽ وضعدار
شخصيت جو مالڪ انسان آهي، سندس مٿي جا گهاٽا ڊارڪ برائون آهن جيڪي سندس شخصيت کي
پرڪشش بڻائن ٿا، سندس وچولين اکين مٿان جاڙيون ڀرون پڻ گهاٽيون ۽ ٻوهه ڪاريون آهن،
جن جي ڇانوري ۾ سندس وچوليون تيز، تکيون ۽ باز جهڙيون سوخ اکيون هميشه ڪنهن ڳولا ۾
رهنديون آهن. هو ڏارهي ۽ مڇون صاف ڪندو آهي جنهن
ڪري سندس چهري تي ڪالم/ پوپٽ ڏاڍا خوبصورت ۽ ٺهندڙ ڀاسندا آهن، هي
منهن ۾ مڻيادار مڙس آهي، محفل ۾ عام ماڻهن
۽ سنگت ساٿ سان مُرڪي ملڻ ۽ کلي ڪري آڌرڀاءُ ڪرڻ سندس روايتن ۾ شامل آهي.
پاڻ ايتري قدر خوش مزاج ۽ خوش اخلاق آهي جو ڪچهريءَ ۾ گفتگوءَ دوران ايترا
ڪيترائي موقعا پيدا ڪندو رهيو جو ڪچهريءَ ۾ شامل سڀني ماڻهن جي منهن تي مسڪراهٽ
تري ايندي آهي ۽ ڪچهري ٽهڪڙن سان ٻري پوندي آهي. سندس مطالعي جي وسعت جو اندازو ان
ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو جو هو ڳالهه مان ڳالهه ڪڍي پيش ڪرڻ، علمي، ادبي ۽
معلوماتي حوالا پيش ڪرڻ ۽ ذڪر هيٺ ايندڙ ڳالهين لاءِ ڪيئي حوالا پيش ڪرڻ ۾ پڻ
مهارت رکندڙ انسان آهن.
هو هڪ مور ماڻهو آهي، هو گفتگو دوران سنڌ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۽ ماڻهن جو
بيان اهڙي نموني ته ڪري پيو جو سندس پيش
ڪيل تاريخي معلومات جا ٽڪرا ۽ حوالا ڄڻ ته املهه معلومات جا سلسليوار باب پئي لڳا.
هو پنهنجي گفتگوءَ دوران دنيا جي حالتن، بادشاهن، تهذيبن، تمدنن، تاريخن ۽ ثقافتن
جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سنڌ سان ائين سلهاڙي پيش پيو ڪندو آهي جو ڪچهريءَ
۾ موجود ماڻهو واهه واهه ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا آهن.
يوسف شاهين جي پنهنجي سنڌ سان بي انتها محبت آهي. هُن سنڌيءَ کان سواءِ بين
الاقوامي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي معاملن تي پڻ ڪيئي ڪتاب لکيا آهن، انهن ۾ برصغير ۾
سنسڪرت جي عروج ۽ زوال تي مبني هڪ شاندار ڪتاب ”سنسڪرت ٻوليءَ جو عروج ۽ زوال (Rise and Fall of Sanskrit)“، انساني تاريخ ۾ خدائن جي
عروج ۽ زوال تي تحرير ٿيل شاندار تاريخي ڪتاب ”تناظر ۾ خدائن جو عروج ۽ زوال“ (Rise and Fall of gods in Historical Perspective)، برطانيه
جي بادشاهن ۽ راڻين جي تاريخ تي مبني ڪتاب “وليم دي باسٽرڊ (William The Bastard)” جيڪو گهڻو تڻو برطانيه جي
شاهي خاندان جي تاريخ تي آهي.
محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت تي سرجيل شاعريءَ جو ڪتاب “سُر بينظير”، بيت
۽ وائيءِ تي مبني ڪلاسيل شاعريءَ جو ڪتاب، “اندر ۾ اُهاءُ ٿيو”، شامل آهن، ان کان
سواءِ سندس تازو شايع ٿيل ڪتاب شاه عبداالطيف ڀٽائيءَ جي فڪر بابت آهي جنهن جو
عنوان“ سنڌ جي آزاديءَ جو پهريون عظيم شاعر” آهي. پاڻ فرنگين يعني انگريزن جي تاريخ بابت هڪ نئون ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ لکي
پورو ڪرڻ ۾ مشغول آهي.
هو هڪ نهايت ئي ڏاهو ماڻهو آهي. هن جي سنڌ ۽ دنيا جي صورتحالن تي تمام گهري
۽ ڏورانهين نظر آهي اهو ئي سبب آهي جو هو
گفتگو دوران ڪيترن ئي معاملن تي ترت موٽ ڏئي ٿو. سندس عقابي اکيون ڄڻ ته هر طرف
ڏانهن ڌيان ڌرڻ جو اونو رکنديون هجن.
هُن شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي هن بيت کي پڙهي ۽ پرهجي ورتو آهي ته؛
تحقيق جي ،تون! ڀري، مٿي ريءَ کڻيج،
جا حاج هٿن ريءَ نه ٿئي، سا ٺونٺو ٿي ڪريج،
انڌو ٿي پسيج، مشاهدو محبوب جو! !
يوسف شاهين متعلق منهنجي حيرت جو سبب سندس علمي ۽ ادبي خدمتون آهن، پر
هن ڪلاسيڪل شاعري پڻ ڪئي آهي، پاڻ
سياستڪار به آهي، ۽ کيس اهو اعزاز به حاصل آهي ته هُن مها ڪوي شيخ اياز جون روزاني
“برسات” اخبار لاءِ خدمتون حاصل ڪيون ۽ ان سان گڏ کيس صحافتي ذميواريون سرانجام
ڏيڻ جو اعزاز به حاصل رهيو آهي، هيءُ يوسف شاهين جي شخصيت جو هڪ نئون روپ ۽
رنگارنگي محنتن ۽ تخليقي ڪمن جو شاندار رُخ ۽ پاسو آهي، سندس شخصيت جا ٻيا به ڪي
پاسا آهن جيئن سندس سياست ڪار هجڻ ۽ ڪارخانيدار هجڻ، جن بابت پڻ لکڻ جي به ضرورت
آهي.
آئون مهينو کن اڳ ساڻس اڳواٽ طئي ٿيل وقت موجب منجهند جو سندس پي اي ايڇ
ايس ڪراچيءَ واري آفيس ۾ ملاقات لاءِ ويس.
اسين سڀ ڀاڪر پائي ملياسين جو ملڻ جي سڪ ۽ اڪير سان ڀرپور هئاسين. هن خوش
خيرآفيت معلوم ڪئي، مان ته ڄڻ سوچي رهيو هوس ته پنهنجي گفتگوءَ جي شروعات ڪيئن ۽
ڪٿان ڪيان؟ ڪجهه وڏائيءَ ۽ ننڍائيءَ جو
خيال ته ڪجهه سندس علمي ادبي قد جو احساس. اهي ٻئي سبب ڄڻ آڏو پئي آيا. ان وچ
۾ يوسف
شاهين پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي آيا ۽ محو گفتگو ٿيڻ لاءِ (Rapports) استعمال ڪندي اچي اسان سان گڏ
ويٺا ۽ پنهنجي هٿن سان ڦل صاف ڪري ڏيندا ويا. ان ريت اسان گڏجي ميوا کاڌاسين، چئي
مانيءَ کان اڳ ۾ ميوو واپرائڻ سان بک لڳندي آهي. ان وچ ۾ اسان گڏجي ماني کاڌي بس
طعام جي ترتيب ۽ پيشگي به ڄڻ شاهي قسم جي
هئي. مانيءَ ۾ داليون، سبزي، گوشت، مڇي ۽ KFC جي فوڊ کانسواءِ لسي به شامل هئي. اهڙو ادائگيءَ جو اسٽائيل مون
کي پهريون ڀيرو وزيراعظم هاؤس اسلام آباد ۾ نصيب ٿيو هو جڏهن وزيراعظم شوڪت عزيز
جن اسان کي بيسٽ ٽيچر ايوارڊ ڏيڻ بعد شام جو سرڪاري ڊنر تي وزير اعظم هائوس ۾
گهرايو هئو.
هي ته هئو ضمني حال احوال جو يوسف شاهين نالي هڪ جڳ مشهور سنڌي مورخ شخصيت
سان ملاقات ڪرڻ جي پهرين موقعي تي آڌار
ڀاءُ ڪرڻ جو آهي. ان وچ ۾ اسان هڪ ٻئي سان بحث مباحثي (Luxury
of Discussion) جو مزو ورتو سي، پاڻ واري
واري نهايت ئي فهميده ۽ معنيٰ خيز تاريخي معلومات ڏيندا رهيا، هن فرمايو ته سنڌ
صدين کان وٺي آزاد ديس جي صورت ۾ دنيا ۾ قائم ۽ دائم رهندي پئي اچي ۽ اها رهندڙ
جاري وساري زمانن ۾ قائم رهندي ۽ وڌيڪ سکي ستابي رهندي ۽ خوشحالي ۽ مضبوطي حاصل
ڪندي رهندي جو سنڌ جي وحدت کي ڪنهن به ريت نقصان جو انديشو نه آهي.
هي اهو سنڌ جو مورخ آهي، جنهن پنهنجي ڏاهپ، مطالعي ۽ تجزين جي بنياد تي اها
راءِ قائم ڪئي آهي ته “سنڌو سڀيتا“ (Indus
Civilization) دراصل قديم ترين عالمي
سڀيتائن ۾ پهرين سڀيتا آهي جيڪا موجوده جديد (Modern) دنيا وانگر مهذب (Civilized) هئي ۽ سنڌي قوم دنيا جي پهرين مهذب قوم آهي.
ان راءِ ۽ نظرئي مطابق کان اڳتي وڌندي يوسف شاهين جن ٻڌايو ته هو اها ڳالهه
مورڳو ذاتي خيال کان ڪو نه ٿو ڪري جو قديم تهذيب رکندڙ سارگن (Sargon) بادشاهن دراصل انڊس جي ماهرن
جي مدد سان پنهنجي، شهري ۽ ملڪي رٿا بندي ڪئي هئي. ان جو تفصيل همعصر (Contemporary) سڀتائن جي مواد (Literature) ۾ موجود آهي، جنهن کي گڏ ڪري
پيش ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
هو وڌيڪ فرمائي ٿو ته: ”اڃا به وڌيڪ مثالي حقيقتون جاچڻ لاءِ لنڊن جي ميوزم
۾ سنڌي ماڻهن (Indus People) جا ٺاهيل ڪيترائي اسم (Articles) مشاهدي لاءِ موجود آهن. بس ٰڳالهه رڳو اها آهي ته اسان جا محقق ۽
سرڪاري ادارا ان طرف توجهه ڏين ۽ سنڌ بابت معلومات گڏ ڪري پيش ڪرڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جو
دائرو ( Scope ) ڪجهه وڌيڪ
پکيڙين ته جيئن سنڌ جي قدامت جو ٽڙيل پکڙيل، لڪل ۽ دٻيل مواد نه رڳو سنڌين پر دنيا
جي ٻين ملڪن ۽ قومن جي آڏو پيش ڪري پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حيثيت ترتيبي (Chronological) انداز ۾ پيش ڪري، دنيا ۾ مهذب
پڻي ۽ قديم ورثي جي ڳڻپ جي ڊوڙ ۽ قطار ۾ شامل ٿيندي پاڻ کي يعني “سنڌ” ۽ “سنڌين”
کي پهرين نمبر ۾ بيهاري سگهجي ٿو.
ان ريت سندس عالماڻي گفتگو (Arguments) کان محفوظ ٿيا سين. گڏوگڏ مان پنهنجي ملاقات جي مقصد ۾ ڪامياب
ويس جو سائين يوسف شاهين جن اڳواٽ رضامنديءَ جي تسلسل ۾ ٻيهر اسان جي سنڌ جي تاريخ
جوڙڻ واري رٿا لاءِ ليکڪ (Contributor) هوندا ۽ کين مڙيئي گهربل سهولتون پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته
جيئن کين مواد (Literature) گڏ ڪرڻ، سهيڙڻ لاءِ ٻئي
هر ڪا ٽيڪنيڪل سهولت ڏني ويندي ته جيئن اسين سنڌ جي نوجوانن لاءِ هڪ جامع معلومات يڪجاءِ ڪري ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي
سگهنداسين.
ان هوندي به يوسف شاهين جن اٽڪل ٻن مهينن جي مهلت جو اظهار ڪيو آهي، جو هو
اڄڪلهه يورپ/ لنڊن/ آمريڪا جي/ فرنگين جي تاريخ لکي رهيو آهي_ سا به انگريزي
ٻوليءَ ۾. جو، اهي قومون پڻ پنهنجي تاريخ جي مختلف زمانن ۾ جيڪي کوٽ (Gaps) آهن ته انهن بابت اصلوڪي
زمانن (Timeline) ۾ معلوماتي
۽ تاريخي مواد (Literature) مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري ڪو نه سگهيون آهن.
اسان سنڌي قوم لاءِ اها ڪيتري نه فخر جهڙي ڳالهه آهي جو اسان جو هڪ سنڌي
دانشور عالمي تاريخ (International History) لکي رهيو آهي ۽ انگريز قومن
لاءِ انهن جي انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکي رهيو آهي پر اسين سنڌي ماڻهو پنهنجي ئي
سنڌي دانشور، مورخ، ڏاهي ۽ مور ماڻهوءَ جي صلاحيتن، تجربن، مشاهدن ۽ تخليقي ۽
تنقيدي ڏاهپ مان ڪو فائدو حاصل ڪري نه سگهون. اها تمام وڏي افسوس جي ڳالهه هوندي
پر هاڻي پڪ سان ائين ممڪن آهي، مون اهو ڄاڻي ورتو آهي ته اسين جيڪڏهن يوسف شاهين
جي نقطه نظر جي رهنمائيءَ ۾ اڳتي وڌنداسين ته اهو ڏينهن ڏور نه آهي جو اسين پنهنجي
جڳ مشهور “سنڌو سڀيتا” (Indus Civilization) کي هڪ ڀيرو ٻيهر وقتائتو قدم کڻندي، يوسف شاهين جي سنڌ سڀيتا جي
نظرئي Yousuf Shaheen’s Doctrine of Indus Valley Civilization کي دنيا ۾ ڦهلائي، پنهنجي تهذيبي قدامت جو اعزاز ماڻڻ ۾ ڪاميابي
حاصل ڪري سگهنداسين. شاهه ڀٽائي جي مقصداق؛
پاڙي ويڄَ هيامِ، تان مون مور نه پُڇيا،
تيلانهين پيامِ، موريسَرَ اکين ۾
يوسف شاهين
سنڌ جي عاشقن جي
مينيفيسٽو جو خالق!
منظور ڪلهوڙو
علم ادب، ڏاهپ دانش، شعور
ساڃاھ، عرفان ۽ معرفت سنڌ جي سرزمين جي ميراث رهيا آهن. تاريخ جي هر عهد ۾ سنڌ جا
جيد عالم، معلم، محقق ۽ مشاهير دنيا اندر سنڌ جي شعور ۽ ساڃاھ جا سج بڻجي چمڪيا
آهن.
اڄوڪي سنڌ جن پنهنجي اڳرين تي
ڳڻڻ جيترن کان بہ گهٽ عالم، اسڪالر ۽ اڪابر سپوتن تي عالمي ليول تي پنهنجو سينو
ٺوڪي ۽ ڳاٽ اوچو ڪري فخر ڪري ٿي انهن ۾ نصرپور جي نماڻي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سائين
يوسف شاهين جو شمار پهرين نمبر کان ٿئي ٿو.
اڄ جي هن جديد دنيا ۾ جتي علم،
ڄاڻ، سائنس ٽيڪنالاجي، نَواڻِ، کوجنا ۽ تخليق جو ڇيھ نہ آهي ان سگهاري عالمي دنيا
اندر پنهنجي وجود کي ثابت ڪرائڻ ۽ مڃرائڻ ئي سڀ کان ڏکي ۾ ڏکيو ڪم آهي. سو بہ ڪنهن
ڏورانهين ڏيھ سنڌ جهڙي ”اداس واديءَ“ جي سنڌي فرد جي مڃتا ۽ مهانتا جو معاملو هجي
تہ پوءِ پاڻ سمجهي سگهو ٿا تہ جتي هن ملڪ اندر قومي، لساني، مذهبي، سياسي، نسلي
عَصَبِيَت ۽ تعصب ڪري سنڌ جي مورن جهڙن ماڻھن جي ماڻھپي، فن، فڪر ...... کان ڪيئن
وقت جي حاڪمن ۽ انهن جي نائب عملدارن دِينَا دَاسِتي منهنَ موڙي، لاتعلق بڻجي
نظرانداز ڪري ناانصافيون ڪيون آهن تہ ان سرزمين جي ڪنهن فرزند کي اڄ جي هن
بَرَڙُباڪاسُ دنيا اندر عالمي ليول جي رڪگنيشن ملڻ/ وٺڻ لاءِ ڪيڏي نہ مشڪل ۽ ڪٺن
مرحلن مان گذرڻو پوندو هوندو. سو بہ اهو جنهن اڄ جي سگهارن امريڪن ۽ يورپ جي ڦورو،
وحشي، قاتل درندن، قبضہ گير قومن جي ڪوڙي تاريخ جا کڻي بکيا اُڊيڙي انهن جي بين
القوامي زبان ۾ ڪتابن مٿان ڪتاب لکي انهن جي ملڪن ۾ علم جي مرڪزن ۽ مارڪيٽن ۾
پڌرائي انهن جي پت کي وائکو ڪيو هجي!!
اهو شرف اڄ سنڌ کي جناب يوسف
شاهين جي ئي بدولت حاصل آهي. سنڌ پنهنجي ان عالم، اڪابر، رسرچ اسڪالر، پبلشر،
ايڊيٽر، تاريخدان، شاعر ۽ ڏاهي يوسف شاهين تي صدين تائين ناز ڪندي رهندي. انگريزي
سميت ڪيترين ئي ٻولين تي عبور رکندڙ هن سنڌ جي مدبر مُورخَ دنيا جهان جي ادب،
شاعري، فلسفي ۽ تاريخ جي منجهيل، ڳوڙھي ۽ پيچيدھ پيچرن تي سڄي ڄمار گامزن رهي نور
نچوئي عالمي ليول تي سنڌ جي عقل ۽ عرفان جون مانُ مٿانهون ڪيو آهي. يوسف شاهين جي
سنڌي، انگريزي ۽ اردو ڪتابن کي جن پڙهيو هوندو اهو احساس ۽ ادراڪ انهن کي ئي هوندو
جڏهن انهن سندس ريفرنس ورتل ڪتابن جي فهرست ۽ ضَخامَت جي تعداد کي ڏٺو يا پڙهيو
هوندو!
ان ۾ ڪو وڌاءُ نہ آهي تہ جناب
يوسف شاهين جا اڄ سنڌ ۾ ايترا پڙهندڙ نہ هوندا جيترا اڄ يورپ، امريڪا ۽ ڏکڻ ايشيا
اندر پڙهندڙ آهن. هن جي ڪتابن جي هاڪ ايمازون کان ويندي نوبل پرائيز ڪميٽي جي
ڪاريڊورس ۾ هاڻي سالن کان گونجندي رهي ٿي.
سنڌ جي هن ڏاهي،
۱ Artifical
Borders of the World- Throughout Ages Down to the present World.
۲ Slave
Nations under British Monarchs.
۳ The
Story of the Ancient indus people.
۴ Land
of Wisdom.
۵ William
the Bastard. ( History of England)
۶ Rise
and fall of sanskrit.
۷ Fall
of Native Languages of the Americas.
۸ Rise
and fall of Gods: In Historical perspective.
۹ Treacherous
Role of Armies.
۱۰ The
World of Conquerors.
۱۱ Truth
untold.
۱۲ Rise
and fall of Languages- Sumerian Akkadian, Aramaic and others.
۱۳ World Confederation
of the people
۱۴خد
اانسان ۽ جانور
۱۵يوناني
ڏند ڪٿائون
۱۶ حق
موجود
۱۷ شاھ
لطيف آزاديءَ جو علمبردار
۱۸
انگريز سرڪار ۽ شاھ عبدالطيف آف ڀٽ
۱۹ اندر
۾ اُهاءُ ٿيو
۲۰ قديم
سنڌو ماٿر
۲۱فاتحن
جي دنيا
۲۲
اناالحق
جا هي ڪتاب امريڪا ۽ هندستان ۽
سنڌ مان شايع ٿيندا رهيا آهن. ان ڪتابن جي فهرست مان اوهان اندازو ڪري سگهو ٿا تہ
سنڌ جناب يوسف شاهين تي ائين ناز نہ پئي ڪري!
دنيا وٽ ڀلي يوسف شاهين جي
سڃاڻپ هڪ ڏاهي، رسرچ اسڪالر، مورخ ۽ نثر نويس واري هجي پر سنڌ جو ھي يگانو عالم
پنهنجي شڪل و صورت ۾ اٺن ڏهاڪن جي طبعي عمر گذارڻ جي باوجود جيڏو حسين ۽ وجيھ آهي
اوترو سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر پڻ آهي. شاعريءَ ۾ جهڙيءَ ريت جناب يوسف شاهين
نج نبار، ٺيٺ ۽ ڪلاسيڪل سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آهي اها هر ڪنهن تہ ڇڏيو پر
سنڌ جي ...... شاعرن جن تي ڏات جي ديوي مهربان رهي آهي ۽ اهي فن، فڪر جي پختگي سان
سرشار رهيا آهن پر اهي اهڙي نج نبار، سريلي ۽ مٺاس واري ٻولي پنهنجي پنهنجي شاعري
۾ استعمال نہ ڪري سگهيا آهن. شاهين صاحب نرالي انداز سان پنهنجي شاعريءَ ۾
تشبيهون، استعارا ۽ اصلاح استعمال ڪرڻ ۾ ڪمال مهارت رکڻ سان گڏوگڏ هن پنهنجي شاعري
۾ مختلف تجربا ڪندي نئوان ”سُر ڀڳتي“، ”سُر ڄام ٻانڀيڻو“، ”سُر سنڌ“، ”سُر بي
مثل“، ”سُر سنڌو“، ”سُر اناالسنڌ“ (مان سنڌي آهيان) جو موجد آهي.
عالمي مڃتا رکندڙ اسان جي هن
تاريخدان لاءِ سنڌ جي نامياري شاعر جناب شمشيرالحيدري لکي ويو آهي تہ (يوسف کي)
”ڪو پُور پيس، تہ شاھ جو رسالو کڻي يڪساهيءَ ويھ- پنجويھ ڀيرا دور ڪري ويو. تنهن
پڄاڻا، اچي ڪو لکڻ ۾ پيو تہ ڏينهن رات هڪ ڪري ڏنائين. ڪنهن کي ڪن نہ جن، فقط ٽن
هفتن اندر ايترو لکي ورتائين، جيترو ۲۵ سالن
۾ مون بہ ڪو نہ لکيو آهي. “
جڏهن تہ قمر شهباز سندس شاعري
پڙهڻ کان پوءِ لکيو هو تہ ”ڏات جي ڏائنڻ ڏاڍي ڏکي هٿ چڙهندي آهي. کوٽ ۽ کريب تہ
کانئس ڪو سکي، اڻ ڄاڻ اٻوجهن کي ناتر جيان ڪاڪ محمل ۾ گهمريون ئي ٻہ کارائي، نهوڙي
نيندي آهي. ڪيترائي سودائي هن هرجائي جي هٿان راهن تان رلي وڃي اوجهڙ ۾ پيا. اهي
ڀاڳن وارا چئبا، جن کي منزل ملي. يوسف وٽ لفظن جو ڀنڊار آهي. ذاتي مشاهدي جو عميق
خزانو آهي. جدوجهد ۽ ڪشمڪش جي ميراث آهي. ٻھراڙيءَ جو پسمنظر ۽ شهري پسمنظر آهي.
ڏات آهي، ڏانءُ آهي، لگن آهي، واٽون آهن، وسيلا آهن. هڪ ليکڪ لاءِ جو گهربل آهي،
سو سڀڪجھ ميسر آهي. “
علي بابا جڏھن سندس شاعري پڙهي
هئي تہ هُو هِنَ لافاني جملن لکڻ کان سواءِ رهي نہ سگهيو هو تہ ”يوسف موهن جي دڙي
جي اها ڀٽڪندڙ آتما آهي، جيڪا روشن راهن لاءِ اندر ۾ اُهاءُ ڀريو اونداهي ڌرتيءَ
تي ڀٽڪندي ٿي وتي. يوسف جو شعر پڙهي ائين ڀاسندو آهي، ڄڻ يوسف جي نيڻن ۾ ”شاھ“ جي
پِڻي عالمي راڙو بڻجي، وايو منڊل ۾ ڦولارجي رهي آهي. “
آغا سليم جڏهن سندس شاعري پڙهي
هئي تہ ان تي لکڻ ۾ ويرَمَ ئي نہ ورتي هئائين، ”يوسف شاهين کي مان هن دور جو صوفي
سڏيندو آهيان، جنهن جو سنڌ سان وحدت الوجدي عشق آهي. منصور ان الحق جو نعرو هنيو
هو ۽ يوسف شاهين انا السنڌ جو نعرو هنيو آهي. “
شَلَ گهوٽُ ٿئين، اڻ موٽُ
ٿئين......، ڳليءَ ڳليءَ ڳائي ڏيان ڏسَ هزار، ايندي مند ملارَ......، جهڙن
لاتعداد، لازوال، لافاني ٻولن جي هن عظيم سرجڻھار جي شاعريءَ خاص ڪري سُر ڪلياڻ،
سُر ڀڳتي، سُر ڪيڏارو......، ڪنهن جي اڳيان پڙهجي ۽ شاعر جو نالو پڇجي تہ جواب شاھ
لطيف ئي هوندو. ! جيڪڏھن ڪنهن کي گمان هجي تہ اهو پنهنجي پڪ ڪرڻ لاءِ ان
ايڪسرسائيز کي آزامائي اطميننان حاصل ڪري سگهي ٿو. تہ واقعي ئي جناب يوسف شاهين
شاھ لطيف جون سِڪُون لاهيندڙ شاعر آهي. آءُ يقين سان چوان ٿو جيڪڏهن يوسف شاهين
رسرچ، تاريخ، فلسفي ۽ نثر جي جاءِ تي ايترو يا ان جي اڌ جيترو بہ وقت پنهنجي
شاعريءَ کي ڏئي ها تہ اڄ سنڌ هڪ ٻئي بين القوامي شاعر جو اثاثو رکندڙ ڌرتيءَ طور
ڄاتي سڃاتي وڃي ها. پر ان جي باوجود يوسف شاهين جيڪا ۽ جيتري شاعري سرجي آهي اھا
پڻ سنڌ جو اثاثو آهي. يوسف شاهين پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي ٻين لاتعداد موضوعن کي
پنهنجي فڪري ساڃاھ تحت تخليق جي قالب مان گذاري امر بڻائي چڪو آهي اتي سنڌ، سنڌ جي
خلقِ خدا، سنڌ جي آجپي، سنڌ جي نجات، ڇوٽڪاري ۽ سڪارَ جي سنيهنن سان گڏوگڏ سنڌ جي
سورهيہ سرويچن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جديد سنڌ جو سُر ڪيڏارو، سُر بلال، سُر ڀڳتي،
سُر بي مثل، سُر ڄام ٻانڀيڻو......... ۾ خراج پيش ڪندو رهيو آهي. جنهن ۾ پاڻ تازو
اضافو ڪندي ”سُر سورهيہ سنڌ“ تخليق ڪيو اٿائون.
سُر سورهيہ سنڌ بابت هن طرح
بيان ڪيو اٿائون تہ”سنڌ جي سورهيہ بادشاھ شهيد پير صبغت الله شاھ راشدي جي ياد ۾،
جنهن سنڌ کي آزادي ڏيارڻ خاطر، سنڌ تي قابض دنيا جي خوفناڪ ۽ انتهائي طاقتور فوجي
قوت ” انگريزن“ سان مهاڏو اٽڪايو ۽ هن ڌرتيءَ تان گهورَ ٿي ويو.
پير صبغت الله شاھ راشدي سنڌ جو
اهو ارڏو پٽ جنهن تي سنڌ سدائين نازُ ڪيو آهي ان کي سنڌ جي ٻئي عالم، اديب ۽ عظيم
سپوت يوسف شاهين پنهنجي شاعريءَ ۾ سُر سورهيہ سنڌ تخليق ڪري اهڙو تہ خراج ۽ مڃتا
پيش ڪئي آهي جو شايد سنڌ اندر يوسف شاهين جهڙي پائي جي ڪنهن شاعرَ، عالمَ ۽
اسڪالرَ دادُ بخشيو هجي. سڀاڻي جو مورخ جڏهن يوسف شاهين جي عهد جي تاريخ لکندو تہ
هاڻ اهو ضرور لکندو تہ ان وقت جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي مدِ نظر رکندي ۽
پنهنجي تاريخي فرض ۽ قرض جي حق ادائگي ڪندي پنهنجي عمر جي ان حصي ۾ يوسف شاهين
سورهيہ بادشاھ کي داد ڏئي سُر سورهيہ سنڌ لکي سنڌي قوم کي ڪهڙو پيغام ڏنو ھو؟!
سُر سورهيہ سنڌ ورائي ورائي
پڙهڻ جهڙو تہ سُر آهي ئي آهي پر سنڌ جا عاشق ان کي برزبان ياد ڪرڻ ۽ ور ور ڳائڻ،
وڃائڻ جي تمنا کي ترجيع ڏيندا رهندا. سُر سورهيہ سنڌ، سنڌ جي عاشقن جو اهو
مينيفيسٽو آهي جيڪو انهن کي وطن يا ڪفن جي نظرئي تان نثار ٿيڻ لاءِ اتساهي امرتا
بخشي ٿو. بقول سائين يوسف شاهين جي تہ،
وطن يا ڪفن، هر ڪنهين وات وائي
آسَ اٿن اِ هائي تہ آجا ٿين
انگڙا.
وطن يا ڪفن، هر ڪنهين وائي وات
آزادي، آزادي، تَنَ مَنَ اِهائي
تات
ماڻيندا نيٺ نجات، ڏکويل هن ڏيھ
جا.
سُر سورهيہ سنڌ ۾ يوسف شاهين
شاھ لطيف جي سُر سسئي جي طرز تحت چوي ٿو،
هڪڙو هيڪاندا هٿيار، ٻيو سُور
اٿن ساڻ
ٽيون ٽيڳرجي، پَڏائين پاڻ
چوٿون چارئي پَهرَ، مچائين
مانڌاڻ
پنجون پويان پيرا کڻي، ڪن ٿا
رتو ڇاڻ
ڇهون ڇڏائجي قبضو، سنڌ مٿان هاڻ
ستون سيرت ساڻيھ جي، سڀوئي
سرهاڻ
اٺون آزادي آزادي اُٿي مرادون
ماڻ
نائون ناحق نامنظور، تندُ حقاڻي
تاڻ
ڏھون ڏيھ ڏُکئي جا، سڀ عالم
عاقل آڻ
جي جابر جرنيل جي ڪين ڪڍن ڪاڻ
پوءِ پهرين سَٽَ ساڻ، آجا ڪيون
انگڙا.
سُر سورهيہ سنڌ ۾ يوسف شاهين
اتي دنگ نہ ڪيو آهي پر وڌيڪ چوي ٿو تہ،
پير ڊاھ هن پَٽَ تان، ڪو ڏيھ
ٻيو ڏور
هتي ڀڃي ڪن ڀور، ڏھ مٿا ڏاڍي
جا.
نئين سورھ سنڌ جو، ويهي ورد
ڪيوم
اول اعلان آزاديءَ جو، پورو ئي
پڙهيوم
اهو حَرفُ حقاني، مٿان کان
مليوم
ڏوري پوءِ ڏنوم، سَڏُ سموري سنڌ
کي.
نہ آهون نہ دانهون، نہ پويان ڪن
پيرَ
ويا هت وڃائجي، جنين ساڻ وير
ٿي انهن کي اويرَ، جن جيءُ مٺو
نہ ڪيو.
جناب يوسف شاهين انگريز سامراج
خلاف جتي سُر سورهيہ سنڌ ۾ جوڌن جوانن، مرد مجاهدن کي مهانتا بخشي آهي اتي سنڌ جي
نارين کي بہ هنن سٽن ۾ مانُ بخشيو آهي،
وينگس وَرَ کڻي، کنيا هٿيار هٿن
۾
پارسُ پدمڻي، وئي وڍيندي ويرين
کي.
هن سُر جي هيءَ وائي تہ پڙهي
ڏسو،
ڀڄو هن ڀونءِ تان، ويري! وَڳر
ساڻ
ڪکُ نہ ڏيڻو ڪنهن کي، هر ڪو چوي
هاڻ
ڀڄو هن ڀونءِ تان
موٽي وڃ ميسڻا، پيرا کڻي پاڻ
ڀڄو هن ڀونءِ تان
ويندين هِت وڃائجي، اڙي اڻ ڄاڻ
ڀڄو هن ڀونءِ تان
يار ” يوسف“ جا، ڪڍن ڪين ڪاڻ
ڀڄو هن ڀونءِ تان.
سنڌي بيت جي بادشاھ ۽ باغي شاعر
يوسف شاهين پاران سُر سورھيہ سنڌ، سرجڻ تي کيس ٻاجهاري سنڌ ٻَھہ ٻَھہ ٻَلهار پئي
وڃي ۽ سنڌ جا سورهيہ سورما ۽ عاشق سندس علم، عقل ۽ عرفان جي محرابن ۾ ھميشہ سجدھ
ريز رهندا.
(ڏھاڙي سوڀ ڪراچيءَ ۾ ۱ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
Notable
ReplyDelete