; سنڌي شخصيتون: ڀيرو مل مهرچند - شوڪت حسين شورو

09 March, 2011

ڀيرو مل مهرچند - شوڪت حسين شورو

ڀيرو مل مهرچند 
پهريون سنڌي محقق
شوڪت حسين شورو

سنڌي زبان، ادب، ثقافت ۽ سنڌ جي تاريخ بابت تحقيق گذريل اڌ صديءَ ۾ گهڻو اڳتي وڌي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ پير حسام الدين راشديءَ جهڙن برک عالمن تحقيق جي ميدان ۾ شاندار خدمتون ڪيون آهن، پر اوائلي دور ۾ جنهن عالم سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ، سنڌ جي سير-سفر جي موضوعن تي تحقيق ڪئي، اهو ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي هو. هن جون تحقيقي لکڻيون پيڙهه ۾ رکيل بنيادي پٿرن جو ڪم ڏين ٿيون، جن جي آڌار تي هن کان پوءِ ايندڙ محققن کي عاليشان عمارت اڏڻ ۾ مدد ملي.


ڀيرو مل جو جنم 1875ع ڌاري حيدرآباد سنڌ جي عاملن جي آڏواڻي آڪهه ۾ ٿيو. سندس ڏاڏو ديوان آئلمل اجومل مختيارڪار هو ۽ سندس پيءُ ديوان مهر چند سيٽلمينٽ کاتي ۾ هيڊ منشي هو. ڀيرو مل شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. هو ويهن ورهين جي ڄمار ۾ لوڻ جي ايڪسائيز کاتي ۾ 23 رپين جي ماهوار پگهار تي ملازم  مقرر ٿيو. نوڪريءَ واري عرصي ۾ کيس سنڌ جي مختلف علائقن جي قدرتي بناوت، جاگرافي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن جي ڄاڻ حاصل ٿي. هن ايڪسائيز کاتي ۾ 26 سال نوڪري ڪئي. ان کان پوءِ هو تعليم کاتي ۾ ويو، جتي هن 13 سال ڪاليج ۾ پڙهايو. 1924ع ۾ جڏهن عمر بن محمد دائود پوٽو پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ لنڊن روانو ٿيو، تڏهن ڀيرو مل کي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ سندس جاءِ تي سنڌي پڙهائڻ جي آڇ ٿي. هو سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو، اتي هن 1937ع تائين سنڌي پڙهائڻ جو ڪم ڪيو، پر سنڌ جي تعليم کاتي سان ۽ سنڌيءَ ۾ درسي ڪتابن جوڙڻ سان ڀيرو مل جو ناتو 20 هين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي کان وٺي هلندو آيو. 1905ع کان وٺي جيڪي سنڌي درسي ڪتاب اسڪولن ۾ پڙهايا ويا، تن ۾ هڪ  سئو سبق، سنڌي نثر ۽ نظم ۾ ڀيرو مل جا لکيل هئا. ماءُ جي پيار بابت ”ڪنهن مون کي ٿي کير پيارو“، لاباري بابت ”اجهو اَسوءَ جو مهينو آيو“، ماکيءَ جي مک بابت توڙي وقت بابت ”وقت چئي مان بادشاهه“ وغيره ڀيرو مل جا جوڙيل هئا.
محمد ابراهيم جويي هن بابت لکيو آهي ته ”ڀيرو مل کي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ بي پناهه عشق هو. انهيءَ عشق جو اظهار هن پنهنجي اٿڪ قلم جي ذريعي ڪيو، جنهن سنڌ ۽ سنڌين کي اهو ڪي ڏنو آهي، جنهن لاءِ سنڌ صدين تائين سندس شڪر گذار رهندي. سرڳواسي ڀيرو مل کي سنڌي نثر ۾ هڪ امتيازي مرتبو ۽ انفرادي اسلوب هو ۽ سندس هر تصنيف سندس انتهائي خلوص ۽ فدائيت جو پنهنجي جاءِ تي هڪ لاجواب دليل آهي.“ کيس پيار وچان ڪاڪو ڀيرو مل سڏيو ويندو هو. هن سنڌي ادب جي جدا جدا صنفن ۾ ڪهاڻي، ناول، ناٽڪ، مضمون، ادبي تنقيد، شاعري ۽ ٻاراڻي ادب لکڻ سان گڏ تحقيق جي ميدان ۾ وڏو اهم ڪم ڪيو. ڀيرو مل مهر چند جي ڪتابن جو تعداد 45 کن آهي. ”وريل ۽ نعمت“ هن جو لکيل اصلوڪو ناول آهي. سندس استاد ساڌو هيرانند سروالٽر اسڪاٽ جي انگريزي ناول جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو هو، جيڪو ”طلسم“ جي نالي سان ”سرسوتي“ مخزن ۾ قسطوار شايع ٿيندو هو. ساڌو هيرانند جي گذاري وڃڻ کانپوءِ اهو سلسلو ٽُٽي ويو. ڀيرو مل ان ناول جو باقي حصو پاڻ ترجمو ڪري ڇپايو. ”گولن جا گوندر“ پڻ سندس ترجمو ڪيل ناول آهي. هن ”آنند سندريڪا“، ”موهني ٻائي“ ۽ ”پريم جو مهاتم“ نالي ڪهاڻيون لکيون ۽ ڪجهه ناٽڪن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪري پڻ ڇپايا. سير-سفر بابت سندس مشهور ڪتاب ”سنڌ جو سيلاني“ کان سواءِ هن جو ٻيو اهم ڪتاب ”لطيفي سئر“ آهي. ڀيرو مل انهيءَ ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جو اڀياس ڪري، انهن علائقن، ماڳن مڪانن، ڪوهستان ۽ ٿر جو بيان ڪيو آهي، جتي شاهه لطيف ويو هو. سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ هن ”موهن جو دڙو“ نالي سان انگريزي ۾ ڪتاب لکيو. سنڌيءَ ۾ هن ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“، ”هندن جون ريتون رسمون، عاملن جو احوال“، ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ (ٻن ڀاڱن ۾) لکي شايع ڪرايا. سندس سڀ کان وڌيڪ اهم ڪتاب ”قديم سنڌ“ آهي. ڀيرو مل قديم سنڌ جي تاريخ بابت ڏيڍ سئو کن ڪتابن مان ذخيرو گڏ ڪيو ۽ ان کي ٽن جلدن ۾ ڏيڻ جي رٿا ڪيائين. پر اهو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو. ”قديم سنڌ“ ڪتاب جو فقط پهريون جلد شايع ٿيل آهي، جنهن ۾ ويدن واري زماني ۽ ان کان اڳ واري سنڌ جو احوال ڏنل آهي. ٻين جلدن لاءِ گڏ ڪيل ذخيري بابت ڪجهه معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
سنڌي ٻولي ۽ علم لسانيات بابت هن جا ڪتاب ”غريب اللغات“، ”سنڌي ٻولي“، ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ سنڌي وڏو وياڪرڻ“ ۽ ”گلقند“ بنيادي حيثيت رکن ٿا. ان کان سواءِ ادبي رسالن ۾ هن جا ڪيترائي تحقيقي مضمون شايع ٿيل آهن. ڀيرو مل جڏهن ڊي-جي-سنڌ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر هو، ته هن ڪاليجي شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي مختصر ڄاڻ ڏيڻ جي لاءِ ”سنڌي ٻولي“ نالي 22 صفحن جو هڪ ڪتابڙو لکيو هو، بعد ۾ ان موضوع تي وڌيڪ اڀياس ڪري هن ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڪتاب لکيو، جيڪو انهيءَ موضوع تي سنڌيءَ ۾ لکيل پهريون تحقيقي ڪتاب آهي. ان کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي. موجوده دور جي عالمن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت ڀيرو مل جي راءِ سان اختلاف ڪيو آهي. هونءَ به ڪا تحقيق قطعي ۽ آخري حرف نه هوندي آهي، ان ۾ واڌاريون تبديليون اينديون رهنديون آهن. سنڌي گرامر بابت ڀيرو مل جو لکيل ڪتاب ”سنڌي وڏو وياڪرڻ“ نهايت اهم ليکيو وڃي ٿو. ”گلقند“ ڪتاب ۾ ڀيرو مل سنڌي پهاڪن ۽ اصطلاحن کي گڏ ڪيو آهي. هن نظم ۽ نثر جا ٻه مجموعا پڻ مرتب ڪيا. ”جوهر نظم“ سنڌي شاعري جو مجموعو آهي، جنهن ۾ شاهه عبدالڪريم، شاهه لطيف، سچل ۽ خليفي گل محمد گل جي ڪلام مان چونڊ شعر ڏنا ويا آهن. ان ڪتاب ۾ هر هڪ شاعر جي زندگي، شعرن ۾ آيل لوڪ ڪهاڻين ۽ ڏکين لفظن جي سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ”گلزار نثر“ چونڊ سنڌي مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ ڀيرو مل جو مضمون نويسيءَ جي اصولن بابت لکيل هڪ ڪارائتو تنقيدي مضمون پڻ شامل آهي.
ورهاڱي کان پوءِ ڀيرو مل لڏي وڃي پونو وسايو. 3 جولاءِ 1950ع جي ڏهاڙي شام جي وقت هو سير لاءِ گهران نڪتو، واٽ تي هڪ ٽانگي سان ٽڪرجي ڪري پيو. ان حادثي ۾ کيس ايترا ڌڪ لڳا جو پوءِ ستت ئي 7 جولاءِ تي سنڌيءَ جو هي وڏو عالم ۽ اديب هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا