; سنڌي شخصيتون: روپلو ڪولهي - ويرجي ڪولهي

14 March, 2011

روپلو ڪولهي - ويرجي ڪولهي

روپلو ڪولهي
ويرجي ڪولهي

انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ امر ڪردار روپلو ڪولهي جي پونئيرن متعلق هلندڙ بحث پڙهي سٺو لڳو، انهي ڳالھ تي آئون به متفق آهيان ته اسان جا جيڪي به قومي هيروز آهن، انهن تي تحقيق ٿيڻ کپي ۽ انهن کي سرڪاري طور “قومي هيروز”، جو اعزاز ملڻ گهرجي، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته سرڪار جي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي، قومي هيرو ته قومي هيرو آهي، جيڪو تاريخ جي سُنهري ورقن تي هميشه ياد رهندو پر وري به اهو ضروري آهي ته جنهن رياست جي قوم ۽ ڌرتي جي لاءِ جن ماڻهن جان جا نظرانا ڏيئي ڌارين کي ڌڪي ڪڍيو هاڻ جڏهن اسان آزاد آهيون ته موجوده رياست ۾ بنا دير جي انهن سمورن قومي هيروز کي سرڪاري اعزاز ڏيئي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن اسان جي اُڀرندڙ ۽ ايندڙ نسل کي به خبر پوي ته تاريخ ۾ اسان جا قومي هيرا ۽ قومي غدار ڪير هئا. قومي غدار جن کي انگريز سرڪار پاران خان بهادر، نواب ۽ سر جا خطاب ڏنا انهن کي ته اسان درسي ڪتابن ۾ هيرو ڪري پڙهايون ٿا پراصل جيڪي اسان جا هيروز آهن انهن کي درسي ڪتابن ۾ شمل ڪرڻ لاء تيار ناهيون ڇو؟؟  


امر روپلو ڪولهي اصُل ڳوٺ ڪُونڀاري يونين ڪاوُنسل هاڙو، تپو مامچيرو جو رهاڪُو هو ، ڳوٺ ڪُونڀاري ، ڳوٺ ڪويا کان اولھ طرف، کارسر کان اتر طرف، ۽ مامچيرو کان اوڀر  طرف واقعي آهي. امر روپلو ڪولهي جي پيءِ جو نالو سامتو، ماءُ جو نالو ڪيسر ٻائي چوهاڻ، ۽ زال جو نالو ميڻاوتي هو. دوستن کپرو طرف رهندڙ سرڳواسي (مرحوم) ڪامريڊ سترام ڪولهي جو ذڪر ڪيوته هُو امر روپلو ڪولهي جو وارث آهي، ائين ئي آئون به ڪيئي وڏن فورمن تي اها دعوي ڪري چُڪو آهيان ته آئون امر روپلو ڪولهي جو وارث  آهيان، ۽ آئون سمجهان ٿو ته نه صرف ڪولهي قبيلي بلڪه سموري سنڌ جي هر مُحبِ وطن انسان کي اها دعوي ڪرڻ گهرجي. پر تحقيق اها ڪجي ته هُو ڪهڙي خاندان سان تعلق رکندڙ هو. سرڳواسي ڪامريڊ سترام ڪولهي سان تمام گهڻيون ڪچهريون ٿيل آهن، هُو سابق ايم اين اي، ۽ ڪولهي برادري جي معزز اڳواڻ سرڳواسي (مرحوم) پارو مل ڪولهي جو تمام ويجهو دوست هوندو هو، ڪولهي برادري جي هر خاص گڏجاڻي ۾ گولاڙچي جو سرڳواسي ڀڳوانداس موريو ڪولهي، وڪيل ڀورومل ڪولهي (جيڪو هن وقت مٺي ۾ وڪالت ڪري ٿو)، سرڳواسي پارو مل ڪولهي، سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڳوئيل ڪولهي، پٽيل رامشي ڪولهي (جيڪو هينئر سامارو جي ويجهو رهي ٿو پنهنجو ٻني ٻارو اٿس) وارا گڏ هوندا هئا.
سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڪولهي اڪثر محفلن ۾ چوندو هو ته هو امر روپلوڪولهي جو اصل وارث آهيان، هُو ڪامريڊ هو۽ عوام لاءِ جاکوڙيندو هو، ان ڪري ڪير به اعتراض ڪونه ڪندو هو، وري به پارومل صاحب ٽوڪيندو هو ته ”تون امر روپلو ڪولهي جي پير جهڙو به ڪونه آهين“.
سرڳواسي ڪامريڊ سترام داس ڪولهي ڏاڍو سٺو کاهوڙي ماڻهو هو،اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، پر هن جو اصل ڳوٺ پيٿاپُور آهي،جيڪو منهنجي ڳوٺ ڌنا ڳام کان 6 ڪلوميٽر اُتر طرف آهي، جتي اڄ به روپاڻي ڳوئيل رهن ٿا، ۽ هُو ”روپو“ جا پوٽا آهن، 1. هن جو نالو ورپو جيڪو ٻيو هو، امر روپلو ڪو نه هو، هوُ پاڻ ۾ 3 ڀائر هئا، روپو پويان روپاڻي ڳوئيل، ڀورو پويان ڀُوراڻي ڳوئيل، واهتو پويان واهتواڻي ڳوئيل، اڃا به رهن ٿا.
هڪ دوست لکيو ته ڳوئيل اصل ڀوڏيسر جا آهن. ڀوڏيسر جي نالي سان واقعي 2 ڳوٺ آهن، هڪ ڀوڏيسر جيڪا نگر پارڪر ويندي مين روڊ تي اچي ٿي، جتي پُراڻا جين مندر ۽ مسجد ٺهيل آهي، اُتي هن وقت ڪولهين جا ٽوٽل 6 گهر آهن جيڪي ”ڪاهويا چوهاڻ“ نُک جا آهن. نئون دمبالو لڳ ڳوٺ ڪپري موري تي رهندڙ سيٺ هيرالال ڪاهويو چوهاڻ اُنهن مان آهي، ۽ 30 کن گهر ميگهواڙن جا آهن. ٻيو ڳوٺ ڀوڏيسر ننگرپارڪر کان اوڀر طرف ڳوٺ ڀڙ تلاءُ ۽ چوڙيو جي ويجهو بلڪل انڊيا جي بارڊر تي واقع آهي، جنهن ۾ ڪولهين جا 5 گهر ”ٿانوراڻي ڳوئيل“ رهن ٿا، جن جو هن وقت چڱو مڙس ڳومدو ٿانوراڻي جيڪو واڍڪو ڪم ڪندو آهي، باقي 12 کن گهر ٺڪرن جا ۽ 4 گهر ٻانڀڻن جا آهن. ڪو وري امر روپلو جو گيڏيو (لڪُڻ، لٺ) رکيو ويٺو آهي، جنهن جي بُنياد تي وارثي جي دعوي ٿو ڪري، انهن دوستن جي لاءِ عرض آهي ته امر روپلو ڪولهي تمام وڏو بهادر، سورهيه، ۽ همت وارو انسان هو، جيڪو هميشه پاڻ سان تلوار کڻي هلندو هو. ڪيئي نالي وارا بهادر اُن جي سامهون بيهي نه سگهندا هئا، هُو جنگ وڙهندي ئي گرفتار ٿيو ۽ ان کي ڦاسي ڏني ويئي. مونکي حيرت ٿي ٿئي ته امر روپلو ڪولهي گيڏيو کڻي ڪڏهن هلندو هو؟؟؟؟؟؟
امر روپلو ڪولهي جي باري ۾ مذڪوره تاريخ اسان کي ننگر پارڪر واسي هر جُهوني جي واتان ٻڌڻ لاءِ ملي ٿي، آئون سمجهان ٿو ته اها ئي اسان کي حقيقت سمجهڻ گهرجي.

No comments:

راءِ ڏيندا