; سنڌي شخصيتون: March 2011

26 March, 2011

حاجي غلام شبير ڪليار - پرويز ڪليار

حاجي غلام شبير ڪليار
عوام کي انصاف ڏياريندڙ ايماندار پوليس آفيسر

پرويز ڪليار
سنڌ ڌرتيءَ اهڙين املهه ماڻڪ شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن هميشه عوام کي انصاف ڏياريو آهي. اهڙين شخصيتن ۾ ايماندار پوليس آفيسر حاجي غلام شبير ڪليار مرحوم جو نالو به آهي. حاجي غلام شبير ڪليار، ضلع نوشهرو فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ، ٻنڊي اٽل شاهه ۾ 1926ع ۾ جنم ورتو. ڪراچيءَ مان بي اي ۽ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾، شاگرديءَ واري وقت به سرگرم ڪردار ادا ڪيائين.

حميد سنڌي - پرويز علي ڪليار


حميد سنڌي
ناميارو اديب ۽ پروفيسر 
پرويز علي ڪليار
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار، حميد سنڌيءَ جو تعلق ضلعي نوشهروفيروز سان آهي. حميد سنڌيءَ جو پورو نالو؛ عبدالحميد ميمڻ آهي. پاڻ 12 آڪٽوبر 1939ع ۾ نوشهروفيروز ۾ اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد سنڌي تعليم ۾ بي اي ايڪنامڪس (اسپيشل سبجڪيٽ ايگريڪلچر ايڪنامڪس)، ايم اي ايڪنامڪس، ايل ايل بي، هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن مانچسٽر يونيورسٽي (يو ڪي) مان ڪئي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙيءَ طرح مختلف ادارن ۾، سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ، هن وقت پبلڪ اسڪول  لطيف آباد ۾ چيئرمين جي حيثيت سان خدمتون ڏيئي رهيو آهي.

راشد مورائي - ساجده چنه


راشد مورائي
سنڌ جو مزاحمتي شاعر 
 ساجده چنه
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ته ڪي وري دانائيءَ جي ڪري مهراڻ جون مالهائون ٿين ٿا. اها مالها جڏهن سمنڊ جي سپنن جيان سدائين سمنڊ ڪناري جرڪندي ۽ مرڪندي رهي ته ڪيڏي نه راحت ايندي هوندي. ايئن ئي ساهتيءَ جو سرموڙ شاعر سائين راشد مورائيءَ جي ٻهڪندڙ آواز ۽ سفيد وارن تي نظر پوندي آهي ته سندس جنم ڀومي جوڻالي ۾ اسريل گيت جهومي پوندا آهن. ساهتي پرڳڻي جي هن مهان قوي راشد مورائيءَ 5 مارچ 1944ع ۾ مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي، ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو.

ماسٽر چندر - شاهد چنه


 ماسٽر چندر
سنڌ جو مهان راڳي
شاهد چنه/ نوشهروفيروز
ساهتي خطي، اهڙن املهه ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن جون يادون ساري، اڄ به نيڻن مان نير وهي پوي ٿو. ضلعي نوشهروفيروز جي قديمي نارنگين واري شهر ٺاروشاهه ۾، سنڌ جي امر راڳي ماسٽر چندر جو جنم ٿيو. سندس گيت، جادوءَ جهڙو آواز ۽ من موهيندڙ مرڪ، ڄڻ ته مهراڻ جي امرت ڌارا جهڙا مٺڙا هيا. اڄ ڏينهن تائين سنڌ توڙي هند جو، ڏيهي توڙي پرڏيهي، ڪو به ديس واسي سندس گيتن کي وساري ناهي سگهيو.

پروفيسر منگها رام ملڪاڻي - شوڪت حسين شورو


پروفيسر منگها رام ملڪاڻي
سنڌي ننڍي ناٽڪ جو باني!
شوڪت حسين شورو
هونئن ته سنڌيءَ ۾ پهرئين ناٽڪ لکڻ جو اعزاز ميرزا قليچ بيگ کي حاصل آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ بي شمار ناٽڪ ترجمو ڪري، سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. بعد ۾ جديد ننڍا سنڌي ناٽڪ، جن کي ون ائڪٽ پلي يا يڪ فصلو ناٽڪ چئجي ٿو، سي پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ لکيا. هن جو جنم 14 ڊسمبر 1896ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ اُڌارام شيوڪرام خدا آبادي عامل زميندار هو. سندس پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي روشن خيال شخص هئا. منگهارام اسڪولي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ورتي. مٿس خاص ڪري ٻن ماسترن جو گهڻو اثر ٿيو. ٻنهي کي آدرشي استاد ڪري ڪوٺيو اٿس. هڪ غلام علي نانا هو، جيڪو ٻيون درجو پڙهائيندو هوس ۽ ٻيو وليرام آئلمل ٿڌاڻي هو، جنهن وٽ هو چوٿون ۽ ڇهون درجو پڙهيو هو. غلام علي نانا کيس انگريزي ٻولي صحيح نموني ڳالهائڻ ۽ لکڻ سيکاري. هن تي ڪن ٻين وڏين سنڌي هستين جو به اثر ٿيو هو. ساڌو هيرانند ۽ رشي ڏيارام گدومل سندس ٻن پڦين کي انگريزي ۽ سنسڪرت پڙهائڻ لاءِ گهر ۾ ايندا هئا. ديوان ڪوڙومل سندس پيءُ جو دوست هو ۽ گهر جي ويجهو رهندو هو. مضمون نگار ۽ لغت نويس پرمانند ميوارام سندس ماسات هو ته دوست به هو. ڪاڪو ڀيرومل مهرچند سندس ناٺي جو سئوٽ هو ۽ منگهارام کي پيار ڪندو هو. منگهارام پنهنجي شروعاتي دور جون لکڻيون ڇپجڻ کان اڳ ميرزا قليچ بيگ کي ڏيکاري راءِ وٺندو هو.
منگهارام جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ هو ته کيس ناٽڪن ۾ ڳائڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو. هو بمبئي يونيورسٽي پاران ورتل مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي سنڌ اندر چوٿون نمبر آيو ۽ پنهنجي اسڪول ۾ پهريون نمبر بيٺو، جنهن تي کيس 25 رپيا انعام مليو. انهن پئسن مان هن 17 ڪتاب خريد ڪري اچي پنهنجي گهر ۾ لائبريري ٺاهڻ جي شروعات ڪئي. منگهارام ڪراچيءَ ۾ اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هو ڪاليج ۾ تعليم سان گڏ ڊبيٽنگ، راڳ، ناٽڪ، ادب ۽ راندين ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو. ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ جو سيڪريٽري به ٿيو. هن کي مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ ۾ زنانو پارٽ ڪرڻ لاءِ مليو. هو اڃا ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو ته پيءُ جي زور ڀرڻ تي کيس شادي ڪرڻي پئي. هن 1919ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو. سندس پيءُ وڏي ڄمار جو ٿي چڪو هو. منگهارام پيءُ جو چوڻ مڃي اچي زمينداري سنڀالي. ٽنڊي محمد خان ۾ سندن ٻنيون هيون. زمينداريءَ جو اهو دور چار پنج سال هليو. جنهن ۾ کيس زمينداريءَ ۽ هاري جيوت جي آزمودن کانسواءِ، نويڪلائيءَ ۾ قدرتي نظارن جي وچ ۾ ادب پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ به گهڻو وقت مليو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٽئگور جي شاعريءَ کي پڙهڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. رسالي مان ڪجهه بيت چونڊي انگريزي نظم ۾ ترجمو ڪيائين ۽ اهي کڻي وڃي مرزا قليچ بيگ کي نظرثانيءَ ڪرڻ لاءِ ڏنائين. مرزا صاحب اهو ترجمو پڙهي، کيس شاباسي ڏني. منگهارام گرديو ٽئگور جي ”گارڊنر“ ڪتاب جو ترجمو نظماڻي نثر ۾ ڪيو، جيڪو ”پريت جا گيت“ نالي سان ڇپيو. ان دور ۾ منگهارام ملڪاڻي ناٽڪي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪار طور چمڪي اٿيو هو. 1920ع ڌاري، جديد سنڌي ناٽڪ جي وڏي نالي، خانچند درياڻي جيڪو منگهارام سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهيو هو، تنهن ناٽڪن جي ذريعي سماجي خرابين خاص ڪري ڏيتي ليتيءَ خلاف ناٽڪ لکڻ ۽ اسٽيج تي آڻڻ شروع ڪيا هئا. هن انهن موضوعن تي 25 کن ڪتاب لکيا هئا، جن مان اڌ اصلوڪا ۽ اڌ اُلٿو ڪيل هئا. انهن مان ڪافي ناٽڪن ۾ منگهارام هيرو جا ڪردار ادا ڪيا هئا. خانچند ۽ منگهارام، بزرگ اديبن لعلچند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام ۽ هيرانند آڏواڻيءَ جي ساٿ ۽ سهڪار سان 1923ع ۾ ”رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئمٽڪ ڪلب“ برپا ڪئي. ان جو مهورت گرديو ٽئگور پاڻ پنهنجن هٿن سان حيدرآباد ۾ اچي ڪيو. منگهارام ملڪاڻي ان ڏهاڙي کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ڏاڍي اتساهه ۽ امنگ سان مهينو کن محنت ڪئي. ٽئگور جي شاعري ۽ سندس ناٽڪ ”چترا“ مان انگريزيءَ ۾ هڪ ڏيک سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جو سواد وٺائڻ لاءِ هڪ مذاقي چهچٽو به شامل ڪيو ويو. ائڪيڊمي اسڪول جي جيڪب هال ۾ گرديو جي سامهون پروگرام پيش ڪيو ويو. منگهارام ملڪاڻيءَ جي چوڻ موجب ٽئگور جهڙي اعليٰ هستيءَ جي اڳيان ڪلچرل پروگرام ڏيکارڻ لاءِ جگر کپندو هو. پردو مٿي کڳو ته پوءِ ڇا ٿيو، ان جي منگهارام کي ڪا خبر نه پئي. اسم پٺيان اسم ٿيندو رهيو ۽ هال ۾ تاڙين جو ڦهڪو پوندو رهيو. ٻئي ڏينهن ڄيٺمل پرسرام، منگهارام کي نياپو موڪليو ته گرديو توسان ۽ ٽهلرام آڏواڻيءَ سان ملڻ چاهي ٿو. ٽهلرام ناٽڪ ۾ زنانو پارٽ ڪيو هو. گرديو ٽئگور ٻنهي جي ڪم جي ساراهه ڪئي ۽ کين پاڻ سان گڏ ناشتو به ڪرايو. ڪچهري ڪندي گرديو کين چيو؛ ”اوهان جو سنڌيءَ ۾ کلائيندڙ نقل به پسند پيم. ٻوليءَ سمجهڻ کانسواءِ به مطلب سمجهي ويس ۽ خوب کليم.“ ڄيٺمل پرسرام ٻڌايس ته؛ ”اهو ٽڪر اسان جي برک ليکڪ مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ مان ورتل هو.“ ناشتو ختم ٿيڻ کان پوءِ گرديو هنن کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر اماڻڻ آيو ۽ موڪلاڻي ڪندي چيائين؛ ”شال ناٽڪ منڊلي وڌي ويجهي، منهنجي آسيس اٿو.“ گرديو ٽئگور جي هٿن سان مهورت ڪيل هيءَ ناٽڪ منڊلي، سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. ان 15 سالن جي عرصي ۾ ٽيهارو کن جديد حقيقت نگاريءَ وارا ناٽڪ پيش ڪيا. منگهارام ملڪاڻي انهن مان ڪيترن ۾ اداڪاري به ڪئي ته ڪن جي هدايتڪاري به. خانچند درياڻيءَ جي ناٽڪن جهڙوڪ ”ملڪ جا مدبر“، ”بک جو شڪار“ ۽ ”زماني جي لهر“ ۾ هن يادگار ڪردار ادا ڪيا. درياڻيءَ جي اصلوڪي ۽ اهم ناٽڪ ”زمينداري ظلم“ (1928ع) ۾ منگهارام هڪ پير مرد مظلوم هاريءَ، دلمراد جو ڪردار ڪماليت سان ادا ڪيو. خانچند درياڻي، بعد ۾ سنڌ ڇڏي بمبئي ۾ وڃي فلمي دنيا ۾ گهڙيو. هن پنهنجي پهرين فلم ”انسان يا شيطان“ (1933) ۾ منگهارام کي هيرو جو پارٽ ڏنو. هيروئن جدن ٻائي (نرگس جي ماءُ) هئي. فلم جو ڊائريڪٽر موتي گدواڻي هو. خانچند درياڻي جي بمبئي وڃڻ سبب رابندر ناٿ ناٽڪ منڊلي کي وڏو نقصان رسيو. البته منگهارام کي فلمي دنيا پسند نه آئي، ان ڪري موٽي آيو. منگهارام ملڪاڻيءَ سنڌي ننڍي ناٽڪ کي حقيقت نگاري وارو ماڊرن ون ائڪٽ پلي بڻايو. هن 25 کن ناٽڪ جوڙي سنڌي يڪ فصلو ناٽڪ کي سماجي سڌاري جو واهڻ بڻايو. ”پاپُ ڪين پِڃَ“، ”بٽئي“ ۽ ”ٽي پارٽي“ اسٽيج تي نهايت مقبول ٿيا هئا.
منگهارام پنهنجين ٻنين تي هو ته کيس ڊي-جي-سنڌ ڪاليج جي پرنسپل شهاڻي وٽان نياپو آيو ته ڪراچيءَ اچ ته انگريزي فيلو ڪري رکانءِ. پيءُ سندس مرضي ڏسي، کيس موڪل ڏني. منگهارام کي هاسٽل جو وارڊن به ڪري رکيو ويو. اڳتي هلي ليڪچرر ۽ پوءِ پروفيسر ٿيو. هاڻي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي سڏجڻ لڳو. دادا جشن واسواڻي ۽ پروفيسر احمد علي خواجه (مشهور ليکڪ خيرالنساءُ جعفري جو والد) سندس شاگرد هئا. ورهاڱي کانپوءِ پروفيسر ملڪاڻي پنهنجن ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سان گڏ بمبئي لڏي آيو. اتي جئه هند ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر ۽ شعبي جو اڳواڻ مقرر ٿيو. ان وچ ۾ هن جيڪو پهريون ڪتاب لکيو، سو هو ”ادبي اصول“ جنهن ۾ نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن جا اصول سمجهايل آهن. ان کانسواءِ هو ادبي تاريخ ۽ تنقيدي ليک ۽ ڪتابن تي تبصرا لکڻ لڳو. سندس شاهڪار ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ آهي، جيڪو 1968ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان تي کيس ساهتيه اڪادمي جو انعام مليو. ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“، ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جي سما لوچنا“، ”پڇمي ياترا“ (سفر نامو)، ”ساهتڪارن جون سمرتيون“ ڪتابن کان سواءِ ”جوانيءَ جا جذبا ۽ پيريءَ جون يادون“ سندس نظماڻي نثر جو مجموعو آهي.
پروفيسر ملڪاڻي انڊيا ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌيت هلچل ۾ هڪ رهبر طور ڪم ڪيو. اها هلچل بمبئي جي ”سنڌي ساهت منڊل“ طرفان 1949ع کان شروع ٿي هئي. پروفيسر ملڪاڻي 13 سال ان جو پريزيڊنٽ چونڊبو رهيو، جيستائين هو ڪاليج مان رٽائر ڪري پنهنجي پٽ وٽ ڪلڪتي ۾ وڃي رهيو. پروفيسر ملڪاڻي آخري گهڙيءَ تائين سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهيو. هن 84 ورهين جي ڄمار ۾ پهرين ڊسمبر 1980ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

25 March, 2011

ڊاڪٽر فهميده حسين


ڊاڪٽر فهميده حسين

نامور ليکڪا، اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر فهميده حسين، 5 جولاءِ 1948ع تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ پنهنجي وقت جي مثالي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم حيدرآباد جي مسلم گرلس اسڪول مان، سيڪنڊري ڪجهه عرصو ميران اسڪول مان پڙهي ۽ پوءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد  ۾ داخل ٿي. جتان 1964 ۾ امتيازي نمبرن سان  مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1968ع ڌاري، ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس سي ڪري، 1970ع ۾  ايم. اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اتان ئي 1972ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. ٻنهي ڊگرين ۾ ٻيو نمبر پوزيشن حاصل ڪيائين. 1981ع ۾ ايل. ايل. بي ۽ 1990ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما به ڪيائين. ڊاڪٽر صاحبه ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ عنوان هيٺ 1992ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ڊاڪٽر اياز قادري (مرحوم) سندس پي. ايڇ. ڊي گائيڊ رهيو.

تاج صحرائي - آزاد انور ڪانڌڙو


تاج صحرائي 
سنڌ جو باڪمال شاعر
 آزاد انور ڪانڌڙو
شڪارپور ۽ دادو، علمي ۽ ادبي، ثقافتي ۽ صحافتي، ديني ۽ دنوي تعليم، سماجي ۽ سياسي حوالي سان زرخيز ضلعا رهيا آهن. ٻنھي ضلعن ۾ جنم وٺندڙ شخصيتن، پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ مثالي ڪم ۽ ڪردار ادا ڪري، نه صرف پنهنجو پر پنهنجي جنم ڀوميءَ جو نالو پڻ روشن ڪيو آهي.
سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق، تاريخدان ۽ صحافي، سائين تاج صحرائيءَ جو جنم ته شڪارپور ۾ 14 سيپٽمبر 1901ع تي نورمحمد ميمڻ جي گهر ۾ ٿيو پر هن زندگيءَ جو وڏو عرصو دادوءَ ۾ گذاريو. پاڻ صحافتي زندگيءَ جي شروعات 1948ع کان ڪيائين. سندس هفتيوار اخبار ”آواز“ ان دور ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. پاڻ، ان دور ۾، تعليم جي اڻ هوند واري صورتحال کي ڏسندي، تعليمي حوالي سان دادوءَ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيائون ۽ دادوءَ ۾ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول قائم ڪيائون، جيڪو اڄ به قائم دائم آهي.

پروفيسر محبوب علي چنه - علي اصغر اوٺو

پروفيسر محبوب علي چنه
شخصيت ۽ عملي، ادبي خدمتون
علي اصغر اوٺو
وادي مهراڻ جي هن سون ورني ڌرتي تي ڪيترا ئي قديم ۽ تاريخي شهر اڄ به موجود آهن. انهن قديم شهرن مان (سيوستان) سيوهڻ به هڪ اهم ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو. سيوهڻ شهر نه رڳو تاريخي شهر آهي پر ان سان گڏ علم ۽ ادب جو مرڪز پڻ رهيو احي. هي شهر ادبي ميدان ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو.
هن شهر ڪيترا ئي علم ۽ ادب جا گوهر پيدا ڪيا آهن. انهن گوهرن مان مرحوم پروفيسر محبوب علي چنه به هڪ شخصيت ٿي گذريو آهي.

20 March, 2011

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي - قريشي حامد علي خانائي


علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
قريشي حامد علي خانائي
سنڌ جي سر زمين، هر دؤر ۽ هر زماني ۾ اهڙين تواريخ ساز شخصيتن ۽ بزرگن، وطن دوست ۽ انسان ذات جو دل ۾ درد رکندڙن کي جنم پئي ڏنو آهي، جن جي علمي، ادبي، ديني ۽ پرخلوص سياسي ڪارنامن سبب ڀاڳن ڀريءَ سنڌ جو هميشه ڳاٽ اوچو رهيو آهي. خاص طرح، گذريل ويهين عيسوي صديءَ اهڙين مخصوص شخصيتن ۽ هستين کي پيدا ڪيو، جن پنهنجي پرخلوص جدوجهد ۽ ڪوششن سان نه صرف سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي قائم ۽ سلامت رکڻ ۾ پنهنجي حياتيءَ جي هڪ گهڙي به اجائي نه گنوائي، پر سنڌ جي تهذيب ۽ ارتقا کي دنيا جي ٻين سڌريل، مـُـهذب ۽ متمدن ملڪن جي درجي تائين رسائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي نه ڪئي ۽ سنڌ کي سموريءَ دنيا سان گڏ برصغير ۾ پڻ وڏي عزت ۽ وقعت جي نگاهه سان ڏسڻ جي لائق بڻايو.

ايڇ. ايم. خوجا - قريشي حامد علي خانائي


ايڇ ايم خوجا
قريشي حامد علي خانائي
سنڌ جو مشهور تعليمي ماهر، قومي خدمتگار ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو شيدائي، ايڇ.ايم.خوجا (حاجي خان مهر علي خوجا) تاريخ 9- جمادي الثاني 1420هه/ 20- سيپٽمبر 1999ع تي سومر ڏينهن منجهند جو ٻين بجي 92 ورهين جي ڄمار ۾، سنڌ جي تواريخي شهر حيدرآباد ۾، هن فاني جهان مان رحلت ڪري ويو.
خوجا صاحب سنڌ جو هڪ ساده دل، اصلاح پسند، غريبن ۽ مسڪينن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي ۽ انقلابي طبع جو مالڪ هو. هن پنهنجي سموري زندگي سنڌي قوم جي تعليمي خدمت  ۽ علم جي شمع جي روشني ڦهلائڻ ۾ پوري ڪئي. دراصل،خوجا صاحب جي تعليمي ۽ علمي حيثيت هڪ امرِ جا ودان آهي. سنڌ جي مرڪزي شهر نوابشاهه ۾، جيستائين سندس قائم ڪيل ايڇ. ايم.خوجا گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم آهن، تيستائين سندس ياد هميشه قائم ۽ دائم رهندي!

سيد عبدالحسين موسوي - قريشي حامد علي خانائي


سيد عبدالحسين موسوي
قريشي حامد علي خانائي
سيد عبدالحسين موسوي، روهڙيءَ جي موسوي سادات مان هو. سندس والد، سيد وڌيل شاهه موسوي پڻ پنهنجي وقت جو وڏو  عالم، اديب، صحافي ۽ هڪ ڪامياب استاد ۽ اعليٰ درجي جو منتظم ٿي گذريو آهي.
سيد عبدالحسين موسويءَ 21- رمضان المبارڪ 1319هه/ 3- جنوري 1902ع تي خميس ڏينهن شام جو ستين بجي، پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. روهڙيءَ جو شهر، قديم زماني کان وٺي علم ۽ ادب جو گهوارو پئي رهيو آهي. علمي گهراڻي ۾ جنم وٺڻ سان گڏوگڏ، شاهه صاحب جي ذهن ۽ طبيعت تي هن علمي ادبي شهر جي ماحول جو پڻ فطرتي طور تي اثر پيو.

سيد عطا حسين موسوي - قريشي حامد علي خانائي


قريشي حامد علي خانائي
سيد عطا حسين موسوي، سنڌ جي وڏي بلند مرتبي جي عالمن، اديبن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ هو. پاڻ ميرڪي سادات گهراڻي جو چشم و چراغ هو. سندس والد جو نالو، سيد وڌيل شاهه هو.(1) شاهه صاحب 12- جمادي الثاني 1316هه/28- آڪٽوبر 1898ع تي پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو.

عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ - قريشي حامد علي خانائي


عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ 
قريشي حامد علي خانائي
عبدالرزاق بن عبدالسلام ميمڻ (2)، ساهتي پرڳڻي جي قديم تواريخي شهر، نوشهري فيروز جي بلند مرتبي جي عالمن، فاضلن، اديبن، شاعرن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ ٿي گذريو آهي. پاڻ نوشهري فيروز جي مشهور صابـُـوگرن جي محلي (3) جو رهندڙ هو. سندس زندگيءَ ۽ علمي ۽ ادبي ڪارنامن جي باري ۾، هن وقت تائين سنڌ جي ڪنهن به  مؤرخ ۽ تذڪري نگار ڪوبه احوال بيان نه ڪيو آهي. ازان سواءِ، سنڌي زبان ۽ ادب جي تواريخ مـُـرتب ڪندڙن پڻ هن علمي شخصيت کي پنهنجن تواريخن ۾ بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. ايتري قدر، جو اسان جو نئون نسل، هن بي مثل عالم، اديب ۽ شاعر جي علمي ڪارنامن کان پوريءَ طرح سان ڪنهن به صورت ۾ واقف نه آهي. عبدالرزاق عبدالسلام جو مشهور ناول جهان آرا ورهين کان ٻارهين (انٽر) ڪلاس تي سنڌي مضمون جي سلسلي ۾، نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. ليڪن، مصنف جي متعلق، شاگردن خواه عام پڙهندڙن کي هن بلندپايي جي نثرنگار ۽ شاعر جي باري ۾ ڪابه مفصل ڄاڻ حاصل نه آهي. عبدالرزاق عبدالسلام جي باري ۾ تمام گهڻي ڳولا ۽ جستجوءَ کان پوءِ، سندس متعلق جيڪي ڪجهه احوال دستياب ٿي سگهيو آهي، ان جي بيناد تي سندس حياتيءَ جو احوال ۽ سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي ڪارنامن کي مرتب ڪري، هتي پيش ڪجي ٿو.

18 March, 2011

سيد الهندو شاهه - شاهد چنه


سيد الهندو شاهه
شاهد چنه
جڏهن برصغير ۾ تعليم جي کوٽ هئي ته ان وقت سنڌ جي آفندي خاندان جيان ساهتيءَ جي سپوت سيد الهندو شاهه 33 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ 1883ع ڌاري مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جوڙايو، انهي مڪتب مان ڪيترا ئي عالم اديب پڙهي نڪتا. علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي ڊاڪٽر دائودپوٽي تائين، کوڙ سارا سنڌ جا ماڻهو جيڪي علمي روشنيءَ کان وانجهيل هئا انهن اها علمي لاٽ اتان ئي حاصل ڪئي. سيد الهندي شاهه جون ڪوششون علمي حوالي سان ساراهڻ جوڳيون هيون. ڇو ته برطانوي راڄ دوران، سنڌ ۾ تعيلم جو فقدان ۽ اڻهوند انتهائي حد کان وڌيڪ هئي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي، سيد الهندي شاهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ علمي مڪتب کولي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. اهو ئي سبب آھي جو، هن وقت به هند توڙي سنڌ ۾، جن به هن مڪتب مان علم جي روشني حاصل ڪئي، سي اڄ به سيد الهندي شاهه کي ياد ڪري سندس فضيلتن جو بيان ڪندي کيس ساراهين ٿا.
حقيقت به اها آهي ته سنڌ جي هن سپوت پاران، جيڪڏهن هي مدرسه هاءِ اسڪول ۱۹هين صديءَ ۾ نه جڙي ها ته ڪيترا ئي عالم اديب، جنم نه وٺن ها. افسوس جو سنڌ حڪومت کان وٺي ڪنھن ساڃاهه وند تائين، ڪو به هن کاهوڙي ڪردار جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. نه وري ڪڏهن سندس جوڙايل مڪتب ڏي، ڪنھن منهن ورائي ڏٺو آهي ته ان جي حالت، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪهڙي بڻجي وئي آهي. اهي هاسٽلون، اهي ڪلاس روم ۽ سندس جوڙايل انهيءَ پارڪ ۽ لائبريريءَ جو هن وقت نشان به نظر نٿو اچي. ان تباهيءَ تي ٻيو ڪو ڳوڙها ڳاڙي نه ڳاڙي پر درٻيلي ۾ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي، ھيءُ جھان ڇڏيندڙ، سيد الهندي شاهه ضرور لڙڪ لاڙيا هوندا. ڪيڏي نه افسوس جوڳي ڳالهه آهي، جو سندس جوڙايل تاريخي مدرسه هاءِ اسڪول کي سوا صدي گذري چڪي آهي پر هن وقت تائين ان جي تاريخي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙي به سرڪار ڪردار ادا ناهي ڪيو.
جنهن جي ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سيد الهندي شاهه جي خدمت ۽ وقار کي جيڪڏهن اڳتي وڌائڻو آهي ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ان جي ٻاريل شمع کي روشن ڪرڻو پوندو.
اڄ به سيد الهندي شاهه کي سنڌ ساري ٿي. ان جي مڪتب ڏانهن نهاري ٿي. چوي ٿي ته؛ سيد الهندي شاهه جي ٻاريل شمع کي اچو ته روشن ڪريون. افسوس جو سنڌ جي ٻين عظيم هستين جيان سيد الهندو شاهه به سنڌ کان وڇڙي ويو. سڄي سنڌ توڙي هند، کيس اڄ به خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو- منير چانڊيو


ڪامريڊ تاج محمد ابڙو
 منير چانڊيو
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو صاحب، سنڌ جو هڪ محب وطن ۽ انسان دوست اديب، سياستدان، صحافي، استاد ۽ سماج سڌارڪ هو. جنهن سنڌ ۾ پورهيت، مظلوم ۽ محڪوم عوام جي حقن لاءِ ۽ جاگيرداراڻي ۽ طبقاتي نظام جي ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ٻين سمورين بڇڙاين جي خلاف جدوجھد ڪئي. هن سنڌ ۾ علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ قومي نئين سجاڳيءَ لاءِ ۽ سماجي انصاف ۽ برابريءَ لاءِ پنهنجو پاڻ ارپي ڇڏيو.

استاد پيرل قمبر - رسول بخش ابڙو


استاد پيرل قمبر
ڏاڍو وئين ڏک ڏيون، محبت جي هن ماريل کي
استاد پيرل قمبر 17 جولاءِ 1933ع تي بُٺيءَ لڳ مبارڪ ڪلهوڙو تعلقو ميروخان ۾ امام بخش ’عاصي‘ سومرو جي گهر جنم ورتو. سندس ڇٺيءَ جو نالو پير محمد سومرو رکيو ويو، پاڻ پرائمري استاد هوندي سنڌي تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪري ڪيترائي ذهين شاگرد پيدا ڪيائين. هو اسڪولي ۽ شاعري جي شاگردن جي وچ ۾ اڪثر ڪري مقابلا ڪرائي کين پنهنجي ذاتي پئسن مان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏيندو هيو. هن شاعري جي شروعات 1950ع ۾ ڪئي. غزل، گيت، وائي، حمد، نعت ۽ چوءَ سٽو سميت هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. 1950ع ۾ کيس مجازي عشق پيرمحمد مان پيرل قمبر بڻائي ڇڏيو. سندس شاعري جو ڏانءُ اهڙو هو جو ان جي ٻيڙي دُکائڻ کان ختم ٿيڻ تائين ڪو نه ڪو غزل گيت، ڪافي، وائي يا چئو سٽو تيار ڪري وٺندو هو. ان ۾ شاعري جو سمنڊ سمايل هو. سندس شاعري جي لفظ لفظ ۽ سٽ سٽ ۾ ساهه ڀريل آهي ۽ شاعري ۾ بلند خيالي تمام گهڻي آهي.

شير ميربحر - ذوالفقار خاصخيلي


 شير ميربحر 
رستم سنڌ پهلوان
- ذوالفقار خاصخيلي

سنڌ جي قومي ملهه جو سدا حيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر، ۲۱ جون ۱۹۲۴ع ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندس سڄو ڌيان ملهه جي طرف هو. شروعاتي دور ۾ ننڍن ملاکڙن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ان وقت ۾ سنڌ ليول تي نئون ديرو ضلع لاڙڪاڻو ۾ زبردست ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ هن پهلوان پهرين جوڙ جي مشهور ملهه پهلوان اقبال جوڳي، پنڃل مهر ۽ هنڊال مڪراني کي شڪت ڏئي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀاءُ امداد علي ڀٽو طرفان رکيل انعام حاصل ڪيو.

لڇمڻ ڪومل- شاعر- شوڪت حسين شورو

لڇمڻ ڪومل
شاعر، ليکڪ ۽ صحافي
شوڪت حسين شورو
لڇمڻ ڪومل 26 مارچ 1936ع ۾ ڪنڊياري، ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو. سندس جنم جو نالو لوڪومل پٽ ديوان چيلارام، آڪهه ڀاٽيا آهي. هن جو ڏاڏو ديوان جاڙومل ڀاٽيا وڏو زميندار هو، جنهن جون زمينون ڊبڀري (درٻيلي) ۾ هيون. لڇمڻ جو پيءُ ديوان چيلارام فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو. هو هڪ ذهين، پڙهيل ڳڙهيل ڪامورو هو ۽ کيس انگريزي ۽ فارسي ادب جو چڱو مطالعو هو. هن لڇمڻ کي شيخ سعدي جو گلستان بوستان واتي ويڻي ياد ڪرايو هو. لڇمڻ پنهنجي والد جي اصرار تي شام جو مسجد جي آخوند وٽ فارسي ۽ اردو پڙهڻ ويندو هو. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هن جي تعليم سنڌي ۽ انگريزي ۾ ٿي. هو نوَن سالن جي عمر ۾ نوابشاهه جي ولس هاءِ اسڪول ۾ انگريزي جي پهرئين درجي ۾ داخل ٿيو. ڪيرت ٻاٻاڻي ان اسڪول ۾ ماستر هو. ورهاڱي وقت نوابشاهه جو ڪليڪٽر مسعود علي خان هو، جنهن بعد ۾ پاڻ کي مسعود کدر پوش سڏايو. هن نوابشاهه مان لڏي ويندڙ سنڌي سکن جي پنجاهه سٺ ڪٽنبن جو ٽرين ۾ قتلِ عام ڪرايو هو. ان واقعي سبب نوابشاهه جي سنڌي هندن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، اهي لڏي انڊيا وڃڻ لڳا. مسعود ڪليڪٽر ديوان چيلا رام کي هڪ طرح سان نظربند ڪري انڊيا لڏي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو. چيلا رام پنهنجي وڏي پٽ لڇمڻ کي سندس ماءُ، ٻن ڀائرن ۽ ٻن ڀينرن سان گڏ لڪ چوريءَ ڪراچيءَ روانو ڪيو. اهي سوامي نارائڻ مندر ۾ ٺهيل ڪئمپ ۾ اچي ترسيا ۽ 8 مارچ 1948ع تي پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي انڊيا روانا ٿيا. جهاز سمنڊ ۾ خراب ٿي بيهي رهيو، پنج ڏينهن ٿي ويا، کاڌو پيتو ختم ٿي ويو. جهاز ۾ چڙهيل سوين ٻار بک ۾ بي حال ٿي روئي رهيا هئا. لڇمڻ جي ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي به حالت خراب ٿي وئي. جهاز مرمت ٿيڻ کان پوءِ اوکا بندر تي اچي سهڙيو. لڇمڻ وارا پهرين اجمير ۾ اچي رهيا، اتي ڪو بلو نه ڏسي ڀرتپور، احمد آباد ۽ آگري جي شهرن مان دربدر ٿيندا، تنگدستي ۽ غربت جون تڪليفون سهندا، ڪانپور ۾ پنهنجي پڦيءَ وٽ اچي ترسيا. اتي لڇمڻ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ هاسو کي هڪ  سئنيما جي مئنيجر شهر ۾ فلمن جي پوسٽرن لڳائڻ جو ڪم ڏنو. لڇمڻ کي روزانو هڪ رپيو ۽ هاسي کي اٺ آنا ملندا هئا. لڇمڻ ان سئنيما هال جي ٻاهران فلمي گانن جون چوپڙيون پڻ وڪڻڻ شروع ڪيون، جنهن مان رپيو ڏيڍ ڪمائي وٺندو هو. ڪانپور ۾ رهندي هنن جيئن تيئن ڪري اڌ ڍئو اڌ بک تي چار سال گذاريا. ان عرصي ۾ ديوان چيلا رام سان سندن ڪو به رابطو نه ٿيو هو، جيڪو اڃا سنڌ ۾ رهيل هو. نيٺ هن ڪانپور ۾ اچي پنهنجي ڪٽنب کي ڳولي لڌو. نوابشاهه مان نڪرڻ وقت لڇمڻ جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ ڌنو ٻن سالن جو هو ۽ هينئر ڇهن سالن جو ٿي چڪو هو. ديوان چيلا رام هن جي لاءِ ڌاريو ماڻهو هو، هن لڇمڻ کان آهستي پڇيو ته هي ڪير آهي؟ لڇمڻ کيس ٻڌايو ته هي پنهنجو پيءُ آهي. ان تي ڌني چيو : ”پيءُ آهي!“ ”پر هي ماڻهو رات جو سمهندو ڪٿي؟“ اڄ ڌنو انڊيا جي کاڌ خوراڪ واري هڪ وڏي اداري فوڊ ڪارپوريشن ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. لڇمڻ جو ٻيو ڀاءُ هاسو آمريڪا جي مشيگان رياست ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. ورلڊ بئنڪ هن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاور پراجيڪٽ لڳائڻ لاءِ موڪليندي آهي، هن جو شمار دنيا جي ڏهن پاور پراجيڪٽ ماهرن ۾ ڪيو وڃي ٿو.

17 March, 2011

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ - نصير مرزا


شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ
نصير مرزا
بطور ليکڪ هن حيرت انگيز حد تائين ڊسيپلن سان حياتي گذاري ۽ سنڌي ادب لاءِ لاتعداد مثالي ڪتاب لکي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڇاهتر ورهين جو ٿي، نيٺ پنهنجي جنم ڀوميءَ حيدرآباد ۾، ”بلند شاهه“ جي نالي سان معروف اباڻي قبرستان ۾، پنهنجي جيئري ئي ٺهرايل لحد ۾ هن وقت سڪون سان سُتو پيو آهي، جنهن بابت هُن پاڻ ئي پنهنجيءَ هڪ رباعيءَ ۾ چيو هو:
مون آهي مري مري وسايو توکي،
ٻيو سڀڪي ڇڏي، اچي ورايو توکي،
ڇو ٻَکُ نه وجهي سمهان آئون توکي، اي قبر،
مون ساهه ڏيئي آهي وٺايو توکي.
قليچ صاحب جي وصال کي اجهو اڄ لڳ ڀڳ اوترائي ورهيه ٿي چڪا آهن، جيترن ورهين جي ڄمار ۾ هيءُ جهان پاڻ خوشي خوشي ڇڏيو هئائون.

شمس العلماءُ علامه دائود پوٽو - پير علي محمد راشدي


شمس العلماءُ علامه دائود پوٽو
  پير علي محمد راشدي
ست ورهيه سنڌ  کان ٻاهر رهڻ بعد، 1962ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ موٽي اچي ڏٺم ته ان عرصي اندر ڪيترا ئي ساٿي ساٿ سهيڙي وڃي جنت ۾ جائگير ٿيا هئا. سندن ماڳ، سندن سانگ موجود هئا. اهي ٿر، اهي بر، اهي پنڌ، اهي پيچرا، اهي گهٽ، اهي گهيڙ، اهي اڱڻ، اهي آستان- فقط جوءِ اندر جـَـتن جو پنهنجو پـَـرو ڪو نه هو.
لڏي ويا ڇڏي ڪاهي ڌڻ ڌنار،
نڪا ٻيڪ ٻڪر جي نڪا تڙ تنوار!
 انهن وڇڙي ويل ويڙهيچن جي ياد وسرڻ جي نه آهي. هر هڪ جي صورت هينئر به پئي اکين اڳيان ڦري. ڊاڪٽر دائود پوٽو، عثمان علي انصاري، مولانا  محمد صادق راڻيپوري، حڪيم شمس الدين، سيٺ محمد جعفر خواجو، پير عبدالغفار شاهه، مولوي عبدالحي حقاني، نسيم تلوي، علي احمد خان افغان بيچانجي وارو. هر هڪ پنهنجي جاءِ تي جانب، لائڻ ۽ نباهڻ جو لائق، وساريي نه وسري. ڪنهن جو قصو ڪري ڪنهن جو قصو ڪجي، سواءِ هن جي ته:

ڄام ڪانڀو خان - نور سنڌي


سنڌ جو مشهور سخي ڄام ڪانڀو خان
نور سنڌي
سنڌ ۾ اها چوڻي اڄ به مشهور آهي ته يار تون ته اسان لاءِ ڄام ڪانڀو ته نه آهين. ها ڄام ڪانڀو خان سنڌ جو مشهور سخي مڙس ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌ جي اهم ڄام جوڻيجو جي خاندان مان هو. پاڻ 1305ھ ۾ وقت جي وڏي جاگيردار نواب ڄام محمد شريف جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان سچار غريبن جو همدرد ۽ غريبن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندڙ هو. ڄام ڪانڀو خان جي سخاوت، نه صرف ڄام نوازعلي واري علائقي ۾ پر ان وقت جي سنڌ هند ۾ مشهور هئي. پاڻ روزانه فجر جي نماز پڙهي، نوڪرن کان ڪاٺ جي هڪ وڏي صندوق، جنهن ۾ چانديءَ جا رپيا هوندا هئا، سامهون رکرائي رات دير تائين ايندڙ ضرورتمندن سوالين کي ٻڪ ڀري ڏيندو هو. وڏي سخي هئڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز به هو. اوطاق تي ايندڙ مهمانن توڙي فقير فقراءَ لاءِ هڪجهڙي ماني، ڍاڪونءَ ۾ ڍڪجي ايندي هئي. پاڻ صوفياڻه راڳ جو به وڏو شوقين هوندو هو. ڀلا گهوڙا، مهري اٺ، ڀلا ڏاند، ڀليون مينهون، ڀليون ٻڪريون رکڻ جو به شوقين هو. وٽس 2 سئو کان وڌيڪ ڀلا گهوڙا هوندا هئا. سخي اهڙو جو ڪيترا ئي سوالي مينهون يا ڍڳا ۽ ٻئي چوپائي مال سان گڏ، گهوڙا سي به سٺن سنجن سان ڏيڻ جي سين هڻندا هئا ته کين اهي به ڏئي ڇڏيندو هو. سياست کان پري هو. سياست وارو ڪم پنهنجي ڀائرن نوابزاده ڄام جان محمد خان ۽ نواب زاده ڄام مٺا خان جي حوالي ڪري ڇڏيو هيائين. مٿيان ٻئي نواب، بمبئي اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا ۽ ان حيثيت سان سنڌ ۾ سٺا ڪم ڪرايائون. ڄام ڪانڀو خان لاءِ اهو مشهور آهي ته پاڻ پنهنجي مرشد حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ، سوين نوڪرن سان گڏ ڀٽ شاهه ويندي نازڪ نفيس هئڻ جي باوجود ڀٽ شاهه کان ٻه ڪوهه پري، نوڪرن سميت گهوڙن تان لهي پير اگهاڙا ڪري پيرين پنڌ مزار تي حاضري ڏيندا هئا. ايئن ٻه ٽي راتيون رهي، وڏيون خير خيراتون ڪندا هئا ۽ پاڻ سان آندل چانديءَ جي ٽڪن جو خرزينون فقير فقراءَ ۾ ورهائيندا هئا. لطيف جي عرس مبارڪ ۾، زائرين لاءِ سندن پاران لنگر عام هلندڙ هوندو ھو.
ملاکڙي ۾ به ملهن کي ٽڪن جا ٻڪ ڀري ڏيندا هئا ۽ ميلي ۾ فنڪارن سان به اهڙي سخاوت ڪندا هئا. پاڻ بهترين گهوڙي سوار به هئا. سندس ويجهن دوستن ۾ سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ مٽياريءَ وارو، سر شاهنواز ڀٽو، نواب نبي بخش خان ڀٽو، نواب غيبي خان چانڊيو، مير بنده علي خان ٽالپر به شامل هئا. پاڻ محفلن جو مور ۽ ڳوٺاڻي ڪچهرين سان دلچسپي رکندو هو. روزي نماز جو پابند، سنڌ جي ڪيترن ئي بزرگن سان عقيدت رکندڙ هو. بزرگن جي ميلن ملاکڙن ۾ وڃي نه صرف لنگر نياز ڪندو هو پر ملهن ۽ فنڪارن کي به دل کولي ٽڪن جا ٻڪ ڀري ڏيندو هو. سنڌ جو هيءُ عظيم سخي 1374 هه ۾ 9 ربيع الثاني تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصال جي خبر باهه وانگر سنڌ هند ۾ پکڙجي وئي. چون ٿا ته تعزيت ڪندڙن جو سلسلو سڄو سال جاري رهيو. ڇاڪاڻ ته ان وقت سوارين جي سهوليت نه هئي. تعزيت لاءِ نه صرف سنڌ پر هند کان به هزارين ماڻهو پهتا. تعزيت لاءِ ايندڙ ايئن روئيندا رهيا، ڄڻ سندن ڪو مٽ مائٽ گذاري ويو هجي. سندس پٽن ۾ ڄام صادق علي خان، ڄام شيرعلي خان هئا، جيڪي وفات ڪري ويا. ڄام صادق علي خان جي پٽن ۾ ڄام معشوق علي، ڄام ڪاشف علي ”مرحوم“، ڄام ذوالفقار علي، ڄام شير علي جي پٽن ۾ ڄام نورعلي خان، ڄام نفيس خان ۽ ڄام نياز علي خان شامل آهن. ڄام صادق علي خان به مهمان نوازيءَ واري روايت، پنهنجي والد کان ورثي ۾ حاصل ڪئي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سندس دل جو دستر خوان ايندڙ ويندڙ جي مهمانيءَ لاءِ وڇايل رهيو.