; سنڌي شخصيتون: مير علي نواز ”ناز“ - پروفيسر نذير احمد سومرو

12 March, 2011

مير علي نواز ”ناز“ - پروفيسر نذير احمد سومرو

مير علي نواز ”ناز“
باليءَ وارو
پروفيسر نذير احمد سومرو


ڪن شهرن ۽ ڪن شخصيتن جو تهذيبي ۽ تاريخي داستان، ڪڏهن عجيب ۽ ڪڏهن عجيب تر ٿئي ٿو. عام مشاهدو ته اهو آهي؛ ڪن شهرن، ڳوٺن، رياستن يا منجھن رهندڙ شخصيتن جي تاريخ پنهنجي دؤر جي فروغ ۾ توسيعي معنيٰ جي لحاظ کان گهڻو ڪري ڪيترن ئي ملڪن جي تاريخ کان به گهڻي وڏي هوندي آهي. اهڙا شهر يا ڳوٺ پنهنجي شخصيتن جي حوالي سان سڃاڻپ ۽ انهن جي ڪارنامن جي ڪري ڪيترن ئي جماعتن ۽ سياسي پارٽين تي فوقيت رکندا آهن. ڪجهه شهر ۽ شخصيتون ته پنهنجي سيني اندر تاريخي سفر اهڙي طرح سمائي ڇڏيندا آهن، جو اهي پنهنجي شاندار ماضيءَ جو، اکين ۽ ذهنن کي نيرو ڪندڙ روشنيءَ ۾، پنهنجي سفر جي ڪهاڻي ٻڌائيندي نظر ايندا آهن. اهڙن شهرن يا رياستن منجهان رياست خيرپور ۽ ان جو مثالي دردمند ۽ عاشقاڻو مزاج رکندڙ شاعر ۽ حڪمران، مير علي نواز خان ”ناز“ ٽالپر به هڪ آهي. جڏهن رياست خيرپور ۽ ان جي واليءَ مير علي نواز خان ”ناز“ ٽالپر جي دؤر واري تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته بي اختيار، اردو جي نفيس ترين شاعر، مرزا اسد الله خان غالب جو هيءُ شعر ذهن جي پردي تي اڀري اچي ٿو:
”محفلين در هم ڪري هي، گنجفه باز خيال،
هين ورق گرداني ڪه نيرنگ يک بتخانه هم“.


منهنجي ننڍپڻ جون يادون، جيڪي مون کي اڃا تائين ٻکَ ھنيون بيٺيون آهن، انهن ۾ هڪ ياد، مير علي نواز خان ”ناز“ جي نالي سان لاڳاپيل آهي. منهنجي بابا سائين عبدالحميد خان سومري هڪ ڏينهن پنهنجا ضروري ڪاغذات اٿلائيندي هڪ اهڙو دستاويز به ڏيکاريو، جنهن جي پيشانيءَ تي حڪومت برطانيه جي سرڪاري مُھر ۽ نشان جي بجاءِ رياست خيرپور جي حڪمران مير علي نواز خان ”ناز“ جي گول دائري ۾ تصوير ۽ ٻه هرڻيون (رياست خيرپور جو سرڪاري مونوگرام) ڇاپيل هيون.
منهنجي والد صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته رياست خيرپور جي حڪمران ميرن منجهان مير علي نواز ”ناز“ ٽالپر پهريون حڪمران هيو، جنهن جي حڪومت واري دؤر ۾ رياستي دستاويز (Affidavit)، پگهار جون ٽڪليون، سڪا ۽ رياست جي سرڪاري ملازمن لاءِ سروس بڪ ۽ پينشن جا فارم جاري ۽ رائج ڪيا ويا. رياست خيرپور۽ هاڻي تعلقي گمبٽ جي شهر گمبٽ جي اتر ۾ کهڙا-رپڙي روڊ تي هڪ ڳوٺ علي بخش سروهيءَ جي رياست واري دؤر جي ٻن تپيدار ڀائرن مرحوم مولوي نور محمد سروهيءَ ۽ ميان فيض محمد سروهيءَ يا ڳوٺ جي وڏيري علي بخش سروهيءَ، سائين حاجي در محمد سومري ۽ سائين عبدالحميد سومري کي اهڙا سڪا ڏيکاريا هيا، جن تي هڪ پاسي رياست خيرپور جو مونوگرام ۽ ٻئي پاسي رياست جي حڪمران مير علي نواز خان ”ناز“ جي شبيهه ۽ سن اڪريل هئا.
ائين لکڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته رياست خيرپور جي حڪمران مير علي نواز خان ”ناز“ ٽالپر کي برصغير جي مغليه گهراڻي جي شهنشاهه شاهجهان جهڙي حيثيت حاصل هئي. جيئن شاهجهان پنهنجي دؤر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، مسجدون ۽ مدرسا جوڙايا ۽ انهن لا مالي امداد ڪئي، تيئن مير علي نواز خان ”ناز“ به پنهنجي حڪومتي عرصي ۾ شيعه عقيدي واري مڪتبئه فڪر رکڻ جي باوجود، ديوبند طرز جي ٺيڙهي واري مدرسي جي مالي امداد هڪ طرف ڪئي ته ٻئي طرف مڪتبئه بريلوي جي مدرسي، درگاهه/ خانقاهه کهڙا نزديڪ گمبٽ سان پڻ مالي سهڪار ڪيو. درگاهه عاليه کهڙا جي مخدوم سجاده نشينن سان پڻ مير علي نواز خان ”ناز“ جا گهرا ۽ گهاٽا لاڳاپا رهيا. کهڙا جي مخدومن واري درگاهه جي موجوده سجاده نشين مخدوم نديم احمد هاشمي کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ جيڪي نوادرات مليا آهن، تن ۾ مير علي نواز خان ”ناز“ جا خط ۽ سندون، سندس ئي دستخط ڪيل ۽ مُهرن سميت شامل آهي.
اهو به ڪيڏو نه تاريخي ۽ حسين اتفاق آهي، جو جيئن مغل شهنشاهه شاهجهان جي گهرواريءَ جو نالو ممتاز بيگم هو، ائين مير علي نواز خان ”ناز“ جي ٻيو نمبر گهرواريءَ جو نالو به ممتاز بيگم هو. مير علي نواز خان ”ناز“ جي ممتاز بيگم سان شادي حيدرآباد دکن ۾ ٿي هئي ۽ ممتاز بيگم جو تعلق حيدرآباد دکن جي هڪ معزز گهراڻي سان هو. شاهجهان ۽ مير علي نواز ”ناز“ ٻنهي پيار واريون شاديون ڪيون. ممتاز محل پنهنجي عاشق مڙس شاهجهان جي هٿن ۾ دم ڏنو پر اسان جي هن عاشق مزاج شاعر ۽ حڪمران مير علي نواز خان ”ناز“ پنهنجي محبوبه ۽ زال بالي بيگم جي ٻانهن ۾ پساهه پورا ڪيا. جيڪڏهن رياست جي راڻي بالي بيگم، مير صاحب جي حياتيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ها ته عين ممڪن هيو ته هن جي مزار مٿان خيرپور رياست جي شهرن، ڪوٽ ڏيجي يا ڪوٽ بنگلي، ۾ تاج محل جهڙو ڪو محلات-نما مقبرو مير علي نواز خان ”ناز“ ۽ بالي جي محبت جو ”يادگار“ هجي ها.
پراڻي خيرپور رياست ۽ موجوده ضلعي خيرپور جي ناظمه سيده نفيسه شاه کي آءٌ هڪ خط لکي چڪو آهيان، جنهن ۾ کيس گذارش ڪئي اٿم ته پراڻي رياست خيرپور جي راڻي بالي جي ياد ۾ خيرپور شهر ۾ ڪو يادگار کڙو ڪرايو يا ٺهرايو وڃي. ٻيو نه ته به گهٽ ۾ گهٽ خيرپور جي ضلعي اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرائي، خيرپور شهر کان ڪوٽ ڏيجي ڏانهن ويندڙ قومي شاهراهه تي ٺهيل ”ون يونٽ“ بلڊنگ جو نالو مٽائي ۽ بدلائي ”بالي بلڊنگ“ رکيو وڃي. ائين جيئن حيدرآباد ۾ ٿڏي سڙڪ تي ٺهيل ”ون يونٽ بلڊنگ“ جو نالو مٽائي ”شهباز بلڊنگ“ رکيو ويو آهي.
جيئن اردوءَ جي ڪن نقادن، مغليه خاندان جي آخري حڪمران بهادر شاه ظفر، لکنوءَ جي آخري تاجدار واجد علي شاه، رامپور جي نواب ڪلب علي خان جي شاعريءَ تي پاڻي ڦيريو، تيئن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اڌ اديب به رياست خيرپور جي واليءَ ۽ ڪلاسيڪل شاعر مير علي نواز خان ”ناز“ جي شاعريءَ تي اِيئن منڌيئڙو پاتو. جيئن اردوءَ جي هٿراڌو نقادن فارسيءَ جي بلند پايه شاعره ۽ اورنگزيب جي ڌِيءُ زيب النساءَ عرف حافظ مخفيءَ جي شاعري کي سندس شاعريءَ ۾ شروعاتي استاد، فارسيءَ جي نامور عالم ۽ ايراني نزاد شاعر ملا سعيد اشرف جي کاتي ۾ لکي ڇڏيو. ملا سعيد اشرف ته رڳو حافظ مخفي جي شاعريءَ جي شروعات ۾ اصلاح ڪندو هو، حد ته اِها آهي جو ايران جي مشهور اديب گلچين معاني، زيب النساءَ مخفيءَ جا ٻه ٽي شعر ۽ هڪ اڌ قطعو کڻي سندس ڏاڏي شاهجهان جي ذاتي طبيب حاذق گيلانيءَ جي ذهن ۽ فڪر جي پيداوار ڄاڻايا آهن. (ڏسو مضمون: معمائي ديوان مخفي از محمد گلچين معاني. ماهانه ”هنر وَ مردم“ تهران، ايران شمارو 172 صفحو 38).
1942ع ۾ لاهور پاڪستان مان شايع ٿيندڙ هڪ ڪتاب ”ڪلماتِ الشعراء“ امن حوالي طور کڻي، احمد گلچين جي شعرن کي خاذق گيلاني جا شعر سمجهي ان جي کاتي ۾ ڄاڻائي ٿو. اهي سڀ شعر ”ديوان مخفي“ مرتب عبدالباري آسي،  نول ڪشور پريس ڪانپور/لکنؤ، يو-پي انڊيا ۾ 1942ع کان گهڻو اڳ موجود آهن. هي نسخو سائين حاجي در محمد سومري ۽ بابا مرحوم عبدالحميد سومري کي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان تعليم پوري ڪري سنڌ موٽڻ مهل هڪ دوست ”بسمل ڪان پوريءَ“ بر صغير جي اهم ڪميونسٽ ليڊر سيد جمال الدين بخاري جي روبرو علي ڳڙهه ۾ ڏنو هو ۽ اهو نسخو خيرپور جي پراڻي لائبريري ۽ سڄي برصغير يا پاڪستان جي سٺن وڏن ڪتب خانن ۾ پيل آهي.
فرض ڪجي ته مير علي نواز خان ”ناز“ جي اردو شاعري سندس درٻاري شاعرن جي ڪيل آهي ۽ هو شعر ئي ڪونه چوندو هيو ته پوءِ مير علي نواز خان ”ناز“ جي سموري سنڌي شاعري ۽ رباعيات عمر خيام جي ڪيل سنڌي منظوم ترجمي کي ڪنهن جي کاتي ۾ رکجي ۽ لکجي؟ ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن تان نشر ٿيندڙ سندس ڪلام
عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان
يا
تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان
يا
سرائيڪي ٻوليءَ ۾
اڄ خواب دي وچ سهڻا ياد آيا
اڄ به موسيقي ۽ ڳائڻ وڄائڻ وارن، توڙي عام ٻڌندڙن کي طراوت بخشن ٿا ۽ انهن جي سالن پڄاڻا به بيحد مقبول آهن. ولي عهد مير علي نواز خان ”ناز“ جو ننڍپڻ ڪوٽ ڏيجي ۾ ۽ ڦوهه جواني وارو عرصو لاهور، ڀوپال، دهلي، لکنؤ ۽ رياست حيدرآباد دکن ۾ گذريو. ان حالت ۾ اردو زبان هن لاءِ نئين ۽ اوپري ڪانه هئي. اردو جي شاعراڻي دنيا ۾ شاعر انقلاب جو لقب ماڻيندڙ، حضرت جوش مليح آبادي، لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي تنظيم ”بزم ادب“ جي طرفان ٿيل مشاعرن ۾ اها ڳالهه ڪيترائي دفعا ورجائي هئي ته رياست خيرپور جي ولي عهد مير علي نواز خان ”ناز“ سان هن جو، يو. پي ۽ رياست حيدرآباد دکن جي ڪيترن ئي وڏن ۽ سٺن شاعرن کي تپرس ۾ آڻي ڇڏيندي هئي. ان کانسواءِ هز هائينس مير علي نواز خان ”ناز“ جي اردو شاعريءَ جا ثبوت علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جا شايع ٿيل رسالا پنهنجو پاڻ شاهدي ڏيڻ لاءِ تاريخ جي صفحن ۾ اِئين قيد آهن، جيئن خيرپور جو هيءُ نازڪ مزاج شاعر حڪمران باليءَ جي محبت ۾ قيد هيو. سندس اردو شاعريءَ ۾ هيٺ ڏنل غزل يا ڪي ٻيا عزل اردوءَ جي ڪنهن به وڏي غزل گو ۽ ڪلاسيڪل شاعر جي شاعريءَ جي مقابلي ۾ آڻي سگهجن ٿا. مير علي نواز خان ”ناز“ جو هر غزل تغزل سان ٽٻ هوندو هو. مير صاحب جي هن غزل جا ڪجهه بند پڙهو ته داد ڏيڻ لاءِ توهان خود ڪنڌ ڌوڻڻ تي مجبور ٿي پوندؤ.
کهوگئـي جـــب تيــــرا مکـــان ديکـــها،
مٽ گئي جــــــب تيرا نِشـان ديــکـــهــا،
آگئــــــي مــوت ان کـــي جاتــي هــــي،
يـــه تــــماشــــه بهــي ناگهـــــان ديـــکــــــها،
اُن کي مُڻهي مين جان هي ميري،
دل کســـي نـــي مِرا کهـــــان ديکها؟
اردوءَ جي نقادن جيان سنڌي اديبن پنهنجي طرفان طبع آزمائي ۽ حاشيه آرائي ڪري لکيو ته مير علي نواز خان ”ناز“ جي شاعري سندس درٻاري شاعرن جي محنت ۽ خوشامد جو ڪارنامو هو. اِئين مير علي نواز خان ”ناز“ پاڻ ۽ سندس سموري شاعري، اهڙين حاشيه آرائين واري جُهڙ ۽ ڪڪرن ۾ لڪائڻ جي ۽ کيس افسانوي ڪردار بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي. اهوئي سبب آهي جو هزهائينس مير علي نواز خان ”ناز“ جي زندگيءَ جا کوڙ حصا بي نقاب ٿي نه سگهيا آهن. مولانا سُها يا آغا حشر قزلباش دهلوي ۽ حفيظ جالنڌري يا اهڙا ٻيا کوڙ شاعر مير علي نواز خان ”ناز“ جي دهلي، لکنؤ، ڀوپال، رام پور ۽ رياست حيدرآباد دکن واري دؤر جا ملاقاتي ۽ واقف هئا. التبه اهو گهڻي حد تائين ممڪن آهي ته مولانا سُها يا آغا حشر قزلباش، مير علي نواز خان ”ناز“ جي شاعريءَ جي شروعاتي اصلاح ڪئي هجي. اهڙو اشارو، رياست خيرپور جي آخري اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ شاعر، پروفيسر عطا محمد ”حامي“ پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڪليات ناز“ (مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1988ع) جي صفحي 10 ۽ 14 تي ڪيو آهي.
ڏک ۽ ويچار ان ڳالهه جو آهي ته وقت جي اديبن، قلمڪارن ۽ تاريخ نويسن هزهائينس مير علي نواز خان ”ناز“ جي معاملي ۾ ڏاڍي ڪنجوسي ۽ بخل کان ڪم ورتو آهي ۽ غلط روايتن ۽ مفروضن کان ڪم وٺي ”ڌُڪا“ هنيا آهن. ايتريقدر جو يو-پي انڊيا جي شهر ”امروهه“ مان لڏي ايندڙ، پاڪستان کانپوءِ واري دؤر ۾ ميرن جي درٻار سان لاڳاپيل اديب ۽ شاعر سيد قاسم رضا ”نسيم“ امروهي به پنهنجي تصنيف ”تاريخ خيرپور“ (شايع ٿيل 1955ع) ۾ هزهائينس مير علي نواز خان ”ناز“ ٽالپر سان انصاف ڪونه ڪري سگهيو آهي. نسيم امروهي پنهنجي 200 صفحن واري هن ڪتاب ۾ خيرپور رياست جي حڪمران مير علي نواز خان ”ناز“ ٽالپر جي درٻار سان ۽ ان سان لاڳاپيل شاعرن ۽ مير علي نواز خان ”ناز“ جي دؤر ۾ شاهي محلات ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۽ مير علي نواز خان ”ناز“ جو باليءَ سان ٿيل پيار ڀرئي وِهَانَوَ ۽ ان ۾ ٿيل شادماني کي به باءِ پاس ڪري ويو آهي. مير علي نواز خان ”ناز“ جي درٻار سان لاڳاپيل ٻين شاعرن کي ته ڇڏيو پر پاڪستان جي قومي تراني جي لکندڙ ۽ اردوءَ جي نامور شاعر، حفيظ جالنڌري جو به نالو ڪو نه ٿو کڻي، جيڪو هزهائينس مير علي نواز خان ”ناز“ جي درٻار جو باقاعده پگهاردار ملازم ۽ شاعر هو. نسيم امروهي پنهنجي ڪتاب ”رياست خيرپور“ جي صفحي 95 تي لکي ٿو ته:
”سنه 1920ع مين گهريلو معاملات کي متعلق مير علي نواز خان ”ناز“ ولي عهد اور ميان محمد ابراهيم کي درميان سخت اختلاف رائي پيدا هوگيا اور مير علي نواز ”ناز“ ناراض هو کر دهلي چلي گئي“.
مرحوم نسيم امروهيءَ اها ڳالهه ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ ڳالهه مرحوم عطا محمد حامي پنهنجي ڪتاب ”ڪليات ناز“ جي صفحي 6 تي ٻڌل ڳالهه لکي آهي، پر حقيقي شاهدي ان دور جي هڪ اديب ۽ برصغير جي مشهور زمانه صحافي ۽ ايڊيٽر اخبار ”رياست“ ديوان سنگهه مفتون پنهنجي ڪتاب ”ناقابل فراموش“ ۾ ڪيترن ئي صفحن تي لکي ۽ ڏئي ٿو. مير علي نواز خان ”ناز“ کي نه نسيم امروهي ڏٺو هو ۽ نه ئي عطا محمد حامي صاحب مير صاحب سان مليو هو، پر ديوان سنگهه مفتون نه رڳو مير علي نواز خان ”ناز“ کي دهلي ۽ ڀوپال ۾ ڏٺو هيو، پر ساڻس ڪيئي يادگار ڪچهريون پڻ ڪيون هيون. سرڳواسي ديوان سنگهه مفتون پنهنجي شاهڪار اڌ آتم ڪٿا واري ڪتاب ”ناقابل فراموش“ جي صفحي 62 تي لکي ٿو ته:
”مرحوم هزهائينس مير صاحب خيرپور رياست دهلي مين آئي تو ايک روز ملني کي ليئي دفتر ”رياست“ مين بهي تشريف لائي. مير صاحب کا وزن مرحوم مولانا شوکت علي سي دوگني کي قريب تها. آپ (مير صاحب) زينه پر چڙه نه سکتي تهي، اپني کارکو نيچي کهڙا کيا اور اپني اي-ڊي.سي. کو اوپر بهيج کر راقم الحروف (ايڊيٽر رياست) کو بلوايا، مين موجود نه تها، واپس چلي گئي، جب دفتر پهنچا تو معلوم هوا که مير صاحب خيرپور آئي تهي، چناچه اگلي روز ان کي جائي رهائش، جو دريا گنج مين ايک کوڻھي مين تهي پهنچا. مير صاحب سي مِلا، دو گهنڻي کي قريب باتين هوتي رهين. يه اپني مظلوميت کي حالات بتاتي رهي که ان کا وزير اعظم مسڻر ڻائڻن (آئي.سي.ايس) جس کو برطانيه حکومت ني خيرپور مين پوري اختيارات کي ساتهه وزيراعظم مقرر کيا تها، کيون که اُس زماني مين رياست خيرپور ريزيڊنٽ پنجاب کي ماتحت نه تهي بلکه سندهه مين هوني کي باعث گورنر ممبئي کي ماتحت تهي ان کو تنگ کر رها هي اور يه اپني اِس وزيراعظم سي انتهائي پريشان هين“.
اکين ڏٺي ۽ ڪنن ٻڌي کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ان مان صاف پڌرو آهي ته ولي عهد مير علي نواز خان ”ناز“ جو جهڳڙو سندس والد ماجد مير امام بخش خان ٽالپر سان نه جيئن مرحوم عطا محمد حامي ۽ نسيم امروهي لکيو آهي، پر مير علي نواز خان ”ناز“ جو جهڳڙو بي تحاشه ۽ لامحدود اختيارن واري فرعوني دماغ ۽ سوچ رکندڙ حڪومت برطانيه جي مقرر ڪيل هڪ انگريز آفيسر ”ٽائٽن“ سان هيو. مٿين ٻنهي صاحبن اهو به غلط لکيو آهي ته مير صاحب هتان ڪاوڙجي دهلي ويو هيو، پر ولي عهد مير علي نواز خان ”ناز“ خيرپور مان سڌو ڀوپال ويو هيو. ڇاڪاڻ ته ان زماني جي برطانوي حڪومت جي قانونن پٽاندڙ رياست ڀوپال جو فرمان روا، سڄي برصغير جي رياستن جي حڪمرانن جو ”چانسلر“ هيو ۽ ان وقت رياست ڀوپال جي واليءَ جو هوم منسٽر اسرار احمد خان ڪنهن زماني ۾ رياست خيرپور ۾ وزيراعظم رهي چڪو هو. (ڏسو ڪتاب ”ناقابل فراموش“ از ديوان سنگهه مفتون صفحو 39).
اهو به مير علي نواز خان ”ناز“ جو پنهنجي رياست سان محبت جو هڪ اعليٰ مثال ۽ روشن ثبوت آهي ته رياست خيرپور ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ خاطر رياست جي بااختيار حڪمراني، جنهن جي وات مان نڪتل ”الفاظ“ قانون جو درجو وٺندا هئا، تن کي ختم ڪري رياست خيرپور ۾ هڪ هاءِ ڪورٽ قائم ڪئي ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جو مايه ناز فرزند نفيس ۽ نازڪ انسان، قانون کي سڀني لاءِ هڪ جهڙو سمجهندڙ علامه آءِ آءِ قاضي به مير علي نواز خان ”ناز“ جي دوستيءَ جي مضبوط ڌاڳي ۾ ٻڌجي، حيدرآباد جون ٿڌيون هوائون ڇڏي خيرپور جي ڪاڙهي واري موسم ۾ رياست جي هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ پوءِ چيف جسٽس ۽ هوم منسٽر بڻيو هو. نسيم امروهيءَ جهڙي متعصب تاريخ نويس جتي انڊيا مان لڏي ايندڙن ”نالي ۾ نِهال“ عام ماڻهن جو ذڪر به پنهنجي ڪتاب ”تاريخ خيرپور“ ۾ وڏي طمطراق سان ڪيو آهي، اتي سنڌ جي هن قابل ترين فرزند علامه آءِ آءِ قاضي جو صرف نالو لکي ذڪر ڪري ٿو.
اڄ به خيرپور شهر ۾ مير صاحبن جي ٺهرايل بادشاهي محلات جي ڀرسان گذرندي مير علي نواز خان ”ناز“ جي دؤر واري شاندار ماضيءَ کي ياد ڪندي فارسي زبان جو هِيءُ شعر بي اختيار منهنجي چپن تي پاڻ هرتو اچي ويندو آهي ته:
”دَر حريم بزم مستان، دَورِ صُبح وَ شام نيست،
گردش جام است، اين جا گردش ايــــام نيـــســـت“.
(ترجمو: مستن جي حرم واري محفل ۾ سندن صبح ۽ شام به نه رهيا، هتي مئه جي پيالن جي ته چرپر آهي پر سندن شاندار ماضيءَ وارن ڏهاڙن جي ڦير گهير ناهي.)
افسوس! جو هتي گردش ايام ته ڇا پر گردش جام به ڪونهي. بادشاهي محلات جا دَر دروازا، اڱڻ، شاهي ڪمرا ائين گونگا ۽ ٻوڙا ٿي چڪا آهن، جيئن ڪوٽ ڏيجيءَ ڀرسان رياست خيرپور جي ميرن واري صاحبيءَ جو يادگار ڪوٽ وارو بنگلو، اداس، خاموش ۽ پنهنجي شاندار ماضيءَ جي دور تي نوحه خوان آهي. مومل راڻي، ليلا چنيسر، سسئي پنهون کي ته شاهه جهڙو شاعر ملي ويو. پر افسوس!!! جو مير صاحب جي قرباني، برطانيه جي ونڊسر محلات جي مسافر شهنشاهه ايڊورڊ آئين وانگر گهٽ ڪونهي. الائي ڇو! مون کي خيرپور شهر جي فيض محل ڀرسان گذرندي محسوس ٿيندو آهي ته اجهو ان محل جي شاهي دروازي مان هزهائينيس مير علي نواز خان ”ناز“ ٻاهر نڪرندو ۽ آغا حشر قزلباش، مولانا سُها ۽ پير علي محمد راشديءَ جي دروازي تي آجيان ڪندي چوندو ته:
”هلو! هلو!! اندر هلو! اڄ باليءَ جي برٿ ڊي جي خوشيءَ ۾ وڏو مشاعرو ڪرايو اٿم، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا چوٽيءَ جا شاعر پنهنجا شعر پڙهندا.“
پر ان حقيقت ۾ هاڻي ته ڪابه حقيقت ڪانه رهي آهي. اهو سوچي اداس ٿي ويندو آهيان ۽ ائين هڪ دفعي اتان گذرندي چشم تصور ۾ ان درهم برهم ٿيل خوبصورت زماني جو خيال آيو ۽ ٿڏي تي ئي سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور جي سيڪريٽري تاج سروهي ۽ علي گل ملاح مون کي چيو؛ ڪٿي ۽ ڪهڙي نظاري ۾ گم ٿي ويا آهيو؟ ڀر واري هڪ بنگلي مان ڪيسيٽ پليئر تي ڪنهن ڳائڻيءَ جي آواز ۾ قتيل شفائي جا ٻول فضا کي به اداس ڪري رهيا هئا.

يه اجنبي سي منزلين، اور رفتگان ڪي ياد،
تنھايون ڪا زھر ھي، اور هم هين دوستو!
آنکهون مين اڙ رهي هي، لٽي محفلون کي دهول،
عــــــبـــــرت ســـــرا ئي دهــــــر هي، اور هم هين دوستو!

مددي مواد:
      1.مسلم شميم سيڪريٽري بزم ادب لاڙڪاڻو. ظاهر نوري، جواد احمد ۽ مهدي رضويءَ جون لاڙڪاڻي واريون يادون.
      2.”تاريخ خيرپور“ نسيم امروهي 1955ع.
      3.”ناقابل فراموش“ ديوان سنگهه مفتون 1957ع.
      4.”ڪليات ناز“ ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ 1988ع.
      5.پير علي محمد راشدي سان ذاتي ملاقاتون.
      6.علي احمد بروهي ۽ تاج صحرائي جون ذاتي يادگيريون.








No comments:

راءِ ڏيندا