; سنڌي شخصيتون: پير غلام رسول شاهه جيلاني - مدثر نظر بلوچ

15 March, 2011

پير غلام رسول شاهه جيلاني - مدثر نظر بلوچ

پير غلام رسول شاهه جيلاني
 مدثر نظر بلوچ
سنڌ جي سرزمين علم ، ادب، تهذيب، ثقافت ۾ تاريخ جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هن عظيم ڌرتي اهڙين عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جيڪي پنهنجي ڏاهپ، دانائي، سوچ، خدمت خلق ۽ فڪر ۾ دنيا جي ڪنهن خطي جي اهڙن انسانن کان گهٽ نه آهن جيڪي اهي سڀ خصلتون ۽ خاصيتون رکندا هجن. دنيا ۾ اهڙي قسم جون جيڪي به واجب احترام شخصيتون ٿي گذريون آهن انهن ۾ جيڪڏهن پير غلام رسول شاهه جيلاني جو نالو شامل ڪجي ته ڪو به وڌاءُ نه هوندو. سنڌ جي پوئتي پيل علائقي ڪوهستان جي مشهور جيلاني گهراڻي جو هي سپوت 1918ع ۾ ٿاڻي بولا خان ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو پير جهان شاهه جيلاني هو. پير غلام شاهه جيلاني ٿاڻو بولا خان کانسواءِ ميرپورخاص ۽ پٻڻ شريف ۾ پنهنجون رهائشگاهون ٺهرايون ۽ مستقل طور تي اتي رهائش اختيار ڪيائون. جنهن جو خاص سبب اهو به هو ته پير صاحب جي مريدن ۽ معتقدن جو وڏو تعداد دادو ضلعي کانسواءِ حيدرآباد ، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ ٺٽي ضلعي ۾ آهي. سندس سياسي سماجي خدمتون سڄي ڄمار جاري رهيون سندسن در تان ڪو به سوالي ڪڏهن به خالي نه موٽيو. اڄ به ملڪ ۾ وڏن عهدن تي فائز ڪيترائي آفيسر موجود آهن جن پنهنجي شاگردي جي زماني ۾ پير صاحب جن جي وظيفن تي پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي.
پير غلام رسول شاهه جيلاني نه صرف هڪ مدبر، باصلاحيت ۽ لائق سياسي اڳواڻ هو بلڪه هن سماجي ڪمن ۾ به وڏي دلچسپي ورتي ۽ هميشه عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ خاص طور ٿرپارڪر ۽ ڪوهستان جي ماڻهن جي ڀرپور خدمت ڪئي. پير غلام رسول شاهه 1953ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ 1962ع ۽ 1970ع ۾ ٿرپارڪر مان قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو .پاڻ پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو پير صاحب هڪ دلير ۽ باهمت سياسي اڳواڻ هو جنهن وقت جي حاڪمن جي ڏاڍاين ۽ ڏهڪاءُ جو هميشه مردانگي سان مقابلو ڪيو سنڌ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثت ۾ مرحوم سنڌ جي مسئلن کي زوردار نموني پيش ڪيو ۽ عوام جي جذبن ۽ خواهشن جي ترجماني ڪئي.
پير صاحب پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن ۽ ادارو هو جنهن ڪري سنڌ جي سياست ۾ سندس راين ۽ خيالن کي وڏي اهميت ڏني ويندي هئي. مرحوم ملڪ جي سياست ۾ اهڙا اڻمٽ نقش چٽيا آهن جن کي سياسي تاريخ ۾ هميشه ياد ڪيو ويندو.
پير غلام رسول شاهه جيلاني مرحوم پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين سابق وزيراعظم قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هو. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جي وزارت مان استعيفا ڏئي پيپلزپارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته پير صاحب پڻ ايوب خان جو ساٿ ڇڏي اچي ڀٽي صاحب سان مليو سندس دوستي جي ڪري سنڌ جون ڪافي اهم شخصيتون پيپلزپارٽي ۾ اچي شامل ٿيون جنهن ڪري پارٽي جي پوزيشن سڄي ملڪ ۾ تمام گهڻي مضبوط ٿي وئي پير صاهب جو ڀٽي خاندان سان ساٿ آخري دم تائين جاري رهيو.
پير غلام رسول شاهه جيلاني جا سنڌ جي صحافت تي به وڏا وڙ ڪيل آهن . جنهن جي شايد تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هجي پيپلزپارٽي جي ترجمان اخبار روزانه هلال پاڪستان پير صاحب پنهنجي ويجهي دوست غلام مصطفيٰ جتوئي سان گڏ خريد ڪري 1970ع ۾ حيدرآباد مان جاري ڪرائي. جنهن ڪري روزانه ”هلال پاڪستان“ جي شروعاتي باني ڪارن ۾ پير غلام رسول شاهه جيلاني جو نالو پڻ اچي وڃي ٿو. اخبار جي لاءِ مشينري ۽ ٻئي انتظام جو ڪم روزانه آفتاب جي باني ايڊيٽر شيخ علي محمد مرحوم جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو پڻ پير صاحب پاڻ ڪيو هو ۽ اخبار شايع ٿيڻ بعد اداري جي ضرورتن جون ذميواريون بخوبي پوريون ڪيون. جنهن ڪري ان زماني ۾ شهيد ڀٽو پير صاحب کي پيپلزپارٽي جو خزانچي سمجهندو هو.
مهراڻ شوگر ملز ٽنڊو الهيار جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي پهرين چيئرمين هئڻ جو اعزاز به پير صاحب کي حاصل آهي. پير غلام رسول شاهه جيلاني جون ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل خدمتون اڻ ڳڻيون آهن. جيڪي سندس حياتي جي آخري ڏينهن تائين جاري رهيون جنهن ڪري اڄ ملڪ سان گڏ سڄي سنڌ م ڪوهستان کان ڪارونجهر تائين مسڪين ماروئڙا پير صاحب جي جدائي جي غم جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته پير صاحب جي جدائي سان پاڪستان خصوصن سنڌ جي سياست ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، سو سالن تائين ڀرجي نه سگهندو ليڪن غريب ماڻهو پير صاحب مرحوم جي لائق فرزند پير آفتاب حسين شاهه جيلاني، پير امجد حسين شاهه جيلاني ايم پي اي ۽ پير شفقت حسين شاهه جيلاني عرف جاني سائين مان نااميد نه آهن. اسانجي دعا آهي ته الله تعاليٰ کين پنهنجي عظيم والد جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين.
سنڌ ڌرتي جو عظيم فرزند، بزرگ روحاني پيشوا ۽ راڄن جو راڻو 8 فيبروري 1991ع تي رات جو اٽڪل يارهين وڳي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃي مالڪ حقيقي سان مليو.

No comments:

راءِ ڏيندا